Sunday, September 27, 2026

خيرپور ميرس ۾ ليٿيم جي دريافت


 

مون ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھو تہ سنڌو درياءُ سنڌين جو ساھ پساھ رھيو آھي، انھن جي خوشحاليءَ جي ضمانت رھيو آھي، سنڌ جي رھواسين سنڌوءَ جي ميرانجھڙي پاڻيءَ مان سون اپايو آھي، سنڌوءَ جي مھيا ڪيل ان خصوصيت ڪري تاريخ جي ڪنھن بہ زماني ۾ ڪنھن اوڙي پاڙي جي ملڪ تي ڪڏھن حملو ناھي ڪيو پر سنڌو درياءَ پاران کين مليل اھا خوشحالي سندن بدنصيبي پڻ رھي آھي جو دنيا جھان جا بکيا، رھزن، قاتل ٽولا مٿس ھلائون ڪري، ھن سون اپائيندڙ ڌرتيءَ جو نہ رڳو مال خزانو لٽي ڦري ويندا رھيا آھن پر ويندي ويندي انسانن جو قتلام عام، شھرن کي باھيون ڏيئي ساڙيندا پڻ رھيا آھن. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا تہ ٺٽو ڪيترائي ڀيرا ڌارين جي حملن ۾ مڪمل نموني تباھ ٿي وري جڙيو آھي. تاريخ اھا پڻ ٻڌائي ٿي تہ سنڌ جي رھواسين وڏي بھادري، جرئت مندي ۽ دليراڻي نموني انھن خوني لٽيرن منھن پئي اٽڪايو آھي. اھا ساڳي جنگ اڄ پڻ جاري آھي. اڄ پڻ سنڌ تي قاتل، رھزن ٽولا مختلف طريقن سان قابض آھن. سنڌ جا معدني وسيلا جھڙوڪر تيل، گئس، ونڊ انرجي، ڪوئلو، ميٽ، سامونڊي ٻيٽ، بندرگاھن سميت، ڪراچيءَ جھڙي وڏي شھر تي سنڌ دشمن ٽولا قابض آھن. اھي اسان کان اسان جا شھر وڌيڪ صوبن ٺاھڻ، خودمختيار انتظامي يونٽ جوڙڻ جھڙن نعرن ھيٺ کسڻ جا جتن پيا ڪن تہ ٻئي پاسي جت جت معدني وسيلا لڀن ٿا اتي فوجي ڪيمپون قائم ڪاري انھن علائقن کي نو گو ايريا ۾ بدلائي ڏور ڏيھ جي ماڻھن کي انھن ۾ رھائي اھي خزانا پيا لٽين.
ڪالھ 22 سيپٽمبر 2026ع جي شام جو استاد محترم سائين شاھ محمد لھراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مان ۽ ڪامريڊ فيض علي ڪٽوھر ان ڦرلٽ جو سڌ سماءُ لھڻ شادي شھيد ۽ ڇتن شاھ بادشاھ جي درگاھن جي ڀرسان پھاڙيءَ جي دامن ۾ جھنگل ۾ منگل ڪيل ھڪ ڪيمپ جو ڇتن شاھ بادشاھ جي درگاھ وٽان بيھي مشاھدو ڪيو ھو. چيو پيو وڃي تہ ھتي ڪا تمام قيمتي معدنيات جي دريافت ٿي آھي. ڪي ان کي ليٿيم معدنيات جو نالو ڏين ٿا پر سرڪاري سطح تي اڃا تائين ان ڪيمپ ۽ ان مان حايل ٿيندڙ معدنيات متعلق ڪا پڌرائي ناھي ڪئي ويئي، مون جڏھن اھڙي ڪنھن ڊسڪوري متعلق گوگل ڪري معلومات ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اتان مون کي ھيٺ ڏنل معلومات ملي
...

Pakistan confirmed its first-ever discovery of lithium in underground geothermal brine at the Wahid Bakhsh well in the Khairpur District of Sindh by the Oil and Gas Development Company Limited (OGDCL). [1, 2]

 

📌 Discovery Details

  • Location: Wahid Bakhsh Manghar, Taluka Kingri, Khairpur District, Sindh
  • Source: Deep underground formation water / geothermal brine (liquid extraction, not mountain mining)
  • Concentration: Approximately 275 milligrams per liter (mg/L), suitable for commercial evaluation
  • Key Partner: Pakistan Institute of Nuclear Science and Technology (PINSTECH) (partnered with OGDCL to develop local extraction technology) [1, 2, 3, 4, 5]

💡 Economic & Strategic Impact

  • Clean Energy: Powers electric vehicle (EV) batteries and renewable energy storage.
  • Sustainable Extraction: Geothermal recovery has a smaller environmental footprint than hard-rock mining.
  • Next Steps: Feasibility studies and pilot processing tech development are underway to confirm total commercial viability.

 

ھتي اھو ٻڌايل آھي تہ پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو اھا ليٿيم واري معدنيات خيرپور ضلع جي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ واحد بخش مڱڻھار ڀرسان لڌي ويئي آھي، جڏھن تہ ڇتن شاھ جي رھواسين جو چوڻ آھي تہ اھا معدنيات، تعلقي خيرپور، تعلقي ڪوٽ ڏجي ۽ تعلقي ڪنگري تائين ڦھليل آھي ۽ جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر اتي پھاڙين ۾ قائم ڪيو ويو آھي. سوين فوجي، ويگو گاڏيون، ٽرڪون، ڳري مشينري اتي آندي ويئي آھي. اھو جھڙوڪر ڪا ننڍي فوجي ڪيمپ ھجي، چئوگرد خاردار تارون لڳايون ويون آھن، ھڪ گيٽ آھي جنھن مان صرف ڪمپنيءَ جا ملازم اندر ٻاھر اچي وڃي سگھن ٿا، ڪيمپ جي آس پاس ڪنھن کي ڪم ڪار ڪرڻ، مال چارڻ جي اجازت ناھي، سمورا ملازم ڌاريا آھن.

اھا معدنيات جيڪا سون کان وڌيڪ قيمتي آھي ان کي ھر قسم گاڏين جي بيٽرين کان سواءِ صنعتي يونٽن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو، پر اسان سوچيو پئي تہ اھڙي معدنيات لڀڻ واقعي سنڌ ۽ ان ۾ رھندڙ سنڌين، مقامي ماڻھن جي لاءِ ڪا خوشخبري بہ آھي يا نہ؟ دنيا اندر جتي بہ ڪو قدرتي وسيلو مليو آھي تہ اتي جي مقامي ماڻھن کي ان جو پورو پورو اجورو ملندو آھي، سعودي عرب، امارات، قطر، بحرين، ڪويت ان جا مثال آھن پر اسان جي بدقسمتي تہ جتي جتي تيل، گئس، ڪوئلو يا ڪا ٻي ڪا معدنيات ملي آھي ان جو ٽڪو پيسو فائدو مقامي ماڻھن توڙي صوبي ۾ رھندڙن کي ناھي مليو. اھا ساڳي راند ھت پڻ جاري آھي. سنڌ جي انچ انچ اندر قدرت ڪيئي املھ خزانا دفن ڪري رکيا آھن پر افسوس تہ انھن تي اسان جي مالڪي ناھي. سنڌ جا سياستدان دلال سياستدان ثابت ٿيا آھن جيڪي سندن آڏو اڇلايل ماني ٽڪر جي عيوض سنڌ جو الھ تلھ تان ھٿ کڻندي پيا نظر اچن. اسان جي نام نھاد دبنگ پيرن، جاگيردارن، سردارن، سياستدانن وٽ شھيد اڪبر بگٽيءَ جيتري ڪا غيرت ذري نظر نہ ٿي اچي.
 
سنڌ ڌرتي کي مالڪ معدنيات جي خزانن سان مالا مال ڪري رکيو آھي پر افسوس ھي آھي تہ بندوق بردارن، ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن، پاڪستان، اسلام، وفاق، وڏي ڀاءُ جي نالي سان اسان سمورن خزانن تي ناجائز قبضو ڪري رکيو آھي. تيل، گئس، ڪوئلو، سمنڊ، ھوا، واري ڀٽون، ريتي بجري، ڀٿر سڀ سنڌ مان نڪرن ٿا پر انھن جو ڪو ذرو پرزو فائدو سنڌ واسين ۽ علائقي واسين کي نہ ٿو ڏنو وڃي.

تازو ئي شادي شھيد، ڇتن شاھ ۽ اڌم سلطان جي ٽڪرين جي وچ ۾ ھي نئون شھر قائم ڪيو ويو آھي، جتي اھا قيمتي معدنيات لڌي ويئي آھي. ان جي چوڌاري لوھي لوڙھو لڳل آھي ان جي دروازي تي بندوق بردار بيٺا آھن جيڪي ڪنھن بہ مقامي ماڻھو نوڪري تہ ڪجا مقامي پکيءَ کي اندر وڃڻ جي اجازت ڪونہ پيا ڏين. ھن پوري علائقي ۾ ڪائي بجليءَ جي سھولت ناھي پر سندن ھي جڙيل نئون شھر پوري رات بلبن سان جڳمڳائيندو رھندو آھي. اتي سوين فوجي ٽرڪون، جيپون، ويگو گاڏيون بيٺل نظر اچن پيون...

دنيا اندر جن علائقن ۾ قيمتي معدنيات لڌي ويندي آھي، ان علائقي، صوبي يا ملڪ اندر خوشيون پکڙجي وينديون آھن پر سنڌ اندر اھڙي عمل تي سخت مايوسي نظر ايندي آھي، اسان جي ھن سفر جي سرواڻ استاد محترم پروفيسر شاھ محمد لھراڻي خدشا پئي ڏيکاريا تہ جيڪڏھن ھتي ڪا معدنيات نڪتي تہ پوءِ ھو ھن پوري علائقي تي قبضو ڪري ڪنھن کي بہ ھتي اچڻ ڪونہ ڏيندا، روھڙي ھلس اندر جيڪي تاريخ کان اڳ جي دور جو نشانيون آھن اھي پڻ ميساري ڇڏيندا...

پنھنجن وڏڙن شايد اھڙي ماحول کي ڏسندي اھو محاورو ايجاد ڪيو ھو تہ

”اھو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني.

 

Sunday, September 20, 2026

اعتراف


دوستو، فلسفي، سائنس، اقتصاديات، سياست جي موضوعن تي منھنجو مطالعو ۽ ان تي آڌاريل ڄاڻ گھڻي گھرائي واري ان ڪري ناھي ڇوتہ سڀني موضوعن تي منھنجو مطالعو بس واجبي آھي. سنڌي ۽ اردو کي ڇڏي باقي ٻين ٻولين ۾ شايع ٿيل شاھڪار ڪتاب جيڪي سياست، فلسفي، سماجيات يا سياست تي ڇپيل آھن انھن مان ڪن ڪتابن جا ترجما پڙھيا آھن يا وري ٿورا گھڻا ماخذ پڙھيا آھن يا مختلف ڪتابن، مضمونن ۾ مٿي ڄاڻيل موضوعن جا رکيل حوالا اکين مان ڪڍيا آھن. ان ڪري منھنجي ڪا ڳالھ پٿر تي ليڪ بلڪل ناھي، اھا منھنجي پنھنجي ذاتي وقتي رائي سوچ، مشاھدو ھوندو آھي.
مون ڪيترا ڀيرا ڪيتريون غلط ڳالھيون ھتي ونڊ پئي ڪيون آھن، ۽ جڏھن بہ انھن جو ادراڪ ٿيندو آھي تہ بنا دير جي انھن کي ميساري ڇڏيندو آھيان ۽ پنھنجي اھڙي عمل تي مون کي تمام گھڻي شرمندگي بہ ٿيندي آھي. اھو ان ڪري بہ مون سان ٿيندو آھي تہ منھنجي دماغ اندر يادگيرين وارو خانو لڳي ٿو جي ڊليٽ ناھي ٿيو تڏھن بہ ان کي ڪي وائرس ضرور لڳل آھن ان ڪري معاملن کي وچڙائي ڇڏيندو آھيان.
چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ منھنجي پاران ونڊ ڪيل ڳالھين تي ڳنڍ ٻڌي بيھي رھڻ جي ڪائي ضرورت ناھي، اھي منھنجي ناقص دماغ مان نڪتل آھن، اوھان مھربان دوست، فيس بوڪ فرينڊ، سوشل ميڊيائي ڳنڍيل محبوبو، اوھان کي منھنجي ڳالھين کي مڪمل نموني رد ڪرڻ جو پورو پورو حق آھي.

بي روزگاري ۽ بيڪاريءَ جو فرق

 

بي روزگار ھئڻ ڪو ڏوھ ناھي، پر بيڪار رھڻ جرم آھي. انھن محاورن کي گڊ مڊ ڪرڻ انتھائي بي ايماني چئبي. اوھان جا والدين اوھان جا تعليمي خرچ برداشت ڪندا آھن، ھر موقعي ۽ محل تي تعليم، تربيت، ھنر ۽ سکيا وارن مرحلن ۾ اوھان کي جاڳائيندا رھندا آھن، اوھان کي چوندا رھندا آھن تہ اوھان پنھنجو سمورو ڌيان ۽ سموريون صلاحيتيون پنھنجي پڙھائي ۽ سکيا تي ڏيو، پر اوھان پڙھڻ، ڪڙھڻ بدران سمورو تعليمي وقت اجاين سجاين ڳالھين ۾ زيان ڪري ڪجھ سکڻ بدران ڪاغذ جي ڊگري کڻي واپس ورندا آھيون تہ پوءِ ڌڪا ٿاٻا کائڻ اوھان جو مقدر بڻجي پوندو آھي ۽ ان ۾ اوھان جي والدين جو ڪو ڏوھ ناھي ھوندو.

اوھان جا والدين اوھان کي مختلف ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندا آھن، خرچ ڪري مڪمل اسٽرڪچر جوڙي ڏيندا آھن، اوھان کان رڳو ان ڪم تي وقت سيڙائڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ اوھان کي ضمانت ڏيندا آھن تہ جيڪي بہ نقصان ٿيو تہ ھو پاڻيھي ڀريندا پر جي ڌنڌو ھلي پيو تہ اھو اوھان جو! اھڙي ضمانت بعد جيڪڏھن اوھان وقت ڏيڻ بدران سندن انھن ڪمن کي ھڪ لفظ چئي رد ڪري ڇڏيندا آھيو تہ ”بابا اوھان ڏاڍا سادا آھيو، ٻين جي چوڻ تي اچي ان قسم جا ڪم ڪندا آھيو جنھن مان ڪو فائدو ناھي“ تہ سمجھي سگھو ٿا سندن دلين ۾ ڪھڙا طوفان مچيا ھوندا.

اسان جي سمورن نڪمن، ناڪارا، بي ھمٿ، غير ھنرمند ڪاغذي ڊگري حاصل ڪيل نوجوانن کي وري کپي بہ سرڪاري نوڪري ۽ جيستائين اھا ملي تيستائين بي روزگاريءَ جو ٽيگ پنھنجي ڳچيءَ جو ھار ٺاھي پائي پيا گھمندا، پنھنجن يارن دوستن ۾ نام نھاد دکڙن جا حال احوال ڪري پنھنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري پنھنجي بي ھمٿي مٿان ڪک رکندا. پوري زندگي گذاري ڇڏيندا پر جيڪڏھن سرڪاري نوڪري نہ ملي تہ ٻيو ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪندا. شينھن بک مري تہ بہ ڊڀ نہ چري... انھن مان اڪثريت ان قسم جو منفي Reactive رويو اپنائيندا آھن. اھي پنھنجي ھر ناڪاميءَ جو الزام ڪنھن ٻئي جي ڪلھي تي رکي پنھنجي نااھليءَ کي جسٽيفائي ڪندا آھن.

ان سلسلي ۾ والدين جو ڏوھ اھو ھوندو آھي تہ اھڙن نوجوانن جون شاديون ڪرائي ڇڏيندا آھن ۽ سمجھندا آھن تہ من اھي ھاڻي سڌري پون پر والدين کي اھو احساس ھئڻ گھرجي تہ شادي ڪنھن بہ صورت ۾ سڌاري جي ضمانت ناھي ڏيندو ويتر شادي بعد گھر جي وڏي جون ذميواريون تھان وڌي وينديون آھن ھاڻي کيس پنھنجي پٽن ۽ پوٽين جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، دوا درمل، پڙھائيءَ جا واڌو خرچ ادا ڪرڻا پئجي ويندا آھن. اوھان پنھنجي بي ھمٿ اولاد ۽ شاديءَ بعد سندن اولاد کي پاليو ٿا تہ انھن کي ڪھڙيءَ لنڊيءَ کاڌو آھي تہ اھي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪندا. نام نھاد بي روزگار اوھان جي کيسن مان کاٽ ھڻي روزانو ھزار، پنج سئو ڪڍي، نشن پتن ۾ کپائي ٿو تہ اھو ڀلا ڇو ڪو ڪم ڪار ڪندو.

اھڙن روين جو ھڪ تمام ڇرڪائيندڙ پھلو ھيءُ آھي تہ ساڳي گھر ۾ پيدا ٿيل ٻن ڀائرن مان ھڪ جڏھن پٽڙيءَ تان لھي ويندو آھي ۽ ٻيو محنت، مشقت، ھمٿ ۽ حوصلي سان زماني جي چئلينجن کي منھن مقابل ٿي ھلندو آھي تہ اڳتي ھلي سندن روين جا منفي يا مثبت اثر سندن اولاد تي پوندا آھن. انھن جي اولاد پوءِ ٻن مختلف رستن تي ھلڻ لڳندي آھي.

ان ڪري پنھنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ اسان جي نوجوان نسل کي ھمٿ ڌارڻي پوندي، کين ھنرمند ٿيڻو پوندو، سرڪاري نوڪريءَ جا متبادل ڳولھڻا پوندا.

واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو....

 

Friday, September 11, 2026

”سڙڪ 2“ فلم رويو



ھدايت ڪار مھيش ڀٽ جي لکيل فلم سڙڪ 2 ھاڻي ھاڻي ڏسي پورو ڪيو اٿم، ھي فلم 2020ع ۾ رليز ڪئي ويئي ھئي. فلم ۾ مک ڪردار سنجي دت، عاليہ ڀٽ، اديتيا رائي ڪپور جا آھن. ھن فلم جي مخالفت ھندستان ۾ تمام گھڻي ٿي ھئي، جڏھن ان جو ٽريلر يوٽيوب تي رليز ٿيو ھو تہ لکين ماڻھن ان تي منفي مطلب Dislike تي ڪلڪ ڪيو ھو.

فلم ۾ جيڪا اھم ڳالھ ڏيکاريل آھي اھا ھيءَ آھي تہ ڪي تمام وڏا عيار، مڪار، چالاڪ، حرفتي ماڻھو مذھب کي ھڪ تمام وڏي ڪاروبار جي شڪل ۾ ھلائيندا آھن. حقيقت ۾ انھن گروئن جو پنھنجو مذھبي ڳالھين تي ٽڪو ايمان ناھي ھوندو، پر ھو دنيا وارن آڏو اھو ڏيک ڏيئي طاقت ۽ پئسو حاصل ڪندا آھن.

جيئن تہ فلم ۾ مذھبي گرو ھندو مذھب سان ڏيکاريل آھي ۽ ھندستان جي عام ھندو ماڻھن جو انھن ۾ تمام گھڻو ويساھ آھي ان ڪري فلم جي مخالفت ٿي ھوندي.

ان ۾ ھڪ ڊائلاگ آھي تہ عام ماڻھن لاءِ ”بس ڳالھين جي ڄار جوڙيو، ھن جنم ۾ وعدا ڪيو ۽ انھن وعدن جي ساڀيان لاءِ مماتيءَ کان پوءِ واري زندگي لاءِ وعدا ڪيو
 

Thursday, September 10, 2026

نوَ سال پراڻي ساروڻي

 


دوستو هي منهنجو ڦوٽو نَوَ سال پراڻو ان وقت جو آهي جڏهن منهنجي پوسٽنگ گورنمنٽ ڄام ممتاز حسين ڏهر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙي ۾ بحيثيت پرنسپل جي ٿي هئي. تصوير پاڻ ڳالهائي ٿي، ٽيبل تي منهنجي ڊائري ۽ منهنجو ذاتي ليپ ٽاپ رکيل آهن، آفيس جون ڀٿيون ڀوڏر نظر اچن ٿيون جن تي ڪو رنگ روغن ٿيل ناهي. انوقت ڪاليج جي فنڊ ۾ ايتري گنجائش به نه هئي ته مان ڪا ڦرڻي ڪرسي پنهنجي لاءِ خريد ڪري سگهان ها، ايتري تائين ته ڪرسيءَ مٿان رکيل ٽوال پڻ منهنجو ذاتي هو.

پر حقيقت ۾ منهنجيون اهڙيون خواهشون ئي نه هيون. مون ته پرنسپلس جي نالي واري بورڊ تي پنهنجو نالو ئي نه لکرايو هيو.

مون پنهنجي ذهن ۾ هڪ مقصد، هڪ منزل، هڪ رستو چونڊيو هو ته مون کي پنهنجي ڪاليج اندر هڪ اهڙو تعليمي ماحول جوڙڻو آهي ته جيئن شاگردن ۽ ڪاليج وچ ۾ اهڙو ماحو پيدا ٿئي جيڪو چقمق ۽ لوهه وارو هوندو آهي، اهي ٻئي جڏهن آس پاس هوندا آهن ته هڪ ٻئي کي ڇڪي گڏ ٿيندا آهن.

اهو ڪم ان وقت ڪو سولو نه هئو، ڪاليج پوري ريجن ۾ ڌارين جون ڪوڙيون داخلائون ۽ بوگس امتحان ڏيارڻ واري بدبودار ماحول ۾ گوڏن تائين گتل هو. انوقت جو صوبائي وزير تعليم محترم ڄام ممتاز ڏهر صاحب اوٻاوڙي جو رهائشي هو

۽ سندس ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ اها ڪاليج قائم ٿي هئي جنهن تي سندس والد صاحب جو نالو رکيل آهي، صاحب موصوف ڪوڙن ماڻهن جي چغلين تي مون کي بشير آباد جون حاضريون لڳرائيندو هيو، نام نهاد صحافين، ڪوڙن قومي ڪارڪنن، بي حس جيالن کي منهنجي خلاف بڇ ڏيئي بڇيو ويو هو، جيڪي ڀتي جي تقاضا ڪندا هئا، جاني مالي نقصان جا دڙڪا ڏيندا هئا، هڪ دفعي ته پسٽل کڻي آفيس پڻ آيا هئا، جيئن ته انوقت گهوٽڪيءَ ۾ جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هيو، اهو سنڌ جي چيف منسٽر سائين مراد علي شاهه جو ڀيڻويو هيو ۽ جنهن بورڊ جي امتحانن لاءِ سڄي ضلع جي پرنسپلن، بورڊ عملدارن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي کين ڪاپيءَ جي روڪٿام لاءِ سخت هدايتون ڪيون هيون، اهڙي ماحول ۾ منهنجي ڪاليج اندر امتحانن ڪرائڻ وارا نام نهاد ماهر، ناني، ماسي مرڻ جا بهانا ڪري ڀڄي ويا هئا، سڄي ذميواري مون سيکڙاٽ کي سونپي ويئي هئي ۽ پوءِ جڏهن يونيورسٽيءَ جي امتحانن جو وقت آيو هو ته تنهن وقت جي ريجنل ڊائريڪٽر جي ملي ڀڳت سان مقامي امتحاني مافيا مون کي ان امتحاني عمل کان ڌار ڪرائي ڇڏيو هو ۽ مون کان ڊي ڊي او پاور پڻ واپس ورتا هئا. ياد رهي ته اوٻاوڙي جي ان ڪاليج ۾ يونيورسٽي پاران ٿيندڙ بي ايس سي، ايم اي، ايم ايڊ، بي ايڊ جا امتحان ڪروڙن جو ڪاروبار هئا.

خير اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي مان جيڪي ٻه سال اتي رهيم پنهنجي مٿي ڄاڻايل مقصد (Goal) تي مضبوطيءَ سان ڄميل رهيم ۽ رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم ان عمل ڪري جيڪو مون کي مان مرتبو، عزت ملي اهو ئي منهنجي زندگيءَ جو عظيم اثاثو آهي.

Monday, August 31, 2026

لب مھراڻ جي ھڪ جھلڪ

 مون پنھنجي نوڪريءَ جا بھترين سال سکر شھر ۾ گذاريا آھن. سکر آ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ پاڙھيندڙ پروفيسر محمود ڊول ۽ مان روز پنھنجي گھران نڪري لب مھراڻ جي سامھون واري پارڪ ۾ واڪ ڪرڻ ايندا ھئاسين. اسان ڪجھ دوست سکر ج گرم شامون سنڌوءَ ڪناري پريَنِ جي تڙ تي يا لب مھراڻ وٽ وڃي گذاريندا ھئاسين. انھن دوستن ۾ پروفيسر وحيد انصاري، پيارو شاھنواز چاچڙ جيڪو ھينئر آمريڪا ۾ رھي ٿو، غلام علي سومرو، حبيب ساجد، پروفيسر زبير مڱريو، پروفيسر فقير نذير احمد بھلڪاڻي سان گڏ ٻيا ڪيترائي مھربان دوست ھوندا ھئا. لب مھراڻ جيڪو ھڪ وقت ھڪ خوبصورت ماڳ ھوندو ھو جتي جام ماڻھو گھمڻ ايندا ھئا، درياءَ جي موجن کي ڏسڻ، انڌي ٻلھڻ جون چلولايون جاچڻ، سامھون نظر ايندڙ سکر بئريج جي پل، پاسي کان نڪتل واھن رائيس ڪينال، دادو ڪينال ۽ کير ٿر جو نظارو ڪرڻ. لب مھراڻ جي بلڪل سامھون دريا اندر ھڪ سھڻو ٻيٽ آھي جنھن ۾ وڻ ٽڻ جام نظر ايندا آھن ان جي موھيندڙ کي ڏسندي اکين ۾ ٿڌاڻ اچي ويندي آھي، ان کان سواءِ ھتان کان دريا جي ڪناري جڙيل سکر شھر جو نظارو، سامھون نظر ايندڙ ساڌ ٻيلو، ان کان اڳيان لينس ڊائون ۽ ايوب پل جا نظارا پڻ پنھنجو مٽ پاڻ آھن. سنڌوءَ جي سانت ڀريل پاڻيءَ مٿان ٻيڙيءَ تي چڙھي سير ڪرڻ وارن لمحن ۾ دل تي اثر ڪندڙ احساسن کي ڪھڙن لفظن ۾ بيان ڪجي بس زندگيءَ جا اھي پربھار لمحا ڀانئبا آھن.

اڄ 29 اگسٽ 2026ع جي ڏينھن تي لب مھراڻ جا سار لھڻ ويو ھوم افسوس تہ مون کي ھڪ وڏو ذھني ڌچڪو لڳو ھو، اسان جي سپنن جو اھو ماڳ ھاڻي ڪنھن غريب بيوھ پوڙھي وانگر آخري پساھن وارو لڳو ھو، لب مھراڻ مان ڇٻر وارو لان اجڙيل نظر آيو، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي گل ٻوٽا نظر آيا، گھڻا تڻا وڻ سڪي سڙي ويا آھن، ڪو نئون وڻ يا گل ٻوٽو پوکيل نظر نہ آيو، اتي ڀڃ ڊاھ جا آثار نمايان ھيا جيڪي جھڙوڪر چٻرا ڪڍي چيڙائي رھيو ھو. ھتي مون کي ھيڪڙ ٻيڪڙ جوڙا مختلف ڪنڊن ۾ ويٺي نظر آيا جيڪي راز ۽ نياز جون ڳالھيون ڪري رھيا ھئا، انھن لاءِ ھي ويران ماڳ بھترين ھو جتي ڪنھن جي نظرن ۾ اچڻ کان سواءِ ويھي رھاڻ ڪري سگھجي ٿي. 


  







منھنجي جيون ٽپڻيءَ جي ھڪ ننڍڙي جھلڪ


 مان خيرپور جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ پنواڙيءَ ۾ پيدا ٿيل ھڪ مٽيءَ جو پنوڙو آھيان. منھنجو والد مرحوم علي گل، منھنجو ڏاڏو الاھي بخش عرف گل بھار ٻئي ڳوٺ جا مسڪين مولوي ھوندا ھئا. نڪاح، عيد نماز، جنازي نماز  پڙھائيندا ھئا. رڳو انھن ڪمن مان پيٽ تہ ناھي ڀرجي سگھندو ان ڪري بابا سائين ھارپو ڪندو ھو، تغاري مزدوري ڪندو ھو، جاين جو مستري ھوندو ھو، ٿانون کي ڪلئي ڪندو ھو، کٽون واڻيندو ھو، ھٿ ۾ جھليل پکا کجيءَ جي پنن مان ٺاھيندو ھو جن تي خوبصورت نقش نگار چٽي ڇڏيندو ھو يا انھن تي نالا لکي ڏيندو ھو، ديڳيون پچائيندو ھو مطلب تہ غربت کيس ست ھنريو بڻائي ڇڏيو ھو. ڏاڏا سائين سندس گھر واريءَ جي جوانيءَ ۾  فوت ٿيڻ، ۽ سندس موڀي پٽ استاد اميرگل ڪٽوھر (سينئر) جي بي وقتائتي موت ڪري جھڙوڪر سيلاني بڻائي ڇڏيو ھو ۽ اڪثر بيشتر گھر کان ٻاھر گذاريندو ھو. ياد رھي تہ استاد اميرگل اسان جي ڳوٺ جو  پھريون پڙھيل لکيل پنھنجي وقت جي موچاري ڊگري فائنل پاس ڪيل ھو ۽ ان آڌار تي کيس پرائمري اسڪول ٽيچر جي نوڪري پڻ ڏني ويئي ھئي. منھنجو چاچا مرحوم استاد اميرگل ھڪ قابل، ايماندار استاد ھو ، ھو سائين عطا محمد حاميءَ جو ھم عصر ھو ۽ اھي خيرپور شھر ۾ گڏجي رھند ھئا. ھو اسان جي تڪ جو پھريون استاد ھو جنھن سڀ کان پھرين اسان جي ڳوٺ، آس پاس جي سمورن علائقن ۾ علم جي روشني ھڪ پوري پيڙھي منجھ پکيڙي ڇڏي ھئي ان جي بي وقتائتي موت  ڪري گھر ٻار جو سمورو وزن بابا سائين جي ڪلھن تي اچي پيو ھو ۽ بابا سائين وقت ۽ حالتن کان ھار کائڻ بدران ان سان مقابلو ڪيو ھو ۽ خوب ڪيو ھو. سندس شفقت، دعائن جي سلي ۾ مون جھڙو اٻوجھ انسان، نہ رڳو اقتصادي پاڻ ڀرائي پاسي قدم کنيا ھيا پر اڀرو سڀرو سماج اندر پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جھڙو ٿي سگھيو ھو. گذريل ھفتي سئوٽ عبدالڪريم، پياري پروفيسر ڪليگ نوراحمد سومري (سابق پرنسپل گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوھر ڪراچي) ۽ نوجوان تحقيق ڪندڙ علي شاھ لڪياريءَ سان کارو ڇاڻ جو چڪر لڳايو ھوسين. انوقت منھنجي جاڳيل نيڻن جي سپنن جو خوبصورت ماڳ سنڌي سمنڊ منھنجي اکين اڳيان ھو ۽ باقي پوري سنڌ منھنجي پويان ھئي. شل منھنجي جيجل ڌرتي خوشحال ٿئي، سرسبز ٿئي، مالا مال ٿئي، ڪو مارو ماڻھو بک نہ ڪاٽي، ڪو علاج لاءِ نہ تڙپي، ھر ڪنھن وٽ پنھنجو جھڳو ھجي، ھرڪنھن جي اولاد کي اعلي تعليم ملي، امن امان ھجي، خوشحالي ھجي، خوشين جي ڳيچ ھجن، ھوجمالو جي ڌن تي منھنجي ڌرتيءَ جا ماڻھو رقص ڪن، جھومن، ڳائين خوشين جا ترانا چون، ھر پاسي وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، گل گلزاريون ھجن، گلن تي پوپٽن جي اڏام ھجي...
...نيٺ تہ اھڙو ڏينھن بہ ايندو ساٿي 

وقت خواب وانگر آ. شيخ اياز جي شاعريءَ مان چونڊ

 جهومندڙ هوائن ۾

رات ڄام شوري جي
ڪنھن رباب وانگر آ؛
عمر اِئن اُڏامي ٿي
ڄڻ پکي پرن تي آ
وقت خواب وانگر آ.

ممتاز مھر جي آتم ڪٿا ڪتاب ”ڀُلي نہ بيھ بازار ۾“ مان ٽڪرو

ھونئن بہ نفسياتدانن جو چوڻ آھي تہ ذھن جي دنيا تمام پراسرار آھي، بيمار ذھن وارو ماڻھو انيڪ روڳن ۾ ڦاٿل ھوندو آھي. جڏھن تہ صحتمند ذھن وارو ماڻھو پاڻ نہ رڳو خوش گذاريندو آھي پر ڪڏھن بہ پاڻ کي پوڙھو نہ سمجھندو آھي. ڪنھن کي منھنجي ڳالھ وڻي يا نہ وڻي مون پاڻ کي ڪڏھن بہ پوڙھو نہ سمجھيو آھي ۽ انڊيا جي فلمي ادڪار ديوآنند 
وارو لائيف اسٽائيل اپنايو اٿم ”ابھي تو مين جوان ھون 

Sunday, August 30, 2026

قمرشھباز جي شاعريءَ مان چونڊ، دل کي ڇھندڙ خيال



منهنجي مَن جو ميرو پاڻي، اُجلو تنهنجو تن!

منهنجي مَن جو ميرو پاڻي، اُجلو تنهنجو تن!

پلڪون پنڇي بنجي مون کان اڏريو هاءِ وڃن...

گهائل بادل، ڇا لئه پاڳل، تنهنجا نيڻ ٽمن؟...

تنهنجون يادون، جهوُنجهڪڙي ۾، جڳنو ٿي جرڪن...

جاڳي جاڳي، وياڪل راڳي، تنهنجا گيت روئن...

وارَ وارَ سان هار اسان ئي ماڻي آهي سجن...

Friday, August 28, 2026

ٻہ قومي نظريو

 


پاڻ جنھن معاشري جا رھواسي آھيون اتي جيڪڏھن ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪي ڪندڙن جي ٿاڦيل قائدن، قانونن وانگر پنھنجو پاڻ کي سڌائيءَ ۾ نہ ٿا آڻيو ۽ ڪا الٽي اک ٿا ڌاريون، ڪو سوال ٿا اٿاريون، ڪن ظالماڻين روين جي مذمت ٿا ڪريون يا مخالفت ٿا ڪريون يا اختلاف ٿا رکون تہ پوءِ پاڻ سڀ خداداد مملڪت الباڪستان جا غدار، دشمن جا ايجنٽ، ڪافر، مرتد، منافق، قابل نفرت انسانن منجھ ڳڻيا وينداسين. ھن ملڪ جو ھڪ لکيل آئين ۽ منشور آھي، ان متعلق آمر اھو چوندا رھيا آھن تہ اھو ڪاغذ جو ٽڪرو آھي ۽ اسين جڏھن چاھيون ان کي لتاڙي، چيري ڦاڙي سگھون ٿا. ھو بلڪل صحيح ٿا چون يارن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ھيل تائين ائين ئي تہ ڪيو آھي. ٻيو سندن ھڪ اڻ لکيل قانون آھن، جيڪو ملڪ تي لاڳو آھي. ھي خدا جا بندا ملائڪن واريون صفتون رکندا آھن سندن ھر ماڻھوءَ تي نظر ھوندي آھي پر اھي ڪنھن کي نظر ناھن ايندا. ڏينھن جو تہ ھرڪو ڏسندو آھي کين اللھ سائين اھڙيون تيز نظرون ڏنيون آھن تہ رات جي اونداھي ۾ پڻ کين ننڍي کان ننڍي ڪک پن جي چر پر نظر ايندي آھي. حقيقت ۾ اھو ئي تہ ٻہ قومي نظريو آھي.
 منشي ابراھيم چيو ھو ”نہ تن بدليا، نہ من بدليا، نہ بدليو ڪو نظام ھن ملڪ ۾ رڳو بدن بدليا.“ دئور سڌي سنئين آمريت وارو ھجي، نام نھاد جمھوريت جو ھجي، ڪڏھن ظاھر ظاھر ڪڏھن لڪ ڇپ ۾ ٿيندو اھو ئي آھي جيڪي نقاب پوش ملائڪ چاھيندا آھن. دنيا اندر ملڪن جون فوجون ھونديون آھن جيڪي پنھنجي ملڪ جي دفاغ لاءِ پوري سال جا چوويھ ڪلاڪ سرحدن تي ويھي پھرو ڏيندا آھن ۽ ھي اسان جو وطن آھي جيڪو جھڙوڪر فوج جو ملڪ آھي.  انھن جا ڪاروبار آھن، انھن کي بھترين رھائش جو سھولتون مليل آھن، وٽن صحت ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي سطح  جي معيار جا ادار جڙيل آھن، انھن پنھنجو فول پروف تحفظ جو انتظام ڪري رکيو آھي، ڪنھن پکيءَ کي اجازت ناھي تہ ھو سندن علائقي مان ڪا اڏام ڪري سگھي.ڪنھن دل جلي ڪيترو نہ سچ چيو ھو؛ يہ وطن تمھارا ھي، ھم ھين خوامخواھ اس ۾“ سو انھن جو وطن آھي، وٽن طاقت آھي، بندوق آھي، اھي ئي فيصلو ڪندا آھن تہ ڪنھن کي جيئرو رھڻ گھرجي، ڪنھن کي مرڻ گھرجي، ڪنھن کي ڪرسي ڏجي ڪنھن کي لاھجي، ڪنھن کي جيل ۾ واڙجي ڪنھن کي ڦاسي ڏجي، ڪنھن کي گولين سان پروڻ ڪجي!

ھيٺين ڪورٽن کان وٺي ملڪ جي اعلى ترين سپريم ڪورٽ تائين جيڪي جج آھن اھي سندن چيچن جي اشارن تي اٿندا ويھندا آھن، ڪنھن کي ڪھڙي مجال آھي جو اھي سندن ڏنل گائيڊ لائين کان پاسيرو ٿي ھلي، ان کي عبرت جو نشان بڻائيندي دير ئي ناھن ڪندا.
بس ھڪ تمام وڏي غلطي اسان کان اھي ٿي ويئي آھي تہ پاڻ ھن ملڪ ۾ ڄاوا آھيون ۽ ھاڻي اھڙي غلطيءَ جي سزا لوڙيون پيا.  

ڪاليجن اندر اڳواڻيءَ جو بحران

 ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ يا انھن ادارن ۾ جتي پيرڊ سسٽم رائج آھي اتي ھڪ استاد جو اھم ڪم آھي کيس مليل ڪلاس وٺڻ ۽ ڪلاس ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪري سکيا جاري رکڻ. ھڪ قابل پروفيسر جيڪو کيس مليل پيرڊ مان ڪڏھن بہ غير حاضر رھندو ناھي، اھو جيڪڏھن ڪن مجبورين، مشڪلاتن يا رستي ۾ رونما ٿيندڙ واقعن ڪري اداري ۾ دير سوير پھچي ٿو يا نہ ٿو پھچي سگھي تہ ڪھڙو نقصان ٿيندو؟ پروفيسرن کي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن وانگر ھلائڻ ۾ ڪھڙي تعليم دوستي آھي؟ مان جڏھن گورنمنٽ ممتاز حسين ڏھر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙي ۾ پرنسپل ھئم تہ منھنجو ھڪ مئٿ جو قابل استاد وڏو خرچ ڪري پني عاقل کان اوٻاوڙي روزاني اچ وڃ ڪري اچي ڪلاس وٺندو ھو، مون کيس اجازت ڏيئي ڇڏي ھئي تہ اوھان جو دير يا سوير اچڻ ڪو مسئلو ناھي ڇوتہ اوھان پنھنجو ڪلاس ڪنھن مذھبي فرض جيان وٺو ٿا. تعليمي ادارن ۾ اھو اسٽيريو ٽائيپ رجحان پيدا ڪيو ويو آھي جنھن کي اسان جا روائتي عملدار ريگيولرٽي ۽ پنڪچوئلٽي جھڙن رٽيل محاورن سان ورجائيندا رھندا آھن. مان جڏھن اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ ھئس ۽ ھڪ ڏينھن پنھنجو ڪلاس وٺي ٿورو وقت کان اڳ ڪاليج مان نڪتو ھوم تہ مون کي منھنجي مھربان پرنسپل ٻئي ڏينھن تي شوڪاز نوٽيس ڏنو ھو تہ بنا سندس اجازت جي مان ھليو ڇو ويو ھوم. ھن منھنجي اڳيان ئي ھڪ ٻئي سينئر استاد جي اھو چئي نيڪي پئي ڪئي تہ ھن کي ڏسو جڏھن بہ ويندو آھي تہ مون کي اطلاع ڪري ويندو آھي ياد رھي تہ ان سينئر کي مون ڪڏھن ڪلاس وٺندي ڪونہ ڏٺو ھو. اسان جو ھڪ تمام گھڻو ايماندر پرنسپل ڪاليج جي ڪلاسن جي مانيٽرنگ کان ائين وئون ويندو ھو جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان، سڄو ڏينھن پرنسپل آفيس ۾ ويھي اجايون انڪوائريءَ وارو ڪالون پاڻ اٽينڊ ڪندو ھو، ٻيو منھنجو ھڪ پيارو پرنسپل ھو جنھن اچڻ سان پوري پڙھائيندڙ فيڪلٽيءَ سان پنگو شروع ڪيو ھو ۽ اھو پنگو سندس رٽائر منٽ تائين ھلندو ھليو ھو. اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس سکر اندر جيڪا شاندار لئبرري ھئي ان مان شاگردن کي ڪتاب ڪونہ ڏنا ويندا ھئا، ڪمپيوٽر ليب بس ڏيکاءُ خاطر جڙيل ھئا. مان سائنس ڪاليج ۾ ناھيا رھيو ان ڪري انھن جي سائنسي ليبارٽرين جي باري ۾ ڪا راءِ نہ ٿو رکان باقي اسان واري ڪمپيوٽر ليب ۾ انٽرنيٽ جي سھولت پڻ ڪونہ ھوندي ھئي.

اسان کي ھڪ اڌ ڇڏي باقي جيڪي ريجنل ڊاريڪٽر مٿي ۾ لڳا خدا جي پناھ، مڪمل نموني تعليمي عمل جي واڌاري يا سڌاري وارن ڪمن کان ڪوھين پري بيٺل بس رڳو مايا، يا موھ جي ڪڍ پنھنجو ۽ پوري ريجن جو وقت برباد ڪري ھليا ويا. تعليم واري شعبي جي ڪرتا ڌرتائن کي گھرجي تہ تعليمي ادارن جي ترقيءَ جا حقيقي سبب ۽ حل ڳولھي، ڪاليجن، اسڪولن، يونيورسٽين جا سربراھ سياسي ڪارندن پاران ٿاڦيل جاھلن بدران ڪي ڄاڻو ۽ ماھر مقرر ڪيا وڃن، تعليمي ادارن اندر تعليمي ماحول جي آبياري ڪئي وڃي، نام نھاد ريگيولرٽي ۽ پنڪچولٽيءَ تي زور ڏيڻ بدران شاگردن جي سکيا تي فوڪس ھئڻ گھرجي.