درد جي دنيا ۽ ان جو تخليق ڪار منظور بيدار
جنهن دل پيتا عشق دا جام. The Hearts Which Drunk Wine of Love
امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Sunday, September 15, 2024
درد جي دنيا ۽ ان جو تخليق ڪار منظور بيدار
اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال
ڇوليون
اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال
رياست پاڪستان لڳ ڀڳ سڀني شعبن ۾ دنيا کان تمام گهڻو پوئتي رھجي ويل آھي.
جي ڊي پي، پاسپورٽ ۽ ويزا، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات، غربت، بيماريون، غذا جي کوٽ،
ڪرپشن، بد انتظامي، سياسي عدم استحڪام، تعليم ۽ صحت جون سھولتون، دھشت گردي،
فرقيواريت، امن امان، شھري پلاننگ، ماحولياتي گدلاڻ، رانديون، سياحت سان گڏ باقي
مڙني شعبن جو حال صفا بي حال آھي. سوال ٿو پيدا ٿئي تـ ڇا جيڪي مٿي مسئلا بيان ڪيا
ويا آھن اھي سڌاري سگهجن ٿا يا نـ؟ جواب آھي تـ جڏھن ٻيا ملڪ اھڙن يا ان کان بـ
تمام وڏن اجگر جھڙن مسئلن جا حل ڳولھي ترقي ڪري سگهن ٿا تـ پاڪستان پڻ ڪري سگهي
ٿو! ھاڻي تمام وڏو سوال اھو آھي تـ پوءِ اسان جون حڪومتون، رياست، رياستي ادارا،
طاقتور اسٽبلشمنٽ آخر ائين ڇو ڪونـ پيا ڪن؟ جيڪا ڳالھ مون جھڙي عام انسان کي سمجھ ۾ اچي پئي
ھو وڏي علم وارا، وڏن تجربن وارا، وڏن وڏن ادارن ۾ سکيائون ورتل اھا ڳالھ سمجھي نـ
ٿا سگھن ڇا؟ پاڪستان ۾ ھڪ محاورو مشھور آھي تـ پوليس کي سڀ خبر آھي. ملڪ جي اڇي ۽
ڪاري جي مالڪن اڳيان ملڪ جي بلئڪ اينڊ وائيٽ تصوير ھر وقت رکيل ھوندي آھي. مٿين
ڪيل سوال ڏاڍا ڳرا تـ آھن پر انھن جا سولا سلوڻا جواب پڻ موجود آھن، بس مملڪت
خداداد ۾ غلطين کي وائکو ڪرڻ، سوال اٿارڻ، ان تي بحث ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ، يا انھن جا
حل پيش ڪرڻ جي ڪنھن کي اجازت ناھي! جيڪو سوال ڪندو، جيڪو اعتراض ڪندو، جيڪو تنقيد
ڪندو، جيڪو نشاندھي ڪندو، يا ڪو منطقي حل پيش ڪندو اھو ڳولھيو نـ لڀندو، ڀلي اھو ڪو
سياستدان، سائنسدان، دانشور، شاعر، صحافي، ولاگر يا ٽڪ ٽوڪر ڇونـ ھجي! پاڪستان ۾
جنھن بـ اھڙي جرئت ڪئي انھن جو رات وچ ۾ نالو نشان گم ڪيو ويو. ھتي مان اوھان کي
اھو ٻڌائيندو ھلان تـ اھا روش ڪا نئين بلڪل ناھي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جلدي
ئي اھو سلسلو شروع ڪيو ويو ھو. پاڪستان جي
وجود ۾ اچڻ بعد پاڪستان جا مالڪ، ڌڻي، حاڪم جھڙوڪر سڪندر مرزا، غلام محمد، چوڌري
محمد علي جھڙا انگريزي دؤر جا ڪامورا بڻجي ويا جن ڪڏھن بـ پاڪستان جي تحريڪ يا
مسلم ليگ جي ڪنھن سياسي سرگرميءَ ۾ حصو ڪونـ ورتو ھو. کين خبر ھئي تـ پاڪستان جي باني
جناب قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ڀيڻ فاطمـ جناح جي مخالفت يا تنقيد سندن ترا
ڪڍي ڇڏيندي ان ڪري پاڪستان ٺھڻ بعد پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي
ڀيڻ محترمـ فاطما جناح جن کي ريڊيو پاڪستان تان ڪيترن سالن تائين پنھنجي تقرير ڪرڻ
جي اجازت نـ ڏني ويئي ھئي، جڏھن تمام گهڻي تنقيد ٿي تـ کيس تقرير جي اجازت ملي ۽
ان جو عنوان ھو ”منھنجو ڀاءُ“ ۽ جڏھن ان تقرير ۾ تنقيد وارو حصو آيو تـ ريڊيو جي
نشريات ئي بند ڪئي ويئي ھئي ۽ بھانو اھو ڪيو ويو ھو تـ بجلي ھلي ويئي آھي! ھي مان
ڪو ڪو پنھنجو ھٿ جو جوڙيل قصو ڪونـ پيو ٻڌايان پر سڪندر مرزا کان وٺي جنرل يحى جي
دؤر تائين پاڪستان جي حڪمرانن کي ھلائڻ واري ڪاموري قدرت اللھ شھاب پنھنجي ڪتاب ”شھاب نامي“ ۾ اھي
سربستا احوال لکيا آھن. جلد ئي سنڌ ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان (بنگال) وارن جا منھن
بند ڪرڻ لاءِ ھڪ تڪراري قانون پروڊا کي لاڳو ڪيو ويو. پاڪستان جي باني قائد اعظم پاران
پوري پاڪستان مٿان ملڪ جي تمام ٿورڙائي واري زبان اردوءُ مڙھڻ وارو فيصلو سنڌين ۽
خاص ڪري بنگالين کي صفا ڪونـ آئڙيو ھو ۽ انھن منڍ کان وٺي پنھنجي ٻولين سنڌي ۽
بنگالي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ تمام گهڻو آواز اٿاريو ويو ھو. ٿيڻ ائين گهرجي ھا تـ
سندن جائز مطالبي کي مڃيندي نـ رڳو بنگالي پر ان سان گڏ سنڌي، بلوچي، پنجابي،
سرائيڪي ۽ پشتو زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ھا تـ جيڪر اوڀر پاڪستان
بنگلـ ديش جي صورت اختيار نـ ڪري ھا. ملڪ جي وجود ۾ ايندي ئي اھڙا تقراري مسئلا ڪر
کڻي رھيا ھئا انھن کي حل ڪرڻ بدران ھڪ مٿان ھڪ تقراري قانون پاس ڪري لاڳو ڪيو
ويندو رھيو. جلدي ئي ملڪ جي اڪثريتي عوام جي واتن تي تالو لڳائڻ لاءِ ون يونٽ
مڙھيو ويو. اھڙي ظالماڻي فيصلي جو نتيجو ھو تـ آباديءَ جي حساب سان پاڪستان جو وڏو
حصو اوڀر پاڪستان اڳتي ھلي بنگلـ ديش جي صورت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ ايوب کھڙي ۽ علي
محمد راشدي جھڙن ماڻھن ان ڪاري قانون جي شد مد سان حمايت ڪئي ھئي. علي محمد راشدي
پاران سندس مشھور ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ ۾ ون يونٽ جي حق ۾ لکيل سندس مضمون
شامل آھي. ان قانون تحت سنڌ يا ٻين قومي اڪاين جو نالو وٺڻ گناھ قرار واقع ڏنو ويو
ھو. اھڙي ماحول کي ڏسندي سنڌ جي شاعر اھو شعر چيو ھو تـ ”سنڌڙي تنھنجو نانءُ کنيو
ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو“. اھو ڪارو قانون ٻن ڏھاڪن تي محيط ھو ۽ جڏھن ستر ۾ جناح
وارو پاڪستان ٽٽي ٻـ اڌ ٿي پيو ھو تـ ان ڪاري قانون کي پڻ ختم ڪيو ويو. کڻي جو ون
يونٽ جو باظتا طور خاتمو ڪيو ويو ھو پر ون يونٽ مڙھڻ وقت جيڪي ادارا وفاق جي حوالي
ڪيا ويا ھئا ويا ھئا اھي صوبن کي واپس ڪونـ مليا. ون يونٽ مڙھي پرنسلي رياستن جھڙوڪر رياست
بھاولپور ۽ رياست خيرپور جي حيثيت ختم ڪيو ويو ھو. ان وقت خيرپور رياست جي خزاني ۾
تنھن وقت جا ھڪ ڪروڙ روپيا پيا ھئا جن کي تنھن وقت جو وفاقي وزير سردار آف ڪالا
باغ ڪڍرائي کڻي ويو ھو تـ اڄ ڏينھن تائين اھي پئسا واپس ٿيا آھن نـ خبر پئي آھي تـ
انھن کي ڪٿي خرچ ڪيو ويو آھي. ستر کان اڳ اوڀر ۽ اولھ پاڪستان ھوندا ھئا ھاڻي بس
ھڪ ئي پاڪستان وڃي بچيو ھو جنھن جو سربراھ جناب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بڻيل ھو.
ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ پڻ اظھار جي آزاديءَ تي ڪيئي ضربون لڳايون ويون. ذوالفقار علي
ڀٽو پاڻ پھريون سولين مارشلا ايڊمسٽريٽر پڻ رھيو ۽ سندس دؤر ۾ بلوچستان نيشنل
عوامي پارٽي پاران بلوچستان جي جمھوري نموني چونڊيل صوبائي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري
گورنر راڄ قائم ڪيو ويو ھو، بلوچ اڳواڻن کي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ واڙيو ويو ھو،
جواب ۾ بلوچ جبلن تي چڙھي ويا ھئا ۽ جن خلاف فوجي آپريشن جي شروعات ڪئي ويئي ھئي.
سنڌ اندر اڪيچار ڪتابن ۽ رسالن تي پابنديون مڙھيون ويون ھيون ڪيئي قلمڪار جھڙوڪر
سھڻي رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف، قومي شاعر منشي ابراھيم، سياسي اڳواڻ محترم سائين
جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين کي باندي بڻايو ويو ھو. شھيد
ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ ضياءَ الحق جو يارنھن سالا اونداھو دئور شروع ٿيو ھو
جيڪو اظھار جي آزادي تي راتاھن سان گڏ سياسي سرگرمين تي مڪمل پابندي وارو دؤر ھو.
ان دؤر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اخبار مساوات تي پابندي مڙھي ويئي ھئي جنھن خلاف
صحافين، سياسي ۽ ھاري ڪارڪنن پھريون دفعو جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتاريون پيش ڪيون
ھيون. اڳتي ھلي ضيا اخبارن تي سخت قسم جي سنسرشپ لاڳو ڪري ڇڏي ھئي. انھن انيائن
خلاف ايم آر ڊيءَ جو وجود پيو ھو جنھن ملڪ جي سياسي افق تي آمراڻن ڪارن ڪڪرن کي
ھٽائڻ ۽ اظھار جي آزادي لاءِ عمومي طرح پوري ملڪ ۽ خصوصي طرح سنڌ اندر 1983ع ۾
ڀرپور تحريڪ ھلي ھئي جنھن ظالم حڪمرانن جي اوچين ڪوٽن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا ھئا. ضيا
کان پوءِ واري وٽي تي ڪڏھن بي نظير صاحبا تـ ڪڏھن نواز شريف جي مسلم ليگ ن يا وري
ڪڏھن مسلم ليگ قائد اعظم جون حڪومتون ٺھنديون رھيو ۽ 2018ع ۾ اسبلشمنٽ ھار سينگار
ڪرائي عمران نيازيءَ کي گديءَ تي ويھاريو ھو. ننڍي ڪالم اندر ايتري گنجائش ناھي تـ
سندن دؤرن ۾ اظھار جي آزاديءَ تي لڳايل سندن عملن تي ڀرپور روشني وجھي سگھجي بس
ايترو چوڻ ڪافي ٿو سمجھان تـ ڪابـ حڪومت جڏھن اقتدار جي مسند تي ويھندي آھي تـ ان
کي انساني حق، اظھار جي آزادي، جائز تنقيد زھر لڳندي آھي ۽ جڏھن سندن مٿن تان
اقتدار جي ھما اڏري ويندي آھي ۽ اھي اپوزيشن ۾ ھوندا آھن يا حڪومتي ڌر جي عتاب ۾
ھوندا آھن تـ انوقت کين اظھار جي آزاديءَ جو علم بردار ڏٺو ويو آھي.
ھاڻوڪي شھباز شريف جي حڪومت کي ٽيوٽر زھر ٿو لڳي، ٽڪ ٽوڪ، فيس بوڪ، يوٽيوب
کان کين الرجي ٿي پيئي آھي، جيڪڏھن ڪو ”بل
بل پاڪستان...“ جھڙو ڪلام جوڙي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو تـ ٻي ڏينھن سندس ايڊريس گم
ٿيو وڃي. ھنن فائر وال لڳائي انٽرنيٽ جي اسپيڊ جو ڳلو گهٽي ڇڏيو آھي ھاڻي موبائيل
ڪيمرائن واري انٽرنيٽ وٽان رڳو ريلن جي لائيو لوڪيشن نـ ٿي کلي، شھرين کي اوبر،
يانگو، ان ڊرائيو، بائيڪا، فوڊ پانڊا جھڙين اپليڪشنس کي استعمال ڪندي وڏين مشڪلاتن
کان منھن ڏيڻو ٿو پوي.
انھن افعالن ھوندي ملڪ ترقي ڇوڪندا ۽ ڪيئن ڪندا؟ آئي ايم ايف جي زور بار تي
اوھان بجلي، گئس، پئٽرول جا اگھ وڌايو ٿا ايترو وڌايو ٿا جيڪو عام انسان جي پوري
ڪمائي ڳڙڪايو وڃي ۽ پوءِ مٿان بيھي اھو باور ڪرايو ٿا تـ ”مان تـ مھرباني ڪري
اوھان کي گهٽو ٿو ڏيان، اوھان وري مون تي اکيون پيا ڦونڊاريو!“ عام انسانن کي
اوھان ڪو رليف نـ ٿا ڏيو نـ ڏيو کين روئڻ پٽڻ تـ ڏيو، کين پنھنجي مقدر تي نوحا
پڙھڻ جي اجازت تـ ڏيو، کين پنھنجي اندر جي اوٻر ڪڍڻ جي اجازت تـ ڏيو!
Wednesday, November 30, 2022
Friday, October 7, 2022
Thursday, November 25, 2021
فقير احمد ڪٽوهر
هي مون سان گڏ سنڌي ٽوپي سان سينگاريل، سهڻي چاپئين ڏاڙهي ۽ ڪارا ڪپڙا اوڍيل اسان جو وڏڙو فقير احمد ڪٽوهر آهي. ﷲ سائين کيس ڪروٽ ڪروٽ جنت نصيب ڪري، احمد فقير اسان جي راڄ ۾ تمام منفرد ۽ پنهنجي اسٽائيل وارا انسان هيا. فقير احمد نالي ۾ تہ فقير سڏائيندا هيا پر هيا اندر ۽ ٻاهر مومن مولائي. سڄي ڄمار ڪارا ڪپڙا پاتا هئائون، هن ڦوٽوءَ وٺڻ کان ڪجھ عرصو اڳ تائين ڪيس ڪري وار ۽ ڏاڙهي بہ چهچ ڪاري رکندا هيا. هڪ محفل ۾ کانئس ڪنهن دوست پڇيو سائين ٻارهين مهينا ڪارا ڪپڙا پائڻ جو سبب ڇا آهي، صدقي وڃان وراڻيو هئائون تہ مظلوم حسين ۽ امامين شهيدين ڪهڙو ڏينهن سک جو ڏٺو هيو. فقير احمد مذهبي مطالعي سان گڏ ڊائجسٽ تمام گهڻو پڙهندو هو. فقير کي کنگھ جي ٽئونڪر پڻ سرس هئي ان جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ کنگھ جي شيشي هروقت سندس کيسي ۾ موجود هوندي هئي. هاڻي کنگھ گهٽ ٿئي بہ تہ ڪيئن ٿئي فقير کي پن جي ٻيڙي هروقت چيچ ۾ دکيل رهندي هئي. سندس وڏيري پيرل خان سان جوڙ هوندو هو. مون سان جڏهن بہ ملندو هو تہ گهمائي ڦيرائي مذهبي بحث طرف وٺي ايندو هو ڄڻ سندس دلي خواهش هوندي هئي تہ مون کي غير مذهبي ثابت ڪري.
فقير جي تمام گهڻي ياد ايندي آهي، اڄ بہ جهڙوڪر دل ٿي گهري تہ جيڪر هن وقت ملي پئي تہ ڪو زوردار بحث مباحثو ڪري ٻئي دل جو بار هلڪو ڪيون.
Wednesday, November 24, 2021
جابلو ٽڪرين جو نوحو
سياري جي موسم مس جو ٿورو گھڻو سُرتار ڏيکاريو آهي. ان موسم جي ايندي ئي اسان کي پنهنجي پاڙيسري جبلن جي تانگھ لڳڻ شروع ٿي چڪي آهي. 21 نومبر 2021 آچر جي ڏينهن ان پاسي منهن ڪيو هيو سين. اسان چئن دوستن، مائٽن يا کڻي ائين چئو ته گھر ڀاتين جي ٽيم هئي جنهن ۾ مان اميرگل، عبدالڪريم ڪٽوهر، گل بهار ۽ سيف علي شامل هيا. اسان ٽن موٽر سائيڪلن تي پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. اسان جو خيال اهو هيو ته ”تلور وادي“ جو سير ڪجي ڇوته پورو هڪ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي ان ساڳي جڳهه کي اسان جي وڏي ٽيم ڳولهي هٿ ڪيو هو. ان نموني اسان ان واديءَ جي ڳولهي هٿ ڪرڻ واري پهرين سالگره ملهائڻ پئي گهري. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته الله سائين جي من ۾ ٻي سو اسان ان رستي کان ڀلجي ٿورو اڳيان هليا ويا هياسين ۽ پوءِ مون کي اهو خيال آيو هو ته ڇونه اڄ وري ڪنهن نئين ماڳ کي ڳولهي هٿ ڪيون ۽ ان جو سير ڪيون. اهو سوچي، موٽر سائيڪلن جو رخ اتر بدران ڏاکڻئين پاسي کڻي ڪيو هيوسين. پوءِ جابلو وادين اندر جڙيل نئين مان ٻڪرين جي ڌڻن پاران جڙيل چارن تي موٽر سائيڪلون ڊوڙائيندا، نوڪدار جابلو پٿرن کان موٽر سائيڪلن کي بچائيندا ٻنهي پاسي جابلو چوٽين کي نظرن ۾ سمائيندا، ڄاڱري ٻيرن جي اڻ کٽ قدرتي باغن جي پاسي ۾ هلندا هلياسين، دل پئي گھري ته اسان ان نموني هنن وادين ۾ گھمندا ئي رهون. اڳتي هلي جڏهن ڏٺوسين ته هاڻي موٽر سائيڪلن کي اڳتي وٺي هلڻ ڏکيو آهي ته انهن کي اتي لاڪ ڪري وري رکيوسين کڙين تي زور. گهمندي ڦرندي ڄاڱري ٻيرين سان گڏ ڪرڙ جي پڪن جو کٽڙو مٺڙو سواد وٺندي هڪ ڦهليل وسيع ميدان ۾ وڃي پهتا هياسين جتي چئني پاسي جابلو سلسلا هيا، ميدان جي وچ ۾ پاڻيءَ جو هڪ حوض جڙيل هيو جيڪو پاڻي کان بلڪل خالي هيو. حوض جي آس پاس جانورن جي پيرن جا نشان ۽ ڇيڻا ٻڌائي رهيا هيا ته ڪنهن وقت هت پڻ انسانن سان گڏ جانورن جي رهائش پڻ ٿي هوندي. اتي پهچڻ بعد اسان کي تمام گھڻو سڪون مليو هو. نه شور نه گوڙ، نه ماڻهو نه جانور ها پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا سو گھمي ڦري رهيا هيا، اهي اتي ڇونه گھمن اهي جايون ئي ته سندن مسڪن آهن ۽ اسين انسان آهيون ته پنهنجي آسائشن ۽ عياشين لاءِ باقي سمورن جيون کي بيدرديءَ سان لتاڙيندا پيا هلون. هڪڙن ساهوارن کي ته ڪهي، ذبح ڪري کائي چٽ ڪري ڇڏيون ٿا، جيئن ڪنهن وقت هن جابلو سلسلي ۾ هرڻن جا ڌڻ رهندا هيا پر هاڻي انهن جي نسل مان هڪ به باقي ناهي بچيو، سڀ بندوق جي نالي مان نڪتل گولين جو بک ٿي اسان جي پيٽ جي اڻ کٽ آنڊن ۾ هضم به ٿي چڪا آهن پر ٻيا ساهوارا جهڙوڪر گدڙ آهن، جن جو نسل اڃا به ٿورو ڪي گھڻو هتي ملي ٿو پر شڪار جا شوقين، ڪتا ڪڇ ۾ ڪري هنن بي گناهه ۽ خوبصورت جانورن جو نسل پڻ تباهه ڪرڻ جي پويان لڳل آهن. ان قسم جا خيال اتي پهچي ذهن ۾ ڪنهن زهريلي ڪنڊي وانگر چڀندا رهندا آهن.
اسان جي گروپ اتي ساهي پٽي، ڏٻر محلي خيرپور کان ورتل ڪيلن جي ڳوٿريءَ کائي چٽ ڪري، عبدالڪريم پاران منرل واٽر جي آندل بوتل منجھان ڍڪ پاڻي پي ڦنرا ٿي پياسين. جيئن ته اها وادي اسان پهرين ڀيرو گھمي هئي ۽ اسان جي هن ٽوئر ۾ اسان جو ساٿي عبدالڪريم پڻ پهريون ڀيرو شريڪ ٿيو هو ان نسبت سان اسان واديءَ جو نالو ڪريم وادي رکيو هو. اسان کي اتي ڪيترائي قيمتي فاسل مليا، ڪجھ جيڪي کڻڻ جهڙا هيا انهن کي ساڻ کنيو سين باقي جيڪي فاسل هيا انهن کي سلامي ڏيئي واپسيءَ ڪئي سين ته گل واديءَ ۾ هڪ سهڻي جبل جي ٽڪريءَ کي اسٽون مافيا پاران بارود سان برباد ڪرڻ واري ڪڌي ڪم هڻي هانو ڦسائي وڌو هو. گل بهار ۽ عبدالڪريم ته اڳتي شهنودا بادشاهه واري اباڻي قبرستان ڏانهن روانا ٿي چڪا هيا پر مون موٽر سائيڪل کي ان جھرندڙ، تباهه ٿيندڙ، ناس ٿيندڙ سونهن ٽڪريءَ طرف موڙي ڇڏيو هو. ان ٽڪريءَ جي بلڪل سامهون جابلو ٽڪرين کي ٽۡڪر ٽڪر ڪندڙ مزدورن جون جھوپڙيون نظر آيو هيون. مون انوقت اتي بيهي ان ٽڪريءَ جو نوحو چيو هو. ان ٽڪريءَ جي مٿاهين بيهڪ بلڪل ان نموني جي آهي جهڙوڪر ڪا تمام وڏي ڪمي مٿس ويٺي آهي. مون کي افسوس ٿيڻ لڳو ته شايد هاڻي اهو منظر وري ڏسڻ لاءِ نه ملي. خبر نه ٿي پوي ته اسان جا ماڻهون ايترا انڌا ڇو ٿي ويا آهن، ڇو هو ٻن ٽڪن جي عيوض پنهنجو ڌرتيءَ جو اپمان پيا ڪيا ڪن، ڇو اهي ان قسم جي خوبصورتين کي ناس پيا ڪن؟؟؟؟؟؟
مون کي اها ساڳيا خيال پڻ آيا ته هت سنڌ اندر چرٻٽ راجا جو راڄ آهي، ڪو قانون
ناهي، ڪو ڪنهن کي چوڻ وارو ناهي، جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري، روڊ ڪنهن ننڍڙي پائيپ
لاءِ اکوڙي ڇڏي، واهن تي بند بڌي پنهنجي زمين ريج ڪري باقي غريبن جا فصل ڀلي برباد
ٿين، اوطاقن تي نوجوانن کي گھرائي قتل ڪري ڇڏي، اسپتالن ۾ صحت بدران موت ملي، تعليمي
ادارن اندر جهالت پروان چڙهي، امن امان جو پکي عرب شڪارين هٿان ڪسي وڃي، ڪا نياڻي
زماني جي وهنوارن مان تنگ ٿي ڪري هاسٽل ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪنهن نياڻيءَ کي اغوا
ڪري بليڪ ميل ڪري سندس زبردستي مذهب مٽائي ڪنهن واهيات مسٽنڊي جي حوالي ڪري ڇڏجي
ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي. اهڙي ماحول ۾ هنن ٽڪرين جي پرزا پرزا ٿيندڙ پٿرن جا آواز
ڪير ۽ ڇو ٻڌندو!!!!!!!
جيتوڻيڪ سنڌ جي سيد سرڪار ڪيترا ڏينهن اڳ ڇائيتاليهه سال اڳ ان اعلان کي وري
ورجايو هو ته روهڙيءَ کان ڪوٽ ڏجي تائين وڇايل هنن جابلو ٽڪرين کي ”ٽڪر نيشنل
پارڪ“ ڪيو ويندو ۽ لڳي ائين ٿو ته اهو محض اعلان ئي هيو ۽ جيڪو کانئن ڪڏهڪو وسري
به ويو هوندو.