سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن ڪينالن ۽ انھن ڪينالن جو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جي
نالي منصوبن ھيٺ والار ڪيل ھزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ واري انتھائي ھاڃيڪار،
سنڌ دشمن، ملڪ دشمن فيصلن خلاف ڪراچي بار ڪائونسل جي وڪيلن پاران ٻٻرلوءِ ۾ لڳايل
ڌرڻي کي اڄ يارھون ڏينھن آھي. يارنھن ڏينھن پرامن ڌرڻو جاري رکڻ، ھڪ اھڙو ڌرڻو
جنھن ۾ ھزارين ۽ ڪڏھن ڪڏھن لکين انسان اچي گڏ پيا ٿين ڪو معمولي واقعو ناھي. اھم
ڳالھ تي ھڪ مڪمل نموني پرامن ڌرڻو جنھن ۾ ڪنھن بـ گاڏي، ڪار، بس، ٽرڪ کي ھڪ ڀتر بـ
لڳايو ناھي ويو ۽ ويتر انھن سان يڪ جھتي جو اظھار ڪرڻ لاءِ آس پاس جي ڪميونٽيءَ جا
ماڻھو پھچن ٿا، کين پاڻي پيارين ٿا، پنھنجي وس ۽ وسيلن آڌار کين ماني ٽڪي جي آڇ ڪن
ٿا. ھن ڌرڻي، ھن مزاحمت، ھن جدوجھد سنڌ اندر سڄاڳيءَ جي ھڪ تمام وڏي لھر کي جنم
ڏنو آھي. سنڌ جو ڪھڙو شھر يا ڳوٺ آھي جتي سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن ڪينالن خلاف غم ۽
غصو ظاھر نـ ڪيو ويو ھجي، جتي ماڻھن ”ڪينالن جا حامي سڀ حرامي“ جا نعر نـ گونجيا
ھجن.
مان بـ پنھنجو فرض سمجھندو آھيان
تـ روز اتي پنھنجي حاضري ڀرائي يوسف جي خريدارن ۾ پنھنجو نالو لکرايان. جيتوڻيڪ
مان پنھنجي ڪم کي اڻ پورو ٿو سمجھان پر گهٽ ۾ گهٽ جيڪي ڪجھ مون کان پڄي سگھي ٿو
اھو تـ ڪيان ٿو. منھنجو اتي وڃڻ، وڊيوز ڀرڻ، ڦوٽو ڇڪڻ انھن کي پنھنجي يوٽيوب ۽
سوشل ميڊيا جي ٻين فورمن تي رکڻ واري ڪم کي بـ ڌرڻي لاءِ تمام اھم ٿو سمجھان. اھو
ڪم رڳو مان ٿوروئي ڪندو آھيان ھزارين نوجوان، ٻڍا، ٻار، عورتون آھن اھو سڀاويڪ ڪم
ڪري پنھنجي آواز کي تمام پري پري تائين پھچائي رھيا آھن. سڀني کي جس ھجي.
ھونئن منھنجو ھفتيوار ڪالم روزاني ”پنھنجي اخبار“ ۾ ڇوليون جي مستقل عنوان
ھيٺ ھر ڇنڇر ڏينھن شامل ٿيندو آھي، ڪالھ
منھنجي شايع ٿيل ڪالم جو عنوان ھو ”ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو، ايم آر ڊي جي تحريڪ، ھڪ
جھڙايون ۽ فرق“ جي عنوان سان شايع ٿيو آھي پر ھتي ٻٻرلي جي ڌرڻي ۾ تـ روز پوري ھڪ
ڪتاب جيترو مواد روز گڏ ٿيندو آھي ان ڪري اخبار ۾ ڪالم جي انتظار ڪرڻ بدران مان
ڪوشش ڪندس تـ ھرروز ھڪ ڀرپور ڪالم لکي سوشل ميڊيا تي اوھان سان ونڊ ڪيان تـ جيئن
اھي واقعا يا اھي ڳالھيون جن تائين اوھان جي اڃا تائين پھچ ٿي ناھي سگھي اھي اوھان
تائين پھچن ۽ ٻيو تـ ھلندڙ وقت جي اکئين ڏٺي تاريخ رقم ٿيندي رھي.
ڪالھ شام جو مان پنھنجي لقمان خيرپور واري گھران پنھنجي موٽر سائيڪل تي
ٻٻرلوءِ لاءِ نڪتو ھوم، سخت گرمي ھئي ۽ مجبور ٿي ڪري مون کي ٺيڙھي شھر جي الشيخ
ھوٽل تي ويھڻو پيو ھو ۽ اتي مون چار پنج گلاس پاڻيءَ جي پيتا ھئا، ٿڌي پاڻيءَ سان
ھٿ منھن ڌوتا ھئم ۽ ڪلفي ڦالودي جو پيالو گهرائي کاڌو ھئم. ٿوري جھٽ کان پوءِ
منھنجي ڪلھن تي ڪنھن جو ھٿ پيو ھو منھن ورائي ڏٺم تـ وڪيلن جي ھن سموري قافلي جو
ھڪ اھم سرواڻ، عوامي جمھوري پارٽي جو مرڪزي عھديدار ايڊوڪيٽ جناب اياز چانڊيو ھو
جنھن سان قمبر جو راھوجو ۽ ميھڙ جو کوسو وڪيل ساڻ ھئا، ھي ڪراچيءَ مان ٻٻرلوءِ
لاءِ نڪتل ھئا ۽ مون وانگر قلفي ڦالودو کائڻ لاءِ اتي ٿوري جھٽ ترسيا ھئا. اسان
سڀني گڏجي ڦالودو کاڌو، ڌرڻي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پنھنجي منزل ڏانھن روانا ٿي
وياسين. ٺيڙھيءَ ۾ مون کي جميعت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن جي خاصي چرپر نظر آئي، اتي
ھڪ ننڍڙن ٻارڙن جو ٽولو جميعت جو جھنڊو ھٿ ۾ کڻي نعرا ھڻندي نظر آيو ھو تـ ”پنجاب
توسان جھيڙو آ، وفاق توسان جھيڙو آ، ڪينالن جا حامي سڀ حرامي“ وغيرھ. مون سوچيو
پئي تـ ٿي سگھي ٿو جميعت جو ڪو مرڪزي اڳواڻ ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچي
رھيو آھي، اھا خبر تـ دير سان پئي ھئي تـ جميعت وارن جو ھڪ تمام وڏو ڌرڻو سکر
ملتان موٽر وي تي لڳايو ويو ھو جنھن ۾ لکين جميعت جا ڪارڪن ۽ ھمدرد ساڳي مقصد لاءِ
گڏ ٿيا ھئا. ياد رھي تـ جميعت علماءِ اسلام جو اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ڌرڻي
جي پھرين ڏينھن تي ان ۾ شامل ٿي ڪري ڌرڻي تي ويٺل وڪيلن سان يڪ جھتي ڏيکاري چڪو
ھو.
ڪالھ جڏھن مان گهران نڪتو ھوم تـ فيس بوڪ تي نذير ميمڻ جي پوسٽ پڙھي ھئم
جنھن ۾ ھن ٻڌايو ھو تـ ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اھي ڪراچيءَ مان پنھنجن موٽر سائيڪلن
تي نڪتا آھن، اندازو ڪيو تـ ڪٿي ڪراچي ۽ ڪٿي ٻٻرلوءِ! پنج سئو ڪلوميٽرن جو فاصلو
پر جڏھن ماڻھوءَ وٽ جذبو ھجي تـ سندس واتان اھي لفظ اٻڙڪا ڏيئي ٻاھر نڪرندا آھن تـ
” جلي ٿو جبل، لوءَ ھوريان تـ ھل، پنڌ پنھنجو پري ڏينھن آھي تتل“ ۽ جڏھن کين تئي
وانگر تتل ڏينھن تپايو ھو تـ قاضي احمد وٽ روڊ ڀرسان لڳل ھڪ ٽيوب ويل جي ٿڌي
پاڻيءَ ۾ تڙڳيا ھئا ۽ ان ھڪ ننڍڙي وڊيو پڻ رکي ھئي جيڪا ھمت ڏياريندڙ ھئي. پنھنجي
وال تي وڌيڪ اھو بـ لکيو ھئائين تـ ”يزيد جي ٽولي کان انڪاري ٿي، اسان حسيني لشڪر
۾ پنھنجو نالو لکرائڻ لاءِ اچي رھيا آھيون ٻٻرلوءِ..،“ نذير ميمڻ ڪراچيءَ مان ڪنھن ڪوچ ۾ پڻ اچي سگھيو
پئي پر ڌرڻي ڪري کيس شڪ ھو تـ متان ھو رستي ۾ ڪٿي رڪجي نـ وڃي ان ڪري ڪنھن بـ قسم
جي رسڪ کڻڻ بدران پنھنجو موٽر سائيڪلون ڪڍي سفر جون سختيون سھندي نڪري پيا
ھئا. اھي سڀ دل وڌائيندڙ، دل لڀائيندڙ ڪم
آھن جن مان پنھنجي ڌرتيءَ کي ظالم قوتن جي چنبي مان آجو ڪرڻ لاءِ سڄاڻ دوستن جي
جذبن جي اپٽار ٿئي ٿي. مان خيرپور کان بائيڪ تي نڪتو ھوم ۽ چند ڪلوميٽر جي پنڌ تي
ٺيڙھي شھر تائين پھچندي جھولي ۾ منھنجو منھن سڙي ويو ھو ۽ مجبور ٿي ڪري مون کي اتي
بريڪ لڳائڻو پيو ھو ۽ پياري نذير ميمڻ جي ھمٿ، جرئت، سچائي، بھادري کي ڏسو تـ
ساڙيندڙ گرميءَ ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پنج سئو ڪلوميٽر پنڌ ڪري رھيا ھئا.
مان ٺيڙھيءَ مان نڪري ٻٻرلي سڌو پياري ممتاز شيخ جي اوتاري تي اچي بريڪ
ھنيو ھو. ممتاز شيخ جو گھر ڌرڻي جي بلڪل سامھون آھي ۽ ھن پھرين ڏينھن کان وٺي سندس
گھر ۽ اوطاق ڌرتي وارن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. اھو ڪم ٿي سگھي ٿو ڪنھن کي ننڍڙو لڳي
پر ائين ناھي. يارنھن ڏينھن کان گھر اوطاق ٻين جي حوالي آھن، سندن پنھنجي آڪھ بـ
ھوندي اھي ڪٿي ۽ ڪيئن گذران ڪندا ھوندا اھا خبر بـ انھن کي ئي ھوندي، اسانجي گھرن
۾ جيڪڏھن ڪو مٽ مائٽ، يار دوست ھڪ ويلو مھمان ٿي ايندو آھي تـ سموري گھر جو وھنوار
ڊانوان ڊول ٿيل ڀانئڀو آھي. ڌرڻي جي ڪا خبر ناھي ڪڏھن پڄاڻي ٿيندي ۽ جيستائين
پڄاڻي ٿئي ھي اسان جا دوست پنھنجي گھر کان دربدر ئي رھندا. ممتاز ٻڌايو پئي تـ
سندس گھر ۾ بجلي، پاڻيءَ جي موٽر، ايرڪنڊيشن جا ڪيترائي اڻ کٽ مسئلا روز پيدا ٿين
ٿا ۽ روز انھن کي حل ڪرڻو پوي ٿو. ليٽرين باٿ رومس ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري صفائي سٿرائي
۾ وڏيون تڪليفون کين ڏسڻيون پون ٿيون پر بقول لطيف سائين جي تـ ”ڏاگھن، ڏيرن،
ڏونگرن، ٽنھي ڏنم ڏک، سي سڀ ڀانئيم سک، ھيڪاند ڪارڻ ھوت جي.“ سو ممتاز شيخ اھي سڀ
سختيون ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ برداشت ڪري ٿو، مان دل جي گھراين سان کيس جس ڏيندس.
اتي ئي ٿوري جهٽ ۾ اسان جي دئور جو ڪامريڊ امان اللھ ڦلپوٽو پنھنجي پٽ سرمد ڦلپوٽو
سان گڏ اتي پھتو ھو. منھنجو ۽ امان اللھ ڦلپوٽي جو ڌرڻي جو واءَ سواءَ وٺڻ کان
پوءِ ٿاڪ ممتاز شيخ جو اھو اوتارو ھوندو آھي، جتي ويھي تجزيا بـ ڪندا آھيون، تبصرا
بـ ڪندا آھيون ۽ انھن خيالن جي ڏي وٺ ڪري ڪيتريون ئي منجھيل ڳالھين جي تھ تائين
پھچڻ جون ڪوششون ڪندا آھيون. ٿوري جھٽ کان
پوءِ اسان جي مرحوم ڪامريڊ ممتاز گهانگھري جو پٽ بـ اسان واري ان ڪچھريءَ جو حصو
بڻيو ھو. اسان جي سامھون سائين ممتاز بخاري گھمي ڦري رھيو ھو ۽ ممتاز شيخ منھنجي فرمائش تي سنڌ جي ان ڀلوڙ صحافي،
ناول نگار، ترجمي ڪار، سکر آرٽس ڪائونسل جي سرواڻ کي سڏي ڪچھريءَ جي سونھن وڌائي
ھئي ۽ ٿوري جھٽ بعد عبرت اخبار جي سينئر صحافي جناب خالد ٻانڀڻ کي پڻ پنھنجي ساٿ ۾
شامل ڪيو ھوسين. ان وچ ۾ ممتاز ۽ سندس پٽن اسان کي ٿڌي پاڻي سان گڏ گرم چانھ جا ڪپ
آڇيا، پيپسي ڪولا جو چس وٺرايو، ھال مان ڪٿان شربت جو جڳ ڀري اچي ھرھڪ کي گلاس
گلاس پياريو. مان سنگت کان اجازت وٺي ڌرڻي ڏانھن ھليو ويس جتي ڪنھن ميلي جو ماحول
لڳو پيو ھو، اسٽيج تان جناب عامر وڙائچ پنھنجي تقرير اڳ ئي ڪري چڪو ھو، انوقت
خيرپور بار ڪائونسل صدر جناب اعجاز چانڊيو خطاب ڪري رھيو ھو ۽ ھن مختصر خطاب ان
ڪري ڪيو تـ جيئين ٻاھران پري پري کان آيل دوستن کي پنھنجن جذبن جي اظھار جو موقعو
ملي سگھي. ھال ۾ جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي،
تحريڪ انصاف جا جھنڊا جھولي رھيا ھئا. ھڪ پاسي تقريرون ھلي رھيون ھيون ان کان ٿورو
پرڀرو نوجوان اسپيڪرس تي قومي گيت ھلائي انھن تي والھانا رقص ڪري رھيا ھئا. سمورو
پنڊال نعرن جي گونج سان ٻريل ھو. ڌرڻي جي آس پاس، ڏھي بڙي، چاٽ، پڪوڙن، سموسن وارن
جا ريڙھا نظر اچي رھيا ھئا، چانھ جا اسٽال لڳل ھئا، ننڍڙا ٻالڪ نعرا بـ ھڻي رھيا
ھئا تـ پلاسٽڪ جي ڳوٿرين ۾ ڪٽيل کيرا ۽ ونگا بـ وڪڻي رھيا ھئا، حسيني سبيلون تـ ھر
جاءِ تي لڳل ھيون ۽ جتي ٿڌو پاڻي، شربت شرڪت ڪندڙن کي مفت پياريو پئي ويو. ھڪ عدد
ريڙھي وارو ڏنگھيءَ مان جوڙيل مٺائيءَ جو وڪرو پڻ ڪري رھيو ھو. مک ڌرڻي واري جاءِ
جي ٻنھي پاسي مختلف پارٽين جون پنھنجوڌ الڳ الڳ ڪيمپون پڻ لڳل ھيون ۽ اتي پڻ
تقريرون ھلي رھيون ھيون يا قومي گيتن تي نوجوان جھومي رھيا ھئا. مختلف قافلن جي اچ
وڃ جاري ھئي، پري پري تائين مختلف ھزاري گاڏيون پارڪ ڪيل نظر اچي رھيون ھيون. اھو
ماحول رڳو ڪالھ نـ ھو پر اھو روز جو معمول آھي. ڪالھ اسان خيرپور کان ڪارن، موٽر
سائيڪلن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي چڙھي ريلي ڪڍي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ھئي. ۽ ٽپھري کان پوءِ
واپسي ڪئي ھئي سين.ِ ممتاز شيخ ٻڌايو پئي
تـ شام جو ٻٻرلوءِ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج لک ماڻھو اچي گڏ ٿيا. بقول سندس تـ سکر ٽول
پلازا کان وٺي ڏکڻ طرف عيسن ڀيو جي ڳوٺ ڀرسان بگٽي جي ھوٽل تائين، ٻٻرلوءِ شھر ۽
پيرڳوٺ روڊ کان جيل تائين ماڻھو ئي ماڻھو ھئا. ٿي سگھي ٿو اھو ڪجھ ابھام لڳي کڻي
ان انگ کي اڌ ٿا ڪيون تڏھن بـ اڍائي لک ماڻھن جو بنا ڪنھن مدد، سواري جي گڏ ٿيڻ
ڪنھن معجزي کان گهٽ نـ ھو. ايترا ماڻھو تـ بلاول زرداريءَ جي جلسي ۾ بـ نـ ھئا جيتوڻيڪ
انھن کي پوري اتر سنڌ مان سرڪار طرفان مھيا ٿيل بسن، ويگنن ۾ رڍن ۽ ٻڪرين وانگر
آندو ويو ھو.
سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻي فيصلو ڪرڻ گهرجي تـ اھي رڍون، ٻڪريون، ڍور ڍنگر آھن
يا انسان! جي انسان آھيو تـ بريانيءَ جي ھڪ پليٽ تي پنھنجو ضمير نـ وڪڻو، اوھان جي
قيامت اھي اندر جا ڪارا پيپلا ڪونـ ڇڏائيندا، انھن جا پيٽ قارون جي خزانن کي کائي
کپائي ويا انھن مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن مان ٻير گھرڻ جي برابرا آھي. پنھنجي
ڌرتيءَ جي اصلي وارثن جا ساٿاري ٿي پنھنجي ڌرتي، پنھنجي درياءَ، پنھنجي زمين،
پنھنجي معدنيات، پنھنجي جبلن، پنھنجي وجود کي بچايو
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو