گل ڪٽوھر
اسان جي سفر جي شروعات 14 جون 2025ع جي صبح ساڻ
ٿي ھئي، مون ۽ خيرپور جي ٻين دوستن شاھ حسين بائي پاس کان ڪوسٽر جون سيٽون
سنڀاريون ھيون. ڪجھ دوست گمبٽ کان سوار ٿيا ھئا. 22 ماڻھن جي ايرڪنڊيشن ڪوسٽر جو
آرام ڏيندڙ سيٽون ھيون، سامان سڙو تـ پوئين سيٽن تي رکيو ھوسين پر ننڍي سامان لاءِ
ڪوسٽر جي اندر ڇت کان ھيٺ ھڪ پاسي ھڪ عدد ڊگھو خانو
پڻ جڙيل ھو جنھن ۾ دوستن ھينڊ بيگ رکيا ھئا ۽ مون پنھنجي ليپ ٽاپ وارو ٿيلھو اتي
رکيو ھو. جيڪڏھن اسان چاھيون ھا تـ پنھنجو ڳرو سامان ڪوسٽر جي ڇت تي لڳل اينگلارن
۾ سيٽ ڪري پئي سگھياسين جنھن جي پوري سفر ۾ ڪائي ضرورت پيش نـ آئي ھئي. اسان جي ھن
سفر ۾ تـ ڪل سورنھن دوست شامل ھئا پر ٽي عدد قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾
پڙھندڙ نوجوان شامل ھئا ۽ واپسي واري سفر ۾ وري ٻـ ٻيا دوست شامل ھئا ۽ واپسي وقت
چنيوٽ کان ڪوسٽر جي ڊرائيور جو ڪو ٻيو ڊرائيور دوست پڻ شامل ٿي ويو ھو. مطلب تـ
اسان ويندي ۽ واپس ايندي ڪل 19 کن مسافر ھئاسين. ڪوسٽر ۾ مسافرن ۽ سامان سڙي کي
سيٽ ڪرڻ وارو ڪم ان ڪري ھلي ويو ھو جو ڪوسٽر جي سيٽن وچ ۾ ننڍيون اسٽول ٽائيپ
سيٽون پڻ لڳل ھيون. ھن سفر ۾ جيڪي پروفيسر صاحبان ھئا انھن ۾ خيرپور کان ايوب مري،
روشن خاصخيلي، عبدالرحمان عرف اطھر علي کھڙو، ارشاد مانڊڻ، زاھد سولنگي، انور علي
سولنگي، رياض مري، زوار حطار، ارمان علي شيخ، مان اميرگل ڪٽوھر ۽ اسان جي ھنن
رولھڙن جو مستقل غير پروفيسر ساٿي الطاف ابڙو شامل ھئا جڏھن تـ سکر جا پروفيسر شفيق
احمد رند، سيد علي گل شاھ جيلاني، ذوالفقار علي سومرو، ذوالفقار علي پنھور، جمال
مھر ٻٻرلوءَ باءِ پاس وٽان اچي شامل ٿيا ھئا. اسان جي ھن سفر جي باقائدي شروعات
سکر موٽر وي ٽول پلازھ وٽ دعا سان ٿي ھئي. پوري سفر ۾ جڏھن بـ اسان ڪوسٽر ۾ چڙھيا
ھونداسين يا ماني ٽڪي کاڌي ھوندي سين تـ پروفيسر سيد علي گل شاھ جيلاني صاحب کان
دعا ضرور گهرائي ھئي. مان تـ انھن معاملن ۾ ناستڪ آھيان ۽ اھڙن ڳالھين کي بس ھڪ
رسم طور ڏسندو آھيان. اسان جا سفر، ان ۾ پيش ايندڙ واقعا يا حادثا دعائن گهرڻ يا
نـ گھرڻ سان قطعي تعلق ڪونـ ٿا رکن. جيڪڏھن اھي ڳالھيون سچ ھجن ھا تـ مسلمان ملڪن
اندر دعائون گھرندڙ انسانن کان سواءِ بنا دعائن جي سفر ڪندڙ باقيِ ملڪن جا ماڻھو
حادثن جو شڪار ٿي ڪڏھن جو ختم ٿي چڪا ھجن ھا. ھي بدعتون ظالم ضيا جي دؤر کان پوءِ
مذھب کي مولويلائيزيشن جي درجي تي پھچائڻ وارن شعوري ڪوششن جو ڪامياب نتيجو آھن تـ
اھڙين ڳالھين کي ھاڻي اسان جي سوشل توڙي نيچرل سائنس پاڙھيندڙ پروفيسر پوري مذھبي
حساسيت طور اپنائي چڪا آھن، اھا ٻي ڳالھ ھئي تـ دعائون گھرندڙ اڪثر پروفيسرن کي
مختلف بيمارين جي بچاءُ واريون گوريون ھم وقت ساڻ ھيون ۽ اھي انھن جو باقاعدي
استعمال پڻ ڪري رھيا ھئا.
ھن سفر جي خرچ پکي لاءِ پنجاھ ھزار روپيا في ماڻھو مقرر ڪيا ويا ھئا. مون
پنھنجي موبائيل بئنڪ اڪائونٽ مان جناب زاھد سولنگي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ڪوسٽر ۾
ويـٺي ويٺي پئسا اماڻي ڇڏيا ھئا. اسان موٽر وي تي ٽول ٽيڪس جي ادائيگي ڪارڊ ذريعي
ڪندا پئي ھلياسين. اڄ جي دنيا ھٿرادو ذھانت واري دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آھي جيڪا حقيقت
۾ ڊجيٽلائزڊ ۽ روبوٽڪ ۽ آٽوميشن تي مشتمل آھي. ٽيڪنالاجي ھوريان ھوريان زندگيءَ جي
سمورن وھنواري سرگرمين ۾ چپ چاپ نموني شامل ٿيندي پئي وڃي. ھاڻي سمورا يوٽيلٽي بل،
گاڏين جي ٽيڪس، ھر قسم جي خريداري آن لائين ڪري سگھجي ٿي. کاڌي پيتي جون شيون
گھراڻيون ھجن، ڪا ٽيڪسي ڪرائڻي ھجي، ريل، بس يا ھوائي جھاز جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائڻي
ھجي، دنيا جي ڪنھن بـ ملڪ ۾ ڪنھن ھوٽل ۾ ڪمرو بوڪ ڪرائڻو ھجي موبائيل وسيلي اھي ڪم
ٿي وڃن ٿا. ھنوقت لکين ماڻھو پنھنجي گھر جي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي آن لائين دڪان کوليون
ويٺا ڪروڙين روپيا ڪمائين. ڪيترن ترقي ڪيل ملڪن اندر ڪرنسي نوٽن جي خريداري تي
قانوني بندش پيل آھي ۽ اھو وھنوار باقي دنيا ۾ پڻ رائج ٿي رھيو آھي. ڪارون بنا
ڊرائيور جي پيون ھلن، سمنڊ ۾ ڪارون پيون ڊوڙن، ڪروڙين نوري سالن جي مفاصلي تي جيڪا
اوجھل دنيا آھي اھا انسان ڌرتيءَ تان ويھي پيا ڏسن، مشاھدا ۽ تجربا ڪن، اسان جي
سفر ھلندي ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي باھ پڻ ٻريل رھي ھئي. ھاڻي جنگيون روائتي
ناھن رھيو تـ فوجون آمھون سامھون تلوارون يا بندوقون يا توب کڻي ھڪ ٻئي کي نيست
نابود ڪرڻ جون ڪوششون ڪن. ھاڻي جنگ اھو کٽندو جنھن وٽ جديد جنگي ٽيڪنالاجي وارا
ھٿيار ھوندا، افسوس تڏھن ٿيندو آھي تـ ھٿرادو ذھانت واري ھن دؤر ۾ اڃا تائين پياري
پاڪستان ۾ ڪيترن پڙھيل لکيل دوستن کي اينڊرائيڊ موبائيل ھلائڻ ناھي ايندي.
مون سفر کان اڳ سوچيو ھو تـ ھن
دفعي ڪنھن ساڻ ڪو چرچو نـ ڪندس، پر سفر جي شروعات سان ئي ڀوڳن ٺڪائن جو سلسلو شروع
ٿي چڪو ھو ۽ مان پنھنجو پاڻ کي ان کان الڳ رکي نـ سگھيو ھوم. سڀني ساڻ ولگر قسم جا
چرچا ڪرڻ واري منھنجي پرين پياري دوست، ڪليگ ذوالفقار علي سومرو کي ھڪ دفعي ڪو
ڀاري ڀوڳ لڳي ويو ھو تـ سومري صاحب ان جو اظھار ھن نموني ڪيو ھو تـ ”يار مون کي
الائي ڇو بي عزتي محسوس پئي ٿي.“ پياري
پروفيسر انور سولنگيءَ کي پيار مان سڀ ماسات ماسات ڪري پڪاري بـ رھيا ھئا ۽ ساڻس
چرچا پڻ ڪري رھيا ھئا. ان ماحول ۾ مون کي تمام وڏي سھپ ڌاريندڙ مرحوم پروفيسر
سائين خدابخش خاصخيلي ۽ پروفيسر نظير ڪلھوڙو ڏاڍو ياد پئي آيا. پروفيسر نظير
ڪلھوڙي جو ھڪ فارمولو ھو تـ ڊگهن سفرن ۾ ھڪ يار اھڙو ھجي جنھن سان چرچا گهٻا ڪندا
پيا ھلجن تـ سفر سولو ٿي پوندو ۽ سندس ان فارمولي ۾ سندس نشاني تي گهڻو تڻو سائين مرحوم
خدابخش خاصخيلي ئي ھوندو ھو. حقيقت ۾ ڀوڳ ان سان ڪجي جيڪو ڀوڳ جو مزو وٺي، ان کي
ھضم ڪري ورائي اھڙو ڌڪ ھڻي تـ ڀوڳ جي شروعات ڪندڙ پاڻي مان ٻاھر نڪتل مڇيءَ وانگر
ڦٿڪندو رھي. پر افسوس تـ اسان واري گروپ ۾ ان قسم جي فضا نـ ھئي. ڀوڳ چرچن جي موٽ
سيريس قسم جي بي عزتي وارين گارين يا ڳالھين سان ملي رھي ھئي، اھڙي محفل ۾ جيڪي
ماٺ ڪري ٻڌڻ وارا ھئا اھي ئي فائدي ۾ ھئا.
ھر سفر ۾ ڪي نوان ساٿي ملڻ ۽ دوستن کي پرکڻ جو موقعو ضرور ملندو آھي جنھن
مان انسان ڪيئي سٺيون ڳالھيون سکندو آھي. ھن سفر ۾ گورنمنٽ اسلاميا ڊگري سائنس
ڪاليج جي پرنسپل جناب پروفيسر شفيق احمد رند صاحب سان پھريون دفعو ملاقات ٿي ۽
پوءِ پوري سفر ۾ ساڻس سھڻو ساٿ رھيو. پروفيسر سائين سيد علي گل شاھ جيلاني ۽
پروفيسر ارشاد مانڊڻ، پروفيسر ذوالفقار علي پنھور جن سان پھريون ڀيرو ڊگهي سفر ۾
گڏ رھڻ ۽ ھڪ ٻئي کي پرکڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ھن سفر ھلندي سائين علي گل شاھ جيلاني
تمام گهڻي ڪم جي ڳالھ ڪئي ھئي تـ ”انسان کي ٽن شين پاڻي، ھوا ۽ باھ کي ھلڪو وٺڻ نـ
گھرجي“ اسانجي ھن سفر کان ٿورا ڏينھن پوءِ سوات ۾ ھڪ تمام وڏو سانحو پيش آيو ھو
جنھن ۾ ھڪ ئي خاندان جا سترنھن ڀاتي دريا جي تيز وھڪري ۾ وھي ويا ھئا. انھن پاڻيءَ
جي خطرناڪيءَ جو غلط اندازو لڳايو ھو. ان نموني اڳ ڪيل ڪيل سفرن وانگي ھن سفر ۾
مون کي ڪيئي سبق سکيا ھئا، اھڙا سبق جيڪي ڪنھن بـ نصابي ڪتاب ۾ لکيل ناھن ھوندا.
انسان جي سکيا رڳو تعليمي ادارن ۾ ناھي ٿيندي، گهر، اوڙو پاڙو ۽ ھي پوري دنيا ھڪ
وڏو اسڪول آھي جنھن جي ھرقدم تي سکيا جا ڪيئي انمول موتي وکريا پيا آھن پر اھي
موتي ھرڪنھن کي نظر ناھن ايندا ان ڪري گھڻا تڻا بس جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي
وانگر ئي رھندا آھن.
اسان واري ايرڪنڊيشن ڪوچ جون سيٽون تمام آرام ڏيندڙ ھيون ۽ سوني تي سھاڳ روھڙيءَ کان ملتان تائين آسمان
تي لڙاٽ ۽ جھڙ سج کي سوگھو ڪري رکيو ھو ۽ موسم وڻندڙ لڳي رھي ھئي. پنجاب واري
علائقن ۾ روڊ جي ٻنھي پاسي انبن جا سوين ايڪڙن تي پوکيل باغ ۽ انھن جي ساوڪ اکين
کي آسيس پھچائي رھي ھئي ۽ سُڪِي سون جھڙو ٿي ويل مڪئيءَ جو فصل ان حسن ۾ وڌيڪ چار
چنڊ لڳائڻ جو سبب بڻجي رھيا ھئا. مون پنھنجي يو ايس بي ڪوچ واري جي حوالي ڪري ڇڏي
ھئي جنھن ۾ ھزارين سنڌي، اردو ۽ پنجابي گيت، غزل ڀريل ھئا ۽ اسان انھن گيتن مان
تمام گهڻو محظوظ ٿي رھيا ھئاسين. انوقت فريدا خانم جو غزل ”آج جاني ڪي ضد نا ڪرو“
پيو ھلي، ھي منھنجي پسند جي غزلن مان ھڪ آھي ۽ خاص ڪري مون کي اھو بند بي حد پسند
آھي؛
”وقت ڪي قيد ۾ زندگي ھي مگر،
چند گھڙيان يھي ھين جو آزاد ھين،
ان ڪو کو ڪر ميري جان جآن
عمر ڀر نا ترستي رھو.“ ان غزل ۾ اھو سبق پيو ملي تـ، ماضي گذريل زندگيءَ جو
داستان آھي، مستقبل جي ڪا خبر چار ناھي،
زندگي بس اھا آھي جيڪا اسان حال ۾ گذاري رھيا آھيون.
ھلندڙ....
ڪيم مھاڙ مري ڏانھن (حصو ٻيو)
سکر ۽ لاھور جي وچ تي ملتان آھي، ملتان جنھن جي ڀرسان شجاع آباد آھي، شجاع آباد
جيڪو ڪنھن زماني ۾ اکين جي علاج واسطي مشھور ھو جتان بابا سائين پنھنجي اکين جو
آپريشن ڪرايو ھو پر ھاڻي ان شھر جي سڃاڻپ عظيم ڪوي شاڪر شجاع آبادي بڻيل آھن، جيڪي
وڏا انقلابي، ترقي پسند ۽ سرائيڪين جي لاءِ قومي شاعر جي حيثيت رکن ٿا.
جي سچ آکڻ بغاوت ھي، بغاوت نان ھي شاڪر دا،
چڙھائو نيزي تي سر، ڀانوين ميڏي خيمي جلا ڏيوو
تیڈی ہاں وی میں ، تیڈی نہ وی میں ،
اقرار وی میں ، انکار وی میں.
ہے شاکر گالھ عجیب جہیں تیڈا،
غیر وی میں ، تیڈا
یار وی میں.
ڪاش اسان آڪاش وانگي عظيم
شاڪر شجاع آباديءَ جو درشن ڪري سگھون ھا، ساڻس ملڻ جو فخر حاصل ڪري سگھون ھا. ان قسم جا خيال منھنجي ڦريل دماغ ۾ ئي پيدا
ٿيندا آھن، تـ ھن ڌرتيءَ جي عظيم انسانن، شاعرن، اديبن، ڪلاڪارن سان ملجي،
يونيورسٽين جي ڌرتيءَ جي دز ۾ پنھنجا پير ميرا ڪجن، پر اسان مان گھڻن تڻن کي
ڪيترائي ڀيرا اڳ گھميل پيرن جي درگاھن تي حاضرين ڀرائڻ جي سڪ ۽ ڇڪ ھوندي آھي.
افسوس تـ شجاع آباد اسان جي ٽوئر جي شيڊول ۾ ئي شامل نـ ھو. ھزارون خواھشين ايسي
ڪي ھرخواھش پـ دم نڪلي.
ملتان ايندي ويندي خانگي گاڏين وارا نيرن، مانجھاندو يا سانجھاندو ڪرڻ لاءِ
اتي ساھي ضرور پٽيندا آھن. ملتان موٽروي جي انٽر چينج جو نالو شمس تبريز ٽول پلازا
رکيل آھي جيڪا ڳالھ سٺي لڳي. سنڌ وارا سندن پوئيواري ڪندي روھڙي ٽول پلازا کي بيدل
پلازا، سکر واري ٽول پلازا کي ميرمعصوم شاھ، اسٽالڊي ڪمپني جي جوڙيل درياءُ واري
پل کي شيخ اياز يا رشيد ڀٽي جي نالي سان
منسوب ڪن تـ ڏاڍو ڀلو ٿئي پر لڳي نـ ٿو تـ ھتي ائين ٿيندو. موٽر ويز سفر آسان ڪري
ڇڏيا آھن ۽ جتي وقت جي تمام گهڻي بچت پڻ ٿئي ٿي پر ڳاٽي ٽوڙ ٽول ٽيڪس جڏھن ماڻھو
ڀري ٿو تـ شادي شھيد واري ڀڳل ٽٽل روڊ تي سفر ڪيل انسان وانگر اندران ئي اندران
ٿڪجيو ۽ ٽٽيو پوي. ھا پر اللھ جي ھنن بندن کي ڪير ڪجھ چئي بـ تـ نـ ٿو سگھي. نيشنل
ھائي وي اٿارٽيز جا ڪرتا ڌرتا تمام گهڻو پھتل آھن جن سان ڦٽائڻ مطلب پنھنجي ھستيءَ
تان ھٿ کڻڻ. شمس تبريز ٽول پلازا تي ويٺل
ھمراھن جيڪا وصولي ڪئي، اسان کان اھو تـ وسري ويو تـ ملتان اللھ سائين جي ويجھو
پھتل پيرن، بزرگن جو شھر آھي. ھونئن بـ ملتان ۾ اسان ڪنھن اللھ جي پھتل بزرگ سڳوري
جي زيارت لاءِ نـ پر پيٽ پوڄا لاءِ بريڪ ھنيو ھو. موٽروي کان نڪرندي ئي صفا ڀرسان
ھڪ ڀلوڙ ”وسيب“ نالي ھوٽل آھي، ڪيڏو نـ پيارو نالو آھي. وسيب مطلب ڌرتي، وطن،
سرائيڪي علائقي وارا پنھنجو پاڻ کي سرائيڪي وصيب جا رھاڪو سڏائيند آھن. اسان
ماضيءَ جي سفرن ۾ جڏھن بـ ملتان ۾ ساھي پٽي ھوندي سين تـ ان وسيب ھوٽل تي ويندا
رھيا آھيون، پر ھن دفعي ڪوچ ڊرائيور جي صلاح تي شاھي سيد ھوٽل تي وڃي بيٺا ھئاسين،
جتي بي چسي دال ۽ مرچ مصالحن جي ماريل مڪس سبزي اصل آنڊا ئي ساڙي ڇڏيا ھئا. سفر
ھلندي ماڻھوءَ اھڙي قسم جي نون تجربن کان پرھيز ڪري تـ بھتر آھي. مانجھاندو ڪندي
الطاف ابڙو ڪوھ مريءَ ۾ رھائشي ھوٽل جي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي ھئي. ھوٽل تي مون يوفون
سروس جي انٽرنيٽ ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھا تـ جھڙوڪر گھري ننڊ ۾ ستل نظر آئي. ھڪ
پاسي دنيا ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان سر ڪندو پيو ھلي ۽ پاڪستان آھي تـ ان جي
موٽر وي جھڙي روڊن کان سواءِ شھرن ۾ انٽرنيٽ جون سھولتون موجود ناھن جي آھن تـ
نالي ماتر. رڳو موبائيل ڪمپنين پاران انٽرنيٽ ۽ مختلف پيڪيجز نالي ڦرلٽ ناھي ھلندي
پر پاڪستان ۾ پورو ڪارپوريٽ سيڪٽر ھڪ وڏي ماڻھو مار بلا جي صورت اختيار ڪري چڪو
آھي، جن جو بس ھڪ ئي مقصد آھي عوام کان ھائيجينڪ، اصلي، قدرتي شيون کسي کين زھريلن
ڪيميڪل شين جو عادي بڻائڻ.
ماني کائي نڪري وري موٽر وي تي
پھتاسين تـ انوقت شام جا چار وڄي چڪا ھئا. انوقت ڪوچ اندر پن ڊراپ سائلنس وارو
ماحول جڙي ويو ھو، گهڻا تڻا دوست پنھنجن موبائلن ۾ منھن وجهي مڪمل نموني ان ۾ گم
ھئا، منھنجي سيٽ ڀرسان ويٺل سائين ذوالفقار پنھور ننڊ جي وادين ۾ ڪنھن حور پريءَ
جي ڳولھا ۾ گم ھو. مون سوچيو پئي تـ مون کي پڻ ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ماضيءَ
جي اھڙن سفرن تـ ننڊ منھنجي اکين مان اڏريل رھي آھي. اڌ جاڳ اڌ ننڊ وارو اھو سفر
پنڊي ڀٽيان واري سوشل ايريا تائين ھلندو رھيو. اتي ٿڪ ڀڃڻ، فريش ٿيڻ لاءِ بريڪ
ھنيو ھوسين. اتي جڙيل ھوٽل واري کان اسان جي يارن ڪٽ چانھ جي تقاضا ڪئي ۽ انھن
اطلاع ڏنو تـ ”ھي موٽر وي آھي ھتي چانھ جو مڪمل ڪوپ خريدڻو پوندو آھي.“ اسان کين
چيو ٺيڪ آھي چار ڪوپ چانھ جا ۽ چار خالي ڪوپ کڻي آءَ، اسان خالي ڪوپن ۾ چانھ
ورھائي واپرائي پنھنجي ڪٽ چانھ واري روايت کي زندھ سلامت رکيو ھو. موٽروي تي جيڪي
ھوٽلون، فروٽ، چپس، بسڪٽس، ٻارن جي رانديڪن وارا دڪان جڙيل آھن ۽ اتي جيڪو وکر
وڪامي ٿو اھو تمام غير معياري ھوندو آھي بس اللھ سائين جي ڪرم سان انھن جا اگھ
آسمان جي بلندين تي پھتل ھوندا آھن ۽ پر ان ھوندي بـ انھن تي ماڻھن جي ڪافي رش
رھندي آھي.
اتي پرين پياري پروفيسر اڪبر سرڪيءَ جي ڪال آئي ھئي، سندس خيال ھو تـ
سستائي، سھولتن جي حساب سان اسان کي ڪوھ مريءَ ۾ رھائش رکڻ بدران پنڊي يا اسلام
آباد ۾ بندوبست ڪرڻ گهرجي. مون کيس ٻڌايو ھو تـ سائين اسان ڪوھ مري ۾ اڳواٽ ئي
بوڪنگ ڪرائي ڇڏي آھي. ھاڻي جڏھن انھن علائقن جا چڪر ڪاٽي چڪا آھيون، ڪوھ مريءَ جي
ھوٽلن ۾ ڌڪا کائڻ وارا تجربا ڪري چڪا آھيون تـ مون کي سائين اڪبر سرڪيءَ جي صلاح
تمام گھڻي وزندار پئي لڳي.
ھن دفعي اسان راوالپنڊي يا اسلام آباد جي شھري علائقن ۾ بريڪ ھڻڻ بدران سڌو
بارا ڪھو جي علائقي ۾ ھڪ ٻئي شاھي سيد ھوٽل تي سانجھاندي لاءِ بريڪ ھنيو ھوسين جتي
روائتي کاڌو کائڻ کان پوءِ سڌو ڪوھ مري ڏانھن رخ رکيو ھوسين. ان ھوٽل تي ئي اسان
جي ڪوچ ڊرائيور پنھنجو ڪو چالان ڪٽرائي ڇڏيو ھو، سندس چوڻ ھو تـ جيڪڏھن ھو اھو
بندوبست نـ ڪندو تـ اڳتي ھلي کيس تھان وڌيڪ چالان ڀرڻو پوندو. مون کي بھرحال سندن
اھو چڪرويو ٽڪو بـ سمجھ ۾ اچي ڪونـ سگھيو ھو.
چار پنج ڏھاڪا اڳ جن ڪوھ مري کي ڏٺي ھوندي ۽ اھي ھاڻي ان جو چڪر ھڻندا تـ
کين کوڙ ساريون تبديليون نظر اينديون. نون جڙيل گھرن، روڊن، دڪانن، شاپنگ مالن،
ھوٽلن، گئيسٽ ھائوسن جي ازدھام علائقي جا لکين وڻ کائي چٽ ڪري ڇڏيا آھن. مئي، جون،
جولاءِ، اگسٽ جي مھينن ۾ ڪوھ مريءَ جي علائقي ۾ جيڪا روائتي ٿڌ ھوندي ھئي ان ۾
واضع گهٽتائي ٿي ويئي آھي، پوءِ بـ جيڪي ڪجھ آھي غنيمت آھي ۽ اسان جھڙن گرمي جي
ماريل سنڌين کي وري بـ اتي چار گھڙيون سڪون جون ميسر ٿيو پون. اسان جو ھوٽل مال
روڊ تي واقع ھو پر ان پاسي بسن، ڪوسٽرن وڃڻ تي پابندي لڳل آھي ان ڪري اسان پنھنجن
ٿيلھن سان اتي لھي پيا ھئاسين ۽ سنگت ھڪ عدد ھاءِ روف ۽ ھڪ عدد سوزوڪي پڪ اپ ڪرائي
تي حاصل ڪري ھوٽل تائين پھچڻ جو بندوبست ڪيو ھو. انھن سوارين تي پنھنجن ٿيلھن سان
ساڳي نموني ويٺا ھئاسين جيئن مال جا واپاري پنھنجن رڍن، ٻڪرن ۽ ڍور ڍنگرن کي ٽرڪن،
مزدائن ۾ سٿيندا آھن. مون سوچيو پئي تـ اھي ساھدار ڪيڏي نـ وڏي عذاب سان ڊگھا سفر
ڪندا ھوندا.
جيئن تيئن ڪري پنھنجي ھوٽل تي پھتاھئاسين، مان پروفيسر ذوالفقار پنھور ۽
پروفيسر انور سولنگي کي ھڪ ڪمرو الاٽ ڪيو ويو ھو جنھن ۾ ٻـ عدد بيڊ ھئا ۽ ھڪ عدد
گدو وڇائي ڏنو ويو ھو جنھن تي انورسولنگي صاحب کي رات گذارڻ لاءِ چيو ويو ھو.
سولنگي صاحب کي انتظام ڪندڙن پاران کيس زمين تي سمھارڻ واري عمل تي سخت اعتراض ھئا
۽ چيائين پئي تـ مان پنجاھ ھزار روپيا خرچ ڪري ھن نموني سفر لاءِ ناھيان آيو ۽
اعلان ڪيائين تـ ھو سڀاڻي صبح جو سويل يارن سان حساب ڪتاب چڪتو ڪري واپس ھليو
ويندو. سندس ڪاوڙ جا پڙلاءَ دوستن جي ڪنن تائين وڃي پھتا ھئا ۽ انھن کيس راضي ڪرڻ
لاءِ ٻئي ڏينھن تي ھوٽل مٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ھو جيڪو اسان کي وڌيڪ ڏکيو لڳو ھو
جو نئين ھوٽل ۾ تڙ لاءِ گرم پاڻي ميسر نـ ھو، بس سٺي ڳالھ اھا ھئي تـ ٻنھي ھوٽلن
تي واءِ فاءِ جي جھڙي تھڙي سھولت سو موجود ھئي، جنھن مان اسان سڀني خوب فائدو حاصل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
اوھين ڪوھ مري اچو ۽ مال روڊ ۽ پوسٽ آفيس واري چوڪ تي بيھي ڪي ڦوٽو نـ وٺو
تـ اتي سير ڪرڻ جو ثواب ملڻ جو ڪو امڪان نـ رھندو. رات جو انھن علائقن جو چڪر نـ
ھڻڻ ڪفر برابر ھوندو آھي ۽ اسان پنھنجو پاڻ کي سچو پچو ايمان وارو ثابت ڪرڻ لاءِ
اتي ميدان تي لھي پيا ھئاسين ۽ ھر دوست جي ھٿ ۾ موبائيل ھئي ۽ سيلفيون ھيون ۽
چئوطرف نظرون ڇيڪ ڇڏيل ھيون. جيڪڏھن ھتي ھر عمر ۽ ھرجنس جا انسان ھئا جيڪي لاابالي
نموني گھمي رھيا ھئا جن ۾ پورا پورا خاندان بـ ھئا تـ جوڙا جوڙا پڻ ۽ گھڻو تڻو
انور سولنگي ۽ مون جھڙا ڇڙا ڇانڊ ھئا جيڪي پنھنجي نظرن کي سيڪ وٺرائي گد گد ٿي
رھيا ھئا.
نٿيا گلي جا نظارا
ڪالھ سڄو ڏينھن سفر جي وٺ وٺان، رات دير سان بارھ ڪھو ۾ سانجھاندو ڪري مري
پھچڻ بعد ھاءِ روف ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ سامان سٿي ھوٽل تي پھچڻ، ڪمرن جي ورھاست، بيڊ،
ميٽرس ۽ چادرن جي حصول وارن مرحلن مان پار ٿي مريءَ جي مال روڊ تي مٽرگشٽ ڪرڻ بعد
رات جي پنجين وڳي سمھي سگھيا ھئاسين.
ھڪ دوست جي اعتراض ڪري اسان کي صبح صبح ھوٽل کي مٽائڻو پيو ھو ۽ ھڪ دفعو
وري ٿيلھا اسان جي ڪلھن تي ھئا. اسان جنھن نئين ھوٽل ۾ ڪمرا بوڪ ڪرايا ھئا ان جا
ڪمرا سوڙھا ھئا ۽ ان ۾ پاڻي گرم ڪرڻ جو ڪو بندوبست بـ نـ ھو، ھن ھوٽل کان ڪالھ
وارو ھوٽل بھتر ھو پر جيڪا سنگت جي صلاح، ھا البت ھوٽل روڊ ڪناري جڙيل ھو، اسان کي
ٻي ماڙيءَ تي ڪمرا مليل ھئا ان ڪري ھيٺ روڊ تي وھندڙ ٽريفڪ ۽ گهمندڙ مخلوق تي
آساني سان نظر رکي رھيا ھئاسين. روڊ کان پرئين ڀر پري تائين دلفريب نظارا من کي
موھي رھيا ھئا ۽ ان جي بالڪوني ۾ ويھي پروفيسر روشن خاصخيلي ۽ مون ھوٽل جي انٽرنيٽ
تان ڪافي فوٽو فيس بوڪ تي چاڙھيا ھئا ۽ اسان سمورن اتي سيلفيون ورتيون ھيون، اڪيلي
سر ۽ گروپ فوٽو ورتا ھئا ۽ مون ڪجھ وڊيوز پڻ جوڙيون ھيون.
مري جنھن کي پاڻ ڪوھ مري چوندا آھيون، انگريز دؤر 1851ع ۾ ھڪ تفريحي مقام
طور قائم ڪيو ويو ھو، جتي انگريز فوجي آفيسر اچي آنند وٺندا ھئا. ان کي 1875ع ۾
ميونسپل جو درجو ڏنو ويو ھو ۽ ھاڻي اھو پنجاب جو ھڪ ضلع آھي. اھو پاڪستانين لاءِ
سير تفريح لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو. مري ۾ مال روڊ، پنڊي پوائنٽ، ڪشمير پوائنٽ گھمڻ
لاءِ دل لڀائيندڙ جايون آھن ۽ مک شھر کان سواءِ مري جي آس پاس اڪيچار اھڙيون جايون
آھن جتي سيلاني قدرتي نظارن جو حسن پسي مزو ماڻيندا آھن. مان ڪيترا ڀيرا مري جي
سرسبز پھاڙي علائقن جو سير ڪري چڪو آھيان ۽ انھن جو حال احوال منھنجي ايندڙ ڪتاب
”حسن جي ڳولھا“ ۾ سربستو ڪيل آھي. مان نـ رڳو اونھاري جي گرم مھينن جون، جولاءِ ۽ اگسٽ
۾ ڪوھ مريءَ جو سير ڪيو آھي پر ھڪ دفعي پياري دوست طالب سھاڳ، سندس نياڻي ۽ منھنجي
نياڻيءَ سان گڏ تھ سياري ۾ ھتي آيا ھئاسين جنھن ڏينھن موسم جي پھرين برف باري ٿي
رھي ھئي.
مريءَ جا ڪاروباري سيلانين جي کيسن کي
خالي ڪرڻ جو فن بخوبي ڄاڻن ٿا. ان معاملي ۾ ھي انتھائي بي رحم ۽ سنگدل واقعي ثابت
ٿيل آھن. اوھان کي ياد ھوندو تـ عمران نيازي جي حڪومت وقت ھتي برف باريءَ جي شديد
موسم ۾ ھڪ تاريخي ٽريفڪ جام جو الميو ٿيو ھو، جنھن ۾ ھزارين مرد، مايون، ٻار، ٻڍا
برف جي دوزخ ۾، ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل تتر وانگر ڦٿڪي رھيا ھيا ۽ ڪيترا خاندان پنھنجن
گاڏين ۾ ڄمي موت جي منھن ۾ ھليا ويا ھئا. ان ھوندي بـ شھر جي ڪاروباري حلقن جي
دلين ۾ ڪو ڪھڪاءُ آيو ھو نـ ئي سندن اکين ۾ حيا ۽ شرم جو ڪو ترورو اڀريو ھو. ويتر
انھن ان قدرتي آفت مان پيدا ٿيل ھاڃي کي ڪمائڻ جو ھڪ سنھري موقعو سمجھي ماڻھن کي
خوب لٽيو ۽ ڦريو ھو. عام ھوٽل وارن ڪمرن جي ھڪ رات جا ڪرايا پنجاھ ھزارن کان ھڪ لک
تائين ڪري ڇڏيا ھئا، کاڌي پيتي جي شين جو قيمتون ايتريون تـ وڌائي ڇڏيون ھيون تـ
انھن کي ٻڌي توبھ استغفار چپن تي اچي ويو ھو.
اڄوڪي ڏينھن تي اسان جو پيٽرياٽا (نيو مري)، نٿياگلي ۽ ڀوربن پاسي وڃڻ جو
پروگرام رٿيل ھو. رات جو تمام دير سان سمھڻ ڪري صبح جو دير سان جاڳ ٿي سگھي ھئي ۽
ضروري تيارين ۽ نيرن وارن خفن بعد پنھنجي سواري تائين پھچي ان کي ڳولھڻ ۾ خاصو وقت
برباد ٿي ويو ھو. ان صورت ۾ اسان پيٽرياٽا گھمڻ جو پروگرام ٻئي ٽوئر تائين ملتوي
ڪري سڌو نٿياگلي طرف نڪري پيا ھئاسين. ڪوچ ۾ ويھندي ئي پروفيسر روشن خاصخيلي ۽
پروفيسر ذوالفقار سومري وچ ۾ مسلڪي مناظرو شروع ٿي ويو ھو. ھڪ پاسي مومن ٻئي پاسي
جھادي، ٻئي نظرياتي طور ھٿيار بند ۽ پنھنجن مورچن تي مظبوطيءَ سان ڄميل ۽ مون ۽
فقير عبدالرحمان کھڙي جھڙا صوفي جنڊ جي ٻن پڙن وچ ۾ پيسجندڙ ان جھڙا ٿي پيا
ھئاسين. جڏھن پاڻي مٿي کان چڙھي ھليو ھو تـ اسان کين بحث براءِ بحث کي ختم ڪرڻ ۽
شانت رھڻ جو وينتيون ڪيون ھيون پر يار مڙڻ وارا ڪٿي ھئا ۽ پوءِ مون کي پنھنجي ھڪ
فقير دوست جو نسخو ياد اچي ويو ھو. ھڪ دفعي مان ان فقير سان گڏ ڪنڌڪوٽ کان سکر
ويگن ۾ سفر پئي ڪيو ۽ اسان جي پويان واري سيٽ تي ٻـ عدد مايون اچي ويٺيون ھيون جن
بلند با آواز حال احوال ڏيڻ جو وھنوار جو شروع ڪيو ھو تـ ان ۾ ڪا ڪاما يا فل اسٽاپ
نـ پئي ڏنائون. مان تـ کڻي کين برداشت پئي ڪيو پر مون سان گڏ ويـٺل فقير جي برداشت
صفا ختم ٿي ويئي ھئي ۽ اوچتو فقير سائين انھن ماين کان وڌيڪ آواز سان اللھ ھو اللھ
ھو جو ورد ڪرڻ شروع ڪيو ھو تـ سمورن مسافرن جو ڌيان اسان طرف ٿي ويو ھو ۽ وھي پکي
وانگر چرچر ڪندڙ ماين بـ کڻي ماٺ ڪئي ھئي. سو مون بـ بلند با آواز ۾ ”ڪيو قادر
قلندر اووو مست“ جو نعرو بلند ڪيو ھو ۽ منھنجو ساٿ سمورن ٻين ساٿين پڻ ڏنو ھو پر
حيرت انگيز طور مناظرو ڪندڙ اسان جا يار پوءِ بـ ڪنڍي مينھن وانگر ھڪ ٻئي سان
اٽڪيا ئي پيا ھئا. آخري حربي طور سڀني دوستن ڊرائيور کي ڪوچ ۾ ميوزڪ ھلائڻ جو چيو
ھو ۽ جڏھن لتا منگيشڪر جي سدا بھار آواز ۾ ڪلام ” يـ دل اور ان ڪي نگاھون ڪي سائي“
ھليو ھو تـ يارن بـ کڻي ماٺ ڪئي ھئي. نٿياگلي ھڪ سھڻو تفريحي مقام آھي، ٿڌو علائقو
آھي جتي سياحن جي دلچسپيءُ جا سمورا لوازمات موجود ھوندا آھن. تمام گهڻي رش جي ڪري
اسان کي پنھنجي ڪوچ جي پارڪنگ جو مسئلو درپيش آيو ھو ۽ ان مجبوريءَ جي ڪري ڪجھ
خوبصورت تفريحي مقام اسان ڪوچ جي دريءَ مان ڏسي سگھيا ھئاسين. اسان جي پھچڻ کان اڳ
ئي نٿياگلي جون بازارون سيلانين سان مڪمل نموني سٿيو پيون ھيون جتي ھرقسم جي وکر
سان سٿيل دڪان موجود ھئا ۽ اسان دل کولي ونڊو شاپنگ ڪري دل کي وندرايو پئي. جنھن
وقت اسان جو اتي نزول ٿيو ھو مھر جي بوندن بـ برسڻ شروع ڪري ڏنو ھو ۽ موسم عاشقاڻو
ٿي پيو ھو پر اھڙي مند ملھائڻ لاءِ اسان وٽ ۽ خاص ڪري مون وٽ ڪو معشوق موجود نـ ھو
بس ڏيئي وٺي پيارو پروفيسر ماسات انور سولنگي ھو جنھن سان دل پشوري جاري ھئي، ھا
پر منھنجي ھڪ محبوب انگريزيءَ جي نوجوان پروفيسر دوست پنھنجي گرل فرينڊ سان
موبائيل تي تمام رومانٽڪ ڳالھيون سو ضرور ڪيون ھيون ۽ کيس ايندڙ سال نٿيا گلي ۾
شاپنگ ڪرڻ جا سھانا خواب ڏيکاريا ھئا. اسان سنڌي ڪنھن فاتحن جي ٽولي وانگر بازار ۾
لاابالي نموني گھمي رھيا ھئاسين. سائين شفيق رند سان مخاطب ٿيندي مون کيس چيو ھو
تـ ”Here is very pleasant weather “ جواب ۾ رند صاحب ھڪ زو معنى جملو وراڻيو ھو تـ ”also very
pleasant and beautiful people“ ھڪ
عجب اتفاق اھو ٿيو ھو تـ اھو ڏھاڙو عيد غدير جو پڻ ھو ۽ ان نسبت سان پروفيسر ايوب
مري صاحب نٿياگلي جي مشھور جليبين جي دڪان تي وٺي ھلي سڄي سنگت کي گرم گرم جليبين
جو نياز ڪرايو ھو، اھا ٻي ڳالھ ھئي تـ انھن جليبين کي پروفيسر ذوالفقار علي سومري
نياز بدران اللھ سائين جي نالي خيرات سمجھي کاڌو ھو. مذيدار جليبين جي نياز جي اثر
ڪري پروفيسر انورشيخ ايترو بي نياز ٿي ويو ھو جو پنھنجو موبائيل ان دڪان تي وساري
آيو ھو، جڏھن ڳچ اڳتي نڪري آيا ھئاسين تـ کيس موبائيل جي نـ ھئڻ وارو احساس ٿيو ھو
۽ شيخ صاحب ڪجھ ٻين دوستن سان ان پاسي واپسي ڪئي ھئي. پر ڀلو ٿيو ھو جو زوار حطار
اھو سنڀاري پاڻ سان گڏ کنيو آيو ھو ۽ ان نموني ارمان صاحب موبائيل وڃائڻ واري
زندگي ڀر جي ارمان کان بچي ويو ھو. گھمندي ڦرندي اسان کي پنھنجي موبائيلن، کيسن،
اھم ڪاغذ پٽن جي حفاظت تي تمام گهڻو ڌيان ڌرڻ گهرجي. اھڙن علائقن ۾ ٻـ نمبري
ماڻھن، جيب ڪترن ۽ ٺڳن جا ٽولا لٿل ھوندا آھن. موبائيل تي ڳالھ ياد آئي تـ اتي
موبائيل انٽرنيٽ جا سگنل ڪنھن حد تائين توانا ھئا ان مان فائدو وٺندي مون پنھنجي
يوٽيوب چينل لاءِ لائيو وڊيو ايران ۽ اسرائيل جي جنگ متعلق ڀري اپ لوڊ ڪري ڇڏي
ھئي. ھنن سمورن علائقن ۾جيڪي جابلو سلسلا آھن اھي ساون ۽ تمام ڊگهن وڻن ٽڻن سان
ٽمٽار ھوندا آھن انھن کي پري کان ڏسندي ائين لڳندو آھي تـ ڪا سدا بھار وڏي سائي
ستابي چادر انھن مٿان وڇائي ويئي آھي. انھن جي ساوڪ کي ڏسندي انسان جي اکين جي ديد
چٽي ٿي پوندي آھي. اھي وڻ ئي آھن جيڪي انھن علائقن جي موسم کي ٿڌو رکڻ ۾ اھم ڪردار
ادا ڪندا آھن. انھن وڻن ڪري ماحول خوشگوار ۽ صاف سٿرو رھندو آھي.
ھلندڙ...
ڪيم مھاڙ مري ڏانھن؛ (چوٿون پنو) ڀوربن
جو پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل (حصو پھريون)
ڇوليون
گل ڪٽوھر
اسان جي اڄوڪي سفر جي
ٻي منزل پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ڀوربن ھو. ان لاءِ اسان کي نٿياگلي کان واپس مري پھچي
اتان کان ٿيندي ان پاسي وڃڻو ھو. ڪوھ مري کان ڀوربن جو پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ڏھن
ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي سواري ھجي تـ ماڻھو ويھن کان ٽيھن منٽن
۾ اتي پھچي سگھي ٿو. پر اڄ ڀوربن واري روڊ تي رش وڌندي پئي وئي، ائين پئي محسوس
ٿيو جھڙوڪر ڀوربن طرف وڏو ڪو ميلو متل آھي ۽ سڀ ان طرف وڃڻ لاءِ آتا آھن. اسان اڃا
ٻـ يا ٽي ڪلوميٽر سفر ئي مس ڪيو ھو تـ نظر جي حد تائين ھرقسم جي ننڍين، وڏين،
لگزري ڪارن جون نـ کٽندڙ قطارون ٻنھي پاسن تي ڦاٿل نظر آيون ھيون. اسان جو اھو
ننڍڙي فاصلي وارو سفر ڊگهو ٿيندو پئي ويو. ھزارن جي تعداد ۾ قيمتي ڪارن ۾ ويٺل
خوشحال گھراڻن جي لشڪرن کي ڏسندي ڪيئن چئجي تـ پاڪستان ھڪ غريب ملڪ آھي، جنھن ۾
ڪروڙين ماڻھو ٻـ ويلا ماني جي حصول لاءِ پريشان آھن. اتي ٽرئفڪ جام جو دلفريب
نظارو اسان جي اکين اڳيان ھو. اوھان سوال ڪندا تـ مون عجيب جملو ”ٽرئفڪ جام جو
دلفريب نظارو“ لکيو آھي، جي ھا، ڇو تـ روڊ گاڏين سان ۽ روڊ جي مٿيان ۽ ھيٺيان
جابلو علائقا وڻن ٽڻن گلن ٻوٽن سان ڍڪيل ھئا. وچ وچ ۾ گئيسٽ ھائوسن ۽ ھوٽلن جون
رنگ برنگي بلڊنگون نظر اچي رھيون ھيون. جابلو علائقن ۾ سج جي تـ خبر ئي ناھي پوندي
تـ اڀريل بـ آھي يا الھي ويو، ھونئن اڄوڪو سڄو ڏينھن آسمان ڪارن ڪڪرن جي چادر سان
ڍڪيل ئي ھو. موسم ٿڌي ۽ تمام گهڻي خوشگوار ھئي. اسان جي سفر جا ڪجھ ساٿي زوار
حطار، جمال مھر، ذوالفقار سومرو، ذوالفقار پنھور ۽ مان موقعي کي غنيمت ڄاڻندي ڪوچ
مان لھي واڪنگ شروع ڪري ڏني ھئي ۽ چار پنج ڪلوميٽر پيادل سفر ڪري اڳتي نڪري آيا
ھئاسين. ٿڌڙي موسم، صاف ھوا ۽ چئني پاسي دلفريب نظارا موجود ھجن تـ اھڙي خوشگوار ۽
صحت مند ماحول ۾ پنڌ ڪرڻ جو جيڪو سواڌ ۽ آنند ملندو آھي ان جي خبر ڪوچ ۾ ويھي
سيٽون ڀڃڻ وارن کي ناھي پوندي. اتفاق سان ان قسم جا خاص موقعا سيلانين کي انعام
طور ملندا آھن، جنھن مان ڪي ڪي ڀاڳوند حظ حاصل ڪري سگھندا آھن. بس ھڪ ڳالھ سو ھئي
تـ جبل جي چڙھاين تي ساھ چڙھي پئي ويو جيڪو اسان جھڙن لاءِ عام ڳالھ آھي جو اسان
اھڙن علائقن جا مستقل رھواسي ناھيون، پر اھو ڪو وڏو مسئلو ٿوروئي ھو، مان اونھاري
جي گرم ڏينھن ۾ سھڪندي، پگھر وھائيندي شادي شھيد جي تتل ٽڪرين جون چڙھايون ڪيون
آھن. مون لاءِ ھي واڪ تـ وڏو اتساھيندڙ ھو. ڊگھو پنڌ ڪرڻ باوجود بـ ٿڪ جو ڪو احساس
نـ ھو ۽ دل گھريو پئي تـ ڀوربن جي پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل تائين ائين پيرين پنڌ ڪندو
ھلجي، پر اڃا ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ رھيل ھو ۽ ان وچ ۾ رستو پڻ کلي ويو ھو ۽ گاڏين
جي اچ وڃ جاري ٿي چڪي ھئي. اسان روڊ جي ھڪ خوبصورت موڙ تي جابلو پٿرن کي صوفا سيٽ
سمجھي ويھي ڪوچ جو انتظار ڪرڻ لڳا ھئاسين ۽ اھا پڻ جلدي اتي اچي پھتي ھئي ۽ ھاڻي
ھڪ دفعو وري خوبصورت وادي ھئي روڊ تي ڊوڙون پائيندڙ پاڻ واري ڪوچ ھئي ۽ ڪوچ اندر
صوفي ڪلامن جھڙوڪر ”ڏاڍو ٿا پيئون پيئون تڏھن ٿا جيئون جيئون“ جي گونج ھئي. ساز
ھين، مئي ھي، پيالي ھين، ساقي تيري ميخاني مين بڙي اجالي ھين. جڏھن ماحول ھن قسم
جو ھجي تـ انسان جي دل گھرندي آھي تـ اھڙين وادين ۾ ڀلي تـ ماڻھو سدا گھمندو رھي،
پسار ڪندو رھي، مختلف پکين جو ٻوليون ٻڌندو رھي، اڻ ڇھيل گلن جو واس وٺندو رھي،
ڳائيندو رھي، شاعري تخليق ڪندو رھي، مصوريءَ ذريعي رنگن جي راند رھندو رھي.
پرل ڪانٽينينٽل ھوٽلون
”ھاشو گروپ“ جي ملڪيت آھن. مون انھن جي تعداد ۽ تاريخ متعلق جڏھن ڊيپ سيڪ کان سوال
ڪيو تـ ان ٻڌايو تـ ان جون پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ڪلب سوڊان سميت ڪل ست برانچون آھن.
جن ۾ پرل ڪانٽينينٽل ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، پشاور، ڀمبر، مري ۽ پرل ڪانٽينينٽل
ڪلب (سوڊان) شامل آھن. ٽيون سال ھنن ئي دوستن جي گروپ سان اسان جڏھن سوات وادي جي
سير لاءِ ويا ھئاسين تـ اتي جي ھڪ خوبصوت علائقي مالم جبا ۾ ھڪ خوبصورت عمارت ۾
ساڳي ھوٽل قائم ٿيل ڏٺي ھئي سين. مون جڏھن ڊيپ سيڪ کي ان متعلق ورائي سوال ڪيو تـ ھڪ
ھوٽل مالم جبا ۾ پڻ قائم آھي جنھن تي ھن معافي وٺندي پنھنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي
ٻروچڪي سنڌيءَ ۾ جواب ڏيندي چيو ھو تـ؛
” توهان جو تمام گهڻو مهرباني! توهان
بلڪل صحيح آهيو. مون کي معافي چاهيان ٿو ته مان پرل ڪانٽينينٽل مالم جبّا ((PC جو ذڪر ڪرڻ وساري ويو“۔ سندس جواب ۾ ڪم آيل
گرامر کي ڏسي مون کي احساس ٿيو ھو تـ جادوئي برقي دنيا ۾ چيٽ جي پي ٽي(ChatGPT) گوگل سرچ (Google)،
ڊيپ سيڪ
(DeepSeek) ۽
اھڙن ٻين کي اڃا سنڌي سيکارڻي پوندي ۽ اھو ڪم تڏھن ٿيندو جڏھن اسان وڌ کان وڌ
پنھنجي ٻوليءَ جو مواد انھن پليٽ فارمن تي رکنداسين. بھرحال ھنوقت تائين ٿيل
اڳڀرائي ڪنھن حد تائين اتساھيندڙ پڻ آھي.
پياري دوست ”ڊيپ سيڪ“
وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو تـ؛ ”ھن سلسلي جي شروعات 1964ع ۾ ٿي، جڏھن پاڪستان
ٽوريزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن
(PTDC) نون لگزري ھوٽلن
ٺاھڻ جو سلسلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. پرل ڪانٽينينٽل جي سلسلي جو پھريون ھوٽل
1964ع ۾ ڪراچي ۾ شروع ٿيو ھو، ان جي ٻي برانچ 1965ع لاهور ۽ ٽين 1966ع راولپنڊي،
پشاور۽ ڀمبر (آزاد ڪشمير) 1970ع ۽ مري ۾ 1993ع ۾ وجود ۾ آيا“. منڍ ۾ ھي سڀ پي آئي
اي
(PIA) جي ملڪيت ھيون جن
کي بعد ۾ پرائيويٽائز ڪري ھاشو گروپ وارن کي وڪيو ويو ھو. پاڪستان ھڪ اھڙو بدنصيب
ملڪ آھي جنھن جي حڪمرانن، انتظامي اھلڪارن، ڪامورن، سرمائيدارن ۾ بدعنواني،
نااھليت، بدانتظامي، بي ايماني منڍ کان وٺي سُتيءَ ۾ پيل آھي. ھتي وفاق جو ڪردار
ان نانگ وارو آھي جيڪو بک ۾ پنھنجا ٻچا کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آھي. پاڪستان جي وجود ۾
اچڻ بعد جيڪي بـ سرڪاري منافع بخش مالياتي ادارا جوڙيا ويا ھئا اھي جادوئي نموني
خساري ۾ ھليا ويا ۽ وري جڏھن ڀڳڙن جي مٺ تي انھن کي سرمائيدارن جي خانگي ھٿن ۾ ڏنو
ويو تـ جادوئي نموني اھي تازا توانا ٿي ناڻو جوڙڻ جي مشين وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳا.
اوھان تصور ڪيو تـ پي آئي اي جي ھٿ وس ۾ ھن وقت تائين سندس ملڪيت طور اھي اٺ پرل
ڪانٽينينٽل ھوٽلون ھلندڙ ھجن ھا تـ پي آئي اي جي اڏامن واري ڪمائيءَ کان سندس
ھوٽلن جي ڪمائي شايد سرس ھجي ھا.
مون پھريون ڀيرو پرل
ڪانٽينينٽل ھوٽل ڪراچيءَ ۾ سائين قائم علي شاھ صاحب سان گڏجي پير پاتو ھو. اتي
سندس مان ۾ ڪا ضيافت رکيل ھئي ۽ مان سرڪاري منشيءَ طور ساڻس سلھاڙيل ھئم. مون کي
ھوٽل ۾ ان پاسي ويھڻ جي جاءِ ملي ھئي جنھن جي اڳيان صاف شفاف وڏا شيشا لڳل ھئا ۽
ٻاھريون سوئمنگ پول جو سمورو جنتي نظارو منھنجي اکين اڳيان نروار ھو، جنھن ۾ انوقت
ڪي غير ملڪي حسينائون حور پرين جو روپ ڌاري ننڍڙين چڍين سان ٽٻڪيون ھڻي رھيون ھيون
۽ جن کي ڏسي منھنجي جسم ۾ ھلچل مچي رھي ھئي. ڀرسان ئي برائي نام لباس پھريل ڪجھ
وڌيڪ حسينائون بالڪوني ۾ ٽينس راند ڪرڻ ۾ مشغول ھيون ۽ ٽينس بال جي جڳ مشھور
رانديگرياڻي ثانيا مرزا وانگر ٺينگ ٽپا پئي ڏنائون تـ سندن برائي نام پھريل شارٽ
(ڪپڙا) بـ اڏري پئي ويا ۽ مان سوچي رھيو ھوس تـ پاڪستان جي مذھبي پنڊتن کي ڇا ھن
قسم سرگرمين جي خبر ناھي ۽ انھن ڪڏھن بـ فائيو ۽ سيون اسٽار ھوٽلن اندر ھلندڙ اھڙن
سرگرمين خلاف ڪو جلسو جلوس ڇو ڪونـ ڪڍيو آھي؟
ڀورڀن واري پرل
ڪانٽينينٽل ھوٽل جنھن جي گھمڻ لاءِ اڄ اسين وڃي رھيا آھيون مان ھتي ٽي خوبصورت
ڏينھن ۽ ٽي يادگار راتيون اڳ ئي گذاري چڪو آھيان. اھا مھرباني پنھنجي پياري دوست
مرحوم نويد خيال پاران سندس اين جي او انڊس ريسورس سينٽر خيرپور برانچ پاران ڪئي
ويئي ھئي جنھن جا اھي انچارج ھئا.
ميڊم صادقـ صلاح الدين
جي ان اين جي او جي ھڪ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ھتي رھڻ جو موقعو نصيب ٿيو ھو. اسان
جي اتي ترسڻ کان ڪجھ ڏينھن اڳ ھن ئي ھوٽل ۾ ميان محمد نواز شريف ۽ جناب آصف علي
زرداري پاران ميثاق جمھوريت جو معاھدو طئي ٿيو ھو. مون اتي رھندي اھو پئي سوچيو تـ
ڳوٺ پنواڙي ۾ غريب ھاري ملان علي گل ڪٽوھر جي گھر ۾ پيدا ٿيل مان ڪيترو نـ خوشنصيب
آھيان جو جو مون کي پاڪستان جي خوبصورت ۽ مھانگي ترين ھوٽل ۾ رھڻ، کائڻ پيئڻ ۽ سکڻ
جو موقعو نصيب ٿي رھيو آھي، جنھن جي تمنا منھنجي تر جي ڪنھن ڊنگ وڏيري، سياستدان
خواب ۾ بـ نـ ڪئي ھوندي. ڀوربن جو ھي ھوٽل ھڪ پھاڙي چوٽي تي تمام خوبصورتيءَ سان
ڊزائين ڪيل عمارت ۾ ھلندڙ آھي، ان جي اڱڻ ۾ موسيقي لاءِ ھڪ اسٽيڊيم جڙيل آھي جنھن
۾ ھر شام جو موسيقيءَ جا مڌر سُر وکيرڻ لاءِ ڪلاڪار اچي ميلو مچائيندا آھن. ھوٽل
جي سامھون وسيع ايريا ۾ قدرتي جھنگل آھي جنھن ۾ واڪنگ ٽريڪ جڙيل آھن ۽ آلو بخارن
جا ٻوٽا لڳل آھن. ان پروگرام ۾ پوري پاڪستان مان پروفيسر ۽ شاگرد شامل ھئا. ھڪ
بلوچستان يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ھو جيڪو پنھنجو سازندو تنبورو ھروقت سيني سان
لڳائي رکندو ھو. اسلام آباد کان ڀوربن ايندي ھن ڪوچ ۾ ان جا مڌر سر وکيريا ھئا ۽
ڀوربن ھوٽل جي اسٽيڊيم ۾ جڏھن ھڪ مرد ۽ ھڪ عدد عورت ڪلاڪار پنھنجا سر وکيرڻ لاءِ
آيا ھئا تـ اسان جي ان دوست سندن اجازت سان پنھنجي ڪلا جو ڀرپور مظاھرو ڪندي
اسٽيڊيم ۾ ويٺلن کي تمام گهڻو محظوظ ڪيو ھو. ساڳي وقت اسان سان گڏ وفاقي اردو
يونيورسٽي ڪراچيءَ جو ھڪ چوڌري پيٽو پروفيسر پڻ ھو، جيڪو رات جو بوفي وقت اسان کي
ڪرسين تي ويھاري پاڻ ھڪ وڏو ٿالھ ھٿ ۾ کڻي چوندو ھو تـ ”سب سي پھلي مين موجود
کانون سي ٿوڙا ٿوڙا کا ڪي انداز لگائون گا ڪـ ڪون سا بھتر ھي بعد ۾ ھم وھي کائين
گي“ ۽ اسان جڏھن بوفي کائي اٿندا ھئاسين تـ پروفيسر صاحب ڪرسي تان اٿي ڪونـ سگھندو
ھو ۽ کيس ٽيڪ ڏئي اٿارڻو پوندو ھو. اتان اٿڻ بعد مون کان فرمائش ڪندو ھو تـ ”ڪٽوھر
صاحب کاني ڪي بعد فروٽ لينا صحت ڪي لئي بھت ضروري ھي“ ۽ مان ھوٽل جي صحن ۾ پوکيل
آلو بخارن جي وڻ مان جھول ڀري سندس
حوالي ڪندو ھوس.