Friday, September 26, 2025

ڪجھ تلخ سوال


ڇوليون

گل ڪٽوھر

سنڌ جي سياست ڪندڙ پارٽيون ھڪ مخصوص دائري مان مٿي ڇو ڪونـ پيون اڀرن؟ اسان رڳو اشوز تي سياست ڪري پنھنجي دڪان کي چمڪائيندا رھنداسين يا واقعي ڪو قومي، جمھوري، عوامي، سياسي، انساني آئين منشور جوڙي ان کي عام ماڻھن تائين پھچائي، انھن کي قائل ڪري پنھنجي سياست جو ڪو انوکو رخ متعين ڪنداسين؟ اسان جي سياست جو محور اسان جو عوام آھي يا اسان جي پارٽي ۽ ان جا اڳواڻ آھن؟ اڳواڻن جي عظمت مٿي آھي يا ڌرتي واسين جي؟ ڪارڪن پارٽين جو اثاثو آھن يا انھن جي حيثيت ڏاڪڻ واري آھي؟ اسان ملڪ اندر جمھوري روين جي ڳالھ ڪندا آھيون ڪڏھن پنھنجن پارٽين ۾ جمھوري روين جي آبياري ڪئي آھي يا نـ؟ سنڌ اندر ڇا صفا ڀينگ آھي تـ علم، عقل، ڏاھپ، دانش جا واھڙ بس آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اڳواڻن جي ميراث آھن ۽ ھن وقت تائين ڪو انھن جي پائي جيترو اڳواڻ اسري ناھي سگھيو؟ ڇا اسان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻي تاحيات مخصوص ماڻھن جي لاءِ آھي؟ اڳواڻ اتم آھن يا نظريا؟  مان انھن سوالن تي سوچيندو رھندو آھيان، منھنجي ذھن ۾ انھن جا جيڪي متوقع جواب اڀرندا آھن اھي مون کي مايوس ڪرڻ جو سبب بڻبا آھن. مان پنھنجي سياسي تجربن، مشاھدن آڌار تي ان نتيجي تي پھتو آھيان تـ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي اھو سيکاريو ويندو رھيو آھي تـ ڪنھن بـ مخصوص پارٽيءَ سان پوري ڄمار چھٽيو رھڻ ۽ پارٽي اڳواڻ جا ڳڻ ڳائڻ ھڪ سچي، ايماندار، وفادار ڪارڪنن جي نشاني آھي، اھا انھن جي جمھوريت پسندي، وطن دوستي، قومپرستي، ترقي پسندي ليکي ويندي. پارٽي اڳواڻ کان ڪڏھن ڪا غلطي ٿي سگھي ئي نـ ٿي، اھي ديوتا آھن، انھن جي پوڄا پاٽ ڪرڻ ھر وفادار، سچي ڪارڪن تي فرض آھي. جڏھن بـ ڪنھن پارٽيءَ مان ڪي ڪارڪن ناراض ٿي الڳ ٿيندا آھن تـ اھي رات وچ ۾ پارٽيءَ جو سرمائي مان بدلجي پارٽيءَ جي ڪُکِ ۾ خنجر ھڻڻ وارن ۾ شمار ٿيڻ لڳندا آھن ۽ پوءِ انھن جون انيڪ اوڻايون، ڪچايون، غداريون ظاھر ڪيون وينديون آھن ۽ انھن جي ڪردار ڪشي پوري زور شور سان ڪري ڪارڪنن جي دلين اندر انھن خلاف نفرت، ساڙ ۽ بغض جا احساس اڀاريا ويندا آھن. ڪي دوست متان منھنجي ڳالھين کي ڪنھن مخصوص پارٽيءَ جو سمجھي منھنجي ڳالھ کي بغض معاويا ۾ شمار ڪن مان واضع ڪندو ھلان تـ منھنجو ھي مشاھدو پاور پالٽڪس ڪندڙ، اسمبليءَ جي ايوانن ۾ حڪومتي يا مخالف بئنچن تي ويھندڙ، نيم مذھبي نيم سياسي، نيم پيري نيم سياسي پارٽين سان گڏ قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ڪرڻ وارن ڌرين جو آھي.  اوھان پاڻ اکيون ٻوٽي ڪنھن بـ سياسي پارٽيءَ تي چيچ رکي ان جي جانچ ڪندو تـ منھنجي ڳالھ اوھان کي سمجھ ۾ اچي ويندي. منھنجي ڳالھ کي پرک ڪرڻ لاءِ اوھان ڪنھن بـ سياسي پارٽي جي ڪارڪن سامھون سندس پارٽيءَ جي اڳواڻ تي ڪا جائز تنقيد ڪيواوھان کي منھنجي اٿاريل سوالن جا جواب ملي ويندا. اسان جي سياست کي مذھب، پيري مريدي، اڳواڻن جي پوڄا پاٽ، وارين ڪوڙڪين ۾ سوگھو ڪري ٻڌو ويو آھي.

اھي ئي رويا آھن جن جي ڪري سنڌ اندر وطن دوست، قوم دوست، عوام دوست ترقي پسند سياست ڪنھن طاقتور طوفان وانگر اڀري نـ سگھي آھي ھتي بس اھڙي سياست جو رينگٽ تـ ھلي ٿو پر ان جو ڪو کڙ تيل ڪونـ ٿو نڪري. اسان سنڌ وارن کي نئين صف بنديءَ جي ضرورت آھي، ان جو مطلب اھو ناھي تـ اڃا ڪا ٻي سياسي پارٽي جوڙجي پر جيڪي بـ ٿالھيءَ ۾ داڻا آھن انھن کي چمڪائڻو آھي، انھن کي سنڌ جي سياسي زمين ۾ ڏاھپ سان پوکڻو آھي. سنڌ واسين کي، سياسي ڪارڪنن کي پنھنجي اکين تي انڌي شخصيت پرستيءَ جي ٻڌل ڪارين پٽين کي لاھي حقيقتن کي سندن اصلي روپ ۾ ڏسڻ جي جرئت ڌاري انھن جا حل ڳولھڻا آھن. منھنجي خيال ۾ پنھنجي ڌرتي ۽ ان تي رھندڙ اڪثريت غريب ماڻھو مقدس آھن، اسان جي سياست جو محور اھي ھئڻ گهرجن. ڪابـ سياسي ڌر جيڪڏھن اھڙي اصول جي انحرافي ڪري تـ ان پارٽيءَ جي ڪارڪنن جو فرض آھي تـ پارٽين اندر مزاحمت ڪن، پارٽين کي پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھڻ وارن جي ڪن مھٽ ڪن ۽ کين ياد ڏيارين تـ پارٽيون ڌرتي واسين جون آھن ۽ انھن کي سگھ بخشيندڙ سياسي ڪارڪن آھن جيڪي جلسا جلوس ڪڍي، چندا ڪري، جيل جي ديوارن ۾ پنھنجي جواني جا ڏينھن ڪاٽي، سختيون برداشت ڪري، پنھنجا ڪيريئر قربان ڪري پارٽين کي سگھ بخشيندا آھن. ھنوقت حالت اھا آھي تـ ھرقسم جي پارٽين جا اڳوڻ خبر ناھي ڪھڙي جادوءَ جي لٺ استعمال ڪندي ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن ۽ سڀني سياسي پارٽين جا ڪارڪن ساڳي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. اقتداري ايوانن ۾ جلوا فروز اڳواڻن دبئي ۽ يورپ ۾ پنھنجا گھر جوڙي ورتا آھن تـ ان معاملي ۾ اسان جا قومپرست ۽ ترقي پسند بـ ڪنھن کان گهٽ ناھن انھن جا عاليشان محلات نما گهر ۽ ڪاروبار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آھن. جيئن مون پنھنجي گذريل ڪالم  ۾ مذھبي تبليغ ڪندڙن ۽ ڪجھ پيرن فقيرن جي ڳالھ ڪئي ھئي تـ جيڪي امت کي سادگيءَ جا درس ڏيندا آھن پر سندن اٿا ويٺي ڪنھن عاليشان حڪمران کان ڪنھن بـ صورت ۾ گهٽ ناھي تـ ساڳي ڪار سنڌ جي نالي سياست ڪرڻ وارن جي پڻ آھي. بحيثيت ھڪ سياسي سوچ ڌاريندڙ انسان جي مان انھن کان سوال ٿو ڪيان تـ بظاھر اوھان جو ڪو ڪاروبار ناھي تـ اوھان اھي ڪروڙن ڊالرن جون ملڪيتون ڪيئن خريد ڪيون؟ ائين تـ ناھي اھو مال اوھان کي اسان جي جذبن جي نيلامي ڪري مليو ھجي؟   

ھرھڪ پارٽي ۽ ھر پارٽي جي اڳواڻ جي سياسي زندگين ۾ اڪيچار چڱا ڪم ڪيل ھوندا آھن، انھن مختلف عوامي، قومي اشوز تي جدوجھد ڪئي ھوندي آھي، انھن مختلف سياسي مامرن تي اڪيچار تقريرون، ليڪچر ڪيل ھوندا آھن، انھن پاران سياسي، قومي، ادبي، تاريخي موضوعن تي ڪتاب لکيل ھوندا آھن، اھي شاندار ڪم آھن جن کي ساراھڻ گھرجي. پر ڇا انھن ڳالھين ڪري اھي آب زم زم مان ڌوتل پوتل پاڪ سمجھڻ گھرجن؟ ھاڻي اھي تنقيد کان مٿاھان ليکجڻ گهرجن؟ ھاڻي انھن جي غلطين کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي؟ ھاڻي انھن کان ڪا غلطي نـ ٿيندي؟ مان پنھنجي لکڻين ۾ سدائين تنقيدي سوچ ڌارڻ تي زور ڏيندو رھيو آھيان. ان مان مراد بس اھائي آھي تـ اکيون بند ڪري ڪنھن جي بـ ڳالھ تي اعتبار نـ ڪجي. ھت ھر ڌر پنھنجي پراڊڪٽ کي پرڪشش، چلڪندڙ، مقدس پنن ۾ ويڙھي پيش ڪرڻ جي عادي آھي. ھنوقت مارڪيٽ ۾ جيڪي شيون تمام وڏي اگھ تي وڪامن ٿيون انھن ۾ فرقيواريت، قومپرستي، ترقي پسندي، جمھوريت دوستي، انسان دوستي جھڙا اسم نمايان آھن.

 سنڌ جي عوام سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن واھن خلاف جيڪا شاندار جدوجھد ڪئي آھي، گهر ۾ ويـٺل غدارن ۽ پاڙيسري قبضا خورن خلاف جنھن جرئت مندي مظاھرو ڪندي سندن مذموم مقصدن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي شروعات ڪري ڏيکاري آھي اھا لاجواب آھي، ان جو ڪريڊٽ عام ماڻھن، وڪيلن، شاگردن، عورتن، ٻارڙن، ڪلاڪارن، ٽڪ ٽوڪرن سان گڏ انھن سڀني سياسي پارٽين ۽ ڌرين ڏانھن پڻ وڃي ٿو جن جلسا جلوس ڪڍيا، ڌرڻا ھنيا، تقريرون ڪيون، مقالا لکيا ۽ ڪنھن بـ نموني ان قومي، عوامي ڪاز کي اڳتي وڌايو ۽ ان کي ھڪ ڀرپور تحريڪ جو روپ ڏنو، پر خبردار پڻ رھڻ گهرجي تـ ان جدوجھد کي جيڪڏھن ڪو ڪيش ڪرائڻ گهري تـ ان جو ڳلو پڪڙڻ گھرجي، ان کي يا انھن کي وائکو پڻ ڪجي. اسان کي ٻيو ڪجھ نـ گهرجي بس پنھنجي وطن جي ماڻھن جي قومي، طبقاتي، سياسي، سماجي، اقتصادي آزادي گهرجي، جيڪو بـ ان راھ ۾ رڪاوٽ وجھي کيس قومي غدار قرار واقعي ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪو بـ اھڙي عمل ۾ پوري ايمانداري سان اڳتي وڌي ان کي ڳلي لڳائڻ گهرجي.

گلزار جي فلم ڪوشش جو جائزو


ڇوليون

گل ڪٽوھر

عظيم ڪوي، فلمساز، هدايتڪار ۽ ميوزڪ جي ڄاڻو گلزار پنھنجي نالي وانگر نـ رڳو گلزار آھي پر گل وَ گلزار آھي. گلزار جو اصل نالو سمپورن سنگھ ڪالرا آھي جنھن پاڪستاني پنجاب جي علائقي دينا ۾ 18 اگسٽ 1934ع ۾ جنم ورتو ھو ۽ پاڪستان جي آزادي بعد تاريخ جي وڏي ۽ بي رحم قتل عام ڪري سندس گهراڻو ٻين ھزارين سک گهراڻن وانگر پنھنجو ديس ڇڏي ھندستان ھليا ويا ھيا. گلزار جي شاعريءَ مان اھو ڏک اڃا تائين رت وانگر ڳڙندو رھندو آھي.

صبح صبح اک خواب کی دستک پر دروازہ کھولا' دیکھا

سرحد کے اس پار سے کچھ مہمان آئے ہیں

آنکھوں سے مانوس تھے سارے

چہرے سارے سنے سنائے

پاؤں دھوئے،   ہاتھ دھلائے

آنگن میں آسن لگوائے

اور تنور پہ مکی کے کچھ موٹے موٹے روٹ پکائے

پوٹلی میں مہمان مرے

پچھلے سالوں کی فصلوں کا گڑ لائے تھے

آنکھ کھلی تو دیکھا گھر میں کوئی نہیں تھا

ہاتھ لگا کر دیکھا تو تنور ابھی تک بجھا نہیں تھا

اور ہونٹوں پر میٹھے گڑ کا ذائقہ اب تک چپک رہا تھا

خواب تھا شاید!

خواب ہی ہوگا!!

سرحد پر کل رات، سنا ہے ،چلی تھی گول

سرحد پر کل رات، سنا ہے

کچھ خوابوں کا خون ہوا تھا!

پر مان اڄ سندس شاعريءَ تي ڳالھائڻ بدران سندس فلم ميڪنگ ۾ ڪيل معجزن تي ڳالھائڻ ٿو گھران. گلزار فلمن لاءِ دل کي ڇھندڙ ڪلام لکيا، فلم جي ڪھاڻين ذريعي دل جي احساسن کي پردي تي آندو، معاشرتي تضادن ۽ سياسي گھوٽالن کي ڪاريگراڻي انداز سان پيش ڪيو، سماجي مونجھارن کي وائکو ڪيو. سندس ڪيريئر ۾ اجازت، معصوم، ماچس، ردالي سان گڌ ٻيون انيڪ ڪامياب فلمون، حضرت غالب تي جوڙيل شاندار سيريز، منشي پريم چند جي ڪھاڻين وارا ڊراما وغيرھ اچي وڃن ٿا.

اڄ ھتي مان سندس لکيل ۽ ھدايتڪاري ۾ جوڙيل فلم ”ڪوشش“ جو جائزو پيش ٿو ڪيان. ڪوشش جي نمائش پھرين ڊسمبر 1972ع جي ڏينھن تي ٿي ھئي. ھن فلم ۾ مرڪزي ڪردارن ۾ سنجيوُ ڪمار، جيا بچن، اوم شِوَ پوري، اسراني، دينا پاٺڪ جن ھيا. ھن فلم 1974ع فلم فيئر ايوارڊ ۾بھترين ڪھاڻيڪار (گلزار)، بھترين اداڪار (سنجيوُ ڪمار)، بھترين اداڪارا (جيا بچن) ۽ بھترين ھدايتڪار (گلزار) چئن ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ پنھنجي نالي ڪيا ھيا.

ھندي فلم انڊسٽريءَ جيڪي بھترين اصلاحي فلمون ڏنيون آھن انھن ۾ ڪوشش کي صف اول جي فلمن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. فلم جي ڪھاڻي ٻن عام انسانن جي چئوگرد ڦري ٿي جيڪي ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ جي صلاحيتن کان محروم آھن. فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ (سنجيو ڪمار) گونگو ته سندس فلمي زال (جيا بچن) گونگي آهي. اهي ٻئي ڀاڳوند ڏاڍا ايماندار، مخلص، محنتي ۽ جاکوڙي ڏيکاريا ويا آهن. فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ سائيڪل تي اخبارون وڪڻندو آھي ۽ پنھنجي ان ڪرت دئوران فلم جي ٻي مک ڪردار جيا بچن سان اوچتي ملاقات ۾ پيار ٿي ويندو آھي ۽ ٻئي شادي ڪري ڇڏيندا آھن. فلم جو ٽيون مک ڪردار مائيءَ جو هڪ مسٽنڊو ڀاءُ (راجستاني سنڌي گوورڌن اَسراڻي) آهي جيڪو هر طرح فٽ فاٽ ۽ هٽو ڪٽو آهي، پر سندس پير صحيح ناهن. جوا کيڏندڙ، رنڊي بازي ڪندڙ، شراب پيئندڙ ۽ چوري چڪاري وارا ڪم ڪندڙ آهي. بظاهر پوئين ڪردار لاءِ زندگي گذارڻ آسان آهي ۽ مک ڪردارن کي تمام وڏا چئلينج آهن. سندن شاديءَ جي ھڪ سال بعد پٽڙو جنم وٺندو آھي. اھو معصوم بانبڙن ڏيڻ واري عمر ۾ ھوندو آھي تـ  جيا بچن جي مسٽنڊي ڀاءُ پاران پنهنجي ڀيڻ جي گھران سائيڪل چوري ڪرڻ واري وارڌات ۾ گهر جي کليل دووازي کان ٻاھر نڪري پاڻيءَ ۾ غوطا کائي مري ويندو آھي. ننڊ ۾ ستل سندس والدين مڪمل نموني ٻوڙا ھئڻ ڪري سندس روئڻ جو آواز ٻڌي ناھن سگھندا. ھڪ پاسي سندن اکين جو ٺار ننڍڙو معصوم ٻار فوت ٿي ويندو آھي تـ ٻئي پاسي اخباري ڊيلر کيس سائيڪل جي عدم موجودگيءَ کي ڪم کان جواب ڏيئي ڇڏيندو آھي. ان نموني ھنن لاءِ زندگي تھان ڏکي ٿي پوندي آھي، پر پوءِ به اهي دل ناهن هاريندا ۽ زندگيءَ جي ڏکيائين کي چئلينج سمجھي منهن مقابل ٿيندا آهن. نيٺ سندن همٿ، بهادري ۽ ايمانداري رنگ لائيندي آهي ۽ اهي خوشحال زندگي گذارڻ جي لائق ٿي ويندا آهن. کين ٻيو پٽ ڄمندو آهي ۽ اهي سندس تمام سٺي پالنا ڪندا آهن ۽ کيس سٺي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪندا آهن. جڏهن ته جيڪو مسٽنڊو هيو اهو پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ٽنگ ٽوڙائي ويهندو آهي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن شهر جي چوڪ تي بيهي پنڻ شروع ڪندو آهي.

هن فلم مان منهنجي خيال ۾ جيڪو سبق ٿو ملي اهو هيءُ ته ماڻهون کي سماج اندر اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ، خوشحال ۽ خوشين ڀري زندگي گذارڻ لاءِ جوش جذبي سان گڏ همٿ، لڳاتار جدوجهد، ايمانداري گھرجي. ماڻهون کڻي ڀلي بظاهر معذور به ڇونه هجي پر جي سنئين واٽ تي هوندو ته اهو پنهنجي زندگي عزت ۽ وقار سان گذارڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ ڀلي ماڻهون کڻي سهڻو سيبتو، هوش حواس وارو، جانٺو جوان هجي پر جي سندس پير صحيح نه هوندا ۽ بي همٿ ۽ حوصلو هاريل هوندو ته سنڌي چوڻي موجب ”دريا ڪپ تي نينگر ڪڏي اڄ نه ٻڏي ته صبحان ٻڏي“ هو ڪنهن نه ڪنهن ٻوهي ۾ ضرور ايندو ۽ پاڻ سان گڏ پوري خاندان کي تڪليف ڏيڻ جو سبب بڻبو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا اھڙا ڪردار ڏٺا آھن جن ڪڏھن بـ پنھنجي معذوريءَ کي مجبوري ناھي بڻايو، انھن پنھنجن حوصلن سان اڻ ٿيڻا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن. بگ بينگ جو نظريو ڏيندڙ اسٽيفن ھاڪنگ کان ڪير واقف ناھي جنھن پنھنجي گهڻي تڻي حياتي ڪرسيءَ تي ويٺي گذاري ۽ جيڪو ڪمپيوٽر تي ڳالھائيندو ھو. سنڌ جي آسو ڪولھي پڻ ھڪ اھڙو ڪردار ھئي جيڪا ھڪ ٽنگ کان محروم ھئي، پني سني ٿر اندر اڍائي سئو کن ٻارڙن جي تعليم جو بندوبست ڪندي ھئي. جڏھن ميڊيا سندس ھمٿ ۽ حوصلي کي ڏسي کيس وائرل ڪيو تـ کيس دعوت ڏيئي آمريڪا گهرايو ويو ھو. ٻئي پاسي مون ڪيترا پڙھيل لکيل، سٺن خاندانن جا نوجوان ڏٺا جيڪي صحت مند ھوندي، سھولتون ھوندي، وسيلا ھوندي غلط صحبت، بي ھمٿي ۽ غلط ڪارين جو شڪار بڻجي پنھنجي ۽ پنھنجي والدين جي زندگين کي زھر بڻائڻ وارو ڪردار پيا ادا ڪن.   

عطامحمد حامي جي 43 ورسي تي لکيل ھڪ تاثر


04 جون 2025ع لقمان خيرپور

9.51 صبح جا

ڪالھ يعني 03 جون 2025ع جي رات جو سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ سنڌ جي ڀلوڙ استاد، محقق، شاعر ۽ سماج سڌارڪ جناب عطا محمد ”حامي“ جي 43 ورسي ملھائي ويئي ھئي. تقريب ۾ مختيار ملڪ، عنايت بلوچ، اختر درگاھي، ڊاڪٽر مھر خادم، قربان منگي، اياز گل، شاھ عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر يوسف خشڪ سان گڏ نواب وساڻ ڳالھايو ھو، جڏھن تـ اسٽيج سيڪريٽري امر اقبال ھو. سائين حامي صاحب جي ڊاڪٽر فرزند آيل مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ پنھنجي والد صاحب متعلق ڪا نئين ڳالھ نـ ٻڌائي سگھيو ھو. سائين ايازگل ۽ قربان منگي بنا ڪنھن لکڻيءَ جي سڌو سنئون ڳالھ ٻولھ ڪئي ھئي. مون ھڪ ڳالھ ڪيتري عرصي کان نوٽ پئي ڪئي آھي تـ ھن قسم جي پروگرامن ۾ سائين ايازگل ڪابـ اڳواٽ تياري ڪري ناھي ايندو ۽ پوءِ يادگيرين جي بنياد تي ھيڏانھن ھوڏانھن جو ڳالھيون ڪري ڪم ٽپائي ويندو آھي. جيترو سندس نالو آھي ۽ جيترو کيس مان مرتبو ملي ٿو ان کي ڏسندي اھا ڳالھ کيس گھٽ سونھي ٿي. قربان منگي جيتوڻيڪ لکت ۾ ڪا ڳالھ کڻي ڪونـ آيو ھو پر حامي صاحب جون ساروڻيون تمام سيبتي نموني ٻڌائي ويو ھو. پروگرام جي صدارت ڪندڙ ڊاڪٽر يوسف خشڪ صاحب علمي ادبي عالم تـ آھن پر خيرپور اندر سائين حامي صاحب واري دؤر ۾ ڪونـ رھيا ھئا ان ڪري کيس ميار ڏيڻ مناسب ناھي پر موصوف پنھنجي صدارتي خطبي ۾ سڀني مقالا نگارن ۽ ڳالھائيندڙن جي ڳالھين جو وچور تمام سيبتي انداز سان بيان ڪري پنھنجي صدارتي خطبي جو مان رکيو ھو. باقي سائين عنايت بلوچ، اختردرگاھي، ڊاڪٽر مھر خادم، مختيار ملڪ بھترين مقالا پڙھيا ھئا جيڪي حامي صاحب جي تحقيق ۽ تصنيف سان لاڳاپيل ھئا. امر اقبال اسٽيج سيڪريٽري جي سيٽ کي خوب ملھايو ھو ۽ حامي صاحب جي شاعري، سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ ڪجھ ادارن کي موڪليل ڪتابن جا سربستا احوال ٻڌايا ھئا. ھن پروگرام جي آخري صدارتي خطاب کان اڳ خبر ناھي ڪٿان اوچتو پيپلز پارٽي ضلع خيرپور جو صدر، اڳوڻو ايم اين اي جناب نواب وساڻ اچي پھتا ھئا ۽ کيس صدارتي خطبي کان اڳ ڳالھائڻ جو وارو ڏنو ويو ھو. سندس ڳالھين ۾ ڪو ربط نـ ھو، بس ھڪ بي سرو ڀاشن ھو جيڪو موصوف ڏنو ھو.جنھن جو سبب اھو آھي تـ کيس علم، ادب، تاريخ، تحقيق جي ڪا ڄاڻ نـ آھي. بس سندس ۽ نواب وساڻ صاحب جھڙن ڪيترن ٻين جي خوبي اھا آھي تـ اھي ڪنھن اقتداري سياسي خاندان جا فرد آھن، پئسي ۽ پارٽيءَ جي ڏڍ تي ايوانن ۾ رونق افروز ٿي اڪ ڪارا ڪندا آھن.  سندس تقرير جو ڪو منڍ يا ڀڇ نـ ھو، جڏھن اسان سمجھيو پئي تـ بس اھا سندس آخري ڳالھ ھوندي پر وري پئي شروع ٿي ويو. ھر ھر سنڌ امڙ جي ڳالھ ڪرڻ ۽ ان سان گڏ پاڪستان ملڪ جو پڇ ان سان ڳنڍڻ واري لھجي مان سمجھي ويو ھوم تـ اھو احساس تير وانگر سندن دل ۾ کپي ويو آھي تـ ماڻھو کين سنڌ دشمن ۽ بلوچستان جي قتل عام جو ڀائيوار سمجھن ٿا. حقيقت ۾ھن وقت جيڪا وحشت ۽ بربريت سنڌ سان گڏ بلوچستان ۾ جاري آھي اھي سمورا طمغا ھڪ دفعو وري سندن سينن تي سجايا ويندا. بلوچستان جي وزيراعلى جي ڪا خبر ناھي تـ حقيقت ۾ ھو ڪنھن جو ماڻھو آھي پر آھي تـ پيپلن جي حصي جو ان ڪري پنجابين جي وفاقي حڪومت، فوج، سان گڏ بلوچن جي نسل ڪشيءَ ۾ ھي پڻ برابر جا ڀائيوار آھن. ھن قاتلن سان نـ گڏ نـ بيھڻ جون ڳالھيون ڪرڻ جو کيس حق آھي پر سندن عمل کين قاتل ثابت پيو ڪري. شھيد عرفان لغاري، ناظم جوکيو، نصراللھ گڏاڻي جي قاتلن کي ڪھڙو قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويو آھي يا انھن جي قاتلن کي پيپلز پارٽي جي ڊسپلن مان ڪھڙي سزا ملي سگھي آھي. ھا مان سندس خود اعتمادي کي سلام ڪندو آھيان. نواب صاحب جي ڳالھين ۾ ڀلي وزن نـ ھجي پر سائيجن انھن کي وڏي فخر سان بيان ڪرڻ جو فن ڄاڻيندا آھن. موصوف جڏھن ايم اين اي ھو تـ پيپلز پارٽي جي ڪوتاھ نظر قائدين کيس ڪشمير مسئلي تي ھڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي طور ٻاھر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ھو. ان بين الاقوامي اھم گڏجاڻي جي پيش نظر کيس ھڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل ڪشمير مسئلي تي ڳالھائڻ لاءِ مھمان طور گهرايو ھو ۽ مان سندس اوٽ پٽانگ، ڇسين ڳالھين کي ٻڌي شرم کان ٻڏي ويو ھوس تـ دنيا وارا ڇا سمجھندا تـ سنڌ وارن ڪھڙي ماڻھوءَ کي پنھنجي نمائندي طور ملڪ جي اعلى ترين، قانون ساز اداري قومي اسمبليءَ ووٽ ڏيئي موڪليو آھي. ان واقعي کي ڪيترا سال گذري ويا آھن، اڄ جڏھن سندس خطاب ٻڌڻ جو ”شرف“ حاصل ٿيو تـ مون کي اھو ڏسي افسوس ٿيو تـ جناب نواب وساڻ جي سياسي سوجھ بوجھ اھائي پراڻي آھي جنھن ۾ ٽڪي پيسي جي ڪا بھتري ناھي آئي. حضرت داغ جھان بيٺ گئي وھان بيٺ گئي. ھونئن سنڌ جي حڪومت ۾ رھندڙ يا اپوزيشن ۾ ويٺل اقتداري پارٽين ۾ گهڻو تڻو اھي اڳتي ايندا آھن جيڪي ڪنھن سياسي خاندان سان واسطو رکندا آھن. خاندان جو ھر فرد ليڊر ھوندو آھي. وساڻ فيملي، جيلاني فيملي، سکر جي شيخ فيملي، خورشيد شاھ فيملي، راڻيپور جا پير، پيرڳوٺ جا پير، نواب شاھ جا زرداري، نيو جتوئيءَ جا جتوئي، ٺٽي جا شيرازي، شڪارپور جا سومرا، شيخ، جتوئي، جيڪب آباد جا بجاراڻي، ڪشمور جا مزاري، نئين ديري جا ڀٽا، ڪنھن جا نالا کڻي ڪنھن جا کڻجن...ورثي واري سياست ۽ شخصيت پرستي واري مم سنڌ جي سياست جا سَنڌَ سُڪائي ڇڏيا آھن. اھا وبا رڳو اقتداري پارٽين ۾ ناھي پر ان مرض کان قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽيون پڻ آجيون ناھن. بشير قريشيءَ کان پوءِ جيئي سنڌ جون واڳون سياسي نابالغ سندس پاڏي پٽ کي سونپڻ، سائين جي ايم سيد جي سياست جا مالڪ سندس پٽ ۽ پوٽا، ھي قادر مگسي جي پارٽي آھي، ھي پليجن جي پارٽي آھي. نعرا وري ڪھڙا ھڻبا، تنھنجو رھبر منھنجو رھبر سائين جي ايم سيد جي ايم سيد، تنھنجو ساٿي منھنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي، رھبر ڪير قوم جو رسول بخش پليجو وغيرھ.

چوڻ جو مقصد تـ سنڌي سياستدانن جي روين ۾ ڪو مثبت ڦيرو نـ ٿو ڏسجي، بس روائتي ڪم روائتي نموني سرانجام ڏيڻ وارو وھنوار ھلي پيو، رينگٽ جاري آھي ۽ اسان سنڌ جا ماڻھو انھن مختلف رينگٽن جي آوازن تي ڀنڀلجي پيا گد گد ٿيون تـ اجھو ھو نڪتو ٻھڪندڙ جلوس آفتاب جو.....   

سي جيءَ جيارا ماڻھو ھا


آھ غلام عباس ڪلادي بـ وڇڙي ويو

 

گل ڪٽوھر

9 اپريل 2025ع جي ڏھاڙي تي ڪامريڊ غلام عباس ڪلاديءَ ڳڙدن جي بيماريءَ سان وڙھندي وڙھندي نيٺ زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويٺو ۽ سندس ساھ وارو پکي ڏور ڪنھن اھڙي ڏسا ۾ اڏامي ھليو ويو جتان ڪوئي موٽي ناھي سگھيو.

مان آخري ڀيرو ساڻس 29 مارچ 25ع تي سندس ڳوٺ سندس گھر وڃي ملاقات ڪئي ھئي. ان موقعي تي مون فيس بوڪ تي غلام عباس ڪلاديءَ لاءِ ھڪ ننڍڙو نوٽ لکيو ھو جيڪو کيس ڏاڍو پسند آيو ھو ۽ ھن پنھنجي پٽن کي چئي اھو مختلف سندس دوستن سان مڪو ھو. ھتي مان اھو نوٽ جيئن جو تيئن رکان پيو؛

” اڄ وري پياري دوست غلام عباس ڪلاديءَ جي طبيعت پڇڻ سندس ڳوٺ ويو ھوم، اسان جو ھي ڪامريڊ ڊائيلسس تي ھليو ويو آھي ۽ ان عمل کيس تمام گهڻو نٻل ڪري وڌو آھي. اڳئين دفعي ساڻس مليو ھوم تـ سندس ڪلاسيڪل اوطاق ۾ ڪچھري کان پوءِ اسڪول ۾ سانجھاندو ڪيو ھوسين ۽ عباس راڳ رنگ جي محفل مچائي ھئي جنھن ۾ گل بھار ڪلادي، حيدري رڏ ۽ کوکر فقير پنھنجو رنگ ڄمايو ھو. ھن دفعي اوطاق بدران گهر جي ڪمري ۾ گهرايو ھئائين جتي ٿوري دير بعد اسان جو پراڻو ساٿي پنھنجي نوعيت جو ھڪ انوکو انسان حڪيم علي نواز جسڪاڻي پنھنجن نوجوان پٽن سميت سندس طبيعت پڇڻ آيو ھو. مون غلام عباس ڪلادي کي پھريون ڀيرو شايد (پڪ ناھي) اسي واري ڏھاڪي ۾ سائين علي نواز جسڪاڻي سان گڏ ڏٺو ھو جڏھن اھي ٻئي ڄڻا شادي شھيد روڊ تي برادرم شاھنواز جي رھائش گاھ راڄپر منزل تي ڪنھن ميٽنگ يا رکيل ڪنھن پروگرام کي اٽينڊ ڪرڻ آيا ھئا جيڪو انوقت اسان جو ھيڊ ڪوارٽر بڻيل ھو. گورو چٽو، گُھنڊيدار گھاٽا وار، ڀريل بت صفا ڪوھ ڪاف جو شھزادو لڳو ھو مون کي. غلام عباس ڪلادي پنھنجو ھڪ قصو ٻڌائيندو آھي تـ ھڪ دفعي ھو روڊ سان وڃي رھيو ھو تـ ھڪ ڪار سندس ويجھو اچي بريڪ ھڻي کانئس پڇا ڪئي ھئي تـ ”ڏي خبر اھا وگ ڪٿان ۽ ڪيتري ۾ خريد ڪئي اٿئي؟“ غلام عباس کين ٻڌايو ھو تـ اھا ڪا وگ ناھي پر منھنجا اصلي وار آھن ۽ انھن کي تيستائين يقين نـ آيو ھو جيستائين سندس وارن ۾ ھٿ وجھي ان کي اٿلائي پٿلائي ۽ ڇڪون نـ ڏنيون ھيون. غلام عباس ڪلاديءَ پھريون ڀيرو مان گورنمنٽ سپريئر سائنس ڪاليج ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي يونٽ پاران نون آيل شاگردن جي مان ۾ آجيان واري پروگرام ۾ ڳالھائڻ لاءِ اسٽيج تي آندو ھو تـ سندس ٽنگون ڏڪي رھيون ھيون ۽ سندس وات مان لفظ نـ پئي نڪتا ۽ مان اسٽيج تي سندس ڀرسان ويٺو ھوم ۽ کيس دڙڪا سڙڪا ڏيئي دل ٻڌرائي ھئم. اھو ساڳيو غلام عباس ڪلادي بعد ۾ غضب جو مقرر ٿي اڀريو ھو. 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتار ٿيندڙ ننڍي عمر جي قيدين ۾ سندس شمار ٿيندو ھو ۽ ٻارڙن جي وارڊ کان بچي بالغن جي وارڊ ۾ شفٽ ٿيڻ لاءِ غلام عباس کي پنھنجي ڏاڙھي وڌائڻي پئي ھئي. جيل جي ماحول اسان جي ھنن ڪامريڊن کي پچائي راس ڪري ٻاھر موڪليو ھو ۽ نـ ڪا راتيان نـ ڪا ڏينھن جي مصداق غلام عباس ڪلادي پنھنجن ٻين ساٿين سان پنھنجي ڌرتي ۽ مارو ماڻھن جي قومي ۽ اقتصادي آجبي جي راھن تي جو راھي ٿيو ھو تـ ڪڏھن لوڻو ھڻي پوئتي نـ نھاريو ھئائين. جيل مان آزادي بعد مون پنھنجي ڳوٺ سندس مان ۾ ھڪ آجياڻو رکيو ھو جنھن ۾ اسان پنھنجي تر جي مشھور ڪلاڪار سائين گلشن زنگيجي کي راڳ رنگ جي محفل مچائڻ لاءِ مدعو ڪيو ھو. ھا پر افسوس تـ ان ڏھاڙي کيس مليريا جي سخت حملي نھوڙي وڌو ھو ۽ يار الٽين مٿان الٽيون ڪري رھيو ھو. بھرحال عباس جھڙو تھڙو ان محفل کي جاري رکڻ جي اجازت ڏني ھئي. اڳتي ھلي ڪري جڏھن پارٽيءَ ۾ ڌڙا بندي ٿي ھئي ۽ چوويھ ڪلاڪ گڏ گھمندڙ ساٿي ھڪ ٻئي جا جھڙوڪر جاني دشمن ٿي پيا ھئا تـ مان ان سياست کان ئي پاسيرو ٿي ويو ھوم. ھڪ دفعي خيرپور جي ڦول باغ وٽ غلام عباس ڪلادي مون کي مليو ھو ۽ مون کيس نماڻي اپيل ڪئي ھئي ھئي تـ يار اسان سڀني کي ايترو اڳتي وڌي نـ وڃڻ گھرجي تـ اسين پوءِ ھڪ ٻئي سان ھٿ بـ ملائي نـ سگھون ۽ مون پنھنجي ذاتي تجربن جي آڌار تي کيس اھو پڻ چيو ھو تـ يار اسان جن ڳالھين کي تمام گهڻو مقدس ۽ انقلابي ٿا سمجھون اصل ۾ اھي ائين ناھن. ان تي عباس مون تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي مون کي منافق چيو ھو ۽ چيو ھئائين تـ تنھنجي پاليسي زھر قاتل آھي. ھن پنھنجي ور مان پسٽل ڪڍي مون کي ڏيکاريندي چيو ھو تـ ڀلي يار مون کي مارڻ اچن مان بـ پھريون ڪجھ ليٽائي پوءِ ئي مرندس. مون کيس گذارش ڪئي ھئي تـ مان توکي قطعي اھو نـ ٿو چوان تـ توتي حملو ٿئي تـ تون خاموش ٿي ويھي رھ بس اھو سمجھ تـ ھي راند رچائڻ وارا، جيڪي پنھنجي ساڻن گڏ ڪم ڪرڻ وارن سان سچا ناھن ڌرتيءَ وارن لاءِ ڪھڙو ٻوٽو ٻاريندا. بھرحال اھي منھنجون ذاتي سوچون ھيون جيڪي مون ڪڏھن بـ ڪنھن تي نـ مڙھيون، مون سوچيو ھو تـ وقت ۽ حالتون اسان سڀني کي پاڻيھي سبق سيکاريندو ۽ پوءِ اسان ڏٺو تـ انقلاب خاطر پارٽيءَ جي اڳواڻ ٿيڻ لاءِ پيءُ ۽ پٽ وچ ۾ ميدان جو متو ھو ٿـ اڄ سوڌو ھلندڙ آھي. خير غلام عباس ڪلادي کي ڪا سرڪاري نوڪري تـ نـ ملي پر يار پنھنجي تڪ جي وڏي سياستدان جناب منظور حسين وساڻ سان تمام گهڻو ويجھو رھيو ۽ ڪيترن سالن تائين وساڻ ھائوس جو انچارج رھيو. ھو ان جاءِ تي رھيو جتي پئيسي ڏوڪڙن جي وڏي راند رچندي ھئي پر يار پنھنجو دامن صاف رکيو ۽ ڪڏھن بـ مالڪن جي ھڪ روپئي تي ميري نظر نـ رکيائين ھا جيڪو مالڪ پنھنجي دل جان سان ڏيندا ھئا ان کي ئي حلال سمجھي پنھنجو گذران ڪندو ھو. ھڪ پاسي غلام عباس ڪلادي جا منظور وساڻ توڙي ادي نفيسـ شاھ صاحبـ سان ويجھا واسطا ھئا پر ھن پنھنجي مدر پارٽي عوامي تحريڪ مان ھڪ منٽ لاءِ بـ واسطا نـ ٽوڙيا ھئا ۽ اھا خبر وساڻ صاحب کي پڻ ھئي. اڄ يار بيماري جي بستري تي ھوندي بـ سنڌوءَ مٿان جڙندڙ واھن خلاف سنڌي ماڻھن جي جدوجھد کي ساراھي رھيو ھو ۽ اتساھ پئي ڏيکاريائين تـ انشاءَ اللھ اھا ويڙھ ڪامياب ٿيندي..

شل جلد مڪمل صحت منديءَ سان وڏي ڄمار ماڻي وري ساڳي جوش ۽ جذبي سان پنھنجو سياسي ڪم ڪار شروع ڪري.

غلام عباس ڪلاديءَ جو والد صاحب چاچو غلام رسول ڪلادي ھڪ ڪلاسيڪل قسم جو انسان ھو، نرم مزاج، محبتي، کل مک ۽ پنھنجي اٿاويٺي ۽ سڀاءُ ۾ محبتون وکيريندڙ، جڏھن بـ ملندو ھو تـ گلاب جي گل جيان ٽڙي پوندو ھو. چاچي غلام رسول ڪلاديءَ جا سمورا گڻ سندس اولاد ۾ پڻ شامل ٿيل آھن. غلام عباس ڪلادي ان معاملي ۾ سڀني کان اڳڀرو ان ڪري بـ رھيو ڇوتـ زندگيءَ جي راھن تي مليل سنگت کيس لوھ مان سون ۽ سون مان ڪندن بڻائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو ھو. چاچو جيڪو پروٽوڪول پنھنجن سڳن پٽن غلام اصغر ڪلادي، غلام عباس ڪلادي، غلام مصطفى ڪلادي کي ڏيندو ھو مون کي سندن ڇوٿون ڀاءُ سمجھي ساڳي عزت ۽ توقير ڏيندو ھو ۽ سندس ٽيئي پٽ پڻ مون کي پنھنجي وڏي ڀاءُ وانگر ڀائيندا رھيا آھن. افسوس تـ ان لڙيءَ مان چاچي غلام رسول سان گڏ سندس پيارو پٽ غلام عباس ڪلادي بـ نـ رھيو. سندس وڇوڙو منھنجو پنھنجو وڏو ذاتي نقصان آھي.

”سي جيءَ جيارا ماڻھو ھا، سي سڀ کان پيارا ماڻھو ھا،

 جن ساھ ڏيئي ويساھ ڏنو، جي دل ۾ دود دکائي ويا.“

 غلام عباس ڪلادي پنھنجي عمر جي حساب کان گهڻو اڳ ھليو ويو، پر ھن جيڪا بـ حياتي گذاري اھا ڀرپورھئي. صوفي راڳين سان سالڪن جا ڪلام ڳائيندي ۽ ٻڌندي، سچل ماڊل اسڪول ڪنب ۾ ٻارڙن کي پڙھائيندي، سياسي ميٽنگون، تقريرون، ليڪچر، جلسا، جلوس، مارچ ڪندي ھو ڪا گهڙي خاموش ڪونـ ويٺو ھو.

”ڪڏھن محبت ڪاڻ محفل ۾، ڪڏھن لوڪ لاءِ مقتل ۾، ٿي پيار ۾ پتي پتي ھوندي، ھا اھا منھنجي زندگي ھوندي.“

غلام عباس ڪلاديءَ کي موالين جي سنگت مان ڪڍي سياسي راھ ڏيکارڻ وارو ڊاڪٽر علي نواز جسڪاڻي ھو، ۽ ان ڪم ۾ ڪليدي ڪردار سائين ڪرم حسين وساڻ صاحب جن جو ھو ۽ ساڻس منھنجو سنگ تڏھن جڙيو ھو جڏھن ھو اڃا ڳاڙھو ڳٽول ڳڀرو جوان ھو ۽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ فرسٽ ايئر جو شاگرد بڻيو ھو. گھاٽا سھڻا وار سندس سونھن جي علامت ھوندا ھئا. غلام عباس ڪلادي پنھنجي ننڍڙي وھيءَ ۾ 1983ع واري ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ گرفتاري پيش ڪري سکر سينٽرل جيل جي زندانن ۾ رھڻ جو اعزاز پڻ ماڻيو ھو. ان زماني ۾ اھي جيل خانان علم، عقل، سياست، ڏاھپ جون يونيورسٽين جو روپ ڌاري چڪيون ھيون. اتي مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي وچ ۾ بحث مباحثا، ڪتابن جون گڏيل پڙھايون، ليڪچر پروگرام روز جو معمول بڻيل ھوندو ھو. غلام عباس ڪلادي انھن انسانن مان ھو جن جي لاءِ لطيف سائين فرمايو ھو تـ

الست بربڪم جڏھن ڪن پيوم،

قالو بلا قلب سين تڏھن تت چيوم،

تنھن وير ڪيوم وچن ويڙھيچن سين.

ھو جن راھن تي ھليو ھلندو ئي رھيو پنھنجي زندگيءَ جي آخري ساھن تائين، ھن ڪڏھن مڙي پوئتي ڪونـ ڏٺو بس ھلندو ھليو، پنھنجي عشق سان نڀائيندو ھليو. ساڻس ڪيل آخري ڪچھرين ۾ سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڪينالن ۽ انھن خلاف مزاحمتي تحريڪ جو ئي ذڪر ھلندو ھو.

 

ڪيم مھاڙ مري ڏاانھن

 

 

گل ڪٽوھر

  اسان جي سفر جي شروعات 14 جون 2025ع جي صبح ساڻ ٿي ھئي، مون ۽ خيرپور جي ٻين دوستن شاھ حسين بائي پاس کان ڪوسٽر جون سيٽون سنڀاريون ھيون. ڪجھ دوست گمبٽ کان سوار ٿيا ھئا. 22 ماڻھن جي ايرڪنڊيشن ڪوسٽر جو آرام ڏيندڙ سيٽون ھيون، سامان سڙو تـ پوئين سيٽن تي رکيو ھوسين پر ننڍي سامان لاءِ ڪوسٽر جي اندر ڇت کان ھيٺ ھڪ پاسي ھڪ عدد ڊگھو خانو پڻ جڙيل ھو جنھن ۾ دوستن ھينڊ بيگ رکيا ھئا ۽ مون پنھنجي ليپ ٽاپ وارو ٿيلھو اتي رکيو ھو. جيڪڏھن اسان چاھيون ھا تـ پنھنجو ڳرو سامان ڪوسٽر جي ڇت تي لڳل اينگلارن ۾ سيٽ ڪري پئي سگھياسين جنھن جي پوري سفر ۾ ڪائي ضرورت پيش نـ آئي ھئي. اسان جي ھن سفر ۾ تـ ڪل سورنھن دوست شامل ھئا پر ٽي عدد قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پڙھندڙ نوجوان شامل ھئا ۽ واپسي واري سفر ۾ وري ٻـ ٻيا دوست شامل ھئا ۽ واپسي وقت چنيوٽ کان ڪوسٽر جي ڊرائيور جو ڪو ٻيو ڊرائيور دوست پڻ شامل ٿي ويو ھو. مطلب تـ اسان ويندي ۽ واپس ايندي ڪل 19 کن مسافر ھئاسين. ڪوسٽر ۾ مسافرن ۽ سامان سڙي کي سيٽ ڪرڻ وارو ڪم ان ڪري ھلي ويو ھو جو ڪوسٽر جي سيٽن وچ ۾ ننڍيون اسٽول ٽائيپ سيٽون پڻ لڳل ھيون. ھن سفر ۾ جيڪي پروفيسر صاحبان ھئا انھن ۾ خيرپور کان ايوب مري، روشن خاصخيلي، عبدالرحمان عرف اطھر علي کھڙو، ارشاد مانڊڻ، زاھد سولنگي، انور علي سولنگي، رياض مري، زوار حطار، ارمان علي شيخ، مان اميرگل ڪٽوھر ۽ اسان جي ھنن رولھڙن جو مستقل غير پروفيسر ساٿي الطاف ابڙو شامل ھئا جڏھن تـ سکر جا پروفيسر شفيق احمد رند، سيد علي گل شاھ جيلاني، ذوالفقار علي سومرو، ذوالفقار علي پنھور، جمال مھر ٻٻرلوءَ باءِ پاس وٽان اچي شامل ٿيا ھئا. اسان جي ھن سفر جي باقائدي شروعات سکر موٽر وي ٽول پلازھ وٽ دعا سان ٿي ھئي. پوري سفر ۾ جڏھن بـ اسان ڪوسٽر ۾ چڙھيا ھونداسين يا ماني ٽڪي کاڌي ھوندي سين تـ پروفيسر سيد علي گل شاھ جيلاني صاحب کان دعا ضرور گهرائي ھئي. مان تـ انھن معاملن ۾ ناستڪ آھيان ۽ اھڙن ڳالھين کي بس ھڪ رسم طور ڏسندو آھيان. اسان جا سفر، ان ۾ پيش ايندڙ واقعا يا حادثا دعائن گهرڻ يا نـ گھرڻ سان قطعي تعلق ڪونـ ٿا رکن. جيڪڏھن اھي ڳالھيون سچ ھجن ھا تـ مسلمان ملڪن اندر دعائون گھرندڙ انسانن کان سواءِ بنا دعائن جي سفر ڪندڙ باقيِ ملڪن جا ماڻھو حادثن جو شڪار ٿي ڪڏھن جو ختم ٿي چڪا ھجن ھا. ھي بدعتون ظالم ضيا جي دؤر کان پوءِ مذھب کي مولويلائيزيشن جي درجي تي پھچائڻ وارن شعوري ڪوششن جو ڪامياب نتيجو آھن تـ اھڙين ڳالھين کي ھاڻي اسان جي سوشل توڙي نيچرل سائنس پاڙھيندڙ پروفيسر پوري مذھبي حساسيت طور اپنائي چڪا آھن، اھا ٻي ڳالھ ھئي تـ دعائون گھرندڙ اڪثر پروفيسرن کي مختلف بيمارين جي بچاءُ واريون گوريون ھم وقت ساڻ ھيون ۽ اھي انھن جو باقاعدي استعمال پڻ ڪري رھيا ھئا.

ھن سفر جي خرچ پکي لاءِ پنجاھ ھزار روپيا في ماڻھو مقرر ڪيا ويا ھئا. مون پنھنجي موبائيل بئنڪ اڪائونٽ مان جناب زاھد سولنگي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ڪوسٽر ۾ ويـٺي ويٺي پئسا اماڻي ڇڏيا ھئا. اسان موٽر وي تي ٽول ٽيڪس جي ادائيگي ڪارڊ ذريعي ڪندا پئي ھلياسين. اڄ جي دنيا ھٿرادو ذھانت واري دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آھي جيڪا حقيقت ۾ ڊجيٽلائزڊ ۽ روبوٽڪ ۽ آٽوميشن تي مشتمل آھي. ٽيڪنالاجي ھوريان ھوريان زندگيءَ جي سمورن وھنواري سرگرمين ۾ چپ چاپ نموني شامل ٿيندي پئي وڃي. ھاڻي سمورا يوٽيلٽي بل، گاڏين جي ٽيڪس، ھر قسم جي خريداري آن لائين ڪري سگھجي ٿي. کاڌي پيتي جون شيون گھراڻيون ھجن، ڪا ٽيڪسي ڪرائڻي ھجي، ريل، بس يا ھوائي جھاز جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائڻي ھجي، دنيا جي ڪنھن بـ ملڪ ۾ ڪنھن ھوٽل ۾ ڪمرو بوڪ ڪرائڻو ھجي موبائيل وسيلي اھي ڪم ٿي وڃن ٿا. ھنوقت لکين ماڻھو پنھنجي گھر جي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي آن لائين دڪان کوليون ويٺا ڪروڙين روپيا ڪمائين. ڪيترن ترقي ڪيل ملڪن اندر ڪرنسي نوٽن جي خريداري تي قانوني بندش پيل آھي ۽ اھو وھنوار باقي دنيا ۾ پڻ رائج ٿي رھيو آھي. ڪارون بنا ڊرائيور جي پيون ھلن، سمنڊ ۾ ڪارون پيون ڊوڙن، ڪروڙين نوري سالن جي مفاصلي تي جيڪا اوجھل دنيا آھي اھا انسان ڌرتيءَ تان ويھي پيا ڏسن، مشاھدا ۽ تجربا ڪن، اسان جي سفر ھلندي ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي باھ پڻ ٻريل رھي ھئي. ھاڻي جنگيون روائتي ناھن رھيو تـ فوجون آمھون سامھون تلوارون يا بندوقون يا توب کڻي ھڪ ٻئي کي نيست نابود ڪرڻ جون ڪوششون ڪن. ھاڻي جنگ اھو کٽندو جنھن وٽ جديد جنگي ٽيڪنالاجي وارا ھٿيار ھوندا، افسوس تڏھن ٿيندو آھي تـ ھٿرادو ذھانت واري ھن دؤر ۾ اڃا تائين پياري پاڪستان ۾ ڪيترن پڙھيل لکيل دوستن کي اينڊرائيڊ موبائيل ھلائڻ ناھي ايندي.  

 مون سفر کان اڳ سوچيو ھو تـ ھن دفعي ڪنھن ساڻ ڪو چرچو نـ ڪندس، پر سفر جي شروعات سان ئي ڀوڳن ٺڪائن جو سلسلو شروع ٿي چڪو ھو ۽ مان پنھنجو پاڻ کي ان کان الڳ رکي نـ سگھيو ھوم. سڀني ساڻ ولگر قسم جا چرچا ڪرڻ واري منھنجي پرين پياري دوست، ڪليگ ذوالفقار علي سومرو کي ھڪ دفعي ڪو ڀاري ڀوڳ لڳي ويو ھو تـ سومري صاحب ان جو اظھار ھن نموني ڪيو ھو تـ ”يار مون کي الائي ڇو بي عزتي محسوس پئي ٿي.“  پياري پروفيسر انور سولنگيءَ کي پيار مان سڀ ماسات ماسات ڪري پڪاري بـ رھيا ھئا ۽ ساڻس چرچا پڻ ڪري رھيا ھئا. ان ماحول ۾ مون کي تمام وڏي سھپ ڌاريندڙ مرحوم پروفيسر سائين خدابخش خاصخيلي ۽ پروفيسر نظير ڪلھوڙو ڏاڍو ياد پئي آيا. پروفيسر نظير ڪلھوڙي جو ھڪ فارمولو ھو تـ ڊگهن سفرن ۾ ھڪ يار اھڙو ھجي جنھن سان چرچا گهٻا ڪندا پيا ھلجن تـ سفر سولو ٿي پوندو ۽ سندس ان فارمولي ۾ سندس نشاني تي گهڻو تڻو سائين مرحوم خدابخش خاصخيلي ئي ھوندو ھو. حقيقت ۾ ڀوڳ ان سان ڪجي جيڪو ڀوڳ جو مزو وٺي، ان کي ھضم ڪري ورائي اھڙو ڌڪ ھڻي تـ ڀوڳ جي شروعات ڪندڙ پاڻي مان ٻاھر نڪتل مڇيءَ وانگر ڦٿڪندو رھي. پر افسوس تـ اسان واري گروپ ۾ ان قسم جي فضا نـ ھئي. ڀوڳ چرچن جي موٽ سيريس قسم جي بي عزتي وارين گارين يا ڳالھين سان ملي رھي ھئي، اھڙي محفل ۾ جيڪي ماٺ ڪري ٻڌڻ وارا ھئا اھي ئي فائدي ۾ ھئا.

ھر سفر ۾ ڪي نوان ساٿي ملڻ ۽ دوستن کي پرکڻ جو موقعو ضرور ملندو آھي جنھن مان انسان ڪيئي سٺيون ڳالھيون سکندو آھي. ھن سفر ۾ گورنمنٽ اسلاميا ڊگري سائنس ڪاليج جي پرنسپل جناب پروفيسر شفيق احمد رند صاحب سان پھريون دفعو ملاقات ٿي ۽ پوءِ پوري سفر ۾ ساڻس سھڻو ساٿ رھيو. پروفيسر سائين سيد علي گل شاھ جيلاني ۽ پروفيسر ارشاد مانڊڻ، پروفيسر ذوالفقار علي پنھور جن سان پھريون ڀيرو ڊگهي سفر ۾ گڏ رھڻ ۽ ھڪ ٻئي کي پرکڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ھن سفر ھلندي سائين علي گل شاھ جيلاني تمام گهڻي ڪم جي ڳالھ ڪئي ھئي تـ ”انسان کي ٽن شين پاڻي، ھوا ۽ باھ کي ھلڪو وٺڻ نـ گھرجي“ اسانجي ھن سفر کان ٿورا ڏينھن پوءِ سوات ۾ ھڪ تمام وڏو سانحو پيش آيو ھو جنھن ۾ ھڪ ئي خاندان جا سترنھن ڀاتي دريا جي تيز وھڪري ۾ وھي ويا ھئا. انھن پاڻيءَ جي خطرناڪيءَ جو غلط اندازو لڳايو ھو. ان نموني اڳ ڪيل ڪيل سفرن وانگي ھن سفر ۾ مون کي ڪيئي سبق سکيا ھئا، اھڙا سبق جيڪي ڪنھن بـ نصابي ڪتاب ۾ لکيل ناھن ھوندا. انسان جي سکيا رڳو تعليمي ادارن ۾ ناھي ٿيندي، گهر، اوڙو پاڙو ۽ ھي پوري دنيا ھڪ وڏو اسڪول آھي جنھن جي ھرقدم تي سکيا جا ڪيئي انمول موتي وکريا پيا آھن پر اھي موتي ھرڪنھن کي نظر ناھن ايندا ان ڪري گھڻا تڻا بس جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي وانگر ئي رھندا آھن.

اسان واري ايرڪنڊيشن ڪوچ جون سيٽون تمام آرام ڏيندڙ ھيون  ۽ سوني تي سھاڳ روھڙيءَ کان ملتان تائين آسمان تي لڙاٽ ۽ جھڙ سج کي سوگھو ڪري رکيو ھو ۽ موسم وڻندڙ لڳي رھي ھئي. پنجاب واري علائقن ۾ روڊ جي ٻنھي پاسي انبن جا سوين ايڪڙن تي پوکيل باغ ۽ انھن جي ساوڪ اکين کي آسيس پھچائي رھي ھئي ۽ سُڪِي سون جھڙو ٿي ويل مڪئيءَ جو فصل ان حسن ۾ وڌيڪ چار چنڊ لڳائڻ جو سبب بڻجي رھيا ھئا. مون پنھنجي يو ايس بي ڪوچ واري جي حوالي ڪري ڇڏي ھئي جنھن ۾ ھزارين سنڌي، اردو ۽ پنجابي گيت، غزل ڀريل ھئا ۽ اسان انھن گيتن مان تمام گهڻو محظوظ ٿي رھيا ھئاسين. انوقت فريدا خانم جو غزل ”آج جاني ڪي ضد نا ڪرو“ پيو ھلي، ھي منھنجي پسند جي غزلن مان ھڪ آھي ۽ خاص ڪري مون کي اھو بند بي حد پسند آھي؛

”وقت ڪي قيد ۾ زندگي ھي مگر،

چند گھڙيان يھي ھين جو آزاد ھين،

ان ڪو کو ڪر ميري جان جآن

عمر ڀر نا ترستي رھو.“ ان غزل ۾ اھو سبق پيو ملي تـ، ماضي گذريل زندگيءَ جو داستان آھي، مستقبل جي ڪا خبر چار ناھي،  زندگي بس اھا آھي جيڪا اسان حال ۾ گذاري رھيا آھيون.

ھلندڙ....

ڪيم مھاڙ مري ڏانھن (حصو ٻيو)

سکر ۽ لاھور جي وچ تي ملتان آھي، ملتان جنھن جي ڀرسان شجاع آباد آھي، شجاع آباد جيڪو ڪنھن زماني ۾ اکين جي علاج واسطي مشھور ھو جتان بابا سائين پنھنجي اکين جو آپريشن ڪرايو ھو پر ھاڻي ان شھر جي سڃاڻپ عظيم ڪوي شاڪر شجاع آبادي بڻيل آھن، جيڪي وڏا انقلابي، ترقي پسند ۽ سرائيڪين جي لاءِ قومي شاعر جي حيثيت رکن ٿا.

جي سچ آکڻ بغاوت ھي، بغاوت نان ھي شاڪر دا،

چڙھائو نيزي تي سر، ڀانوين ميڏي خيمي جلا ڏيوو

تیڈی ہاں وی میں ، تیڈی نہ وی میں ،

 اقرار وی میں ، انکار وی میں.

ہے شاکر گالھ عجیب جہیں تیڈا،

غیر وی میں ، تیڈا    یار وی میں.

 ڪاش اسان آڪاش وانگي عظيم شاڪر شجاع آباديءَ جو درشن ڪري سگھون ھا، ساڻس ملڻ جو فخر حاصل ڪري سگھون ھا.  ان قسم جا خيال منھنجي ڦريل دماغ ۾ ئي پيدا ٿيندا آھن، تـ ھن ڌرتيءَ جي عظيم انسانن، شاعرن، اديبن، ڪلاڪارن سان ملجي، يونيورسٽين جي ڌرتيءَ جي دز ۾ پنھنجا پير ميرا ڪجن، پر اسان مان گھڻن تڻن کي ڪيترائي ڀيرا اڳ گھميل پيرن جي درگاھن تي حاضرين ڀرائڻ جي سڪ ۽ ڇڪ ھوندي آھي. افسوس تـ شجاع آباد اسان جي ٽوئر جي شيڊول ۾ ئي شامل نـ ھو. ھزارون خواھشين ايسي ڪي ھرخواھش پـ دم نڪلي.

ملتان ايندي ويندي خانگي گاڏين وارا نيرن، مانجھاندو يا سانجھاندو ڪرڻ لاءِ اتي ساھي ضرور پٽيندا آھن. ملتان موٽروي جي انٽر چينج جو نالو شمس تبريز ٽول پلازا رکيل آھي جيڪا ڳالھ سٺي لڳي. سنڌ وارا سندن پوئيواري ڪندي روھڙي ٽول پلازا کي بيدل پلازا، سکر واري ٽول پلازا کي ميرمعصوم شاھ، اسٽالڊي ڪمپني جي جوڙيل درياءُ واري پل کي شيخ اياز يا رشيد ڀٽي  جي نالي سان منسوب ڪن تـ ڏاڍو ڀلو ٿئي پر لڳي نـ ٿو تـ ھتي ائين ٿيندو. موٽر ويز سفر آسان ڪري ڇڏيا آھن ۽ جتي وقت جي تمام گهڻي بچت پڻ ٿئي ٿي پر ڳاٽي ٽوڙ ٽول ٽيڪس جڏھن ماڻھو ڀري ٿو تـ شادي شھيد واري ڀڳل ٽٽل روڊ تي سفر ڪيل انسان وانگر اندران ئي اندران ٿڪجيو ۽ ٽٽيو پوي. ھا پر اللھ جي ھنن بندن کي ڪير ڪجھ چئي بـ تـ نـ ٿو سگھي. نيشنل ھائي وي اٿارٽيز جا ڪرتا ڌرتا تمام گهڻو پھتل آھن جن سان ڦٽائڻ مطلب پنھنجي ھستيءَ تان ھٿ کڻڻ.  شمس تبريز ٽول پلازا تي ويٺل ھمراھن جيڪا وصولي ڪئي، اسان کان اھو تـ وسري ويو تـ ملتان اللھ سائين جي ويجھو پھتل پيرن، بزرگن جو شھر آھي. ھونئن بـ ملتان ۾ اسان ڪنھن اللھ جي پھتل بزرگ سڳوري جي زيارت لاءِ نـ پر پيٽ پوڄا لاءِ بريڪ ھنيو ھو. موٽروي کان نڪرندي ئي صفا ڀرسان ھڪ ڀلوڙ ”وسيب“ نالي ھوٽل آھي، ڪيڏو نـ پيارو نالو آھي. وسيب مطلب ڌرتي، وطن، سرائيڪي علائقي وارا پنھنجو پاڻ کي سرائيڪي وصيب جا رھاڪو سڏائيند آھن. اسان ماضيءَ جي سفرن ۾ جڏھن بـ ملتان ۾ ساھي پٽي ھوندي سين تـ ان وسيب ھوٽل تي ويندا رھيا آھيون، پر ھن دفعي ڪوچ ڊرائيور جي صلاح تي شاھي سيد ھوٽل تي وڃي بيٺا ھئاسين، جتي بي چسي دال ۽ مرچ مصالحن جي ماريل مڪس سبزي اصل آنڊا ئي ساڙي ڇڏيا ھئا. سفر ھلندي ماڻھوءَ اھڙي قسم جي نون تجربن کان پرھيز ڪري تـ بھتر آھي. مانجھاندو ڪندي الطاف ابڙو ڪوھ مريءَ ۾ رھائشي ھوٽل جي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي ھئي. ھوٽل تي مون يوفون سروس جي انٽرنيٽ ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھا تـ جھڙوڪر گھري ننڊ ۾ ستل نظر آئي. ھڪ پاسي دنيا ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان سر ڪندو پيو ھلي ۽ پاڪستان آھي تـ ان جي موٽر وي جھڙي روڊن کان سواءِ شھرن ۾ انٽرنيٽ جون سھولتون موجود ناھن جي آھن تـ نالي ماتر. رڳو موبائيل ڪمپنين پاران انٽرنيٽ ۽ مختلف پيڪيجز نالي ڦرلٽ ناھي ھلندي پر پاڪستان ۾ پورو ڪارپوريٽ سيڪٽر ھڪ وڏي ماڻھو مار بلا جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي، جن جو بس ھڪ ئي مقصد آھي عوام کان ھائيجينڪ، اصلي، قدرتي شيون کسي کين زھريلن ڪيميڪل شين جو عادي بڻائڻ.

 ماني کائي نڪري وري موٽر وي تي پھتاسين تـ انوقت شام جا چار وڄي چڪا ھئا. انوقت ڪوچ اندر پن ڊراپ سائلنس وارو ماحول جڙي ويو ھو، گهڻا تڻا دوست پنھنجن موبائلن ۾ منھن وجهي مڪمل نموني ان ۾ گم ھئا، منھنجي سيٽ ڀرسان ويٺل سائين ذوالفقار پنھور ننڊ جي وادين ۾ ڪنھن حور پريءَ جي ڳولھا ۾ گم ھو. مون سوچيو پئي تـ مون کي پڻ ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ماضيءَ جي اھڙن سفرن تـ ننڊ منھنجي اکين مان اڏريل رھي آھي. اڌ جاڳ اڌ ننڊ وارو اھو سفر پنڊي ڀٽيان واري سوشل ايريا تائين ھلندو رھيو. اتي ٿڪ ڀڃڻ، فريش ٿيڻ لاءِ بريڪ ھنيو ھوسين. اتي جڙيل ھوٽل واري کان اسان جي يارن ڪٽ چانھ جي تقاضا ڪئي ۽ انھن اطلاع ڏنو تـ ”ھي موٽر وي آھي ھتي چانھ جو مڪمل ڪوپ خريدڻو پوندو آھي.“ اسان کين چيو ٺيڪ آھي چار ڪوپ چانھ جا ۽ چار خالي ڪوپ کڻي آءَ، اسان خالي ڪوپن ۾ چانھ ورھائي واپرائي پنھنجي ڪٽ چانھ واري روايت کي زندھ سلامت رکيو ھو. موٽروي تي جيڪي ھوٽلون، فروٽ، چپس، بسڪٽس، ٻارن جي رانديڪن وارا دڪان جڙيل آھن ۽ اتي جيڪو وکر وڪامي ٿو اھو تمام غير معياري ھوندو آھي بس اللھ سائين جي ڪرم سان انھن جا اگھ آسمان جي بلندين تي پھتل ھوندا آھن ۽ پر ان ھوندي بـ انھن تي ماڻھن جي ڪافي رش رھندي آھي.

اتي پرين پياري پروفيسر اڪبر سرڪيءَ جي ڪال آئي ھئي، سندس خيال ھو تـ سستائي، سھولتن جي حساب سان اسان کي ڪوھ مريءَ ۾ رھائش رکڻ بدران پنڊي يا اسلام آباد ۾ بندوبست ڪرڻ گهرجي. مون کيس ٻڌايو ھو تـ سائين اسان ڪوھ مري ۾ اڳواٽ ئي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي آھي. ھاڻي جڏھن انھن علائقن جا چڪر ڪاٽي چڪا آھيون، ڪوھ مريءَ جي ھوٽلن ۾ ڌڪا کائڻ وارا تجربا ڪري چڪا آھيون تـ مون کي سائين اڪبر سرڪيءَ جي صلاح تمام گھڻي وزندار پئي لڳي. 

ھن دفعي اسان راوالپنڊي يا اسلام آباد جي شھري علائقن ۾ بريڪ ھڻڻ بدران سڌو بارا ڪھو جي علائقي ۾ ھڪ ٻئي شاھي سيد ھوٽل تي سانجھاندي لاءِ بريڪ ھنيو ھوسين جتي روائتي کاڌو کائڻ کان پوءِ سڌو ڪوھ مري ڏانھن رخ رکيو ھوسين. ان ھوٽل تي ئي اسان جي ڪوچ ڊرائيور پنھنجو ڪو چالان ڪٽرائي ڇڏيو ھو، سندس چوڻ ھو تـ جيڪڏھن ھو اھو بندوبست نـ ڪندو تـ اڳتي ھلي کيس تھان وڌيڪ چالان ڀرڻو پوندو. مون کي بھرحال سندن اھو چڪرويو ٽڪو بـ سمجھ ۾ اچي ڪونـ سگھيو ھو.

چار پنج ڏھاڪا اڳ جن ڪوھ مري کي ڏٺي ھوندي ۽ اھي ھاڻي ان جو چڪر ھڻندا تـ کين کوڙ ساريون تبديليون نظر اينديون. نون جڙيل گھرن، روڊن، دڪانن، شاپنگ مالن، ھوٽلن، گئيسٽ ھائوسن جي ازدھام علائقي جا لکين وڻ کائي چٽ ڪري ڇڏيا آھن. مئي، جون، جولاءِ، اگسٽ جي مھينن ۾ ڪوھ مريءَ جي علائقي ۾ جيڪا روائتي ٿڌ ھوندي ھئي ان ۾ واضع گهٽتائي ٿي ويئي آھي، پوءِ بـ جيڪي ڪجھ آھي غنيمت آھي ۽ اسان جھڙن گرمي جي ماريل سنڌين کي وري بـ اتي چار گھڙيون سڪون جون ميسر ٿيو پون. اسان جو ھوٽل مال روڊ تي واقع ھو پر ان پاسي بسن، ڪوسٽرن وڃڻ تي پابندي لڳل آھي ان ڪري اسان پنھنجن ٿيلھن سان اتي لھي پيا ھئاسين ۽ سنگت ھڪ عدد ھاءِ روف ۽ ھڪ عدد سوزوڪي پڪ اپ ڪرائي تي حاصل ڪري ھوٽل تائين پھچڻ جو بندوبست ڪيو ھو. انھن سوارين تي پنھنجن ٿيلھن سان ساڳي نموني ويٺا ھئاسين جيئن مال جا واپاري پنھنجن رڍن، ٻڪرن ۽ ڍور ڍنگرن کي ٽرڪن، مزدائن ۾ سٿيندا آھن. مون سوچيو پئي تـ اھي ساھدار ڪيڏي نـ وڏي عذاب سان ڊگھا سفر ڪندا ھوندا. 

جيئن تيئن ڪري پنھنجي ھوٽل تي پھتاھئاسين، مان پروفيسر ذوالفقار پنھور ۽ پروفيسر انور سولنگي کي ھڪ ڪمرو الاٽ ڪيو ويو ھو جنھن ۾ ٻـ عدد بيڊ ھئا ۽ ھڪ عدد گدو وڇائي ڏنو ويو ھو جنھن تي انورسولنگي صاحب کي رات گذارڻ لاءِ چيو ويو ھو. سولنگي صاحب کي انتظام ڪندڙن پاران کيس زمين تي سمھارڻ واري عمل تي سخت اعتراض ھئا ۽ چيائين پئي تـ مان پنجاھ ھزار روپيا خرچ ڪري ھن نموني سفر لاءِ ناھيان آيو ۽ اعلان ڪيائين تـ ھو سڀاڻي صبح جو سويل يارن سان حساب ڪتاب چڪتو ڪري واپس ھليو ويندو. سندس ڪاوڙ جا پڙلاءَ دوستن جي ڪنن تائين وڃي پھتا ھئا ۽ انھن کيس راضي ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينھن تي ھوٽل مٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ھو جيڪو اسان کي وڌيڪ ڏکيو لڳو ھو جو نئين ھوٽل ۾ تڙ لاءِ گرم پاڻي ميسر نـ ھو، بس سٺي ڳالھ اھا ھئي تـ ٻنھي ھوٽلن تي واءِ فاءِ جي جھڙي تھڙي سھولت سو موجود ھئي، جنھن مان اسان سڀني خوب فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.

اوھين ڪوھ مري اچو ۽ مال روڊ ۽ پوسٽ آفيس واري چوڪ تي بيھي ڪي ڦوٽو نـ وٺو تـ اتي سير ڪرڻ جو ثواب ملڻ جو ڪو امڪان نـ رھندو. رات جو انھن علائقن جو چڪر نـ ھڻڻ ڪفر برابر ھوندو آھي ۽ اسان پنھنجو پاڻ کي سچو پچو ايمان وارو ثابت ڪرڻ لاءِ اتي ميدان تي لھي پيا ھئاسين ۽ ھر دوست جي ھٿ ۾ موبائيل ھئي ۽ سيلفيون ھيون ۽ چئوطرف نظرون ڇيڪ ڇڏيل ھيون. جيڪڏھن ھتي ھر عمر ۽ ھرجنس جا انسان ھئا جيڪي لاابالي نموني گھمي رھيا ھئا جن ۾ پورا پورا خاندان بـ ھئا تـ جوڙا جوڙا پڻ ۽ گھڻو تڻو انور سولنگي ۽ مون جھڙا ڇڙا ڇانڊ ھئا جيڪي پنھنجي نظرن کي سيڪ وٺرائي گد گد ٿي رھيا ھئا. 

نٿيا گلي جا نظارا

ڪالھ سڄو ڏينھن سفر جي وٺ وٺان، رات دير سان بارھ ڪھو ۾ سانجھاندو ڪري مري پھچڻ بعد ھاءِ روف ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ سامان سٿي ھوٽل تي پھچڻ، ڪمرن جي ورھاست، بيڊ، ميٽرس ۽ چادرن جي حصول وارن مرحلن مان پار ٿي مريءَ جي مال روڊ تي مٽرگشٽ ڪرڻ بعد رات جي پنجين وڳي سمھي سگھيا ھئاسين.

ھڪ دوست جي اعتراض ڪري اسان کي صبح صبح ھوٽل کي مٽائڻو پيو ھو ۽ ھڪ دفعو وري ٿيلھا اسان جي ڪلھن تي ھئا. اسان جنھن نئين ھوٽل ۾ ڪمرا بوڪ ڪرايا ھئا ان جا ڪمرا سوڙھا ھئا ۽ ان ۾ پاڻي گرم ڪرڻ جو ڪو بندوبست بـ نـ ھو، ھن ھوٽل کان ڪالھ وارو ھوٽل بھتر ھو پر جيڪا سنگت جي صلاح، ھا البت ھوٽل روڊ ڪناري جڙيل ھو، اسان کي ٻي ماڙيءَ تي ڪمرا مليل ھئا ان ڪري ھيٺ روڊ تي وھندڙ ٽريفڪ ۽ گهمندڙ مخلوق تي آساني سان نظر رکي رھيا ھئاسين. روڊ کان پرئين ڀر پري تائين دلفريب نظارا من کي موھي رھيا ھئا ۽ ان جي بالڪوني ۾ ويھي پروفيسر روشن خاصخيلي ۽ مون ھوٽل جي انٽرنيٽ تان ڪافي فوٽو فيس بوڪ تي چاڙھيا ھئا ۽ اسان سمورن اتي سيلفيون ورتيون ھيون، اڪيلي سر ۽ گروپ فوٽو ورتا ھئا ۽ مون ڪجھ وڊيوز پڻ جوڙيون ھيون.

مري جنھن کي پاڻ ڪوھ مري چوندا آھيون، انگريز دؤر 1851ع ۾ ھڪ تفريحي مقام طور قائم ڪيو ويو ھو، جتي انگريز فوجي آفيسر اچي آنند وٺندا ھئا. ان کي 1875ع ۾ ميونسپل جو درجو ڏنو ويو ھو ۽ ھاڻي اھو پنجاب جو ھڪ ضلع آھي. اھو پاڪستانين لاءِ سير تفريح لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو. مري ۾ مال روڊ، پنڊي پوائنٽ، ڪشمير پوائنٽ گھمڻ لاءِ دل لڀائيندڙ جايون آھن ۽ مک شھر کان سواءِ مري جي آس پاس اڪيچار اھڙيون جايون آھن جتي سيلاني قدرتي نظارن جو حسن پسي مزو ماڻيندا آھن. مان ڪيترا ڀيرا مري جي سرسبز پھاڙي علائقن جو سير ڪري چڪو آھيان ۽ انھن جو حال احوال منھنجي ايندڙ ڪتاب ”حسن جي ڳولھا“ ۾ سربستو ڪيل آھي. مان نـ رڳو اونھاري جي گرم مھينن جون، جولاءِ ۽ اگسٽ ۾ ڪوھ مريءَ جو سير ڪيو آھي پر ھڪ دفعي پياري دوست طالب سھاڳ، سندس نياڻي ۽ منھنجي نياڻيءَ سان گڏ تھ سياري ۾ ھتي آيا ھئاسين جنھن ڏينھن موسم جي پھرين برف باري ٿي رھي ھئي.
 مريءَ جا ڪاروباري سيلانين جي کيسن کي خالي ڪرڻ جو فن بخوبي ڄاڻن ٿا. ان معاملي ۾ ھي انتھائي بي رحم ۽ سنگدل واقعي ثابت ٿيل آھن. اوھان کي ياد ھوندو تـ عمران نيازي جي حڪومت وقت ھتي برف باريءَ جي شديد موسم ۾ ھڪ تاريخي ٽريفڪ جام جو الميو ٿيو ھو، جنھن ۾ ھزارين مرد، مايون، ٻار، ٻڍا برف جي دوزخ ۾، ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل تتر وانگر ڦٿڪي رھيا ھيا ۽ ڪيترا خاندان پنھنجن گاڏين ۾ ڄمي موت جي منھن ۾ ھليا ويا ھئا. ان ھوندي بـ شھر جي ڪاروباري حلقن جي دلين ۾ ڪو ڪھڪاءُ آيو ھو نـ ئي سندن اکين ۾ حيا ۽ شرم جو ڪو ترورو اڀريو ھو. ويتر انھن ان قدرتي آفت مان پيدا ٿيل ھاڃي کي ڪمائڻ جو ھڪ سنھري موقعو سمجھي ماڻھن کي خوب لٽيو ۽ ڦريو ھو. عام ھوٽل وارن ڪمرن جي ھڪ رات جا ڪرايا پنجاھ ھزارن کان ھڪ لک تائين ڪري ڇڏيا ھئا، کاڌي پيتي جي شين جو قيمتون ايتريون تـ وڌائي ڇڏيون ھيون تـ انھن کي ٻڌي توبھ استغفار چپن تي اچي ويو ھو.

اڄوڪي ڏينھن تي اسان جو پيٽرياٽا (نيو مري)، نٿياگلي ۽ ڀوربن پاسي وڃڻ جو پروگرام رٿيل ھو. رات جو تمام دير سان سمھڻ ڪري صبح جو دير سان جاڳ ٿي سگھي ھئي ۽ ضروري تيارين ۽ نيرن وارن خفن بعد پنھنجي سواري تائين پھچي ان کي ڳولھڻ ۾ خاصو وقت برباد ٿي ويو ھو. ان صورت ۾ اسان پيٽرياٽا گھمڻ جو پروگرام ٻئي ٽوئر تائين ملتوي ڪري سڌو نٿياگلي طرف نڪري پيا ھئاسين. ڪوچ ۾ ويھندي ئي پروفيسر روشن خاصخيلي ۽ پروفيسر ذوالفقار سومري وچ ۾ مسلڪي مناظرو شروع ٿي ويو ھو. ھڪ پاسي مومن ٻئي پاسي جھادي، ٻئي نظرياتي طور ھٿيار بند ۽ پنھنجن مورچن تي مظبوطيءَ سان ڄميل ۽ مون ۽ فقير عبدالرحمان کھڙي جھڙا صوفي جنڊ جي ٻن پڙن وچ ۾ پيسجندڙ ان جھڙا ٿي پيا ھئاسين. جڏھن پاڻي مٿي کان چڙھي ھليو ھو تـ اسان کين بحث براءِ بحث کي ختم ڪرڻ ۽ شانت رھڻ جو وينتيون ڪيون ھيون پر يار مڙڻ وارا ڪٿي ھئا ۽ پوءِ مون کي پنھنجي ھڪ فقير دوست جو نسخو ياد اچي ويو ھو. ھڪ دفعي مان ان فقير سان گڏ ڪنڌڪوٽ کان سکر ويگن ۾ سفر پئي ڪيو ۽ اسان جي پويان واري سيٽ تي ٻـ عدد مايون اچي ويٺيون ھيون جن بلند با آواز حال احوال ڏيڻ جو وھنوار جو شروع ڪيو ھو تـ ان ۾ ڪا ڪاما يا فل اسٽاپ نـ پئي ڏنائون. مان تـ کڻي کين برداشت پئي ڪيو پر مون سان گڏ ويـٺل فقير جي برداشت صفا ختم ٿي ويئي ھئي ۽ اوچتو فقير سائين انھن ماين کان وڌيڪ آواز سان اللھ ھو اللھ ھو جو ورد ڪرڻ شروع ڪيو ھو تـ سمورن مسافرن جو ڌيان اسان طرف ٿي ويو ھو ۽ وھي پکي وانگر چرچر ڪندڙ ماين بـ کڻي ماٺ ڪئي ھئي. سو مون بـ بلند با آواز ۾ ”ڪيو قادر قلندر اووو مست“ جو نعرو بلند ڪيو ھو ۽ منھنجو ساٿ سمورن ٻين ساٿين پڻ ڏنو ھو پر حيرت انگيز طور مناظرو ڪندڙ اسان جا يار پوءِ بـ ڪنڍي مينھن وانگر ھڪ ٻئي سان اٽڪيا ئي پيا ھئا. آخري حربي طور سڀني دوستن ڊرائيور کي ڪوچ ۾ ميوزڪ ھلائڻ جو چيو ھو ۽ جڏھن لتا منگيشڪر جي سدا بھار آواز ۾ ڪلام ” يـ دل اور ان ڪي نگاھون ڪي سائي“ ھليو ھو تـ يارن بـ کڻي ماٺ ڪئي ھئي. نٿياگلي ھڪ سھڻو تفريحي مقام آھي، ٿڌو علائقو آھي جتي سياحن جي دلچسپيءُ جا سمورا لوازمات موجود ھوندا آھن. تمام گهڻي رش جي ڪري اسان کي پنھنجي ڪوچ جي پارڪنگ جو مسئلو درپيش آيو ھو ۽ ان مجبوريءَ جي ڪري ڪجھ خوبصورت تفريحي مقام اسان ڪوچ جي دريءَ مان ڏسي سگھيا ھئاسين. اسان جي پھچڻ کان اڳ ئي نٿياگلي جون بازارون سيلانين سان مڪمل نموني سٿيو پيون ھيون جتي ھرقسم جي وکر سان سٿيل دڪان موجود ھئا ۽ اسان دل کولي ونڊو شاپنگ ڪري دل کي وندرايو پئي. جنھن وقت اسان جو اتي نزول ٿيو ھو مھر جي بوندن بـ برسڻ شروع ڪري ڏنو ھو ۽ موسم عاشقاڻو ٿي پيو ھو پر اھڙي مند ملھائڻ لاءِ اسان وٽ ۽ خاص ڪري مون وٽ ڪو معشوق موجود نـ ھو بس ڏيئي وٺي پيارو پروفيسر ماسات انور سولنگي ھو جنھن سان دل پشوري جاري ھئي، ھا پر منھنجي ھڪ محبوب انگريزيءَ جي نوجوان پروفيسر دوست پنھنجي گرل فرينڊ سان موبائيل تي تمام رومانٽڪ ڳالھيون سو ضرور ڪيون ھيون ۽ کيس ايندڙ سال نٿيا گلي ۾ شاپنگ ڪرڻ جا سھانا خواب ڏيکاريا ھئا. اسان سنڌي ڪنھن فاتحن جي ٽولي وانگر بازار ۾ لاابالي نموني گھمي رھيا ھئاسين. سائين شفيق رند سان مخاطب ٿيندي مون کيس چيو ھو تـ ”Here is very pleasant weather “ جواب ۾ رند صاحب  ھڪ زو معنى جملو وراڻيو ھو تـ ”also very pleasant and beautiful people“  ھڪ عجب اتفاق اھو ٿيو ھو تـ اھو ڏھاڙو عيد غدير جو پڻ ھو ۽ ان نسبت سان پروفيسر ايوب مري صاحب نٿياگلي جي مشھور جليبين جي دڪان تي وٺي ھلي سڄي سنگت کي گرم گرم جليبين جو نياز ڪرايو ھو، اھا ٻي ڳالھ ھئي تـ انھن جليبين کي پروفيسر ذوالفقار علي سومري نياز بدران اللھ سائين جي نالي خيرات سمجھي کاڌو ھو. مذيدار جليبين جي نياز جي اثر ڪري پروفيسر انورشيخ ايترو بي نياز ٿي ويو ھو جو پنھنجو موبائيل ان دڪان تي وساري آيو ھو، جڏھن ڳچ اڳتي نڪري آيا ھئاسين تـ کيس موبائيل جي نـ ھئڻ وارو احساس ٿيو ھو ۽ شيخ صاحب ڪجھ ٻين دوستن سان ان پاسي واپسي ڪئي ھئي. پر ڀلو ٿيو ھو جو زوار حطار اھو سنڀاري پاڻ سان گڏ کنيو آيو ھو ۽ ان نموني ارمان صاحب موبائيل وڃائڻ واري زندگي ڀر جي ارمان کان بچي ويو ھو. گھمندي ڦرندي اسان کي پنھنجي موبائيلن، کيسن، اھم ڪاغذ پٽن جي حفاظت تي تمام گهڻو ڌيان ڌرڻ گهرجي. اھڙن علائقن ۾ ٻـ نمبري ماڻھن، جيب ڪترن ۽ ٺڳن جا ٽولا لٿل ھوندا آھن. موبائيل تي ڳالھ ياد آئي تـ اتي موبائيل انٽرنيٽ جا سگنل ڪنھن حد تائين توانا ھئا ان مان فائدو وٺندي مون پنھنجي يوٽيوب چينل لاءِ لائيو وڊيو ايران ۽ اسرائيل جي جنگ متعلق ڀري اپ لوڊ ڪري ڇڏي ھئي. ھنن سمورن علائقن ۾جيڪي جابلو سلسلا آھن اھي ساون ۽ تمام ڊگهن وڻن ٽڻن سان ٽمٽار ھوندا آھن انھن کي پري کان ڏسندي ائين لڳندو آھي تـ ڪا سدا بھار وڏي سائي ستابي چادر انھن مٿان وڇائي ويئي آھي. انھن جي ساوڪ کي ڏسندي انسان جي اکين جي ديد چٽي ٿي پوندي آھي. اھي وڻ ئي آھن جيڪي انھن علائقن جي موسم کي ٿڌو رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن. انھن وڻن ڪري ماحول خوشگوار ۽ صاف سٿرو رھندو آھي.

ھلندڙ...

ڪيم مھاڙ مري ڏانھن؛ (چوٿون پنو) ڀوربن جو پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل (حصو پھريون)

ڇوليون

گل ڪٽوھر

اسان جي اڄوڪي سفر جي ٻي منزل پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ڀوربن ھو. ان لاءِ اسان کي نٿياگلي کان واپس مري پھچي اتان کان ٿيندي ان پاسي وڃڻو ھو. ڪوھ مري کان ڀوربن جو پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ڏھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي سواري ھجي تـ ماڻھو ويھن کان ٽيھن منٽن ۾ اتي پھچي سگھي ٿو. پر اڄ ڀوربن واري روڊ تي رش وڌندي پئي وئي، ائين پئي محسوس ٿيو جھڙوڪر ڀوربن طرف وڏو ڪو ميلو متل آھي ۽ سڀ ان طرف وڃڻ لاءِ آتا آھن. اسان اڃا ٻـ يا ٽي ڪلوميٽر سفر ئي مس ڪيو ھو تـ نظر جي حد تائين ھرقسم جي ننڍين، وڏين، لگزري ڪارن جون نـ کٽندڙ قطارون ٻنھي پاسن تي ڦاٿل نظر آيون ھيون. اسان جو اھو ننڍڙي فاصلي وارو سفر ڊگهو ٿيندو پئي ويو. ھزارن جي تعداد ۾ قيمتي ڪارن ۾ ويٺل خوشحال گھراڻن جي لشڪرن کي ڏسندي ڪيئن چئجي تـ پاڪستان ھڪ غريب ملڪ آھي، جنھن ۾ ڪروڙين ماڻھو ٻـ ويلا ماني جي حصول لاءِ پريشان آھن. اتي ٽرئفڪ جام جو دلفريب نظارو اسان جي اکين اڳيان ھو. اوھان سوال ڪندا تـ مون عجيب جملو ”ٽرئفڪ جام جو دلفريب نظارو“ لکيو آھي، جي ھا، ڇو تـ روڊ گاڏين سان ۽ روڊ جي مٿيان ۽ ھيٺيان جابلو علائقا وڻن ٽڻن گلن ٻوٽن سان ڍڪيل ھئا. وچ وچ ۾ گئيسٽ ھائوسن ۽ ھوٽلن جون رنگ برنگي بلڊنگون نظر اچي رھيون ھيون. جابلو علائقن ۾ سج جي تـ خبر ئي ناھي پوندي تـ اڀريل بـ آھي يا الھي ويو، ھونئن اڄوڪو سڄو ڏينھن آسمان ڪارن ڪڪرن جي چادر سان ڍڪيل ئي ھو. موسم ٿڌي ۽ تمام گهڻي خوشگوار ھئي. اسان جي سفر جا ڪجھ ساٿي زوار حطار، جمال مھر، ذوالفقار سومرو، ذوالفقار پنھور ۽ مان موقعي کي غنيمت ڄاڻندي ڪوچ مان لھي واڪنگ شروع ڪري ڏني ھئي ۽ چار پنج ڪلوميٽر پيادل سفر ڪري اڳتي نڪري آيا ھئاسين. ٿڌڙي موسم، صاف ھوا ۽ چئني پاسي دلفريب نظارا موجود ھجن تـ اھڙي خوشگوار ۽ صحت مند ماحول ۾ پنڌ ڪرڻ جو جيڪو سواڌ ۽ آنند ملندو آھي ان جي خبر ڪوچ ۾ ويھي سيٽون ڀڃڻ وارن کي ناھي پوندي. اتفاق سان ان قسم جا خاص موقعا سيلانين کي انعام طور ملندا آھن، جنھن مان ڪي ڪي ڀاڳوند حظ حاصل ڪري سگھندا آھن. بس ھڪ ڳالھ سو ھئي تـ جبل جي چڙھاين تي ساھ چڙھي پئي ويو جيڪو اسان جھڙن لاءِ عام ڳالھ آھي جو اسان اھڙن علائقن جا مستقل رھواسي ناھيون، پر اھو ڪو وڏو مسئلو ٿوروئي ھو، مان اونھاري جي گرم ڏينھن ۾ سھڪندي، پگھر وھائيندي شادي شھيد جي تتل ٽڪرين جون چڙھايون ڪيون آھن. مون لاءِ ھي واڪ تـ وڏو اتساھيندڙ ھو. ڊگھو پنڌ ڪرڻ باوجود بـ ٿڪ جو ڪو احساس نـ ھو ۽ دل گھريو پئي تـ ڀوربن جي پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل تائين ائين پيرين پنڌ ڪندو ھلجي، پر اڃا ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ رھيل ھو ۽ ان وچ ۾ رستو پڻ کلي ويو ھو ۽ گاڏين جي اچ وڃ جاري ٿي چڪي ھئي. اسان روڊ جي ھڪ خوبصورت موڙ تي جابلو پٿرن کي صوفا سيٽ سمجھي ويھي ڪوچ جو انتظار ڪرڻ لڳا ھئاسين ۽ اھا پڻ جلدي اتي اچي پھتي ھئي ۽ ھاڻي ھڪ دفعو وري خوبصورت وادي ھئي روڊ تي ڊوڙون پائيندڙ پاڻ واري ڪوچ ھئي ۽ ڪوچ اندر صوفي ڪلامن جھڙوڪر ”ڏاڍو ٿا پيئون پيئون تڏھن ٿا جيئون جيئون“ جي گونج ھئي. ساز ھين، مئي ھي، پيالي ھين، ساقي تيري ميخاني مين بڙي اجالي ھين. جڏھن ماحول ھن قسم جو ھجي تـ انسان جي دل گھرندي آھي تـ اھڙين وادين ۾ ڀلي تـ ماڻھو سدا گھمندو رھي، پسار ڪندو رھي، مختلف پکين جو ٻوليون ٻڌندو رھي، اڻ ڇھيل گلن جو واس وٺندو رھي، ڳائيندو رھي، شاعري تخليق ڪندو رھي، مصوريءَ ذريعي رنگن جي راند رھندو رھي.

پرل ڪانٽينينٽل ھوٽلون ”ھاشو گروپ“ جي ملڪيت آھن. مون انھن جي تعداد ۽ تاريخ متعلق جڏھن ڊيپ سيڪ کان سوال ڪيو تـ ان ٻڌايو تـ ان جون پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ڪلب سوڊان سميت ڪل ست برانچون آھن. جن ۾ پرل ڪانٽينينٽل ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، پشاور، ڀمبر، مري ۽ پرل ڪانٽينينٽل ڪلب (سوڊان) شامل آھن. ٽيون سال ھنن ئي دوستن جي گروپ سان اسان جڏھن سوات وادي جي سير لاءِ ويا ھئاسين تـ اتي جي ھڪ خوبصوت علائقي مالم جبا ۾ ھڪ خوبصورت عمارت ۾ ساڳي ھوٽل قائم ٿيل ڏٺي ھئي سين. مون جڏھن ڊيپ سيڪ کي ان متعلق ورائي سوال ڪيو تـ ھڪ ھوٽل مالم جبا ۾ پڻ قائم آھي جنھن تي ھن معافي وٺندي پنھنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي ٻروچڪي سنڌيءَ ۾ جواب ڏيندي چيو ھو تـ؛

توهان جو تمام گهڻو مهرباني! توهان بلڪل صحيح آهيو. مون کي معافي چاهيان ٿو ته مان پرل ڪانٽينينٽل مالم جبّا ((PC جو ذڪر ڪرڻ وساري ويو“۔ سندس جواب ۾ ڪم آيل گرامر کي ڏسي مون کي احساس ٿيو ھو تـ جادوئي برقي دنيا ۾ چيٽ جي پي ٽي(ChatGPT) گوگل سرچ (Google)، ڊيپ سيڪ (DeepSeek) ۽ اھڙن ٻين کي اڃا سنڌي سيکارڻي پوندي ۽ اھو ڪم تڏھن ٿيندو جڏھن اسان وڌ کان وڌ پنھنجي ٻوليءَ جو مواد انھن پليٽ فارمن تي رکنداسين. بھرحال ھنوقت تائين ٿيل اڳڀرائي ڪنھن حد تائين اتساھيندڙ پڻ آھي.

پياري دوست ”ڊيپ سيڪ“ وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو تـ؛ ”ھن سلسلي جي شروعات 1964ع ۾ ٿي، جڏھن پاڪستان ٽوريزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (PTDC) نون لگزري ھوٽلن ٺاھڻ جو سلسلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. پرل ڪانٽينينٽل جي سلسلي جو پھريون ھوٽل 1964ع ۾ ڪراچي ۾ شروع ٿيو ھو، ان جي ٻي برانچ 1965ع لاهور ۽ ٽين 1966ع راولپنڊي، پشاور۽ ڀمبر (آزاد ڪشمير) 1970ع ۽ مري ۾ 1993ع ۾ وجود ۾ آيا“. منڍ ۾ ھي سڀ پي آئي اي (PIA) جي ملڪيت ھيون جن کي بعد ۾ پرائيويٽائز ڪري ھاشو گروپ وارن کي وڪيو ويو ھو. پاڪستان ھڪ اھڙو بدنصيب ملڪ آھي جنھن جي حڪمرانن، انتظامي اھلڪارن، ڪامورن، سرمائيدارن ۾ بدعنواني، نااھليت، بدانتظامي، بي ايماني منڍ کان وٺي سُتيءَ ۾ پيل آھي. ھتي وفاق جو ڪردار ان نانگ وارو آھي جيڪو بک ۾ پنھنجا ٻچا کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آھي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جيڪي بـ سرڪاري منافع بخش مالياتي ادارا جوڙيا ويا ھئا اھي جادوئي نموني خساري ۾ ھليا ويا ۽ وري جڏھن ڀڳڙن جي مٺ تي انھن کي سرمائيدارن جي خانگي ھٿن ۾ ڏنو ويو تـ جادوئي نموني اھي تازا توانا ٿي ناڻو جوڙڻ جي مشين وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳا. اوھان تصور ڪيو تـ پي آئي اي جي ھٿ وس ۾ ھن وقت تائين سندس ملڪيت طور اھي اٺ پرل ڪانٽينينٽل ھوٽلون ھلندڙ ھجن ھا تـ پي آئي اي جي اڏامن واري ڪمائيءَ کان سندس ھوٽلن جي ڪمائي شايد سرس ھجي ھا.

مون پھريون ڀيرو پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ڪراچيءَ ۾ سائين قائم علي شاھ صاحب سان گڏجي پير پاتو ھو. اتي سندس مان ۾ ڪا ضيافت رکيل ھئي ۽ مان سرڪاري منشيءَ طور ساڻس سلھاڙيل ھئم. مون کي ھوٽل ۾ ان پاسي ويھڻ جي جاءِ ملي ھئي جنھن جي اڳيان صاف شفاف وڏا شيشا لڳل ھئا ۽ ٻاھريون سوئمنگ پول جو سمورو جنتي نظارو منھنجي اکين اڳيان نروار ھو، جنھن ۾ انوقت ڪي غير ملڪي حسينائون حور پرين جو روپ ڌاري ننڍڙين چڍين سان ٽٻڪيون ھڻي رھيون ھيون ۽ جن کي ڏسي منھنجي جسم ۾ ھلچل مچي رھي ھئي. ڀرسان ئي برائي نام لباس پھريل ڪجھ وڌيڪ حسينائون بالڪوني ۾ ٽينس راند ڪرڻ ۾ مشغول ھيون ۽ ٽينس بال جي جڳ مشھور رانديگرياڻي ثانيا مرزا وانگر ٺينگ ٽپا پئي ڏنائون تـ سندن برائي نام پھريل شارٽ (ڪپڙا) بـ اڏري پئي ويا ۽ مان سوچي رھيو ھوس تـ پاڪستان جي مذھبي پنڊتن کي ڇا ھن قسم سرگرمين جي خبر ناھي ۽ انھن ڪڏھن بـ فائيو ۽ سيون اسٽار ھوٽلن اندر ھلندڙ اھڙن سرگرمين خلاف ڪو جلسو جلوس ڇو ڪونـ ڪڍيو آھي؟

ڀورڀن واري پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل جنھن جي گھمڻ لاءِ اڄ اسين وڃي رھيا آھيون مان ھتي ٽي خوبصورت ڏينھن ۽ ٽي يادگار راتيون اڳ ئي گذاري چڪو آھيان. اھا مھرباني پنھنجي پياري دوست مرحوم نويد خيال پاران سندس اين جي او انڊس ريسورس سينٽر خيرپور برانچ پاران ڪئي ويئي ھئي جنھن جا اھي انچارج ھئا. ميڊم صادقـ صلاح الدين جي ان اين جي او جي ھڪ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ھتي رھڻ جو موقعو نصيب ٿيو ھو. اسان جي اتي ترسڻ کان ڪجھ ڏينھن اڳ ھن ئي ھوٽل ۾ ميان محمد نواز شريف ۽ جناب آصف علي زرداري پاران ميثاق جمھوريت جو معاھدو طئي ٿيو ھو. مون اتي رھندي اھو پئي سوچيو تـ ڳوٺ پنواڙي ۾ غريب ھاري ملان علي گل ڪٽوھر جي گھر ۾ پيدا ٿيل مان ڪيترو نـ خوشنصيب آھيان جو جو مون کي پاڪستان جي خوبصورت ۽ مھانگي ترين ھوٽل ۾ رھڻ، کائڻ پيئڻ ۽ سکڻ جو موقعو نصيب ٿي رھيو آھي، جنھن جي تمنا منھنجي تر جي ڪنھن ڊنگ وڏيري، سياستدان خواب ۾ بـ نـ ڪئي ھوندي. ڀوربن جو ھي ھوٽل ھڪ پھاڙي چوٽي تي تمام خوبصورتيءَ سان ڊزائين ڪيل عمارت ۾ ھلندڙ آھي، ان جي اڱڻ ۾ موسيقي لاءِ ھڪ اسٽيڊيم جڙيل آھي جنھن ۾ ھر شام جو موسيقيءَ جا مڌر سُر وکيرڻ لاءِ ڪلاڪار اچي ميلو مچائيندا آھن. ھوٽل جي سامھون وسيع ايريا ۾ قدرتي جھنگل آھي جنھن ۾ واڪنگ ٽريڪ جڙيل آھن ۽ آلو بخارن جا ٻوٽا لڳل آھن. ان پروگرام ۾ پوري پاڪستان مان پروفيسر ۽ شاگرد شامل ھئا. ھڪ بلوچستان يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ھو جيڪو پنھنجو سازندو تنبورو ھروقت سيني سان لڳائي رکندو ھو. اسلام آباد کان ڀوربن ايندي ھن ڪوچ ۾ ان جا مڌر سر وکيريا ھئا ۽ ڀوربن ھوٽل جي اسٽيڊيم ۾ جڏھن ھڪ مرد ۽ ھڪ عدد عورت ڪلاڪار پنھنجا سر وکيرڻ لاءِ آيا ھئا تـ اسان جي ان دوست سندن اجازت سان پنھنجي ڪلا جو ڀرپور مظاھرو ڪندي اسٽيڊيم ۾ ويٺلن کي تمام گهڻو محظوظ ڪيو ھو. ساڳي وقت اسان سان گڏ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جو ھڪ چوڌري پيٽو پروفيسر پڻ ھو، جيڪو رات جو بوفي وقت اسان کي ڪرسين تي ويھاري پاڻ ھڪ وڏو ٿالھ ھٿ ۾ کڻي چوندو ھو تـ ”سب سي پھلي مين موجود کانون سي ٿوڙا ٿوڙا کا ڪي انداز لگائون گا ڪـ ڪون سا بھتر ھي بعد ۾ ھم وھي کائين گي“ ۽ اسان جڏھن بوفي کائي اٿندا ھئاسين تـ پروفيسر صاحب ڪرسي تان اٿي ڪونـ سگھندو ھو ۽ کيس ٽيڪ ڏئي اٿارڻو پوندو ھو. اتان اٿڻ بعد مون کان فرمائش ڪندو ھو تـ ”ڪٽوھر صاحب کاني ڪي بعد فروٽ لينا صحت ڪي لئي بھت ضروري ھي“ ۽ مان ھوٽل جي صحن ۾ پوکيل آلو بخارن جي وڻ مان جھول ڀري سندس حوالي ڪندو ھوس.

 

 

 

ٻٻرلوءِ ڌرڻو ڊائري

 

سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن ڪينالن ۽ انھن ڪينالن جو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي منصوبن ھيٺ والار ڪيل ھزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ واري انتھائي ھاڃيڪار، سنڌ دشمن، ملڪ دشمن فيصلن خلاف ڪراچي بار ڪائونسل جي وڪيلن پاران ٻٻرلوءِ ۾ لڳايل ڌرڻي کي اڄ يارھون ڏينھن آھي. يارنھن ڏينھن پرامن ڌرڻو جاري رکڻ، ھڪ اھڙو ڌرڻو جنھن ۾ ھزارين ۽ ڪڏھن ڪڏھن لکين انسان اچي گڏ پيا ٿين ڪو معمولي واقعو ناھي. اھم ڳالھ تي ھڪ مڪمل نموني پرامن ڌرڻو جنھن ۾ ڪنھن بـ گاڏي، ڪار، بس، ٽرڪ کي ھڪ ڀتر بـ لڳايو ناھي ويو ۽ ويتر انھن سان يڪ جھتي جو اظھار ڪرڻ لاءِ آس پاس جي ڪميونٽيءَ جا ماڻھو پھچن ٿا، کين پاڻي پيارين ٿا، پنھنجي وس ۽ وسيلن آڌار کين ماني ٽڪي جي آڇ ڪن ٿا. ھن ڌرڻي، ھن مزاحمت، ھن جدوجھد سنڌ اندر سڄاڳيءَ جي ھڪ تمام وڏي لھر کي جنم ڏنو آھي. سنڌ جو ڪھڙو شھر يا ڳوٺ آھي جتي سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن ڪينالن خلاف غم ۽ غصو ظاھر نـ ڪيو ويو ھجي، جتي ماڻھن ”ڪينالن جا حامي سڀ حرامي“ جا نعر نـ گونجيا ھجن.

 مان بـ پنھنجو فرض سمجھندو آھيان تـ روز اتي پنھنجي حاضري ڀرائي يوسف جي خريدارن ۾ پنھنجو نالو لکرايان. جيتوڻيڪ مان پنھنجي ڪم کي اڻ پورو ٿو سمجھان پر گهٽ ۾ گهٽ جيڪي ڪجھ مون کان پڄي سگھي ٿو اھو تـ ڪيان ٿو. منھنجو اتي وڃڻ، وڊيوز ڀرڻ، ڦوٽو ڇڪڻ انھن کي پنھنجي يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين فورمن تي رکڻ واري ڪم کي بـ ڌرڻي لاءِ تمام اھم ٿو سمجھان. اھو ڪم رڳو مان ٿوروئي ڪندو آھيان ھزارين نوجوان، ٻڍا، ٻار، عورتون آھن اھو سڀاويڪ ڪم ڪري پنھنجي آواز کي تمام پري پري تائين پھچائي رھيا آھن. سڀني کي جس ھجي.

ھونئن منھنجو ھفتيوار ڪالم روزاني ”پنھنجي اخبار“ ۾ ڇوليون جي مستقل عنوان ھيٺ ھر ڇنڇر ڏينھن شامل ٿيندو آھي،  ڪالھ منھنجي شايع ٿيل ڪالم جو عنوان ھو ”ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو، ايم آر ڊي جي تحريڪ، ھڪ جھڙايون ۽ فرق“ جي عنوان سان شايع ٿيو آھي پر ھتي ٻٻرلي جي ڌرڻي ۾ تـ روز پوري ھڪ ڪتاب جيترو مواد روز گڏ ٿيندو آھي ان ڪري اخبار ۾ ڪالم جي انتظار ڪرڻ بدران مان ڪوشش ڪندس تـ ھرروز ھڪ ڀرپور ڪالم لکي سوشل ميڊيا تي اوھان سان ونڊ ڪيان تـ جيئن اھي واقعا يا اھي ڳالھيون جن تائين اوھان جي اڃا تائين پھچ ٿي ناھي سگھي اھي اوھان تائين پھچن ۽ ٻيو تـ ھلندڙ وقت جي اکئين ڏٺي تاريخ رقم ٿيندي رھي.

ڪالھ شام جو مان پنھنجي لقمان خيرپور واري گھران پنھنجي موٽر سائيڪل تي ٻٻرلوءِ لاءِ نڪتو ھوم، سخت گرمي ھئي ۽ مجبور ٿي ڪري مون کي ٺيڙھي شھر جي الشيخ ھوٽل تي ويھڻو پيو ھو ۽ اتي مون چار پنج گلاس پاڻيءَ جي پيتا ھئا، ٿڌي پاڻيءَ سان ھٿ منھن ڌوتا ھئم ۽ ڪلفي ڦالودي جو پيالو گهرائي کاڌو ھئم. ٿوري جھٽ کان پوءِ منھنجي ڪلھن تي ڪنھن جو ھٿ پيو ھو منھن ورائي ڏٺم تـ وڪيلن جي ھن سموري قافلي جو ھڪ اھم سرواڻ، عوامي جمھوري پارٽي جو مرڪزي عھديدار ايڊوڪيٽ جناب اياز چانڊيو ھو جنھن سان قمبر جو راھوجو ۽ ميھڙ جو کوسو وڪيل ساڻ ھئا، ھي ڪراچيءَ مان ٻٻرلوءِ لاءِ نڪتل ھئا ۽ مون وانگر قلفي ڦالودو کائڻ لاءِ اتي ٿوري جھٽ ترسيا ھئا. اسان سڀني گڏجي ڦالودو کاڌو، ڌرڻي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پنھنجي منزل ڏانھن روانا ٿي وياسين. ٺيڙھيءَ ۾ مون کي جميعت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن جي خاصي چرپر نظر آئي، اتي ھڪ ننڍڙن ٻارڙن جو ٽولو جميعت جو جھنڊو ھٿ ۾ کڻي نعرا ھڻندي نظر آيو ھو تـ ”پنجاب توسان جھيڙو آ، وفاق توسان جھيڙو آ، ڪينالن جا حامي سڀ حرامي“ وغيرھ. مون سوچيو پئي تـ ٿي سگھي ٿو جميعت جو ڪو مرڪزي اڳواڻ ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچي رھيو آھي، اھا خبر تـ دير سان پئي ھئي تـ جميعت وارن جو ھڪ تمام وڏو ڌرڻو سکر ملتان موٽر وي تي لڳايو ويو ھو جنھن ۾ لکين جميعت جا ڪارڪن ۽ ھمدرد ساڳي مقصد لاءِ گڏ ٿيا ھئا. ياد رھي تـ جميعت علماءِ اسلام جو اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ڌرڻي جي پھرين ڏينھن تي ان ۾ شامل ٿي ڪري ڌرڻي تي ويٺل وڪيلن سان يڪ جھتي ڏيکاري چڪو ھو.

ڪالھ جڏھن مان گهران نڪتو ھوم تـ فيس بوڪ تي نذير ميمڻ جي پوسٽ پڙھي ھئم جنھن ۾ ھن ٻڌايو ھو تـ ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اھي ڪراچيءَ مان پنھنجن موٽر سائيڪلن تي نڪتا آھن، اندازو ڪيو تـ ڪٿي ڪراچي ۽ ڪٿي ٻٻرلوءِ! پنج سئو ڪلوميٽرن جو فاصلو پر جڏھن ماڻھوءَ وٽ جذبو ھجي تـ سندس واتان اھي لفظ اٻڙڪا ڏيئي ٻاھر نڪرندا آھن تـ ” جلي ٿو جبل، لوءَ ھوريان تـ ھل، پنڌ پنھنجو پري ڏينھن آھي تتل“ ۽ جڏھن کين تئي وانگر تتل ڏينھن تپايو ھو تـ قاضي احمد وٽ روڊ ڀرسان لڳل ھڪ ٽيوب ويل جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ تڙڳيا ھئا ۽ ان ھڪ ننڍڙي وڊيو پڻ رکي ھئي جيڪا ھمت ڏياريندڙ ھئي. پنھنجي وال تي وڌيڪ اھو بـ لکيو ھئائين تـ ”يزيد جي ٽولي کان انڪاري ٿي، اسان حسيني لشڪر ۾ پنھنجو نالو لکرائڻ لاءِ اچي رھيا آھيون ٻٻرلوءِ..،“  نذير ميمڻ ڪراچيءَ مان ڪنھن ڪوچ ۾ پڻ اچي سگھيو پئي پر ڌرڻي ڪري کيس شڪ ھو تـ متان ھو رستي ۾ ڪٿي رڪجي نـ وڃي ان ڪري ڪنھن بـ قسم جي رسڪ کڻڻ بدران پنھنجو موٽر سائيڪلون ڪڍي سفر جون سختيون سھندي نڪري پيا ھئا.  اھي سڀ دل وڌائيندڙ، دل لڀائيندڙ ڪم آھن جن مان پنھنجي ڌرتيءَ کي ظالم قوتن جي چنبي مان آجو ڪرڻ لاءِ سڄاڻ دوستن جي جذبن جي اپٽار ٿئي ٿي. مان خيرپور کان بائيڪ تي نڪتو ھوم ۽ چند ڪلوميٽر جي پنڌ تي ٺيڙھي شھر تائين پھچندي جھولي ۾ منھنجو منھن سڙي ويو ھو ۽ مجبور ٿي ڪري مون کي اتي بريڪ لڳائڻو پيو ھو ۽ پياري نذير ميمڻ جي ھمٿ، جرئت، سچائي، بھادري کي ڏسو تـ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پنج سئو ڪلوميٽر پنڌ ڪري رھيا ھئا.  

مان ٺيڙھيءَ مان نڪري ٻٻرلي سڌو پياري ممتاز شيخ جي اوتاري تي اچي بريڪ ھنيو ھو. ممتاز شيخ جو گھر ڌرڻي جي بلڪل سامھون آھي ۽ ھن پھرين ڏينھن کان وٺي سندس گھر ۽ اوطاق ڌرتي وارن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. اھو ڪم ٿي سگھي ٿو ڪنھن کي ننڍڙو لڳي پر ائين ناھي. يارنھن ڏينھن کان گھر اوطاق ٻين جي حوالي آھن، سندن پنھنجي آڪھ بـ ھوندي اھي ڪٿي ۽ ڪيئن گذران ڪندا ھوندا اھا خبر بـ انھن کي ئي ھوندي، اسانجي گھرن ۾ جيڪڏھن ڪو مٽ مائٽ، يار دوست ھڪ ويلو مھمان ٿي ايندو آھي تـ سموري گھر جو وھنوار ڊانوان ڊول ٿيل ڀانئڀو آھي. ڌرڻي جي ڪا خبر ناھي ڪڏھن پڄاڻي ٿيندي ۽ جيستائين پڄاڻي ٿئي ھي اسان جا دوست پنھنجي گھر کان دربدر ئي رھندا. ممتاز ٻڌايو پئي تـ سندس گھر ۾ بجلي، پاڻيءَ جي موٽر، ايرڪنڊيشن جا ڪيترائي اڻ کٽ مسئلا روز پيدا ٿين ٿا ۽ روز انھن کي حل ڪرڻو پوي ٿو. ليٽرين باٿ رومس ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري صفائي سٿرائي ۾ وڏيون تڪليفون کين ڏسڻيون پون ٿيون پر بقول لطيف سائين جي تـ ”ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنھي ڏنم ڏک، سي سڀ ڀانئيم سک، ھيڪاند ڪارڻ ھوت جي.“ سو ممتاز شيخ اھي سڀ سختيون ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ برداشت ڪري ٿو، مان دل جي گھراين سان کيس جس ڏيندس. اتي ئي ٿوري جهٽ ۾ اسان جي دئور جو ڪامريڊ امان اللھ ڦلپوٽو پنھنجي پٽ سرمد ڦلپوٽو سان گڏ اتي پھتو ھو. منھنجو ۽ امان اللھ ڦلپوٽي جو ڌرڻي جو واءَ سواءَ وٺڻ کان پوءِ ٿاڪ ممتاز شيخ جو اھو اوتارو ھوندو آھي، جتي ويھي تجزيا بـ ڪندا آھيون، تبصرا بـ ڪندا آھيون ۽ انھن خيالن جي ڏي وٺ ڪري ڪيتريون ئي منجھيل ڳالھين جي تھ تائين پھچڻ جون ڪوششون ڪندا آھيون.  ٿوري جھٽ کان پوءِ اسان جي مرحوم ڪامريڊ ممتاز گهانگھري جو پٽ بـ اسان واري ان ڪچھريءَ جو حصو بڻيو ھو. اسان جي سامھون سائين ممتاز بخاري گھمي ڦري رھيو ھو ۽  ممتاز شيخ منھنجي فرمائش تي سنڌ جي ان ڀلوڙ صحافي، ناول نگار، ترجمي ڪار، سکر آرٽس ڪائونسل جي سرواڻ کي سڏي ڪچھريءَ جي سونھن وڌائي ھئي ۽ ٿوري جھٽ بعد عبرت اخبار جي سينئر صحافي جناب خالد ٻانڀڻ کي پڻ پنھنجي ساٿ ۾ شامل ڪيو ھوسين. ان وچ ۾ ممتاز ۽ سندس پٽن اسان کي ٿڌي پاڻي سان گڏ گرم چانھ جا ڪپ آڇيا، پيپسي ڪولا جو چس وٺرايو، ھال مان ڪٿان شربت جو جڳ ڀري اچي ھرھڪ کي گلاس گلاس پياريو. مان سنگت کان اجازت وٺي ڌرڻي ڏانھن ھليو ويس جتي ڪنھن ميلي جو ماحول لڳو پيو ھو، اسٽيج تان جناب عامر وڙائچ پنھنجي تقرير اڳ ئي ڪري چڪو ھو، انوقت خيرپور بار ڪائونسل صدر جناب اعجاز چانڊيو خطاب ڪري رھيو ھو ۽ ھن مختصر خطاب ان ڪري ڪيو تـ جيئين ٻاھران پري پري کان آيل دوستن کي پنھنجن جذبن جي اظھار جو موقعو ملي سگھي. ھال ۾ جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، تحريڪ انصاف جا جھنڊا جھولي رھيا ھئا. ھڪ پاسي تقريرون ھلي رھيون ھيون ان کان ٿورو پرڀرو نوجوان اسپيڪرس تي قومي گيت ھلائي انھن تي والھانا رقص ڪري رھيا ھئا. سمورو پنڊال نعرن جي گونج سان ٻريل ھو. ڌرڻي جي آس پاس، ڏھي بڙي، چاٽ، پڪوڙن، سموسن وارن جا ريڙھا نظر اچي رھيا ھئا، چانھ جا اسٽال لڳل ھئا، ننڍڙا ٻالڪ نعرا بـ ھڻي رھيا ھئا تـ پلاسٽڪ جي ڳوٿرين ۾ ڪٽيل کيرا ۽ ونگا بـ وڪڻي رھيا ھئا، حسيني سبيلون تـ ھر جاءِ تي لڳل ھيون ۽ جتي ٿڌو پاڻي، شربت شرڪت ڪندڙن کي مفت پياريو پئي ويو. ھڪ عدد ريڙھي وارو ڏنگھيءَ مان جوڙيل مٺائيءَ جو وڪرو پڻ ڪري رھيو ھو. مک ڌرڻي واري جاءِ جي ٻنھي پاسي مختلف پارٽين جون پنھنجوڌ الڳ الڳ ڪيمپون پڻ لڳل ھيون ۽ اتي پڻ تقريرون ھلي رھيون ھيون يا قومي گيتن تي نوجوان جھومي رھيا ھئا. مختلف قافلن جي اچ وڃ جاري ھئي، پري پري تائين مختلف ھزاري گاڏيون پارڪ ڪيل نظر اچي رھيون ھيون. اھو ماحول رڳو ڪالھ نـ ھو پر اھو روز جو معمول آھي. ڪالھ اسان خيرپور کان ڪارن، موٽر سائيڪلن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي چڙھي ريلي ڪڍي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ھئي. ۽ ٽپھري کان پوءِ واپسي ڪئي ھئي سين.ِ ممتاز شيخ  ٻڌايو پئي تـ شام جو ٻٻرلوءِ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج لک ماڻھو اچي گڏ ٿيا. بقول سندس تـ سکر ٽول پلازا کان وٺي ڏکڻ طرف عيسن ڀيو جي ڳوٺ ڀرسان بگٽي جي ھوٽل تائين، ٻٻرلوءِ شھر ۽ پيرڳوٺ روڊ کان جيل تائين ماڻھو ئي ماڻھو ھئا. ٿي سگھي ٿو اھو ڪجھ ابھام لڳي کڻي ان انگ کي اڌ ٿا ڪيون تڏھن بـ اڍائي لک ماڻھن جو بنا ڪنھن مدد، سواري جي گڏ ٿيڻ ڪنھن معجزي کان گهٽ نـ ھو. ايترا ماڻھو تـ بلاول زرداريءَ جي جلسي ۾ بـ نـ ھئا جيتوڻيڪ انھن کي پوري اتر سنڌ مان سرڪار طرفان مھيا ٿيل بسن، ويگنن ۾ رڍن ۽ ٻڪرين وانگر آندو ويو ھو.

سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻي فيصلو ڪرڻ گهرجي تـ اھي رڍون، ٻڪريون، ڍور ڍنگر آھن يا انسان! جي انسان آھيو تـ بريانيءَ جي ھڪ پليٽ تي پنھنجو ضمير نـ وڪڻو، اوھان جي قيامت اھي اندر جا ڪارا پيپلا ڪونـ ڇڏائيندا، انھن جا پيٽ قارون جي خزانن کي کائي کپائي ويا انھن مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن مان ٻير گھرڻ جي برابرا آھي. پنھنجي ڌرتيءَ جي اصلي وارثن جا ساٿاري ٿي پنھنجي ڌرتي، پنھنجي درياءَ، پنھنجي زمين، پنھنجي معدنيات، پنھنجي جبلن، پنھنجي وجود کي بچايو    

اچو تـ دنيا گهمون


ڇوليون

گل ڪٽوھر

مان زندگيءَ ۾ پنڌ، سائيڪلن. ٽانگن، گڏھ گاڏن، ڪارن، موٽر سائيڪلن، ٽرڪن، بسن، ٽريڪٽرن، ريلن، ھوائي جھازن تي سفر ڪندو رھيو آھيان. سفر ڪندي ڪيترائي اڻ ڄاتل انسان ملندا آھن، ڪيترائي نوان ماڳ مڪان ڏسڻ جو موقعوملندو آھي ۽ ماڻھوءَ جي ڄاڻ ۾ اڻ ميو اضافو ٿيندو آھي. اوھان جڏھن ڪنھن اڄاتل علائقي جي سفر لاءِ نڪرندا آھيوتـ اوھان جي ذھن ۾ ان سفر جا ڪي ڌنڌلا خاڪا جڙيل ھوندا آھن، جيڪي اوھان ٻڌل ٻڌايل ڳالھين يا مطالعي مان حاصل ڪيل ھوندا آھن، پر اوھان کي ڪا ڄاڻ ناھي ھوندي تـ حقيقت ۾اوھان سان ڪھڙا مسئلا يا واقعا ٿيڻ وارا آھن، ڪھڙا انسان ملڻ وارا آھن، ڪھڙيون اھنجايون اوھان سان پيش اچڻ واريون آھن. ماڻھو سفر ۾ حادثي جو شڪار ٿي سگھي ٿو، بيمار ٿي سگھي ٿو، ڪنھن سان جھيڙو جھٽو ٿي سگھي ٿو سڀ ڪجھ ممڪن آھي. انھن سڀني ڳالھين ھوندي بـ انسان کي سفر ڪرڻ گھرجي. گهڻو گهڻو اڳ جڏھن دنيا سڀ ڪنھن لاءِ  کليل ھئي، پاسپورٽ ۽ ويزا وارا جھنجھٽ ڪونـ ھوندا ھئا تـ گرو پنھجن چيلن کي دنيا جي سير سفر جون ”اسائنمنٽون“ ڏيندا ھئا. مون کي علي بن عثمان ھجويري عرف عام داتا صاحب جي سوانح حيات جو مطالعو ڪندي معلوم ٿيو ھو تـ ھو پنھنجي گروءَ جي ھدايتن تحت پيرين پنڌ دنيا جي سير سفر لاءِ نڪري پيو ھو اڪيچار ملڪ گھمي ڦري، مشاھدا ڪري پچي راس ٿي  واپس پنھنجي گرو وٽ پھتو ھو تـ ان وقت کيس پنھنجي مرشد اھا صلاح ڏني ھئي تـ تون ھاڻي لاھور وڃ ۽ اتي حقيقت ۽ معرفت جو معراج ماڻ ۽ عام ماڻھن ۾ امن، محبت، ڀائيچاري جي تبليغ ڪر. اسان کي خبر آھي تـ انگريز ان معاملي ۾ تمام گهڻو اڳتي آھن، اھي جوکم کڻي دنيا جو سير ڪندا رھندا آھن. انھن جي اھڙي مھم جوئي واري ڪرت ڪري ئي اھي ان قابل ٿي سگھيا ھئا تـ دنيا جي ڪيترن ئي کنڊن  جي اڪيچار ملڪن کي پنھنجي ڪالوني بڻايو ھو ۽ اھي فخر سان چوندا ھئا تـ سندن سلطنت ۾ سج لھندو ئي ناھي. ان جي ڀيٽ ۾ گهرن جي ڪنڊ ۾ ڇپ ھڻي ويٺل اسان جي سنڌي قوم جا فرد پنھنجي ديس جي ڪنھن ٻئي شھر ۾ ويندي پنھنجو پاڻ کي پرديسي سمجھندا آھيون ۽ پنھنجون مائرون گھرن ۾ ويھي  پرديس ويل پٽن لاءِ روئنديون پٽينديون آھن.

اسان جي ان ھوم سڪنيس (Home sickness) اسان سنڌين کي صدين تائين گهر جو ڪڪڙ بڻائي رکيو ھو. اسان پنھنجي ديس کان ٻاھر وڃي پنھنجي ديس جي بقا لاءِ ڪا ڊپلوميسي ڪرڻ سکي نـ سگھيا ھئاسين، دنيا جا لوفر، ڪاٽڪو، رھزن پنھنجا ديس ڇڏي سنڌ تي ڪاھي، ڦرلٽون ڪري واپس ھليا ويندا ھئا ۽ اسان وري پنھنجا زخم سڪائي ڪمائي جي ڪمن ۾ جنبي ويندا ھئاسين. اسان جي وڏڙن ڪڏھن اھا سوچ ئي نـ ڌاري تـ انھن رھزنن کان پاڻ بچائڻ جي مؤثر حڪمت عمليون جوڙجن يا کين سيکت ڏيڻ لاءِ سندن علائقن تي وڃي حملو ڪري کين تھس نھس ڪجي. پاڻ موھن جي دڙي مان سمبارا نرتڪي جي مورتي ھٿ اچڻ ۽ ڪنھن بـ قسم جي ھٿيار جي نـ لڀجڻ کي سنڌين جي پرامن ۽ مھذب قوم ھئڻ جي نشاني طور ظاھر ڪندا آھيون. اھا ڳالھ  حقيقتن تي ٻڌل آھي. سنڌ وارن پنھنجي پوري تاريخ ۾ ڪنھن ملڪ تي قبضي يا ڦرلٽ جي نيت سان ڪڏھن ڪاھ نـ ڪئي آھي، رڳو بچاءُ جون جنگيون وڙھيون آھن جن ۾ پڻ گهڻو تڻو مات ئي کائيندا رھيا آھيون. اسان تي ڌارين صدين تائين حڪمراني ڪئي ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ پئي ڪئي آھي. پنھنجي شھرن جي بچاءُ لاءِ تنھن وقت جي حڪمرانن کي جنگي ساز ۽ سامان جو جوڳو بندوبست ڪرڻ کپندو ھو جيڪو نظر نـ ٿو اچي. مان اھڙي عمل کي موھن جي دڙي، ٺٽي ننگر، جھڙن عظيم شھرن کي آباد ڪرڻ وارن جي غلطي چوندس. ھڪ اھڙي وقت ۾ جڏھن دنيا اونداھي دؤر مان گذري رھي ھئي تـ انوقت جديد ترين شھر آباد ڪرڻ ڪنھن معجزي کان گهٽ نـ ھو. جيڪڏھن اسان ڪو شھر اڏيون ٿا، محنت مشقت ڪري خزانا جوڙيون ٿا، اسان لکتون پڙھتون ڪيون ٿا پر پنھنجي ان عظيم ورثي جي بچاءَ لاءِ ڪا رٿابندي نـ ٿا ڪيون اھا ڪا ننڍي غلطي نـ چئبي. سنڌ جي تاريخ پڙھي ڏسو تـ پرامن رھڻ، جارحاڻي جنگي حڪمت عملين  کان پاسيرو رھڻ اسان کي ڪيترا نقصان پھچايا آھن. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا تـ رڳو ٺٽو شھر ڪيترا دفعا ڦوروئن ھٿان لٽجي ڦرجي ۽ تباھ ۽ برباد ٿي وري وري آباد ٿيندو رھيو آھي. تاريخ جي ڪتابن مان ئي معلوم ٿئي ٿو تـ ٺٽو شھر ڪنھن وقت علم ۽ صنعت جو ڳڙھ رھيو آھي جتي آڳاٽو ڪيترا سئو تعليمي ادارا ھوندا ھئا، اڪيچار صنعتي يونٽ ھوندا ھئا.

 ھن وقت ڪجھ صورتحال بھتر ٿي آھي، سنڌين ڪاروبار، تعليم، سير تفريح لاءِ دنيا جي ڏورانھن علائقن ڏانھن نڪرڻ شروع ڪيو آھي پر انھن جو انگ پنجابين، پٺاڻن ۽ اردو ڳالھائيندڙن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آھي. سنڌ ۾ ھڪ سرائيڪي چوڻي مشھور آھي تـ ”پنجابي ھڪ ھووي تي ڀانوين ڏون، جي ھوون ڏون تـ ھي جھڳا ھي تون“ اھي پنجابي جڏھن حقو ھٿ ۾ ڪري انگريزن جي ملڪ وڃي نڪتا تـ انھن پنھنجن ڳوٺن مان ھزارين ماڻھو گھرائي اتي آباد ڪرايا. لنڊن جا ڪجھ علائقا ائين لڳندو آھي جھڙوڪر فيصل آباد جون گهٽيون ھجن. اسان سنڌين ۾ وري اھا پٽ رھي آھي تـ جيڪڏھن ڪن بـ سببن ڪري ڪنھن کي اھڙو موقعو مليو بـ ھوندو تـ مجال آھي تـ ھو پنھنجي ڪنھن مٽ مائٽ، ياردوست، اوڙي پاڙي واري کي ڏس پتا ڏيئي ۽ سندس اخلاقي مدد ڪري پاڻ وٽ گھرائي آباد ڪرائي. اھڙي عمل ۾ سنڌ واسين جي پنھنجي ڪوتاھين سان گڏ انھن مٿان مڙھيل جاھل حڪمرانن جو پڻ تمام وڏو ڪردار رھيو آھي. اوورسيز پاڪستان جي منسٽري جڏھن ڪراچيءَ جي دھشت گرد تنظيم حوالي ھئي تـ انھن ھزارين نـ پر لکين پنھنجا ماڻھون يورپ، آمريڪا، آسٽريليا، آفريڪا جي کنڊ ۾ ورسايا ھئا. ساڳي منسٽري جڏھن سنڌ جي ھڪ وڏي گادي نشين وٽ ھئي تـ سندس سمورو ڪارو وھنوار ھلائڻ وارو ھڪ پنجابي ڪامورو ھوندو ھو. سندس دؤر ۾ سنڌي تـ پري رھيا ھن پنھنجي پڙھيل لکيل مريدن جي لاءِ ان قسم جي ڳالھ ڪڏھن ڪونـ سوچي ھوندي. پيپلز پارٽي خالص سنڌين جي ووٽن جي سھاري ڪيترا ڀيرا وفاقي حڪومتون جوڙي ۽ ڊاھي چڪي آھي، کين سنڌ ۽ سنڌي بس انوقت ياد ايندا آھن جڏھن يا تـ کين ووٽ گهربل ھوندا آھن يا وري کين اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي درپيش ايندي آھي. افسوس تـ اسان جي سياستدانن جي نظر پنھنجي پيٽ کان ھيـٺ گوڏن تائين ناھي ويندي.

­ان جمود کي ٽوڙڻ لاءِ ضروري آھي سنڌي سماج اندر رھندڙ فرد، گهراڻا، قبيلا، مقامي حڪومتون، صوبائي حڪومتون، وفاق ۾ ويٺل سنڌ جا نمائندا پنھنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌ جي پڙھيل لکيل، ھنرمند نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ ڪاروبار لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موڪلڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙين. ان عمل سان سنڌ جي سياست کي سگھ ملندي، سنڌي سماج اندر خوشحالي ايندي ۽ وڏي ڳالھ تـ سنڌي نوجوانن کي اھو موقعو ملندو تـ اھي ڊپلوميسي سکي، سنڌ جو ڪيس دنيا جي سمورن ملڪن تائين ڪاميابي سان رسائين. ان سلسلي ۾ ڪينيڊا اندر رھندڙ ميڪس ميمڻ، قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ محترم اياز لطيف پليجي صاحب جون ڪوششون ساراھڻ جوڳيون آھن. اياز لطيف پليجو صاحب جيڪو پرڏيھ ۾ وڃي سنڌي نوجوانن سان ملي ٿو انھن کي ھمٿائي ٿو ۽ اھڙن ڪچھرين کي سوشل ميڊيا تي رکي اتساھ پيدا ڪري ٿو. اھو ڪم ٻين سياستدانن کي پڻ ڪرڻ جڳائي. اسان جھڙن جو ڪم آھي صلاحون ڏيڻ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو آھي ۽ ھنوقت سنڌ جو جيڪو مالڪ ٻروچ آھي ان مان اھڙي توقع رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ٿو لڳي جو کيس سنڌ جي زخمن تي پھو رکڻ تـ وسري ويو آھي پر ھو ۽ سندس مريد اقتدار جي لالچ ۾ سنڌين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي پنھنجي پنجابي آقائن کي خوش ڪرڻ واري شوق جو پورائو پيا ڪن.