جنهن دل پيتا عشق دا جام. The Hearts Which Drunk Wine of Love
امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Sunday, April 13, 2025
Wednesday, February 26, 2025
Friday, November 1, 2024
جنت جو سير؛ جيجل امان پبلڪ ھاءَ اسڪول گهوٽڪي
ڇوليون
ھرانسان لاءِ جنت جو
تصور پنھنجو پنھنجو آھي، ڪن ماڻھن کي جنت جي حورن جي طلب آھي ۽ انھن کي ياد ڪري
سندن گگون جيئري ئي ڳڙڻ لڳنديون آھن، ڪن کي وري غلمانن جي صحبت بي چين رکي ٿي، ڪي
شرابن طھورا جو ذائقو چکڻ جا خواھان آھن. غالب وري چئي پيو تـ کيس جنت جي حقيقت
معلوم آھي بس دل کي وندرائڻ (بھلائڻ) لاءِ خيال سٺو آھي. بي بي رابعا بصريءَ لاءِ
روايت آھي تـ اھا ھڪ ھٿ ۾ پاڻي جي بالٽي ۽ ٻئي ھٿ ۾ باھ جي اماڙي کنيو پيئي ويئي
کانئس ڪنھن ان جو سبب پڇيو تـ وراڻيائين ”وڃان ٿي دوزخ جي باھ وسائڻ ۽ جنت کي ساڙڻ
تـ جيئن انسان اللھ پاڪ جي عبادت بنا ڪنھن خوف يا لالچ جي ڪري سگهن.“ منھنجي لاءِ جنت ھڪ اھڙي جاءِ آھي جتي، وڻ
ٽڻ،گل ٻوٽا،
جبل، نديون، آبشار ھجن ۽ ان ماڳ تي انسان
سان گڌ ٻيا ساھوارا امن
سان رھندڙ ھجن، جتي خوشيون ھجن، علم ھجي، محبت ھجي، جتي ذات پات، جنس، مذھب، فرقي
جو ڪو نشان نـ ھجي، جتي ڪنھن بـ قسم جي ڪائي پريشاني نـ ھجي، جتي رقص، موسيقي، راڳ رنگ
جا آلاپ ھجن، ۽ جتي وڃڻ
کان پوءِ اوھان جي دل ٻئي ڪنھن پاسي وڃڻ جي خواھش ئي نـ ڪري. ڪجھ ڏينھن اڳ سائين غلام مرتضى سومرو (جي ايم
سومرو)، سائين ربنواز ميراڻي صاحب جن سان گڏجي ھڪ اھڙي جنت جو نظارو ڪري آيو آھيان
جيڪو سنڌ جي ضلع گهوٽڪي ۾ سائين منظور حسين سومري جي ڪاوشن سان ”جيجل امان پبلڪ
ھاءِ اسڪول“ جي نالي سان جڙيل آھي. ھڪ نيڪ ۽ سخي انسان پنھنجي ڀائرن سان پنھنجي
ملڪيت جي ورھاست ڪرڻ بعد سندس حصي ۾ آيل پنھنجي ڪروڙين روپين ماليت جي زمين تي
پنھنجي کيسي مان ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ھڪ بين الاقوامي معيار جو تعليمي ادارو قائم
ڪيو آھي. اسڪول جي اڏاوت ۾ بھترين معيار جو مٽيريل استعمال ٿيل آھي، عمارت آرڪيٽيڪچر
جو ھڪ اھڙو مثال آھي جنھن جي پري کان ھڪ جھلڪ ڏسڻ سان ماڻھو مٿس موھت ٿيو پوي.
خلاصا ھوادار ڪلاس روم، قيمتي، پائيدار ۽ رنگا رنگي بئنچون، ڪرسيون، ٽيبلون، ليبارٽريز،
وڏو ۽ ڪشادو آڊيٽوريم، ملٽي پرپز ھال، لئبرري، ڪمپيوٽر ليب، تيز ترين انٽرنيٽ سروس
بس ڇا ڳالھ ڪري ڇا ڪجي. ان کان سواءِ نياڻين جي سکيا لاءِ ووڪيشنل سينٽر جنھن ۾
اڪيچار سلائي مشينون ٽيبلن تي فڪس ٿيل نظر آيون؛ جن ۾ ٻـ عدد انتھائي جديد ۽ قيمتي
جوڪي ڪمپنيءَ جون مشينون پڻ شامل ھيون جن ۾ ڊسڪ وجھي پنھنجي پسند مطابق سلائي ۽
ڪڙھائي خودڪار نموني ڪري سگھجي ٿي شامل ھيون. سلائيءَ سان گڏ ڪڙھائيءَ جو الڳ
بندوبست ۽ انھن ھالن ۾ نياڻين پاران سلائي، ڪڙھائي ڪري رکيل ڪپڙا نياڻين جي سکيا
جي ساک ڀريندي نظر آيون. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي آن لائين لرننگ ۽ آن لائين
ارننگ، فري لانسنگ سيکارڻ لاءِ ھڪ اعلى ڊگري حاصل ڪيل نوجوان جو خدمتون ورتيون
ويون آھن. اداري ۾ بجليءَ جي رسد ھڪ منٽ لاءِ بـ بند ناھي ٿيندي ڇوتـ سمورو وھنوار
طاقتور سولر انرجي تي ھلندو آھي. جيجل ماءُ اسڪول جي مک عمارت جي ڀرسان ھڪ بين
الاقوامي معيار جو مدرسو پڻ قائم ڪيو ويو آھي جتي طالبن کي ديني تعليم جي روشنيءَ
سان منور ڪيو ويندو آھي پر انھن لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آھي تـ اھي پنھنجي نصابي
تعليم بـ جاري رکن. اتيئي ھڪ جديد ترين چئونرو ”ڪچھريءَ جو ماڳ“ جي نالي سان جڙيل
آھي جنھن ۾ جنڊي تي جڙيل خوبصورت صوفا سيٽ ۽ کٽون رکيل آھن جن کي ڏسندي ئي اوھان
جي دل ۾ پنھنجي عظيم ثقافتي ورثي تي فخر جا احساس اڀري پوندا. ڀرسان ئي وري اوطاق
جو ڪمرو وڏي ڪمال ڪاريگريءَ سان جڙيل آھي جنھن جي ڇت ڪمال ڪاريگريءُ سان ڪانن ۽
رنگين ڌاڳن وارن رسين سان جڙيل آھي. عمارت جي چوڏس ھرقسم جي قيمتي وڻن جون قطارون
اوھان کي نظر اينديون. سائين منظور حسين سومرو تازو اتي ھڪ انبن جو باغ پڻ پوکيو
آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي بھترين انبن جا وڻ لڳايا ويا آھن. انھن وڻن ٽڻن تي ھرقسم
جا پکي وڏي اطمينان سان پنھنجون ٻوليون ٻوليندي نظر آيا.
اسان کي گائيڊ ڪندڙ
انتھائي شفيق ۽ مھربان نوجوان محترم حافظ قادر بخش سينئر ايڪزيڪيٽِوُ جنھن جو جيجل
امان پبلڪ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ وڏو سھڪار رھيو آھي ۽ جيڪو ٻين ڪيترن ادارن کي
ڪاميابيءَ سان ھلائيندڙ پڻ آھي ٻڌايو تـ سائين منظور حسين سومري اھي وڻ ٽڻ، گل
ٻوٽا پوري پاڪستان مان خريد ڪري اتي اچي لڳايا آھن ۽ کيس جڏھن ڪنھن انوکي گل ٻوٽي
جا وڻ جو ڏس پتو ملندو آھي تـ پھرين فرصت ۾ ان جي حاصلات لاءِ نڪري پوندا آھن ڀلي
ان لاءِ کيس سوين ميلن جو سفر ڇونـ ڪرڻو پوي. ھر مھمان جي آمد سان اتي وڻن، گلن
ٻوٽن ۾ واڌ لازمي ان ڪري بـ ٿئي ٿي تـ آيل مھمان جي ھٿان ھڪ وڻ يا گل ضرور پوکرايو
ويندو آھي جنھن تي آيل مھمان جي نالي وارري تختي لڳائي ويندي آھي. جڏھن مون انھن
ٻوٽن تي لڳل تختين تي لکيل نالن تي نظر ڦيرائي تـ مون کي پوري سنڌ جي ساڃھوندن سان
گڏ ڪيترن ئي ٻاھرين ملڪن جي مھندارن جا نالا نظر آيا. اسڪول جي عمارت جي ڀرسان ھڪ
مرغي فارم سان گڏ زولاجيڪل گارڊن پڻ قائم ڪيل آھي جنھن ۾ ھرڻ، ٻڪريون ۽ ٻين جانورن
جي نسل افزائي ٿيندي آھي. مٿين ڪلاسن نائين، ڏھين، يارھين، ٻارھين لاءِ الڳ عمارت
جوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي جنھن جو ھڪ پورو فلور انفرميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي
(ICT) لاءِ مختص ھوندو.
ھنوقت تائين مان اوھان
کي اسڪول گهڻو تڻو اسڪول جي اڏاوت، سونھن سوڀيا جون ڳالھيون ٻڌايون آھن. اسڪولن ۾
جيڪڏھن تعليمي عمل معياري نـ ھجي تـ ان قسم جون سڀ سھولتون ڪنھن ڪم جون نـ
رھنديون. ھڪ ننڍڙي وزٽ ۾ اسڪول جي معيار کي پرکڻ ۽ ڪي حتمي رايا قائم ڪرڻ اصولي طور درست ناھي پر مون سرسري طور جڏھن اسان
اسڪول جي ماحول، تعليمي عمل، معيار، روين جي پرک ڪئي تـ ڪيئي مثبت ڳالھيون نظر
آيون. اسڪول ۾ داخل ٿين وقت ٻارڙا انتھائي خوش ۽ ٻھڪندڙ لڳا جڏھن تـ موڪل بعد
واپسي تي اٻاڻڪا نظر آيا جھڙوڪر سندن منشا ھجي تـ جيڪر اڃا وڌيڪ وقت اتي گذارجي.
ان ڳالھ مان اندازو لڳايم تـ اسڪول اندر ضرور دوستاڻو ماحول ھوندو، ٻيو تـ اسڪول
جي آرام ڏيندڙ بئنچن تي ويھندي کين ڪنھن قسم جي ٿڪاوٽ ڪونـ ٿيندي ھوندي، کليل
ھوادار ڪمرا، سڄو ڏينھن سولر جي مھربانيءَ سان پکن جي اڻ کٽ ھوا ڪري کين وقت گذرڻ
جو احساس ئي ڪونـ ٿيندو ھوندو. مٿان وري اسڪول جو ڌڻي سائين منظور حسين سومرو
ھرٻار سان پنھنجي اولاد وانگر پيار ڪندو آھي، نياڻين جي مٿي تي ھٿ رکي ۽ شاگردن
سان ھينڊ شيڪ ڪري کين اطمينان ڏياريندو آھي تـ منھنجي ھوندي اوھان کي ڪنھن بـ ڳالھ
جي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪائي ضرورت ناھي. سنڌ اندر اھڙا ڪي چند اسڪول ۽ تعليمي ادارا ھوندا
جتي دڙڪن، دھمانن، مارڪٽ جي جاءِ تي محبت، شفقت، پيار ۽ پنھنجائپ جا سڀاويڪ رويا
رکيا ويندا آھن ۽ جيجل ماءُ پبلڪ اسڪول انھن مان ھڪ آھي. حقيقت ۾ اھو ئي صحيح
طريقو آھي ٻارن کي پڙھائڻ جو، جتي ٻار پنھنجو پاڻ کي محفوظ سمجھي ۽ دل کولي پنھنجي
اندر جي منشا بيان ڪري سگهي. ذھني توڙي جسماني مارڪٽ ٻارڙن کي ھيسائي ڇڏڻ جوسبب
ٿيندو آھي ۽ ٻار منجھيل منجھيل رھندو آھي ۽ پنھنجي دل جي ڳالھ کلي ڪري بيان ڪري نـ
سگھڻ ڪري اندر ئي اندر ڪڙھندو رھندو آھي ۽ جڏھن وڏو ٿيندو آھي تـ سندس شخصيت اڌوري
رھجي ويندي آھي. ان جي مقابلي ۾ استادن جي دوستاڻي طرز تعليم ڪري سڀ شاگرد ۽
شاگردياڻيون دلي اطمينان محسوس ڪنديون آھن. جيجل ماءُ اسڪول اندر ٻارڙن ھڪ ٽڪ ۽
بوڪ شاپ جڙيل آھي جنھن جي مختلف خانن ۾ معياري بسڪوٽ، ٽافيون، بوڪ، پين، پينسلون
رکيل آھن ۽ ھر خاني تي ان وکر جي قيمت لکيل آھي، ھرڪنھن کي آزادي آھي تـ دڪان تان
جھڙي شيءِ کيس گهربل آھي اھا کڻي ان تي لکيل قيمت اتي رکيل کليل دٻي ۾ رکي ھليو
وڃي ڇو تـ ان شاپ کي ھلائڻ لاءِ ڪوبـ مقرر ٿيل ناھي. اھو ھڪ بھترين خيال آھي ۽
ٻارڙن جي ننڍي وھيءَ منجھ ايمانداريءَ جا سلا پوکڻ جي ھڪ تمام ڪامياب ڪوشش آھي،
اھي جڏھن وڏا ٿي ڪري جنھن بـ شعبي ۾ قدم رکندا تـ اميد تـ اتي ايمانداري ۽ سچائيءَ
جا مثال قائم ڪري ايندا.
سنڌ اندر اڳ بـ ديارام
جيٺ مل، نادرشاھ ايڊلجي ڊنشا، نورمحمد لاکير، ڊيپ چند اوجھا، رائي بھادر اڌائو داس
تارا چند، ڪوواسجي جھانگير جھڙا سخي مرد ٿي گذريا آھن جن جي ڪري ڊي جي ڪاليج، اين
اي ڊي يونيورسٽي، نورمحمد ھاءِ اسڪول، اوجھا انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز، سول اسپتال
شڪارپور، گدو مينٽل اسپتال جھڙا ادارا قائم ٿيا جيڪي اڄ سوڌو ماڻھن کي فيض ڏيڻ جو
وھنوار جاري رکيون پيا اچن، بلاشڪ سائين منظور حسين سومرو جي ھن ڪاوش کيس انھن
مڻيادار سخي مردن جي لسٽ ۾ وڃي بيھاريو آھي ۽ يقين اٿم تـ سنڌ جا مورخ سومري صاحب
جو نالو ان لسٽ ۾ نمايان طور شامل ڪندا.
ڪجھ ڏيئي وينداسين، ڪجھ
نـ کڻي وينداسين،
ٻور آھيون، ڏيئي ميوو
ڇڻي وينداسين.
تنوير عباسي.
انگريزي فڪشن فلم ”مريخي ماڻھو“ (The Martianا) جو جائزو
ڇوليون
گل ڪٽوهر
هالي ووڊ، بالي ووڊ ۾
گھڻيون تڻيون فارمولا فلمون جڙن ٿيون جن کي ڏسڻ وقت جو زيان لڳندو آهي. اهڙن فلمن جون ڪهاڻيون هر هنر ۾ يڪتا عظيم طاقت
رکندڙ هيرن جي چار ڏس ڦرندي ڏيکاري وينديون آھن. جيڪي سئو گوليون کائي به بچي ويندا
آهن ۽ سامهون جديد هٿيارن سان ليس ماڻهن جي جٿن کي هٿين خالي هوندي تهس نهس ڪري
ڇڏيندا آهن ۽ اسان جهڙا وائڙا فلم بين تاڙيون وڄائي کين داد ڏيندا آهن. پر ڪڏهن
ڪڏهن هالي ووڊ، بالي ووڊ توڙي لالي ووڊ [پاڪستان فلم انڊسٽري] ۾ ڪي بهترين فلمون
به ٺهنديون آهن. تازو مون هڪ سائنس فڪشن فلم دي مارشين يعني ته مريخي يا مريخ تي
رهڻ وارو ماڻهو ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته ان جو هلڪو ڦلڪو جائزو پيش ڪيان پيو پر سوچيان
پيو ته ڪٿان شروع ڪيان سوبه سنڌي ٻوليءَ ۾ جنهن جا پڙهيل لکيل، سي ايس ايس پاس وڏا
پوليس آفيسر قانون جي عملداري کي پنهنجي علم، عقل، رياستي قانونن تحت لاڳو ڪرڻ
بدران ڏوهن تي ظابطي لاءِ مشڪري ٽائيپ ملن کان مسجدن ۾ واعظ پيا ڪرائين. هي رڳو
سنڌ جو مسئلو ناهي پوري پاڪستان جو ڏچو آهي ته عقل، منطق، سائنس، دليل جي ڳالهه
ڪرڻ واسينگ جي ٻرن ۾ هٿ وجھڻ برابر آهي. هن ملڪ ۾ چنڊ جي چرپر ۽ ظاهر ٿيڻ وارن
مامرن کي سائنسدانن بدران اکين کان نابين ملن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هت جيڪي سائنس
جي پهرين لفظ سين کان اڻ واقف آهن اهي سائنسدانن کي سائنس سيکاريندا آهن! هاڻي مان
وري هليو آهيان اهڙي ملڪ جي ماڻهن کي هڪ مڪمل نموني سائنس فڪشن فلم متعلق ٻڌائڻ!
اهڙين گستاخين ڪري الاهي يار دوست لٺ کڻي منهنجي ڪڍ پوندا آهن ۽ خبر ناهي ڪهڙا لقب
القاب پڻ ملي ويندا آهن خير آهي اهي به پنهنجو شوق پورو ڪن ۽ پاڻ به پنهنجو ڪم
ڪيون پيا.
هن فلم جي ڪهاڻي ڪجهه
هن طرح آهي ته آمريڪي اداري ناسا پاران هڪ خلائي جهاز تجربن لاءِ مريخ تي موڪليو
ويندو آهي پر اتي هڪ تيز طوفان ڪري کين پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي واپس ورڻو پوندو آهي پر
ان حادثي زد ۾ اچي سندن هڪ ساٿي گم ٿي ويندو آهي جنهن سان سندن ڪوبه رابطو ٿي نه
سگھندو آهي ۽ هو سمجھندا آهن ته سندن اهو ساٿي هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو، پر حقيقت
۾ اهو سخت زخمي ٿي واريءَ جي طوفان ۾ پورجي ويندو آهي جتان هو نڪري خلائي اسٽيشن
تي اچي پنهنجي سرجري پاڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندو آهي. هاڻي کيس بلڪل نئين ۽
انوکي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو آهي. هڪ وشال دنيا جنهن تي ڪو به ٻيو ساهوارو
جيو ناهي، جنهن تي رهندي سندس رابطا سڀني کان ڪٽجي ويندا آهن. اتي هو کاڌي پيتي جي
شين جو جائزو وٺي اندازو لڳائيندو آهي ته اهي ڪيترو ڏينهن هلندا، جيڪڏهن ڌرتيءَ
تان کيس ڪا مدد ملندي ته ان ۾ ڪيترو وقت لڳندو هر حساب ڪتاب ۾ کيس لڳندو هو ته هڪ
نه ته ٻئي نموني موت جي منهن ۾ هليو ويندو. انهن سڀني حقيقتن هوندي به هو مايوس
ناهي ٿيندو ۽ زندهه رهڻ جا جتن ڪرڻ لڳندو آهي. اتي هو پنهنجي سائنسي دماغ کي
استعمال ڪندي هڪ علائقي کي مڪمل نموني پلاسٽڪ سان ڍڪي اتي واريءَ سان گڏ پنهنجو
فضلو ملائي پٽاٽن جي پوکائي لاءِ زمين تيار ڪندو آهي. زمين ته تيار ٿي ويندي آهي
پر ٻوٽن کي ته آڪسيجن پڻ گھرجي ۽ پوءِ موجود وسيلن مان ٻوٽن لاءِ آڪسيجن پڻ تيار
ڪري وٺندو آهي ۽ نيٺ پٽاٽن جو هڪ فصل تيار پڻ ڪري وٺندو آهي. هو پنهنجي دل وندر
لاءِ سسٽم ۾ محفوظ ٿيل موسيقي ٻڌندو آهي ان تي اگرا تبصرا به ڪندو آهي، خلائي
اسٽيشن کان ٻاهر نڪري خلائي ٽرڪ ۾ چڙهي مريخ جو مشاهدو به ڪندو رهندو آهي، کيس
گھڻن ئي ٽيڪنيڪل مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. آمريڪن خلائي ادارو ناسا ڌرتيءَ
تان ويهي ان سڄي صورتحال تي نظر رکيون ايندا آهن. انهن کي جڏهن مريخ تان ڪجھ
تصويرون ملنديون آهن جن ۾ ڪجھ شيون هڪ وقت هڪ جاءِ تي ته ٻي وقت ٻي جاءِ تي پيل
نظر اينديون آهن ته کين اهو حيرت انگيز لڳندو آهي ۽ اهي سمجھي ويندا آهن ته خلاباز
جنهن کي هنن مئل سمجھيو هو اهو جيئرو آهي. هاڻي هنن لاءِ به وڏو ڏچو پيدا ٿي پوندو
آهي ته هو ڇا ڪن، سڀ کان اول هو مريخ تي رهندڙ خلاباز سان رابطي جي ڪوشش ڪندا آهن
۽ ان مسئلي جو حل به مريخي خلاباز ڪڍي وٺندو آهي. ناسا جي هيڊ ڪواٽر ۾ ماهر منجھي
پوندا آهن ته ان خلا باز کي ڪيئن بچائجي. مريخ تائين کيس مدد پهچائڻ لاءِ کين ست
اٺ مهينا گھربل هوندا آهن ۽ خلائي جهاز جيڪو واپسي جي پنڌ تي آهي ته جيڪڏهن ان کي
واري واپس اماڻجي ته سندن ٻارڻ ايترو ناهي هوندو ته هو پوءِ واپس وري سگھي. ان وچ
۾ هڪ بنا خلاباز وارو خلائي جهاز جنهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکي لانچ ڪيو ويندو
آهي ته اهو ٿوري دير ۾ تباهه ٿي ويندو آهي. هوڏانهن واپسي واري پنڌ تي گامزن
خلابازن کي تمام دير سان سندس ساٿي جي زندهه هئڻ جو اطلاع ملندو آهي. نيٺ واپسي
واري خلائي جهاز کي مريخ تي رهندڙ ساٿي کي کڻي اچڻ جو ڪم سونپي چيني سائنسدانن جي
مدد سان هڪ ٻيو خلائي جهاز ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ کاڌي پيتي جون
شيون ۽ ٻارڻ هوندو آهي. ان وچ ۾ ڪيئي فني
خرابيون پيدا ٿي پونديون آهن جن کي ڏسي اهو محسوس ٿيندو آهي ته بس هاڻي سڀ ڪجھ ختم
ٿي ويو وري ٻي گھڙي اهو پڻ احساس ٿيندو آهي ته هاڻي ٻيڙا پار آهن. آخر ۾ جڏهن اهو
ڦاٿل خلاباز پنهنجي ساٿين سان ملي ٿو ۽ اهو سين هزارين ڌرتي واسي آمريڪا، چين،
برطانيا سميت سڄي دنيا ۾ ڏسن ٿا ته الون الا ٿي ويندي آهي. ماڻهو خوشيءَ وچان نچڻ
ٽپڻ هڪ ٻئي کي ڳراٽڙيون پائڻ لڳندا آهن ۽ مون جهڙا حساس دل رکندڙ ڳوڙها ڳاڙي
ويهندا آهن. پر فلم اتي ختم ناهي ٿيندي ان جو طاقتور حصو ته اهو آهي جڏهن اهو
ساڳيو خلاباز زمين تي اچڻ کان گھڻو پوءِ هڪ خلائي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي حيثيت
۾ پنهنجي پهرين ڏينهن واري ليڪچر ۾ چوندو آهي۔
”مان اوهان کي خلابازي جي ڪلاس ۾ اچڻ تي
ڀليڪار ڪيان ٿو، اوهان سڀ ڌيان ڌريو يقين ڪيو ته ان سان اوهان جي جان بچي سگھي ٿي.
يقين ڪيو ته اهو مون کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڄاڻي. وڌيڪ ڳالهائڻ کان اڳ مان اوهان
کي صاف صاف ٻڌائڻ ٿو گھران ته ها مان ڪروڙين ميل پري هڪ گرهه تي رڳو ان ڪري زندهه
رهي سگھيس ته مون پنهنجي گونهه مان پٽاٽن جو فصل پوکيو هو، ها ٻڌائڻ ۾ اهو جيترو
خراب ٿو لڳي حقيقت ۾ اهو ان کان وڌيڪ ڪرڀ وارو آهي ان ڪري ان تي وري ڪڏهن به نه
ڳالهائندس. هڪ سوال مون کان ور ور پڇيو ويندو رهيوآهي ته جڏهن مان مريخ تي اڪيلو
ڦاٿل هيس ته ڇا مون کي اهو احساس هوندو هو ته مان مري ويندس. ها بلڪل لڳو هو ۽ اهو
احساس ضروري آهي ڇوته اهو اوهان سان ڪڏهن به ٿي سگھي ٿو. اهو خلا آهي اوهان جي
سوچن تحت ڪم ناهي ڪندو ڪنهن به ٻه واٽي تي اوهان جي سامهون مشڪلاتن جو ڍڳ جڙي
پوندو۽ هر شيءِ وکري ويندي ۽ اوهين اهو سوچيندو ته بس سڀ ختم ٿي ويو۽ هاڻي منهنجو
خاتمو آهي. اهڙي ماحول ۾ يا ته اوهان دل هارائي شڪست کي قبول ڪري وٺو يا وري پوءِ
پنهنجي ڪم سان لڳي وڃو. اهائي ڳالهه سڀ کان اهم آهي، پنهنجو ڪم شروع ڪيو، حساب ڪري
وٺو پهريون هڪ مشڪل حل ڪيو پوءِ ٻي ۽ پوءِ ٽين ۽ چوٿين ۽ جڏهن سڀ مشڪلون حل ٿي وڃن
ته گھر هليا اچو.“
محترمه شهيد بي نظير صاحبه هڪ دفعي چيو
هو ته ”ايڪويهين صديءَ ۾ جيڪي قومون قلم سان لکنديون اهي جاهل چوائينديون.“ پر
افسوس ته اڄ به جديد ٽيڪنالاجي پاڻ وٽ حرام آهي. دنيا وارا صديون پوءِ ٿيندڙ واقعن
تي ائين سوچين ٿا، انهن جا ممڪن حل ٻڌائين ٿا ۽ اسان اڃا تائين پٽاٽن کي اڌو اڌ
ڪري الله سائين جا نالا پيا ڳولهيون، ٻڪرين تي قدرتي طرح آيل رنگن کي معجزو ٿا
قرار ڏيون، آسماني ڪڪرن جي اتفاقي بڻيل ڪنهن شڪل کي ڏسي سبحان الله جو ورد ٿا شروع
ڪري ڏيون، ڪاش مغربي ملڪن وانگر اسان به انهن جهڙا معجزا ڪرڻ جي قابل ٿي سگھون.
جيستائين اهو ڪري سگھون اسان جي استادن کي گھرجي ته گھٽ ۾ گھٽ نئين نسل ۾ سائنسي
سوچ جا سلا ته پوکين، کين مختلف مامرن تي شڪ ڪرڻ جي اجازت ڏين، کين سوال ڪرڻ جي
اجازت ڏين تڏهن به گھڻو ڪجھ حاصل ٿي سگهي ٿو.
پاڪستاني سياست
پاڪستان جي تاريخ کڻي ڏسو جڏھن بـ ڪا پارٽي اقتدار جي مسند تي ويٺل ھوندي
آھي تـ ان جو بيانيو اھو ھوندو آھي تـ ”گذريل حڪومت ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي ھئي،
ڪرپشن، پنھنجا نوازي ڪري ملڪ جا ترا نڪري ويا ھئا ۽ اسان کي ھڪ ڪمزور، نٻل، حڪومت
ملي آھي جنھن کي سڌارڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏھ ويھ سال گهربل آھن ۽ اھا تمام سٺي ڳالھ
آھي تـ گذريل حڪومت جي برعڪس ھنوقت سمورن ادارن جھڙوڪر حڪومت، اسٽبلشمنٽ ۽ عدليا
ھڪ پيج تي آھن، ملڪي وحدت مضبوط ھٿن ۾ محفوظ آھي، اسين اڳتي وڌون پيا پر شڪست
خوردھ سياستدان ملڪي وحدت کي داءُ تي لڳائي ڀڃ ڊاھ واري سياست ڪن پيا ۽ اسان سندن
ناپاڪ ارادن کي لوھي ھٿن سان مروڙي ڇڏينداسين ڪنھن کي بـ قانون ھٿن ۾ کڻڻ جي اجازت
ڏيئي نـ ٿي سگھجي، وغيرھ وغيرھ“ـ جڏھن ڪا پارٽي حزب اختلاف ۾ ھوندي آھي تـ سندس
بيانيو وري ھي ھوندو آھي تـ ”بوگس چونڊن ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل حڪمران چور
آھن، انھن گذريل پنھنجي اقتداري وقت ۾ ملڪ جي ڀينگ ڪئي ھئي ۽ ھاڻي باقي رھيل ڪسر
بـ پوري ڪري ڇڏيندا، ڪرپٽ حڪمرانن کي لغام ڏيڻ ۽ عوامي طاقت سان کين روڪڻ وقت جي
اھم ضرورت آھي، اسٽبلشمنٽ ۽ اعلى عدليا کي گهرجي تـ اھي حڪمرانن جا ونگارون ٿيڻ
بدران اسان جو ساٿ ڏين، احتجاج ڪرڻ اسان جو آئيني حق آھي ۽ اسان کي ان حق کان ڪوبـ
روڪي نـ ٿو سگهي.“
ان قسم جو رويو سڀني اقتداري سياسي پارٽين جو ھوندو آھي جڏھن اھي سرڪاري
ڪرسي سيڙايون ويٺا ھوندا آھن يا وري جڏھن ھو مخالف ڌر جو حصو ھوندا آھن. مطلب تـ
رڳو پارٽيون ۽ اڳواڻ بدليل ھوندا آھن پر بيانيو حيرت انگيز طور ساڳيو ھوندو آھي.
پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ کان ھنوقت تائين ڪنھن بـ حڪومت عام ماڻھن جي زندگين ۾
ڪو حقيقي ڦيرو ناھي آندو. بک، بيروزگاري، بيماريون، دھشت گردي، فرقا پرستي، ڪرپشن،
اھليت جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ، ڪجھ مقدس ادارن کي مليل ڇوٽ، رياست اندر رياست
ھنوقت 6 آڪٽوبر 2024ع ”پنھنجي اخبار“ جو شمارو منھنجي ھٿن ۾ آھي جنھن جي
پھرين صفحي جي بلڪل مٿاھين سرخي آھي تـ ”احتجاج شنگھائي ڪانفرنس خلاف سازش قرار،
پي ٽي آئي ھٿيار بند تنظيم آھي، افغانستان مان منتقل
ٿي، گنڊاپور نتجا ڀوڳيندو؛ حڪومت“. مک
سرخي آھي تـ ”گنڊا پور آخر ڪار اسلام آباد پھچي ويو، گرفتاري جا اطلاع، ٻئي ڏينھن
بـ ڇڪتاڻ، 120 افغانين سوڌو 64 ڪارڪن سوگھا“. ساڳي مک سرخي جي سب سرخي آھي تـ ”ملڪ
۾ مارشلا لڳل آھي، گنڊاپور کي ڪي پي ڪي ھائوس مان غير قانوني طور تي گرفتار ڪيو
ويو آھي، عدالت وينداسين (عمر ايوب ۽ بيريسٽر سيف)“ کيس ناحق باندي بڻايو ويو
آھي.“ مون گوگل ڪري جناب عمران خان جي اقتداري دئور جون ڪجھ ڳالھيون نوٽ ڪيون آھن
جنھن ۾ ھو چئي ٿو تـ ”منھنجي لاءِ وڏي ۾ وڏو چيلنج اھو آھي تـ ڪيئن اسان پنھنجي
رياستي ادارن ۽ حڪمراني ۾ سڌارا آڻيون“
واندي گذارڻ واري عادت
دوستو ڪالھ مون عادتن جي ڳالھ ڪئي ھئي تـ ڪيئن اھي اسان جي زندگين کي متاثر
ڪنديون آھن. ھڪ منفي عادت ”اجايو وقت
وڃائڻ“ واري آھي. جنھن بـ نوجوان يا انسان تي ھيءَ عادت حاوي ٿي ويئي سمجھو سندس
زندگيءَ جي ريل پٽڙيءَ تان کسڪي ڪنھن کاھي ۾ وڃي ڪري پيئي. بنا ڪارج وقت وڃائڻ
واري عادت اوھان کي ٻين واندن ۽ ناڪارا انسانن جي صحبت ۾ وٺي ويندي ۽ اتان ئي نشي
پتي، جوا، جُرمن، مايوسي، منفي سوچن وارا چارا نڪرن ٿا جيڪي اوھان کي اھڙي منزل تي
پھچائيندا جتان واپس ٿيڻ ممڪن ئي ناھي. چوڻي آھي تـ واندو ماڻھو شيطان جو ڀاءُ، ان
ڪري پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسو اوھان ڪيترو ان بيماري جي ور چڙھيل آھيو. پھرين
فرصت ۾ ان مان جان آجي ڪيو، پنھنجو پاڻ کي مثبت، ڪارگر سرگرمين ۾ وٺي وڃو. جيڪڏھن
صفا ڪجھ نـ ٿا ڪيو تـ ويٺي کان ونگار ڀلي واري چوڻي تي عمل ڪندي پنھنجي ڪنھن مٽ
مائٽ، واقف ڪار جي ڪم اچو، جنھن جي ونگار وھندو اھو اوھان جو ٿورائتو رھندو ۽ ساڳي
وقت اوھان ٻين منفي سرگرمين کان بچيل رھندو.