Monday, December 17, 2012

شام کو بيٽهني کي لئي سب سي اچهي جگه هي ميخانه


گذريل اونهاري جي هڪ شام جو قصو آهي ته پياري دوست سائين سعيد سانگريءَ سان خيرپور ۾ ملاقات ٿي هئي. اسان ٻنهي جي صلاح اها هئي ته ڪنهن پرسڪون جاءِ تي ويهي ڪا روح رهاڻ ڪجي. صلاح مصلحت بعد فيصلو ڪيو سين ته انڊس ريسورس سينٽر (آءِ آر سي) جي جڙيل خزاني واري ڪينٽين تي ٿا هلي ڪچهري ڪيون. آءِ آر سي وارن دوستن جي آفيس خيرپور جي مشهور تاريخي جاءِ ڳاڙهي محل ۾ آهي، ۽ ان جي سامهون ئي سندن ”خزاني“ جي بلڊنگ آهي جنهن ۾ انهن پنهنجي مختلف پراجيڪٽس ۾ خاص ڪري هنرمند عورتن پاران تيار ڪيل مخلتف شيون رکيون آهن جن جو معيار به موچارو آهي ته قيمتون پڻ مناسب. ڪينٽين به ان خزاني آفيس سان لڳ جڙيل آهي. سامهون وسيع ايراضيءَ تي گولائيءَ ۾ ڇٻر جو ميدان آهي جڏهن ته چوڌاري گھاٽا ساوا چهچ وڻ پوکيل آهن. ان ساوڪ ۽ وڻن کي ڏسي مون کي پنهنجي ڳوٺ وارو ميخانو ياد اچي ويو جيڪو پڻ وڻن ٽڻن سان جھنجھيل هوندو هيو.

آباديءَ ۾ انڌا ڌنڌ واڌ اسان جي شهرن توڙي ٻهراڙين جي اٿڻي ويهڻي بنهه تبديل ڪري ڇڏي آهي. اهو ويجھي ماضي جو قصو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان ڊنب ماڻهن جا ڳاڙهي فقير جي ميخاني ۾ اچي گڏ ٿيندا هيا. ڪي تاش جي راند ۾ مگن هوندا هيا ته ڪي وري چوپڙ راند تي ڪوڏين کي ڪاريگرانه انداز ۾ڪڏڪائي انهن کي پٽ تي اڇلائي پنهنجي ڳوٽن کي ڪاميابيءَ سان پيا هلائيندا هيا، ٽيان وري نَوَ ٽڻ راند کيڏندا هيا. ڀنگ جي موالين جي ڪابه ڪمي ڪونه هوندي هئي ۽ متواتر ڪونڊي ۾ ڏنڊو پيو ڦرندو هيو. اونهاري ۾ وري ڀنگ پيئڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو هيو. شوقين مڙس ڀنگ ۾ بادام، ڦوٽا، مصري، ٿاڌل ملائي گھوٽي ان کي باريڪ ۽ صاف ڪپڙي ۾ ڇاڻي منجھس مناسب مقدار ۾ ٿڌي مَٽَ جو پاڻيءَ ملائي پيئڻ لاءِ پيش ڪندا هيا. اهڙي مذيدار ڀنگ پيئڻ مهل ته ماڻهونءَ جو اندر ٺري پوندو هيو، پر جيڪي هيراڪ نه هوندا هيا ته انهن جا ٿوري ئي وقت ۾ تاڪ لڳي ويندا هيا. پر جيڪي هيراڪ موالي هوندا هيا انهن تي ان ڀنگ جو اثر اهو ٿيندو هيو ته کين آرڙهر جا ساڙيندڙ ڏينهن به ٿڌڙا لڳندا هيا. ها کين وقت سر ڀنگ نه ملندي هئي ته سندن بي چيني وڌندي ويندي هئي ۽ اهي ان کي اڻ پيتيءَ جا نشا چوندا هيا. اسان ٻارڙن کي ڳوٺائي وري ڀنگ جي لپ ۾ گلاس پاڻيءَ جو ملائي پيش ڪندا هيا ۽ وڌيڪ نصيحت به ڪندا هيا ته هي ڪا ايڏي خطرناڪ شيءِ ناهي بس ان لپ پيئڻ سان اوهان جا ريلا جاري ٿيندا ۽ ايترو مقدار اوهان جي صحت لاءِ به مفيد آهي. ان نموني ٻار به ان جا هيراڪ ٿيندا ويندا هيا ۽ ڪجھ مهينن يا سال بعد اهي گھاٽي ڀنگ جنهن کي موالي تيلي ٻوڙ جي نالي سان ياد ڪندا هيا جا هيراڪ بڻجي ويندا هيا. ننڍي هوندي ڏاڏا سائين گھر م ڀنگ گھوٽڻ بعد ان کي ڇاڻڻ لاءِ ڪپڙي جو هڪ پَلَؤ جھلڻ لاءِ مون کي ڏيندو هيو ۽ پوءِ ان جي وچ واري جاءِ تي زور سان هٿ هڻي چوندو هيو ته پٽ صافي کي مضبوطي سان پڪڙي رک ڇوته اهو ڪم شينهن جي ڪن جھلڻ جي برابر آهي. ڪجھ وڌيل موالي ڀنگ سان گڏ چرس به واپرائيندا هيا. چرس پيئڻ لاءِ سلفي تيار ڪئي ويندي هئي. ان سلفي کي سڀ کان پهرين جيڪو ڪش هڻندو هيوته موالي ان کي ”سَرَ“ ڪرڻ چوندا هيا. پوءِ اها سلفي واري واري سان سڀني موالين کي پيش ڪئي ويندي هئي. ڀنگ جو نشو هوريان هوريان چڙهندو آهي پر اهو تمام ديرپا به هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو اڻ هيراڪ ان کي واپرائي ته ان جي لهڻ (گھٽ ٿيڻ/نارمل ٿيڻ) ۾ هڪ کان وڌيڪ ڏينهن به لڳي ويندا آهن. ڀنگ جي نشي ڪرڻ سان دماغ جي رڳن کي نقصان پهچندو آهي، مقدار کان جھجھي ڀنگ واپرائڻ ڪري ڪيئي ماڻهون دماغي توازن به وڃائي ويهندا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ چرس هڻ کڻ نشو آهي، هيڏانهن ڪش هنيو ناهي ۽ مڙس الوٽ ٿيو ناهي. موالي چرس يا ڀنگ واپرائڻ مهل ڪيئي ٻول به ڏيندا هيا. مثال طور ”پيئون ٿا چرس، گھمون ٿا عرش، مانجھاندو موسى وٽ“ ، ”پيئون ٿا ڦُل ڏيندا سين جنت ۾ بُلُ“ ، ”چرس ناهي چاندي، شاستريءَ جي ڌي واندي، موالين ڪم ۾ آندي“ ، ”گھوٽڻ ڀيرين گم، ڇاڻڻ ڀيرين ڇتا، پيئڻ مهل ائين اچن جيئن سائين نور شاهه جا ڪتا“، (هڪ ڀنگ جو موالي نورشاهه ڀنگ گھوٽائي پاڻ به پيئندو هيو ۽ پنهنجي ڪتن کي به پياريندو هيو.) ”اچي، ڀلي ڪري اچي، هڪ پوک ته ٻي پچي، سر سيد جو بچي، موذي هڪ به نه بچي، جيڪو بچي اهو ڏنڊي ڪونڊي هيٺيان اچي، ڪيو قادر قلندر مست“، ”جيڪي پيئن سي جيئن“ وغيره . اسان جي هڪ ويجھي مائٽ جا سندس موالي پٽ اڄ به جڏهن سندس ٻارهو ڪندا آهن ته يادگار طور تي ڀنگ گھوٽي سندس قبر تي ڇڻڪار ڪندا آهن ۽ چرس جي دونهي جو واس قبر کي ڏيندا آهن. روهڙيءَ ۾ هڪ هندو درويش وسڻ فقير جو ماڳ آهي، اهو به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڀنگ جو وڏو عاشق هيو ۽ سندس آخري آرام گاهه تي اڄ به هروقت تازي ڀنگ جو ڪونڊو ڀريل ملندو. هڪ دفعي جڏهن اسان صوفي سنگت جا دوست ان جي آرام گاهه گھمڻ ويا هياسين ته مان پاڻ ان ڪونڊي مان لپ ڀنگ جي پيتي هئي.

ميخانو هڪ وڏي ايراضي تي مشتمل هوندو هيو، جنهن جي هڪ پاسي پڪي ۽ ٿلهي ڪاٺ مان جوڙيل غازي عباس جو علم لڳل هوندو هيو ۽ ان علم جي چوڌاري هڪ مخصوص ايراضيءَ کي پِڙُ ڪري ليکيو ويندو هيو. اهو پِڙُ مسجد جهڙو پاڪ سمجھيو ويندو هيو (۽ اڄ به سمجھيو ويندو آهي)، ڪوبه ماڻهون، ٻار يا عورت ان ايراضيءَ ۾ جتي پائي داخل ڪونه ٿيندو هيو. ٻي پاسي هڪ وڏي لانڍي جڙيل هئي، جنهن جي سامهون وڏو آڳر خالي هوندو هيو ۽ اتي هڪ ٿلهو به ٺهيل هيو. باقي سموري ايراضيءَ تي ٽالهي، ٻٻر، ٻير، نم، کٻڙ، ڪنڊي، انب، سرنهن جا وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيل هوندا هيا. ميخاني جي چئني پاسي کجي۽ جا وڻ فوج جي سپاهين جيان قطار ۾ بيٺل نظر ايندا هيا. انهن وڻن ۾ انيڪ قسم جي پکين جهڙوڪر طوطن، جھرڪين، ڳيرن، ڪبوترن، ڪٻرين، ڪانون، هيڙهن، ڪاٺ ٽڪڻن، ڀورين، بازن، الوئن، ڦوسين، جا وڏا وڏا خاندان آباد هوندا هيا. شام ٿيندي ئي ڪٻرين جو ٽِيڪو، جھرڪين جي ٽِين ٽِين شروع ٿي ويندي هئي. جڏهن ته ڏينهن جو طوطن جي ٽِيُون ٽِيُون، اسر جي مهل ڪبوترن ۽ ڳيرن جي ڳُٽر ڳو ڳُٽرڳو ۽ گھوگھو جا آواز ڪنن کي آسيس پهچائيندا هيا.

اسان وارو اهو ميخانو محض موالين يا ٻين ڳوٺاڻن جي راند روند لاءِ مخصوص نه هوندو هيو، جي ڪنهن جو مهمان مڙو اچي ويو ته کيس ميخاني ۾ ويهاري ماني ٽڪر کارائي خذمت چاڪري ڪئي ويندي هئي. رستي ويندڙ مسافر شهري ويندي يا اتان موٽندي ميخاني ۾ پوکيل وڻن جي ٿڌڙي ڇانو ۾ ساهي پٽي ڀرسان واري کوهه مان ڀريل ٿڌن مٽن مان پاڻي پي آسيس حاصل ڪري پوءِ اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن راڄوڻا فيصلا ڦرڙا به اتي ڪيا ويندا هيا. ننڍڙا ٻار چدي (بلور) راند، ڏٽي ڏڪر، لڪ ڇپ جهڙيون رانديون ڪندا هيا. ان قسم جا ميخانا ڪميونٽيءَ لاءِ ملڻ جلڻ، حال احوال ڪرڻ، ٿڪ پڃڻ، آرام ڪرڻ ۽ ذهني آسودگي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام وڏا ذريعا هوندا هيا. اتي ويٺي ويٺي جانورن جي وڪري ۽ خريداري جا مامرا پڻ طئي ٿيندا هيا ته ماڻهون رشتيداريءَ جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان صلاح مصلحتون پڻ ڪندا هيا. ان سان گڏ پنهنجي دکن دردن جا داستان هڪ ٻئي سان سلي هلڪا ڦلڪا ٿي گھرن ڏانهن موٽندا هيا. سڄو ڏينهن کل ڀوڳ جون محفلون پڻ پيون هلنديون هيون ته وري ڪڏهن ڪڏهن ڪي صوفي فقير گھرائي کانئن صوفياڻي راڳ رنگ جون محفلون ڪرايون وينديون هيون. ميخاني ۾ ڪميونٽي جي شادي مراديءَ جون تقريبون به منقعد ٿينديون هيون ته فوتگيءَ جا تڏا به وڇايا ويندا هيا. محرم جي مهيني ۾ وري اتي شهيدي ڪربلا جي ياد ۾ ماتم سان گڏ مجلسون منقعد ٿينديون هيون ته ننگر و نياز به ڪيو ويندو هيو. محرم جو مهينو اسان لاءِ انتهائي اهميت وارو هوندو هيو. ذوالحج جي ستاويهن تاريخ تي علم پاڪ کي وري نئين سينگارڻ لاءِ لاٿو ويندو هيو ۽ محرم جي پهرين تاريخ تي ان کي سينگاري مخصوص جڳهه تي چاڙهيو ويندو هيو ۽ پوءِ پورا ڏهه ڏينهن ان پڙ تي روزانه رات جو ماتم ٿيندو هيو. ماتم لاءِ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ جايون جڙيل هونديون هيون. اسان جون عورتون سنڌي اوسارا چئي ان تي ماتم ڪنديون هيو. انهن ورلاپن ۾ الائي ته ڪهڙو جادو هوندو هيو ته ڪٺور دليون به ڇڄي پونديون هيون ۽ هر اک آلي ٿي پوندي هئي. مرد پڙ جي گولائيءَ ۾ بيهي حيدر مولى حيدر مولى، ياحسين ياحيسن جي ورلاپن تي سيني زني ڪندا هيا. اسين ٻار به سندن آس پاس ۾ بيهي ساڻن سر وٺائيندا هياسين. اسان مان ڪجھ ننڍڙا وري بيلڊ سان جھير ڏئي رت ڪڍي به ماتم ڪندا هيا. اونهاري ۾ ٿڌي شربت، ٿاڌل جون سبيلن جا مٽ ڀري ماتمين کي پياريا ويندا هيا، جڏهن ته سياري ۾ چاءِ جي سبيل هلندي هئي. اونهاري توڙي سياري ۾ خاص ڪري ڇولن جو نياز ته هر رات ڪرايو ويندو هيو جيڪو مختلف ڳوٺاڻا ٺاهي کڻي ايندا هيا. مايون هر سال ڪي نه ڪي باسون باسيندويون هيون. ماتم مهل اسان جي راڄ جو مڱڻهار شادو فقير دهل جو اهڙو ته واڄو ڪندو هيو جو ان سان ماتمين جو جوش خروش تهان وڌي ويندو هيو. ان زماني ۾ اسان واري ميخاني تي ٻه عدد نغارا به هوندا هيا، جن کي منهنجو موالي مامون وڏي ڪاريگرانه انداز سان وڄائيندو هيو. نغاري، دهل، ۽ ماتمين جي ياحسين ياحيسن جي صدا پوري آس پاس جي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيندي هئي. اسان واري امام بارگاهه جي حيثيت مرڪز واري هوندي هئي. ٻيا جيڪي امام بارگاهه مختلف ڳوٺن ۾ هوندا هيا ته اهي ڏهي جي مختلف راتين تي اسان واري امام بارگاهه ڏانهن پڙ کڻي ايندا هيا. اسان واري پڙ جا ماتمي ماتم ڪندي ٿوري مفاصلي تائين سندن استقبال لاءِ اڳتي وڌندا هيا. جڏهن ٻئي پڙ هڪ ٻئي جي ڀرسان اچي پهچندا هيا ته سندن جوش خروش ڏسڻ وٽان هوندو هيو. بعد ۾ ٻئي ملي هڪ ٿي ويندا هيا. ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن اسان جي پڙ جا ماتمي ٻين امام بارگاهن طرف به ويندا هيا. ماتم هلندي اسان کي وڏڙا اهي هدايتون به متواتر ڪندا هلندا هيا ته ”وائي ڪيو، وائي ڪيو“ يعني ياحسين ۽ حيدر مولى جا ورلاپ بلند آواز سان گڏجي چؤ ته جيئن اوڙي پاڙي جي ڳوٺن کي هلندڙ ماتم جي ڄاڻ ملي سگھي. مون کي زوردار ماتم ڪندي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن بابا سائين مون کي هدايت ڪندو هيو ته ”تون جوش خروش سان ماتم ڀلي ڪر پر مهرباني ڪري پنهنجي سيني تي هٿ هلڪو هڻ“. !

اسان جو گھراڻو به عجيب هيو ۽ آهي. اسين ماتم ڪندا آهيون، ننگر ۽ نياز ڪندا به آهيون ته کائيندا به آهيون پر نماز وري سني مسلڪ واري پڙهندا آهيون. اڳي جڏهن اوس پاس ۾ سني مائٽن پاران اجتماع ڪيا ويندا هيا ته انهن ۾ به شرڪت ڪندا هياسين. اسان کي ڪڏهن به پنهنجن وڏڙن انهن اجتماعن ۾ وڃڻ کان نه روڪيو هو ۽ نه ئي اهي مذهبي اجتماع ڪندڙ ڪنهن ماڻهونءَ تي اعتراض واريندا هيا ته ”هي هت ڇو آيو آهي“. اسان ان صوفي روايت کي اڄ به برقرار رکيون پيا اچون. اسان جي ڳوٺ ۾ اڄ به جيڪا عيد جي نماز پير احمد شاهه تي پڙهي ويندي آهي ان جو تسلسل آهي. پير احمد شاهه جو اهو آڳر جتي هڪ جاءِ عيد گاهه لاءِ مخصوص ٿيل هئي (افسوس ته زمين جي خريداريءَ بعد اسان جي مائٽ ان تي به پوکي ڪري ڇڏي آهي) جنهن تي منهنجو ڏاڏو سائين پيش امامت جا فرائض سرانجام ڏيندو هيو، بعد ۾ سندس جاءِ بابا سائينءَ والاري هئي ۽ هاڻي اسان سنڀاريو پيا اچون. (هنوقت عيد نماز پير جي سحن ۾ پڙهي ويندي آهي). انوقت اڃا ماڻهن ۾ فرقي واريت يا ذات پات وارا زهريلا جراثيم ڪونه لڳا هئا. اسان جي اوسي پاسي رهندڙ سمورين ذاتين جا ماڻهون جيڪي مختلف مسلڪن سان واسطو رکندڙ هوندا هيا، ڏاڏا سائين جي امامت ۾ نماز ادا ڪندا هيا. انهن مان ڪجھ هٿ ٻڌي پنهنجي مولى جي آڏو سيس نوائيندا هيا ته ٻيا هٿ کولي کيس سجدن سان ٻڌائيندا هيا ته اسين سڀ تنهنجا بندا آهيون. اڄ ڪلهه ته اسان جي ملن مولوين مسجدن کي نعوذ باالله الله سائين جي حق ملڪيت کان الڳ ڪري پنهنجي مسلڪ جي جاگير بڻائي رکيو آهي. مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته هو خيرپور جي وچ ۾ جڙيل هڪ مسجد شريف ۾ جيئن ئي نماز شروع ڪري سجدي ۾ ويو ته (ياد رهي ته اهو شيعو هيو) ته کيس ٻن ڄڻن ٽنگا ٽولي ڪري کنيو ۽ ٻاهر اچي روڊ تي ڦٽي ڪيو. ٻڌائڻ وارا بيان ٿا ڪن ته پوءِ ان مسجد جي جڳهه جتي هن نماز پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي کي تمام سٺي نموني ڌوتو ويو. احمدشاهه جو ميلو هر سال اونهاري جي مند ۾ باغن جي پِڙَنِ کڄڻ بعد لڳايو ويندو هيو. درگاهه جي فقير چاچي بخشڻ موريجي کي هرڪو پنهنجي وس ۽ وت آهر چندو ادا ڪندو هيو جنهن مان هو ڪڻڪ جو ڀت رڌرائيندو هيو. اهو ڀت اسان سڀ وڏي چاهه سان کائيندا هياسين. ميلي جي موقعي تي ڪا ڳائڻي خاص طور تي گھرائي ويندي هئي. ان محفل ۾ سڀني جو چاهه تڏهن تمام گھڻو وڌي ويندو هيو جڏهن گھور جو مقابلو شروع ٿي ويندو هيو. ان گھور جي مقابلي مان جنهن کي سڀ کان گھڻي خوشي ملندي هئي اها ڳائڻي ئي هوندي هئي جو ان عمل سان کيس جھجھا پيسا ملي ويندا هيا ۽ گھور جي عمل ۾ مشغول ماڻهن جا کيسا خالي ٿي ويندا هيا. ڀت کائڻ، راڳ رنگ جي محفل بعد پير جي ڀرسان وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل واري جي دڙن وچ ۾ ڪوڏي ڪوڏي يا ٻيلهاڙي جون رانديون ٿينديون هيو. اسان جي ڳوٺ جي آس پاس سوين ايڪڙن تي واريءَ جا دڙا هوندا هيا. اسڪول وڃڻ لاءِ اسان کي انهن واري جي دڙن کي پار ڪرڻو پوندو هيو ۽ اڪثر ڪري بابا سائين مون کي واري جا دڙا پار ڪرائي اڳڀرو ڪري ايندو هيو. واري جي دڙن تي سون جي تعدا ۾ کٻڙن جا وڻ هوندا هيا. اونهاري جي مند ۾ اسين کٻڙن مان پيرون پٽي جھوليون ڀري گھر کڻي ايندا هياسين. کٻڙن جي وڻن سان گڏ جٿ ڪٿ ٻوڙن جا جھڳٽا عام جام نظر ايندا هيا. ٻوڙن جا ٻه قسم هوندا هيا، هڪ سچا ٻوڙا ٻيا ڪوڙا ٻوڙا. اسين ٻارٻوڙي جي ڪاني ۽ ڳر مان ڦيتي جي شڪل جهڙا گولڙا ٺاهي انهن کي تيز هوائن واري موسم ۾ واريءَ جي دڙن تي گوءِ ڪندا هياسين.

انهن ٻوڙن اندر چيٽ جي مند ۾ نيسر ٿيندي هئي. ٻوڙي جو گل انتهائي خوبصورت ٿيندو آهي، قطار در قطار اهي گل ان علائقي کي قدرتي سونهن جو اڻ ميو خزانو بخشي ڇڏيندا آهن. ڳوٺاڻا انهن ٻوڙن جي نسرڻ سان موسمن جو اندازو هڻندا هيا. چيٽ ڀڄڻ مان اها مراد ورتي ويندي هئي ته هاڻ گرميءَ جي مند جي پڄاڻي ٿي ۽ ٿڌ شروع ٿيڻ واري آهي. جيئن لطيف سائين فرمائي ويا آهن ته؛

”سر نسريا پاند اتر لڳا آءُ پرين، مون تون سين ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون“.

واريءَ جي دڙن ۾ ڳورپٽ، ڄاها، ڪوئا، سيهڙ، مختلف نسلن جا نانگ، وڇون، ڪرڙيون، سانڊا رهندا هيا. ڪارڙن ۽ بگڙن تترن جي ٻولن سان اهي واري جا ڀٽ گونجندا رهندا هيا.

غازي جو علم ته اڄ به ساڳيءَ جاءِ تي لڳل آهي پر اها دلفريب جاءِ جنهن کي اسين ميخانو چوندا هياسين ان جا نشان گم ٿئي ڪيئي ورهه ٿي ويا آهن. ميخاني جي سمورن وڻن ٽڻن کي پوئين نسل وڍرائي ڇڏيو آهي. وڻن جي وڍجڻ سان گڏ ئي اتي آکيرا جوڙي رهندڙ پکين جي به نسل ڪشي ٿي ويئي آهي. هاڻي اتي ڪو طوطو ٽيون ٽيون ڪرڻ لاءِ ناهي بچيو، هاڻي جھنگلي ڪبوتر جي گھُو گھُو ڪري ذڪر ڪرڻ وارا ٻول هيمشهه لاءِ ختم ٿي چڪا آهن. گل ٻوٽا ڍورن ڍنگرن جي پيرن هيٺان لتاڙجي پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن، هاڻي نه اهي موالي رهيا نه اهي ماتمي، سنڌي اوسارن، سنڌي قصيدن جي جاءِ تي واپاري نيت سان مارڪيٽ ۾ آيل فلمي گانن ٽائيپ اردو ماتمي نوحن والاري ڇڏي آهي. اڄ اتي ويراني جو راڄ آهي!

بخشڻ فقير جي پيالي ڪرڻ بعد احمد شاهه جو ميلو به لڳڻ بند ٿي چڪو آهي. ڀٽن مان واري ٽريڪٽرن جي ٽرالين تي مڪمل نموني ڍوئجي چڪي آهي ۽ واري جي دڙن جا نشان ئي مٽجي چڪا آهن، جتي راندين جي مقابلي لاءِ آس پاس رهندڙ برادرين جا هزارين ماڻهون گڏ ٿيندا هيا، خوشيون ڪندا هيا، هاڻي اها سموري زمين آباديءَ هيٺ آندي ويئي آهي. انهن ڀِٽَن ۾ جيڪا جھنگلي جيوت رهندي هندي هئي سابه هن دنيا جي نقشي تان ميسارجي چڪي آهي. آس پاس جي علائقي جا سمورا تتر بندوقن جي نالين مان نڪتل بارود سان ڀسم ڪيا ويا آهن، جھنگلي سيهڙ، جھنگلي ٻلا ته ڄڻ هن دنيا ۾ هوندا ئي ڪونه هيا. ها بس ڏئي وٺي گدڙ پنهنجو نسل اڃا الائي ته ڪهڙي نموني بچايون پيو اچي. اڳ شادي شهيد جي پهاڙين ۾ جھجھي تعداد ۾ هرڻ رهندا هيا، جبلن ۾ آبادي وڌڻ ڪري انهن جو نسل به ختم ٿي چڪو آهي.

سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هي زمين صرف اسان انسانذات جي آهي؟ يا جيڪي ٻيا ساهوارا يعني جانور، پکي پکڻ، جيت جڙا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، آبي جيوت جيڪا آهي انهن کي به هن دنيا ۾ رهڻ جو ايترو ئي حق آهي؟؟؟ ٺيڪ آ انسان اشرف المخلوقات آهي، جنهن وٽ سوچڻ، سمجھڻ، دنيا جي وهنوارن کي ڏسي انهن مان نتيجا ڪڍي ان مطابق فيصلا ڪرڻ جو ادراڪ مليل آهي. ان جو مطلب اهو ٿورو ئي آهي ته کيس هر ٻي ساهواري کي نيست نابود ڪرڻ جو لائسنس مليل آهي! ٻين ساهوارن جي نسل ڪشي انسان ڪندو پيو اچي، منهنجي نظر ۾ اهي به ڪربلائون آهن جيڪي مظلوم، بي وس ۽ اسان انسانن جي رحم و ڪرم تي وجود رکندڙ ساهوارن سان اسان سڀ روزانه برپا ڪندا پيا اچون. انهن معصوم جانورن، ساهوارن، گل ٻوٽن لاءِ ته ٻاروهي محرم جو مهينو آهي. اچو ته اڄ انهن مظلومن لاءِ گڏجي نوحا پڙهي سينه زني ڪريون.

ني سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون، پسي بازاريون هيئنڙو مون لوڻ ٿئي. لطيف.

Thursday, December 13, 2012

آغا خان ڪميونٽي هڪ جائزو




عيسوي سن اوڻويهه سؤ ڇاهتر ۾ مون سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي هئي. سائنس جي پڙهائي ۾ ته ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگھيو هوم جو منهنجي سنگت وري شهر ۽ ڪاليج جي لوفر قسم جي ڇوڪرن سان هئي. ان ڪني ماحول جي هڪ جھيڙي ته منهنجو سِر کنيو هُيو. بس پِيِر زور هيا ۽ ابي امڙ جي ڪا دعا اگھاميل هئي جان بچي ويئي هئي. انوقت بابا سائين مون کي،  ان ماڻهون مار ماحول کان بچائڻ لاءِ ٽي سؤ روپيه ڏيئي ڪراچي پنهنجي هڪ عزيز ڏانهن اماڻيو هيو،  جنهن کيس منهنجي نوڪريءَ جو آسرو ڏنو هيو.  انوقت منهنجي تعليم محض ميٽرڪ هئي  باوجود ڪيترن مهينن جي رولهڙن جي نوڪري  ته ملي نه سگھي هئي پر تين هٽي پرسان جهانگير ڪواٽرس ۾ جن دوستن سان رهڻ جو موقعو مليو هيو اهي پنهنجي وقت جا سون نه پر پارس هيا. انهن جي صحبت ۾ رهندي  ۽ انهن جي علمي، ادبي، سياسي ڪچهرين ۽ تربيت ڪري ئي مان ان قابل ٿي سگھيو هوس ته پنهنجي دماغ ۾ ڀريل سموري فتور کي ڪڍي سگھان.

Tuesday, December 4, 2012

اک الٽي ڌار

اک الٽي ڌار


مون کي اهي ڏينهن ٿا ياد اچن جڏهن گورنمنٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشن سکر جي برانڊ نيئن سوزوڪي پڪ اپ تي چڙهي اسان جي ڪاليج سائيڊ جا الحاج ڊاريڪٽر صاحب پنهنجي دفتر ايندا هيا. سندن دفتر اسان جي اسلاميه ڪاليج جي مرحوم هاسٽل ۾ قائم آهي.  سوزوڪي جي ڊرائيونگ تنهن وقت جو باريش ۽ صوم و صلوات جو پابند پرنسپل صاحب بذات خود سرانجام ڏيندا هيا ۽ جڏهن دفتر جي گيٽ تي سوزوڪي پهچندي هئي ته نيڪ سيرت پرنسپل صاحب، الحاج ڊاريڪٽر صاحب (کين الله پاڪ شل جنت ۾ جاءِ ڏي) جي بيگ سنڀاري کين سندن دفتر ۾ڪرسيءَ تي ويهاري واپس ٿيندا هيا ۽ پوءِ موڪل ٿيڻ وقت وري ان ساڳي سوزوڪي ۾ صاحب جن سوار ٿي  سکر جي بس اسٽاپ تي پهچي اتان ويگن ۾ ويهي پنهنجي گھر شڪارپور روانا ٿيند هيا.  اهو روزانه جو وهنوار هوندو هيو. ڊاريڪٽر صاحب کي سرڪاري ڪار ته مليل هوندي هئي پر صاحب ان کي گھٽ استعمال ڪندا هيا. ان دؤر جي شرلاڪ هومز قسم جي دوستن جو چوڻ هيو ته صاحب جن سرڪاري گاڏي جي پئٽرول وارو ووچر ٺاهڻ ڪڏهن به ناهن وساريندا. ان نموني پئسن جي بچت ڪري شايد صاحب حج جي سعادت به ماڻي آيا هيا. پر ٿورو ترسو ته ساڳي صاحب متعلق ٻي هڪ اکئين ڏٺي واقعي کي بيان ڪري اوهان جي علم ۾اضافو ڪندو هلان. ساڳي صاحب جي دؤر ۾ اسان جي ڪاليج جي انوقت جي پرنسپل صاحب هڪ پروگرام رٿيو هيو.  ان فنڪشن لاءِ ڊاريڪٽر صاحب جن کي خاص مهان طور دعوت ڏني ويئي هئي. پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ خاطر ڪاليج اندر پهچڻ بعد  ڊاريڪٽر صاحب جن پهچڻ سان ئي ٻه فرمائشون ڪيون هيون. هڪ ته پروگرام جي ڪوريج لاءِ گھرايل ڦوٽوگرافر کان سندس تصوير ڪڍرائڻ جيڪا موصوف کي پاسپورٽ لاءِ کپندي هئي (ياد رهي ته پاسپورٽ آفيس ۾ اڄ جيان انوقت ڦوٽو ڪڍڻ جو بندوبست ٿيل ڪونه هوندو هيو) ۽ ٻيو ته ڪاليج اندر ٽڙيل گلن کي پٽي انهن مان هڪ پلاسٽڪ جي ڳوٿري ڀري ڏيڻ ته جيئن ته اهي گل ڊاريڪٽر صاحب جن پنهنجي مرحوم امڙ جي قبر تي رکي اچن. اسان جي مهربان پرنسپل سندن پهريون انگل پورو ڪرڻ ۾ ته ڪا دير نه ڪئي پر گلن کي ڇنڻ واري ڳالهه کين هرگز پسند نه هئي. ياد رهي ته ڪاليج اندر سندس ذاتي ڪوششن سان باغيچو جڙيو هيو ۽ سائين جن انهن گلن ٻوٽن سان پنهنجي اولاد وانگر محبت ڪندا هيا. پرنسپل صاحب وڏي احترام سان کين عرض ڪيو هوته قبلا گھٽ  ۾ گھٽ پنهنجي جيجل جي قبر تي ته پنهنجي کيسي مان گل وٺي نڇاور ڪر پر جي وڌيڪ ضد آهي ته هو بازار مان خريد ڪيل گلن جي قيمت ڏيڻ لاءَ تيار آهي.