Friday, December 9, 2016

انقلابي پيروڊي



انقلابي پارٽين جا لڳ ڀڳ سڀ فيصلا بند ڪمرن ۾، انقلابي رازداريءَ سان ڳجھي نموني ٿيندا آهن، جن جي ٻاهر ٻاڦ ڪانه نڪرندي آهي. هڪ تنظيم ظاهري ۽ نمائشي هوندي آهي، ان جو مقصد ڪارڪنن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي عظيم اڳواڻ پاران پارٽيءَ تي پنهنجي گرفت کي مظبوط ڪرڻ هوندو آهي. ان نقلي ۽ نمائشي جمائت جا نالا بدلبا رهندا آهن. ڪڏهن اها ا (الف) ته ڪڏهن ان جو نالو ب (بي) رکيو ويندو آهي. پارٽي جا مالڪ ساڳيا ئي هوندا آهن بس ڪجھ وقت لاءِ ليبل بدلبا رهندا آهن. اهي تنظيمون ڪاغذي ۽ کوکليون هونديون آهن. ڪارڪن ڀائيندا آهن ته اُها انهن تنظيمن جي ڪمزوري ۽ مجبوري آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. انهن کي ڄاڻي واڻي کوکلو رکيو ويندو آهي، ته جيئن انهن تي ڪارڪنن جو قبضو مظبوط نه رهي ۽ اهي انقلابي اڳواڻ جي هٿان نڪري نه وڃي. اهڙي انقلابي جماعت ۾ ڪجھ به نه هوندو آهي فقط هڪ قومي ۽ عوامي ليڊر سڀ  ڪجھ هوندو آهي. هو اِهو بندوبست انهيءَ لاءِ رکندا آهن ته وقت اچي ته اُن عظيم اڳواڻ جي نالي ۾، قوم ۽ قومي ڪارڪنن جا تختا به ڪڍي سگھجن. وچ وچ ۾ انهن پارٽين ۾ وچئين ۽ هيٺئين طبقي مان ڪيترا قلم باز، بيان باز، ڄاڙي باز ماڻهون ڀرتي ڪري ڏيکاءُ لاءِ اهم عهديدار بڻائي رکيا ويندا آهن، پر سندن حقيقي ڪم ڀٽن ۽ مڱڻهارن وانگر اڳواڻن جي شان ۾ قصيدا ۽ مداحون پڙهڻ ۽ مخالفن کي گاريون ڏيڻ هوندو آهي. ڪن خاص موقعن تي کين خوب کارائي پياري ۽ پٺ ٺپري، لئي ۾ رکيو ويندو آهي. اڳواڻ ميسڻا ٿيو سندن پٺيان پٺيان هلندا آهن. وچئين طبقي جا ڀٽ ۽ مڱڻهار ڦونڊ ۾ ڀرجي هلندا آهن ۽ سمجھندا آهن ته لهي اڀري ئي اسان تي پيو. ان مخصوص وقت ۾ وچولي طبقي جا قلم باز ۽ ڄاڙي باز سورما عادت موجب ڪجھ پوز هڻندا آهن. پر جلد ئي کين ذهن نشين ڪرايو ويندو آهي ته ”هاڻي اصلي انقلابي اڳواڻ پاڻ پارٽي سنڀاليندا هاڻي کين ڀٽن ۽ مڱڻهارن جي ضرورت ڪانهي. سڀڪو ڪک پن ٿي وڃي، نه ته پارٽيءَ جو غدار ۽ عوام جو دشمن ٿي پوندو ۽ بڇڙو ٿيندو“.