Sunday, October 31, 2010

صنفي حساسيت ۽ لاکيڻو لطيف Gender Sensitization & Latif

جنس مردن ۽ عورتن ۾ بائلاجيڪل فرقن کي ظاهر ڪندو آهي جڏهن ته صنف سماج ۾ جنس جي بنياد تي مردن ۽ عورتن جي ڪردار ۽ ڪم ڪار کي ظاهر ڪندو آهي. جنس قدرت طرفان مليل وصف آهي جنهن کي مٽائي ڪونه ٿو سگھجي جڏهن ته سماج اندر ڪردار جي حوالي سان جوڙيل قانون اسان انسانن جا آهن. ان ڪري انهن ۾ وقت ۽ حالتن جي مدنظر ڦير گھير ٿيندي رهندي آهي. هڪ وقت هيو جڏهن پوري دنيا تي عورتن جو راڄ هوندو هيو جنهن کي مدري دؤر جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اهو دؤر صدين تائين هلندو رهيو ۽ ان کان پوءِ پدري دؤر آيو جنهن ۾ مردن جي بالادستي قائم ٿي. اهو دؤر اڄ به هلندڙ آهي. مردن ۽ عورتن جي ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو فرق آهي ته اها سندن جسماني بناوٽ ئي آهي. پر اسان وٽ ڪيئي ڳالهيون ڀٿر تي ليڪ ڪري سمجھيون وينديون آهن. خاص طور تي مذهبي بنياد پرست عورتن جي حقن جا سخت مخالف آهن. ”ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊويلپمنٽ“ پاران ڇپرايل ڪتاب “رواداري” ۾ وجاهت مسعود پنهنجي مضمون “بنياد پرستي ڇا آهي؟” ۾ صنفي متڀيد متعلق مذهبي بنياد پرستي جي حوالي سان لکي ٿو ته “مختلف مذهبي روايتن سان واسطو رکندڙ بنياد پرست صنفي برابري جي اصولن جي هڪجهڙائي شد و مد سان مخا لفت ڪندا آهن. صنفي ۽ توليدي حقن جي باري ۾ هڪجهڙائي رجحان رکندا آهن ۽ پاڻ ۾ گوناگون اختلافن جي باجود سڀئي بنياد پرست گروهه عورتن کي مردن کان ڪمتر سمجھندا آهن. ڪجھ بنياد پرست هي تاويل پيش ڪندا آهن ته عورتن جي لاءِ هڪ مخصوص دائري ڪار ۽ رهڻ ڪرڻ جا زبردستي عائد ڪيل ظابطا دراصل ان جي حفاظت ۽ احترام جي عڪاسي ڪندا آهن،...” هو اڳتي هلي وڌيڪ لکي ٿو ته “عورتن ۽ مردن جي اڪيلي معروضي متڀيدي لڪير عورت ۽ مرد جو جسماني فرق آهي. جديد معاشرو حياتياتي قيمتن ۽ عضون جي فرق کي انساني عقل، صلاحيت ۽ امڪان جو بنياد نه ٿو سمجھي، دراصل بنياد پرست گروهه عورت ۽ مرد ۾ لڪير ڇڪي انساني جسم جي احترام کان انڪار ڪري ٿو. جيڪڏهن انسان پنهنجي جسم جو احترام وڃائي ويهن ۽ پنهنجي جسماني خصوصيتن تي فخر ۽ شرمندگي جهڙن احساسن جا شڪار ٿي وڃن ته اهي معاشري جي سياسي شڪل، فڪري بلوغيت ۽ گڏيل فيصلي سازيءَ ۾ ڪارگر آواز ڪڍڻ جا اهل ناهن رهندا.”
هن مرداڻي جڪڙ ۾ آيل سماج ۾ ڪجھ بي بنياد ۽ غلط تصور عورتن ۽ مردن وچ جوڙيا ويا آهن. اهي ڪجھ هن طرح آهن ته؛
1 _ مرد فطري خود مختيار آهي جڏهن ته عورت بي اختيار پيدا ڪيون ويون آهن.
2_ عورتون ڪمزور هونديون آهن جڏهن ته مرد طاقتور ٿيندا آهن.
3_ مرد ماهر جڏهن ته عورتون نااهل هونديون آهن.
4_ مرد جي حيثيت مڃيل، عزت ۽ دٻدٻي واري جڏهن ته عورتون هيٺين درجي جي حيثيت واريون هونديون آهن.
5_ عورتون جذباتي هونديون آهن جڏهن ته مرد منطقي سوچ ڌاريندڙ هوندا آهن.
6_ مرد فيصلا ڪندا آهن ۽ انهن تي عورتون عمل ڪنديون آهن.
7_مرد گھر لاءِ ڪمائي ڪندڙ ۽ عورتون گھر جون ڪم ڪندڙ هونديون آهن.
8_ مرد ليڊر جڏهن ته عورتون سندن مددگار هونديون آهن.
9_ مرد دلير جڏهن ته عورتون خوف ۾ مبتلا رهندڙ هونديون آهن.
10_عورتون امن پسند جڏهن ته مرد اڳرائي ڪندڙ هوندا آهن.
11_ مرد ڳالهائڻ مهل کَلي ڳالهائيندا آهن، جڏهن ته عورتون شرمائنديون آهن.
12_ مرد سرگرم، پرجوش رهندڙ جڏهن ته عورتون غير سرگرم هونديون آهن.

سنڌ جي سماج اندر به اهي ڳالهيون صدين کان رائج آهن. ڪن ڳالهين ۾ ته اسان پوري دنيا کان چوٽ تي چڙهيل نظر ٿا اچون. مثال طور ڇوڪرين جي پڙهائڻ ۽ سندن رشتن ناتن ۾ ساڻن مشورو ڪرڻ کي انتهائي بي غيرتي سمجھيو ويندو آهي. ا ڪارو ڪاري جي نالي ۾ هلندڙ نياڻين جي قتلام کي مڙس ماڻهپي سان جوڙيو ويو آهي. حالانڪه اهي سوچون اسان وٽ ٻاهرين قومن وٽان پهتيون آهن، جن کي اسين هاڻي آسماني صحيفو سمجھي پوڄي رهيا آهيون. سماج اهي ترقي ڪندا آهن، جن وٽ زندگيءَ سان سلهاڙيل ڪن تمام اهم ڳالهين متعلق واضع. چٽو مؤقف هوندو آهي. انهن کي خبر هوندي آهي ته ڪهڙي ڳالهه سندن فائدي واري جڏهن ته ڪهڙي نقصانڪار آهي. صنفي فرق کي سمجھڻ بنا اسان ترقي نه ٿا ڪري سگھون. جڏهن قوم جي اڌ آبادي ترقيءَ لاءِ هلندڙ سموري وهنوار کان الڳ هجي، بلڪ انهن کي انسان ئي نه سمجھيو وڃي، ته پوءِ اسان تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان ڪيئن قدم بقدم هلي سگھنداسين. انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ ڪن آمريڪا ۽ يورپ جي ڏاهن جي ڪيل ڪم تائين اسان جي ڀلي ته پهچ نه به هجي پر اسان جو لاکيڻو لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان لاءِ ڪيئي ڏاهپ ڀريا سبق ڇڏي ويو آهي. انهن صنفي تصورن کي ذهن ۾ رکي جڏهن سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو، سندس شاعري ۾ ٻڌايل فلسفي کي اڄوڪي د‍ؤر ۾ مردن ۽ عورتن سان سماج اندر هلندڙ روين سان ڀيٽ ڪبي ته ڪيئي ڳالهيون کَلي ڪري آشڪار ٿي پونديون. . ڊاڪٽر فهميدهه حيسن پنهنجي ڊاڪٽوريٽ جي مقالي ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ“ ۾ لکي ٿي ته ” عورت جي ڪردار کي ڪڏهن صنف نازڪ ۽ ڪڏهن جنسِ لطيف جهڙين خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪري مٿس ڪمزوري ۽ بزدليءَ جو ٺپو لڳايو ويندو آهي. شاهه صاحب جي ڪردار وارين عورتن ان تصور کي غلط ثابت ڪيو آهي.” سنڌ جي مڃيل سياستدان ۽ اديب رسول بخش پليجي ”وهڻ مون نه وڙاءِ“ ڪتاب ۾ لطيف سرڪار لاءِ لکيو آهي ته هو اهڙن ڏاهن ۾ شمار ٿيندا آهن جن “... انسانن جي روح ۾ جھاتي پائي انسانن جا دک درد سندن جذبا ۽ احساس ڏٺا هئا.” پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي پليجو صاحب لاکيڻي لطيف لاءِ وڌيڪ لکي ٿو ته “هن سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ عورتن خاص ڪري عورتن جي جذبن جي جنهن خلوص امنگ ۽ جذبي سان ترجماني ڪئي آهي، تنهن جي بيان لاءِ دفتر کپن.”
سسئي جي روپ ۾ هڪ اهڙي بهادر عورت جيڪا پنهنجي ور جي ڳولها لاءِ حد لاحد لنگھي ٿي وڃي. جھنگ، جبل، روهه، ڪنڊا، بک، اڃ، اڻ ڏٺل واٽ تي ايندڙ سموريون تڪيلفون کيس سندس عزم تان هڪ انچ به پوئتي هٽائي نه ٿيون سگھن. سسئي صرف هڪ جدوجهد ڪندڙ ڪردار طور سامهون نه پئي اچي پر هوءَ ليڊر طور پنهنجا فيصلا پاڻ ٿي ڪري. جھنگ جھاڳڻ، لنڊيون لتاڙڻ، جھنگلي جانورن سان مهاڏو اٽڪائڻ وارا ڪم ڪو خوف ۾ مبتلا رهندڙ انسان ڪيئن ٿو ڪري سگھي! لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ وسيلي ان غير منطقي سوچ کي ڀنڃي ڀورا ڪري ڇڏيو آهي ته عورتون ڪمزور، خوف ۾ مبتلا رهندڙ هونديون آهن. سسئيءَ جي روپ ڌاريندڙ عورت جي نالي ڪير چوندو ته اها ڪمزور هئي. هوءَ پنهنجي محبوب وَر پنهونءَ ڏانهن ويندڙ راهه تي ملندڙ هر تڪليف کي هڪ چئلينج ڪري ٿي وٺي ۽ پنهنجي پرين سان والهانه محبت ۽ عقيدت ڪري کيس اهي تڪليفون، ڏک ڏاکڙا به سک ٿا لڳن؛

ڏاگھن ڏيرن ڏونگرن تنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم سک هيڪاند ڪارڻ هوت جي.

هوءَ پنهنجي ساهيڙين کي چئي پئي ته سندس سفر اڻانگو ۽ ڏکيو آهي، ان ڪري خالي سڌون ڪرڻ واريون مون سان نه هلو، صرف اهي سندس ساٿ ڏين جيڪي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪن؛

سڌائتي سڀ ڪا بک نه باسي ڪا،
جيهيءَ تيهيءَ ذات جي، جنبش ڪانهي ڪاِ،
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.

هوءَ مسلسل جدوجهد جي حامي آهي، منزل صرف اهي ماڻيندا آهن جيڪي منزل طرف ويندڙ راهن تي ويهي ڄاڻو، ڏاهن انسانن کان رهنمائي حاصل ڪندا رهندا آهن، اهي ڪڏهن به منزل ماڻي نه ٿا سگھن جيڪي ستل هجن، گھر جي ڪنڊ ۾ ويٺل هجن. سسئي جي عزم، حوصلي، همٿ، جذبي، بهادري وارين روين کي چٽي طرح سمجھائيندڙ ڪجھ بيت هيٺ ڏيان ٿو؛

ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين،
جي مٿي رندن رئن، ساڄن ملي تن کي.

ڪر ڪو واڪو وس، وهه مهَ منڌَ ڀنڀور ۾،
چڙهي ڏاڍهين ڏونگرين، پير پنهون جو پس،
ڏورڻ منجھان ڏس، پوندين هوت پنهونءَ جو.

هن بيت ۾ لطيف سائين سسئيءَ کي صلاح پيو ڏئي ته سؤ ڪوهه پنڌ جا ته سڀڪو ڪندو آهي، پر جڏهن تون صفا کهين پئين، ٿڪجي پئين ته ان وقت به هلندو رهجانءِ؛

سؤ ڪوهه ڪري سڀڪا، تون کهي کڻج وک،
تاڻج منجھان تک، ته پنڌُ پاسي ڀر نبري.

منزل ماڻڻ واريون اهي هونديون آهن جيڪي ڪا به لالچ يا لوڀ نه رکنديون آهن، اهي هر وقت سڄاڳ رهنديون آهن؛
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپيريان سي سوڀ ننڊون ڪندي نه ٿئي،

هن بيت ۾ سسئي جو پنهنجي پرين پنهونءَ سان لاڳاپو ته ڏسو، جو کيس وڻن مان به آري ڄام جو واس پيو اچي، ۽ سندس حوصلو اجھو هيءُ آهي ته چئي پئي ته جي جھنگ جا مرون سندس ماس به کائي ويندا ته به سندس هڏا هوت ڏانهن هلندا؛

لڏيندي لباس، جتن جيڏو ئي ڪيو،
اچي آري ڄام جو وڻ وڻ منجهان واس،
مرون کينم ماس، هڏا هلندا هوت ڏي.

سسئي جي روپ ۾ اسان کي اورچ، بهادر، مظبوط ارادي واري هڪ اهڙي عورت ٿي نظر اچي جيڪا پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ڪنهن به رڪاوٽ، تڪليف، خوف کي پنهنجي ويجھو اچڻ ئي نه ٿي ڏي. اتي ٿورو ساهي پٽي اسان عورتن لاءِ هوائي توائي ڳالهين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندا سين ته اهي سڀ نظريا ڪوڙا ثابت ٿيندا جنهن مطابق ته اهي صنف نازڪ آهن، منجھن ڏکيا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت، طاقت ۽ حوصلو ئي ناهي.
”ڀٽائي بک هڙتال تي“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم پنهنجي مضمون ”سرڪاپائتي ململ منجھان سون“ ۾ لطيف سرڪار پاران معاشري ۾ عورتن جي هڪجهڙين حقن لاءِ کي هن نموني بيان ڪيو آهي “ڀٽائي عورت کي گھرو يا ملڪي ترقي ۾ هڪ جهڙي حيثيت ۾ حصي نه وٺڻ واري زرعي اخلاقي قدرن جي سخت مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ ذريعي سُر ڪاپائتي يا ٻين سرن ۾ عورت لاءِ محنت يا محبت جي آزادي جي حمايت ڪئي. محبت جي آزادي لاءِ سر سهڻي ڀٽائي جو نمائندو سُر آهي ته محنت جي آزادي لاءِ سُر ڪاپائتي لطيف جو اڳواڻ سر آهي.” ساڳي ڪتاب ۾ اڳتي هلي ڊاڪٽر ملڪ نديم سرڪاپائتي ۾ عورت جي محنت کي گھر جي عظمت سان ملائيندي لکي ٿو ته ” ڀٽائي سر ڪاپائتي ۾ عورت کي پورهئي ۽ هنر جي آزادي حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڪٽنب ۽ ڀتار ڪانڌ سان وفاداري سان ساڳيو پيار قرب ۽ وفاداري قائم رکڻ جي تلقين ڪئي آهي، ٻئي پاسي پورهئي کان لنوائيندڙ عورت کي خبردار ڪيو آهي ته کيس ڪانڌ ۽ ڪٽنب ۾ عزت ۽ محبت نه ملندي.

”ارٽ اوڏو نه ٿئين، ڀوري ڀوري سيئن،
ڪنڌ کڻندين ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.“

لطيف جي ٻئي عورت ڪردار مارئي جو مثال ٿا وٺون ته ڪيئن نه هوءَ هڪ ڏاڍائي ڪندڙ بادشاهه جي آڏو پنهنجي حقي مؤقف تي اٽل ٿي بيهي رهي. هن سندس پاران ڏنل سڀني عيش عشرت جي زندگيءَ جي لالچن کي ٺڪرائي پنهنجي غريبي حال تي فخر ۽ وڏائي جو اعلى مثال قائم ڪيو ته ان مان صاف ظاهر آهي ته عورت مظبوط ارادي واريون به ٿينديون آهن، جيڪي وقت اچڻ تي جبل جيان اٽل ٿي بيهي رهنديون آهن. مارئي انهن منجھان هڪ هئي جنهن عمر بادشاهه پاران سمورن سهولتن کي وٺڻ کان انڪار ڪندي اهو چيو ته؛
پٽولا پنهواريون مور نه مٿي ڪن،
جه لاک رتائون لوئيون، ته سالنئا سونهن،
ان ايلاچنيون اڳري، بخمل بافتن،
سکر ڀانئيان سومرا کٿي کان کنڀن،
جا ڏنيم ڏاڏاڻن سان لاهيندي لڃ مران.

يا سندس هي ڪيڏو نه خوبصورت خيال آهي ته؛

ڪراين ڪروڙ جا، چوڙا ڪوڙا جن،
سو مرڪ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.

يعني ته ڪراين تائين جيڪي چوڙيون چڙهيل آهن، اهي آهن ته ڪوڙيون، پر سندن قيمت ڪروڙن ۾ آهي، ٿر ڄائيون اهو ڪم ڪنديون آهن، جنهن کان لوڪ کي لڄ ايندي آهي.

ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي مارئي چوي ٿي ته اها ته اسان جي ريت ئي ڪانهي ته پکن، جھوپڙن ۽ چؤنئرن ۾ رهندڙ ڪا عورت پنهنجي عزت، سيل، وقار جو سودو محلن ماڙين ۽ ٻين بادشاهي سهولتن سان ڪري؛

اي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾ آءُ ڪنديس ڪان ڪَريت،
پکن جي پريت، ماڙي مور نه مٽيان.

در اصل مارئي هڪ علامت طور تي پيش ڪئي ويئي. هڪ اهڙي بهادر، وطن دوست، سچار، پنهنجي عزت ۽ عظمت جي حفاظت ڪندڙ عورت جيڪا وقت جي جابرن آڏو پنهنجي حقي ڳالهه ڪندي ڪانه هٻڪندي آهي. سنڌ ڄائي شهيد بي نظير ڀٽو کي به ان ڪري مارئي ملير جي ڪري ياد ويندو آهي ته اها وطن جي حب ۾ سرشار هئي، کيس وطن جي غريب ماڻهن سان عقيدت هئي، هوءَ چاهي پئي ته هن ملڪ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڪا بنيادي تبديلي اچي. جڏهن هڪ بهادر، اڻموٽ ۽ اورچ عورت سان وقت جا ”عمر“ جڏهن سندس مقابلو ڪري نه سگھيا ته کيس جسماني طرح ختم ڪيو ويو.

اڄ جي دؤر ۾ سنڌ جي عورتن کي انسان ته سمجھيو ئي نه پيو وڃي، عورتن جي قتل جون خبرون اسان روز پڙهندا آهيون. 2009ع ۾ ڪل ملائي 284 عورتون سڄي سنڌ ۾ قتل ٿيون، جن مان گھڻائي اهڙين جي هئي جن تي ڪارو ڪاري جو الزام لڳائي بيدرديءَ سان ڪٺو ويو هيو. سنڌ جي دامن تي ڪاروڪاريءَ جي نالي ۾ ڪٺل نياڻين جي اڻ لکيل ايف آئي آر هڪ بدنما داغ آهي. سنڌ ۾ عورتن سان مت ڀيد جي حوالي سان جيڪي ڏاڍايون جاري آهن انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ، خوني ۽ دهشتناڪ ڪارو ڪاري جو هلندڙ وهنوار آهي. لطيف جي رسالي ۾ سُر سهڻي ان سموري نام نهاد وهنوار مان مانڌاڻي ٿو ڦيري ڇڏي. سهڻي هڪ شادي ٿيل عورت هئي جنهن کي سندس مرضيءَ خلاف ڏم نالي همراهه سان پرڻايو ويو هيو، جڏهن ته سندس دل اندر ميهر (ساهڙ) جي محبت ايندڙ ويندڙ ساهن جيان سمايل هئي. هوءَ روز رات جو گھڙو کڻي پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ دريا پار ڪندي هئي. سندس ان عشق جي خبر سندس مڙس ۽ ٻين گھر جي ڀاتين کي به هئي جيڪي کيس طعنا طنقا به ڏيندا هيا.

ڏم ڏيهاڙي ڏي، سندا ميهر مهڻا،
جھليم ٿي جھولي ۾ پلئه پايو سي،
مرجان چاليهه چي، سڱا سپرين جي،

ڏم پاران مون کي ميهار سان ملڻ لاءِ روزانا طعنا ٻڌڻا پوندا آهن، پر جيڪڏهن مون کي اهڙا چاليهه طعنا روز ملن ته به مان پنهنجي محبوب سان ملڻ کان ڪين ڪيٻائندس. اهڙي صورتحال هوندي به ڪڏهن نوبت خون خرابي تائين نه پهتي. بقول سنڌ جي ”امر جليل“ جي ته ”سهڻي دنيا جي اها واحد عورت آهي جيڪا شادي شدهه هوندي به ٻي ڪنهن سان پيار ٿي ڪري ۽ دنيا وارا کيس عزت جي نظرن سان ڏسن ٿا.“ منهنجي خيال ۾ ته جنهن نموني لطيف سرڪار سندن عشقه داستان کي بيان ڪيو آهي، اهو ان جو ئي ڪمال آهي. هونئن جي اڄ جي وڏيرن، سردارن جو جوڙيل اصولن (نام نهاد) کي سامهون رکي پرک ڪنداسين ته سهڻي ته سراسر ڪاري هئي، جنهن کي سرعام قتل ٿيڻ گھرجي ها ۽ سندس لاش کي ڪنهن ڪارين جي الڳ قبرستان ۾ وڃي دفن ڪجي ها جت انهن ريگناهه ماريل نياڻين جي قبرن تي قلن پڙهڻ کي به بي غيرتي سمجھيو ويندو آهي. پر ان جي ابتڙ لطيف ته ان کي عظيم سورمي، بي باڪ، نڊر، بهادر، محبت جهڙي عظيم جذبن جو ترجمان ڪري پيش ڪيو آهي ۽ کيس صلاح ٿو ڏئي ته؛

مرج وٽ ميهار، متان موٽئين سهڻي،
ساهڙ جا سينگار متان ڏم ڏيکارئين.

يعني سهڻي کي مرڻ ئي ميهار وٽ گھرجي، ۽ هن جيڪي سينگار ساهڙ لاءِ ڪيا آهن اهي ڏم (سندس مڙس) کي نه ڏيکارڻ گھرجن.

صنف جي موضوع تي سنڌي ادب ۾ تمام گھٽ لکيو ويو آهي. پر صديون اڳ يگاني عالم، ڏاهي، فلسفي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جنهن فنڪارانه نموني عورتن جي حقن، سندن آزادي، برابري لاءِ آواز اٿاريو آهي ان ڳالهه جو نظير ملڻ به مشڪل آهي. محبت جي ماريل عورتن جي اڌمن جي اپٽار، پنهنجن ورن جون واٽون نهاريندڙ ونين جو انتظار، ظلم جي آڏو جبل وانگر اڏول ٿي بيٺل عورتن جي للڪار ن کي لفظن جو روپ ڏئي جنهن نموني شاهه عبدالطيف ڀٽائي صديون اڳ جڏهن اڃا صنف تي جديد تحقيق جو تصور به موجود نه هيو ته هن عورتاڻي جذبن جي عڪاسي اهڙي ته فنڪارانه انداز ۾ ڪئي آهي جنهن کي پڙهي ۽ ڏسي سندس عظمت کي سوَ سلام ڪرڻ لاءِ دل ٿي چوي. سهڻي جي روپ ۾ لطيف سائين چوي پيو ته

واهُڙ وهن نوان، اڃا وَههُ اڳي ٿيو،
گھَرَ ويٺيون گھڻا ڪريو، سَرتيون سـڱ نوان،
صورت جا ساهڙ جي ساجي ڏٺي مان،
هوند نه پليو مان، گھڙو سڀئي گھڙا کڻي.

هن شعر ۾ لطيف سهڻي جي روپ ۾ چوي پيو ته جيئن مون ساهڙ (محبوب) کي پسيو آهي، محسوس ڪيو آهي، ۽ جي اها حقيقت اوهان به پروڙ ي وٺو ته هوند اوهان به ڪنهن (نام نهاد، ظاهري، ڪوڙي) عزت جي انا کي پاسي رکي مون وانگر گھڙا کڻي وچ سير ۾ ٽپي پئو. اهو ڪهڙو محبوب جو روپ هو جيڪو سهڻيءَ جي روپ ۾ لطيف سائين کي نظر آيو هيو. منهنجي خيال ۾ ته انوقت ۽ اڄ به جيڪي نام نهاد غيرت جا غليظ رويا مرد عورتن سان رکي ٿو، عورتن کي هيچ سمجھي انهن کي پنهنجي پير جي جتي ڀانئي ٿو، عورتن کي سمورن بنيادي حقن جنهن ۾ محبت، پيار، عشق به شامل آهي انهن کان محروم رکي ٿو انهن جي اپٽار ڏاڍي فنڪارانه انداز ۾ ڪئي آهي. سهڻي هڪ شادي شدهه عورت هئي، جنهن کي وري هڪ ٻئي مرد ميهار سان عشق ٿي ويو. لطيف وٽ اهو ڪوبه گناهه نه آهي. لطيف جي سورمين ۾ سهڻيءَ جو شمار هڪ اوچي مقام رکندڙ هڪ اهڙي باوفا، بهادر، پيار جي لطيف جذبن سان ٽمٽار عورت جو آهي، جنهن پنهنجي وصل جي خواهش کي عملي روپ ڏيڻ خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻايو. ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته لطيف وٽ ڪارو ڪاري جو ڪوبه تصور نه هيو.
لطيف جي شاعريءَ ۾ ٻين بهادر ۽ ڏاهين عورتن جو ذڪر ايندڙ مضمون ۾ ڪندس پر آخر ۾ اهو ضرور چوندس ته اسان جو سماج هڪ اهڙي انڌ جي گھوڙي تي سوار آهي، جنهن جي ڪابه منزل طئي ٿيل نه آهي. اسين خواريءَ جا کارا کڻي هنڀوچيون پيا هڻون ته اسان وڏا ”غيرت مند“ آهيون. منهنجي خيال ۾ ته اڄ جي دؤر ۾ حقيقي غيرت مند اهو آهي جيڪو واقعي به پنهنجي نياڻين کي ست قرآن سمجھي کين زندگيءَ جون سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏئي، کين برابري جا حق ڏئي جيڪو مٿن ٿورو نه آهي پر اهو انهن جو بنيادي انساني حق آهي. اچو ته سنڌ جي نياڻين کي بااختيار بڻايون، کين تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جا گس کوليون، اسان کي سنڌ جي عظيم روايتن جي پاسداري ڪندڙ عظيم انسانن (جهڙوڪر لطيف سائين) جي ڏسيل واٽ تي هلڻ گھرجي، جو ان ۾ ئي نجات آهي، جيئين شاهه صاحب چئي ويا آهن؛

پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي نه لهين،
هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ به ٿيا.

RESEARCH PLAN for Penzu

Introduction
This research intended to explore the perceptions of Principals of Government Degree colleges from urban district Sindh. The study will recognize the role or principal and investigating challenges they are facing during discharging the duties. Further more this paper included the rationale, purpose of study, significant of study, literature review, research topic and research question, methodology of study and data collection frame work, data analysis, ethical considerations and limitations of study as well.

Rationale
I joined education department some twenty years ago, worked with different principals from Karachi to Sakhar Sindh. One scholar professor of Chemistry after promoted in BPS 20 offered principals position in one Government Arts and Commerce Degree College of Sindh. He resisted taking charge, with opinion that he is the person of academics not administration. But no one listen his voice and at last he took the charge of principal. After taking the charge of Principal he did nothing just sit on the seat of principal, took pause from teaching chemistry and got retired. Some criminal minded students misbehaved one another principal in leading college of sindh. After that incident he introduced a slogan “no student no problem.” He kept him at distance from teachers and student’s class room teaching learning practices. His that attitude apparently showed that he was unable to resolve conflicts, which is one important characteristic of leadership quality. One another very honest principal was failed to bring back students in classroom despite hectic efforts. He took oaths from all Muslim and Hindu students on Kalma Tyba and Geeta respectively at time of admission that they will attend their all classes. Despite that, attendance of students not increased significantly. I witnessed few principals who mostly depend upon either on a teacher or on non teaching staff member to do his/her routine jobs. All those factors forced me to understand the perceptions of principals as leadership in higher education in Public sector Colleges.



Purpose of study
1. Exploring perceptions of college principal’s in leading Government Degree Colleges in urban district of Sindh Pakistan.

2. To understand the value do the college principals give to their role as educational leader in leading Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh Pakistan.


3. Explore the ways Principal’s current responsibilities contribute to achieve their role as effective educational leader in leading Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh Pakistan.

4. Investigate the challenges do the College Principals of Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh face to perform their role as an educational leader.

5. To observe the leadership style of College Principals of Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh resolve the challenges in their contexts.
6. To make a bridge among school, college and university level educational leadership.
7. To provide frame work for future researchers to investigate more potential area of higher education
8. To develop literature from my own context from Government Degree College level.

Significance of study
Principals as a leader have no doubt, playing very important role in the colleges affairs. Effective principals are strong educators, anchoring their work on central issues of learning and teaching and continuous college improvement. Principal must demonstrate to effectively lead college in improving student achievement, promoting collaborative problem solving and open communication, collecting, analyzing, and using data to identify college needs, using data to identify and plan for needed changes in the instructional program. Implementing and monitoring the college improvement plan. My this Study intended to understand, explore and investigate the potentials, mental models and leadership characteristics of principals and the challenges they are facing as leader in dealing with financial, administrative and academic sides. Facing the dilemmas of administration, finance and school matters simultaneously needs special skills and trainings to cope the issues. But in public sector educational institutions especially in colleges the facility of training is rarely provided the new posted principals.
Most of principal’s getting posted as principal because of their seniority instead of skills of leadership or management. “In the public sector in Pakistan, head teachers are recruited and promoted on the basis of their teaching rather than their leadership and management experiences or qualification.” Memon & Zubeda (2005). My experiences working with different principals in Government Colleges of Sindh revealed that most of them given the charge of principal near to their retirement age around 55 plus. One can not ignore their experience as teacher/professor in their respective subject(s) they used to teach through out their lives. However, offering them charge of principal might create tensions and stresses among them because responsibilities that are new or very different from their previous practices are difficult to handle. Starting something new or making strategic changes, fixing problems created by someone else or existing before you took the assignment., dealing with different stake holders of different nature and keeping varying point of views on issues, influencing teaching and non teaching staff, higher management or other key political figures over which you have no authority are complex tasks. In Government Girls degree Colleges in Sakhar Sindh mostly female principles are leading colleges however large number of male teaching staff is working due to non availability of female teaching staff, so working with people of both genders and different racial and ethnic backgrounds are not easy task. Managing the interface with community, outside the college such as journalists, different political party’s student wing leaders need special skills of communication. My study intended to explore such complexities the principals are facing in their routine job and to suggest some practical solutions about issues. My intention is to find the answers of following questions at College level education in urban district Sakhar Sindh.
“1.What does it mean to be an educational leader?
2. When and how does leadership occur?
3. What is the source of leadership power?” Zubeda (2010).



Research topic and Research question
Title
Exploring perceptions of college principal’s in leading Government Degree Colleges in urban district of Sindh Pakistan.

Main Research Question
1-What value do the college principals give to their role as educational leader in leading Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh Pakistan?

Subsidiary Questions
2- In what ways Principal’s current responsibilities contribute to achieve their role as effective educational leader in leading Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh Pakistan?

3- What challenges do the College Principals of Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh face to perform their role as an educational leader?

4- How do the College Principals of Government Degree Colleges of District Sakhar Sindh resolve the challenges in their contexts?

Explanation of terms
Perceptions
Understanding of Principal about his own Educational Leadership style
Challenges
Dealing with dilemmas of hindrances, difficulties, conflicts, lack of resources etc

Methodology and data collection
I shall apply a grounded theory. Three principals from urban district of Sindh will be case studies for my study. Comprising three college principals from Government Boys Science Degree College from morning shift, other will be Government boys Arts and Commerce Degree College from evening shift and third one will be the Government Girls Degree College of morning shift. I shall use the semi structured interviews and observational tool for gathering the data. I shall develop five open ended short questions for regional director college’s sakhar region sakhar, principals, teachers and students as well.

Data analysis
After gathering a raw data from interviews, reading available documents, observations and by field notes shall transcribe the interviews on paper, and will sort out entire gather material. I shall code the data and will categorize all and then maintain analytical memo of the field notes, which I shall write during my observation. I shall keep all useful data and put rest a side. For further reduction of the data I shall make categories according to theme emerged. I shall utilize the Buckley’s (1985) model for categorization and analysis.

Ethical consideration
I shall get written consent from Regional Director and principals and teacher to conduct my research. I shall negotiate with principals, teachers and Regional head for date and time venue. I will give value to their contribution and shall not put such questions which will heart them especially focusing on religious or ethnicity. I shall respect their values, cultures and customs as well. I shall ensure confidentiality of the research to my research fellows. The research shall be based on the following key principals of AKU research ethics:

• Voluntary consent of related authorities as Regional Director Colleges, principals and teachers will be sought. Privacy, confidentiality and anonymity of the research participants have been considered and will be considered during the analyses and at the time of reporting.
• Reciprocity
• No nominal harm assessment.