Thursday, February 14, 2013

صنفي تعليم جي سطحي ڄاڻ

اسان ڪجهه سرڪاري استادن آغا خان يونيورسٽي-انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊويلپمنٽ مان ٻن سالن تي مشتمل ايم ايڊ جي ڊگري اسڪالرشپ تي حاصل ڪئي هئي. اها اسڪالرشپ ڪينيڊين انٽرنيشنل ڊويلپمنٽ ايجنسي (سيڊا) پاران ڏني ويئي هئي. سيڊا بنيادي طرح عورتن کي معاشري ۾ صحيح مقام ڏيارڻ، کين سمورا انساني حق ڏيارڻ ۽ صنفي برابري ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم آهي ۽ ان سان گڏ معياري تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ فنڊ پڻ ڏيندي آهي. هڪ مرد ۽ هڪ عورت تي مشتمل هڪ ٽيم سيڊا پاران نيوزيلينڊ کان آئي هئي جن سان اسان جي ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو هيو. هو اها جاچ ڪرڻ آيا هيا ته جن کي (اسان کي) هنن جي تنظيم اسڪالرشپ ڏني هئي انهن ڊگري حاصل ڪري پنهنجي معاشري اندر ڪا تبديلي آندي آهي يانه. ٻن ماهرن جي ٽيم اسان کان ڪجھ سوال ڪيا هيا جن ۾ هڪ سوال صنفي اڻ برابري مطعلق به هيو. اسان جي ٽيم مان ڪجھ دوستن جڏهن اهو چيو ته اسان جي معاشري اندر صنفي اڻ برابريءَ جو ڪو تصور ڪونهي ۽ حقيقت ۾ غربت ۽ اميري جو چڪر آهي. جن وٽ پئسو آهي اهي پنهنجي ڇوڪرين کي پڙهائين ٿا ۽ جن وٽ پئسو ناهي اهي نه ٿا پڙهائين. جڏهن اسان جا دوست اهو سڀ ڪجھ بيان ڪري رهيا هيا ته مان ٽيم وارن جي چهرن تي تري آيل حيرت کي ڏسي اندر ۾ ڀري رهيو هوس ۽ سوچي رهيو هوس ته اسان جا اهي مهمان ۽ محسن اسان تي ڪيل خرچ کي پنهنجي پئسي جو زيان ته نه سمجھي رهيا آهن!. اسان جو صنف متعلق علم، صنفي اڻ برابري يا صنفي توازن، صنفي انصاف لاءِ ڄاڻ انتهائي سطحي آهي. اسين سمجھون ٿا ته ڇوڪرين کي پڙهائڻ يا نوڪري ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا کين پنهنجي پسند جي شاديءَ جو حق ڏيڻ صنفي برابري يا انصاف آهي! اڄ صبح جو جڏهن سڀ گھر جا ڀاتي ۽ خاص ڪري گھر جون عورتون ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ مصروف هيون ۽ مان واندو هيس ته ان واندڪائيءَ جي گھڙين کي سجايو ڪرڻ لاءِ گھر جي ٿانون کي ڌوئڻ شروع ڪيم. انوقت منهنجو ٽن سالن جو پوٽو بورچي خاني ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي ٿانو ڌوئندي ڏسي حيرت سان چيائين ته ”بابا اوهان ٿانو ڇو ٿا ڌوئو، هي ڪم ته عورتن جو آهي“! منهنجو اهو ساڳيو پوٽو جڏهن پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪم ڪار سانگي گھر کان ٻاهر ويندو آهي ته سندس ٻن سالن جي ڀيڻ زار و قطار روئندي ساڻن گڏ هلڻ لاءِ اصرار ڪندي آهي. پر اڪثر ڪري ٻئي پيءُ پٽ هليا ويندا آهن ۽ ننڍڙي ڇوڪري روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهندي آهي. ٻاهر وڃڻ وقت سندس ننڍڙو ڀاءُ کيس دلاسو ڏيندو آهي ته ”تون نه رو مان تنهنجي لاءِ شيءِ ورتيون ايندس“. ان ايتري ننڍي عمر ۾ اسان جا ٻار اهو سکي چڪا آهن ته ڪير ميل آهي ۽ ڪير فيميل ۽ سندن ڪم ڪار به الڳ الڳ آهي. منهنجي ننڍڙي پوٽي اهو ڄاڻي ورتو آهي ته ٿانو صرف عورتون ئي ڌوئينديون آهن، ٻاهر صرف مرد ئي ويندا آهن، ڇوڪرين جو ڪم آهي ته اهي گھر ۾ رهن ۽ سندس ڀاءُ پاڻيهي ان لاءِ ٻاهران بازار مان شيءِ وٺي ايندو پوءِ هوءَ اها کائي. صنفي اڻ برابري اسان جي معاشري جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙندڙ رت وانگر شامل آهي. اسان کي خبر ئي نه ٿي پوي ته اسين ڪيڏانهن پيا وڃون. جڏهن مان ان قسم جون ڳالهيون پنهنجي بالغ اولاد ساڻ ونڊيندو آهيان ته اڪثر ڪري مون کي اڻ پسنديدهه نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي طعنه به ٻڌڻا پوندا آهن ته ”مون عورتن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي“ يعني مان کين جيڪا ٿوري گھڻي آزادي ڏني آهي ته ان ڪري اهي سندن چوڻ کان نڪرنديون پيون وڃن. اسين جيڪي بظاهر ڏاڍا پڙهيل لکيل آهيون انهن کي به انهن ڳالهين جو ڪو ٽڪو احساس ناهي ته اسان ڪيئن نه صنفي توازن کي بگاڙي رهيا آهيون. اهڙي عمل سان ٻه ڳالهيون رونما ٿينديون. هڪ ته جيڪي ڇوڪرا آهن انهن ۾ اجايو احساس برتريءَ وارا خيال پڪا پختا ٿي سندن ايمان جو جز بڻجي ويندا ۽ ٻيو ته ڇوڪرين ۾ احساس ندامت، احساس ڪمتري جا خيال اڀري ايندا ۽ کين پنهنجي جنس سان نفرت ٿيڻ لڳندي. هونئن اهي ڳالهيون تمام ننڍڙيون ٿيون نظر اچن پر حقيقت ۾ائين ناهي. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اهو مڪمل طرح مرداڻي اثر رسوخ تي هلندڙ هڪ طرفو معاشرو آهي. جنهن ۾ هر شيءِ جو مالڪ مرد آهي، کيس خصوصي اختيار مليل آهي، هو گھمڻ ڦرڻ، فيصلا ڪرڻ، ڪوبه ڪم ڪار وهنوار ڪرڻ لاءِ آزاد آهي. هو جيڪڏهن ڪا بي راهه روي به ڪندو آهي ته ان سان گھر جي عزت ۽ وقار جي مجروح ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي هوندو. پر جيڪڏهن اڻ ڄاڻائي وچان يا ڪنهن غلط فهمي ڪري به جيڪڏهن ڪو الزام گھر جي ڪنهن نياڻيءَ تي ايندو آهي ته قهرام مچي ويندو آهي، گھر جي عزت سرعام نيلام ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳنديون آهن. اسان جي هن دقيانوسي معاشري اندر ڇوڪرين لاءِ تمام سخت حد بنديون قائم آهن، انهن حدبندين کي اسان قراني آيتن وانگر پوڄيندا آهيون. صنف جو معاملو غربت يا اميري سان هرگز سلهاڙيل ناهي. صنفي جبرجي معنى اها آهي ته ڪنهن به ڌر عورت يا مرد کي ڪنهن به معاملي ۾ رڳو ان ڪري نظر انداز ڪجي ڇوته هو/هوءَ ڇوڪرو/ڇوڪري آهي. هاڻي اسان جيڪڏهن ان ڪسوٽيءَ کي سامهون رکي ڏسنداسين ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ عجب نظارا نظر ايندا. ڪجھ ڏينهن اڳ سابق راڳي ۽ هاڻوڪي مُلي جنيد جمشيد جو انٽرويو ڪنهن ٽي وي چينل تي نشر ٿيو هيو ته ”اسلام ۾ عورتن لاءِ اها گنجائش ناهي ته اهي ڪار جي ڊرائيوري ڪن“. اهو ملو ڪو غريب ناهي سڄي ملڪ اندر جيڪي مهانگا ترين شاپنگ سينٽر آهن انهن ۾ سندس ڪروڙن روپين جي سيڙپ ڪاري ٿيل آهي. هاڻي جڏهن اسان سندس بيان کي پڙهون ٿا ته خبر ٿي پوي ته سندس اندر ۾ عورتن لاءِ ڪيڏو نه تعصب ڀريل آهي. مطلب چوڻ جو اهو ته اسان مان هر ماڻهون ڪنهن نه ڪنهن نموني صنفي تعصب جو شڪار آهي. ڪجھ ماڻهون مذهب جي آڙ وٺي عورتن جي حقن کي پامال ٿا ڪن ته ٻيا جاهل ۽ اڻ پڙهيل ان کي غيرت جو نالو ٿا ڏين. مقصد ٻنهي جو ساڳيو ئي آهي. نام نهاد پڙهيل عورتن کي سٺا ڪپڙا لٽا وٺي ڏئي اهو سمجھن ٿا ته انهن عورتن جي حقن جي حفاظت ڪري ورتي آهي. هن سلسلي ۾ اسان کي پنهنجي قوم کي سمجھائڻو آهي، کين پڙهائڻو آهي ۽ سيکارڻو آهي ته صنفي توازن قائم ڪرڻ سان معاشرا عزت ڀرئي انداز سان ترقي ڪندا آهن.