Monday, June 24, 2013

ڪراچي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل


آغا خان يونيورسٽي_انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشن ڊويلپمنٽ ڪراچي ۾ ايم ايڊ ڪندي اسان ملير ڪراچي جي هڪ اهڙي اسڪول ۾ ويا هياسين جيڪو سنڌي ۽ بلوچ ايريا ۾ هيو. ان سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ جيڪي ٻار داخل هيا اهي سڀ جا سڀ سنڌي ۽ بلوچ خاندانن سان واسطو رکندڙ هيا. پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ته انهن ٻارڙن جي پڙهائي لاءِ جيڪا فيميل ٽيچر مقرر ڪيل هئي اها اردو ڳالهائيندڙ هئي. ان جي نوڪري جو آرڊر ۽ سندس مقرري انهن پاران ڪيل هئي جيڪي پنهنجي مرضي ۽ منشا کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ جونءِ کي چرڻ جي اجازت به ناهن ڏيندا. اها ٽيچر سنڌي يا بلوچي زبان کان نه صرف نابلد هئي پر سندس تربيت ئي اهڙي ماحول ۾ ڪيل هئي جتي کين سنڌي ۽ بلوچ آبادين سان نفرت سيکاري ويئي هئي. هاڻي اهڙي استادياڻي هوندي جيڪا ٻارڙن جي ذهني نشونما ۽ سکيا ٿيندي هوندي ان جو اندازو اوهان پاڻ ڪري سگھو ٿا. ڪجھ سال اڳ ڪراچي جي ڪاليجن اندر سنڌي ليڪچررس جي مقرري ان شرط تي ڪئي ويئي هئي ته کين مستقل ڪراچي ۾ رهي ڪري پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻا پوندا ۽ سندن بدلي ڪراچي کان سواءِ ٻي سنڌ جي ڪنهن به ضلع اندر ممڪن نه هوندي. اهي ڏيڊ سؤ کان وڌيڪ ليڪچر مقرر ڪيا ويا هيا پرانهن مان هڪ به هاڻي ڪراچي ۾ رهائش پذير ناهي انهن مان اڪثريت پنهنجي مرضي سان پنهنجن اباڻن شهرن ۾ بدلي ڪرائي ڇڏي آهي يا کين ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. هندستان کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پناهه ورتل ’مسلمان ڀائرن‘ جو رويو سنڌي ٻوليءَ ڳالهائيندڙن سان آهي ان جي سڄي سار پاڻ سڀني کي آهي، پر حيرت انگيز طور تي گذريل ڪجھ سالن کان سنڌي ۽ بلوچ آبادين کي پڻ ساڳي نهج تي اچي بيهاريو ويو آهي. ڪراچي جا اهي سنڌي ۽ بلوچ جيڪي ڏهاڪو سال اڳ هڪ جسم ٻه جان مثل هئا، هاڻي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺل نظر اچي رهيا آهن. اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اسان جي هندستاني مسلمان پناهه گير ڀائرن جو ’ڪوششون‘ ته آهن ئي آهن پر ان سان گڏ اسان جن پنهنجن سنڌي ڳالهائيندڙ سياستدانن جي سياهه ڪارين جو وڏو هٿ پڻ آهي. ڪراچي مان سنڌي ٻوليءَ کي تڙي ڪڍڻ واري ايجنڊا تي وڏي حرفت ۽ خاموشيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي. مفاهمت جي ڪاري عينڪ پاتل اسان جي حڪمرانن کي جڏهن اجگر جيڏا ٻيا وڏا مسئلا ئي نظر نه ٿا اچن ته اهي سندن خيال موجب هن قسم جي پتڪڙن مامرن تي پنهنجو قيمتي وقت ڇو زيان ڪن! سندن ذهن ۽ ضمير کي اهڙي ڪنهن به ڳالهه ڪري ڪابه چهنڊڙي نه لڳندي ۽ اهي هن ڪِوِل جهڙي انتهائي ننڍڙي مسئلي کي حل ڪرڻ بدران پنهنجي قيمتي جوتن سان ان کي لتاڙي اڳتي نڪري وڃڻ کي ترجيح ڏيندا.

Thursday, June 20, 2013

سي وي CV)/ (CURRICULAR VITAE متعلق ڪي اهم نقطا


تازو مون هڪ سروي پراجيڪٽ لاءِ ٽن درزنن کان وڌيڪ گريجئيٽ اميدوارن جون سي ويز وصول ڪيون هيون. مون جڏهن انهن جو مطالعو ڪيو ته مون کي هر سي وي ۾ ڪي نه ڪي غلطيون/ خاميون نظر آيون هيون. سي وي اڄ جي دؤر ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو هڪ ٽيڪنيڪل ڪم آهي. ان کي سمجھڻ لاءِ مطالعي سان گڏ پريڪٽس جي ضرورت آهي. نوڪري، اسڪالرشپ، انٽرنشپ، داخلا، ٽريننگ وارن موقعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سي وي لکڻ واري فن تي عبور حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي. هت هڪ ڳالهه سمجھڻ ضروري آهي ته سي وي جي ڪا مخصوص فارميٽ ناهي هوندي جيڪا هر جاءِ تي ساڳي نموني استعمال ڪري سگھجي. اسان کي هر دفعي پنهنجي سي ويءَ کي اداري پاران ڄاڻايل پاليسي مطابق لکڻ/ڪمپوز ڪرڻ گھرجي. اڃا هڪ ٻي ڳالهه جي وضاحت به ضروري ٿو سمجھان ته سٺي ۽ شاندار سي وي به اوهان کي ڪا نوڪري، اسڪالرشپ، ٽريننگ يا داخلا وٺرائي ڏيڻ لاءِ ضمانت ڪونهي پر سٺي ۽ ٺهڪندڙ سي وي انهن موقعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهوئي ڪم سرانجام ڏيندي آهي جيڪو دروازي جو هوندو آهي. چوڻ جو مقصد ته جيڪڏهن دروازو ئي نه کلندو ته اوهان گھر ۾ داخل ڪيئن ٿيندا؟ ها هڪ دفعو دروازو اوهان لاءِ کلي پوي ته بعد ۾ وري اوهان جي صلاحيتن تي منحصر آهي ته اوهان ان گھر ۾ پنهنجي مستقل رهائش جو ڪو جوڳو بندوبست ڪري سگھو. هتي مان سي وي موڪليندڙن تي هروڀرو تنقيد ڪرڻ جي خيال سان هي سٽون ڪونه پيو لکان پر مان سمجھان ٿو ته اسان جي نوجوانن کي ڪنهن به تعليمي اداري اندر يا جن ادارن ۾ انهن ڪم ڪيو آهي انهن ۾ سي وي متعلق بنيادي ڳالهيون ناهن سمجھايون ويون انڪري کين خبر ئي ناهي ته سي وي ڇا آهي، ان کي ڪيئن ڪمپوز ڪجي، ڪهڙي معلومات ان ۾ ڏجي جيڪا فائديمند آهي ۽ ڪهڙين ڳالهين کي ان ۾ شامل نه ڪجي جيڪي اڻ ٺهڪندڙ يا اداري کي گھربل ناهن. اداري پاران مشتهر ڪيل معيار کي سامهون رکي سي وي اهڙي طرح جوڙيل، لکيل هجي ته جيئن اميدوار جو نالو شارٽ لسٽ ڪرڻ ۾ کين ڪابه هٻڪ نه ٿئي. سڀ کان پهرين ته اچو ته سي وي ۽ نوڪري لاءِ درخواست وچ ۾ فرق کي سمجهون. اسان جڏهن نوڪري لاءِ درخواست ڏيندا آهيون ته اسان واسطيدار اداري جي مختيار آفيسر کي مخاطب ٿيندا آهيون ته مان اوهان جي اداري پاران اخبار ۾ ڇپايل مشهوري جي آڌار تي فلاڻي پوسٽ لاءِ درخواست ڏيان ٿو ۽ پوءِ اسان پنهنجي تعليمي ۽ عملي تجربي کي شامل ڪري کيس وينتي ڪندا آهيون ته اسان جي ٺهڪندڙ تعليمي ۽ تجربي ڏسي اوهان اسان کي انٽرويو/ٽيسٽ ۾ ويهڻ جو موقعو فراهم ڪندا. ان سان گڏ آخر ۾ اسان پنهنجي درخواست تي پين سان صحيح ڪري ان کي ٽپال ذريعي يا هٿو هٿ اداري جي واسطيدار شعبي يا ماڻهونءَ تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪندا آهيون. درخواست ۾ اسان اداري کي سڌي اپيل ڪندا آهيون ته اسان کي موقعو ڏنو وڃي. ان جي مقابلي ۾ سي ويءَ ۾ اسان واسطيدار پوسٽ جو ذڪر ناهيون ڪندا يا واسطيدار اداري جو نالو لکي کين عرض ناهيون ڪندا ته کين مخصوص جاءِ ڏني وڃي پر ان جي ابتڙ اسان سي وي ۾ پنهنجي تعليمي، تجربي، هنرن، خصوصيتن جو ذڪر ڪندا آهيون. ٻين لفظن ۾ ته اسان اداري کي اڻ سڌيءَ طرح باور ڪرائيندا آهيون ته اوهان کي جنهن مناسب، واسطيدار، تجربي واري اميدوار جي ضرورت آهي اهو مان ئي آهيان. سي وي هڪ قسم جي اوهان جي ذاتي مارڪيٽنگ آهي، اعلان آهي، جنهن ۾ اوهان پنهنجي تعليمي، تجربي، هنرن، صلاحتين، مثبت انساني روين کي ڏاهپ سان ظاهر ڪندا آهيو. اسان انفرميشن ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ ته رهون پيا پر صد افسوس ته اسان جي نوجوانن جي اڪثريت ان جي ڪارائتين پاسن کان ڪوهين ڏور آهي. مون جڏهن ايم ايس سي، ايم اي، بيچلرس جون سندون رکندڙ اميدوارن کي پنهنجيون سي ويز موڪلڻ جو ايس ايم ايس موڪليو هيو ته انهن مان کوڙ سارن تڙ تڪڙ ۾ انٽرنيٽ ڪيفي تي پهچي اتي سي وي ڪمپوز ڪرائي موڪلي ڏنيون هيون. ان ڳالهه مان مون اندازو لڳايو ته اسان جي نوجوانن جي اڪثريت انٽر نيٽ يوزرس ناهي. پر سڀني حالتن ۾ اها ڳالهه صحيح نه آهي. ڪجھ اميدوارن کي مان ذاتي طور سڃاڻا جن وٽ پنهنجا ذاتي ڪمپيوٽرس به موجود آهن ته انٽرنيٽ جي سهولت پڻ، پر هنن ڪڏهن به پنهنجن سسٽمس تي ڀلجي ڪري سي وي ٺاهڻ جو خفو ناهي ڪيو ۽ اهي پنهنجي انهن ڪمپيوٽرس تي خوب رانديون کيڏندا آهن، فلمون ڏسندا آهن ۽ جيڪي انڌن ۾ ڪاڻا آهن اهي انٽر نيٽ تي فيس بوڪ، يوٽيوب تي گھڻو تڻو وقت گذاريندا آهن. هڪ ٻي اهم ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته تمام گھڻن اميدوارن پنهنجي سي ويز ۾ ڪابه اي ميل’ آ ڊي‘ نه ڏني هئي. اهڙيون سي ويز جنهن ۾ اي ميل ايڊريس ڏنل ناهي هوندي ته سي وي وصول ڪندڙ اهو سوچي ان اميدوار جو نالو شارٽ لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيندو ته اميدوار ڪمپيوٽر لٽريٽ ناهي. ڪي وري اهڙا اميدوار به ڏٺا ويا آهن جيڪي سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندا آهن پر پنهنجي سي وي ۾ اي ميل ايڊريس ڏيڻ وساري ويهندا آهن. مون کي هڪ سي وي اهڙي به ملي آهي جنهن ۾ اميدوار پنهنجي سي ويءَ ۾ پنهنجي ڪابه اي ميل نه ڄاڻائي آهي جڏهن ته مان کيس ذاتي طرح سڃاڻا ته هو کوڙ سارن پراجيڪٽس ۾ ڪم ڪري چڪو آهي (جن جو تفصيلي ذڪر سندس سي وي ۾ به ٿيل آهي) ۽ اهو هن وقت به هڪ اهڙي اداري سان منسلڪ آهي جنهن جو سڄو ڪم ئي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي هلندو آهي. ان مان اسان اهو اندازو لڳائي سگھون ٿا ته اسان جي نوجوانن کي اي ميل جي اهميت جو ادراڪ گھٽ آهي. ڪن اميدوارن وري پنهنجي مٽن مائٽن يا يارن دوستن جي اي ميل پنهنجي سي وي ۾ لکي ڇڏي آهي. منهنجي خيال ۾ ته سي وي ۾ پنهنجي ذاتي اي ميل نه ڄاڻائڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ برابر آهي. اها سي وي بنا دير جي رد ٿي ويندي. ڀلا جهڙي تهڙي انڌي منڊي پنهنجي اي ميل جوڙڻ ۾ گھڻو وقت لڳندو ۽ ٻيو ته جي اوهان ان کي روزانه استعمال نه به ڪندا ته ڪهڙو فرق پوندو. مان جڏهن ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪندو آهيان ۽ ٽائيم ناهي ملندو ته هفتو، پندرهن ڏينهن به پنهنجي ميل چيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن. ان ڪري اي ميل جوڙڻ مان مراد اها ناهي ته ماڻهون وٽ ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ جي سهولت هجي ۽ هو ان کي روزانه جي بنياد تي استعمال ڪري پر ان مان اهو پيغام ٻئي تائين پهچندو آهي ته اميدوار کي اهي سڀ ڪم ايندا آهن. سي وي ۾ اي ميل سڌي سنئين پنهنجي نالي واري ڏيڻ مناسب آهي. پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن سٺي اداري ۾ ڪم پيو ڪري ۽ اداري پاران کيس ذاتي آ ڊي مليل آهي ته اها ڏيڻ گھرجي. مثال طور amrigul.katohar@aku.edu ڪجھ ٻيون اوٽ پٽانگ قسم جي اي ميل آڊيز جوڙيل هونديون آهن، جن کي پنهنجي سي وي ۾ هرگز ڏيڻ نه گھرجي. مثال طور؛ dark_eyes@yahoo.com مون اها ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته اڪثر اميدوار ڪنهن ٻئي دوست جي سي وي جو فارميٽ هٿ ڪري ان ۾ پنهنجي معلومات شامل ڪري اها موڪلي ڏيندا آهن. اها ڳالهه ڪا خراب ناهي، پر چوڻي آهي ته نقل لاءِ به عقل گھرجي، سو ڪاپي ڀلي ڪجي پر اهو خبرداريءَ سان ٿيل هجي. هونئن سي وي لاءِ ڪو خاص، مڃيل، هڪ جهڙو نمونو ناهي جنهن تحت اسان اهو جوڙي ادارن ڏانهن موڪليون. سٺي سي وي اها آهي جيڪا اداري وارن کي قائل ڪري ۽ اهي اوهان کي ٽيسٽ/انٽرويو لاءِ دعوت ڏين. سي وي مختصر ۽ جامع لکيل هجي. ڇوته ادارن جا واسطيدار ماڻهون ڪو تمام وڏو وقت ڪڍي اسان جي سي ويز جو غور سان مطالعو ڪونه ڪندا. پنهنجي سي ويءَ ۾ ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھ ڪرڻ کان پاسو ڪندي ان ۾ صرف اهي ڳالهيون، صلاحيتون، تعليم، تجربو شامل ڪجي جيڪو اميدوار رکي ٿو ۽ اداري کي به ان جي ضرورت آهي. مون کي ڪجھ سي ويز موصول ٿيون آهن جيڪي ٽن، چئن ۽ پنجن صفحن تي مشتمل آهن. هاڻي هڪ اداري وٽ ان قسم جون جيڪڏهن ٻه ٽي سؤ کن سي ويز موصول ٿين ته کين انهن سي ويز کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ٻه يا ٽي ڏينهن گھرجن. اوهان سمجھي ڇڏيو ته اهڙي قسم جي سي وي جيڪا اجائي ڊگھي ۽ ان اداري سان واسطيدار ناهي هوندي ان کي اداري وارا رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪرڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ جي ڇوٿائي به ناهن سيڙائيندا. سي وي کي ڪوشش ڪري ٻن صفحن تائين محدود ڪريو. هڪ سي وي جيڪا مون کي وصول ٿي ان ۾ هڪ اميدوار پنهنجي زندگي جو مقصد سي ايس پي آفيسر ٿيڻ کي ڄاڻايو آهي. ڀلا ڪنهن اداري کي ان ڳالهه سان ڪهڙو سروڪار ته اسان ڇا ٿا ٿيڻ چاهيون. ان ڪري اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪجي. ٻي هڪ سي وي ۾ هڪ محترمه پنهنجي لاءِ ٿرڊ پرسن فارم ۾ لکيو آهي ته اها (يعني هوءَ پاڻ) محترمه نوجوان، ذهين، چست، ۽ باصلاحيت ۽ ٽيم اڳواڻ وارين گڻن سان ڀرپور آهي ۽ هن فلاڻيون فلاڻيون ڊگريون ڪٿان ۽ ڪهڙي اداري مان حاصل ڪيون آهن، ۽ هوءَ هيترن سارن پراجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ جو تجربو رکي ٿي. هتي جيڪا تمام اهم غلطي ڪيل آهي اها هي آهي ته اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن ٻئي جي واتان پنهنجي ذاتي سي وي ۾ لکيون ويون آهن. بجاءِ ان جي اميدوار اهي سڀ خوبيون پاڻ بيان ڪري ته صحيح ٿيندو. پر اهو سڀ ڪجھ سي وي ۾ ڏيڻ بدران ڪورنگ ليٽر ۾ لکڻ وڌيڪ لاڀائتو رهندو. سي وي کان الڳ هڪ صفحي تي ٻڌل ڪورنگ ليٽر به موڪلي سگھجي ٿو جيڪو اميدوار جي اضافي خوبين يا ڳالهين کي ظاهر ڪرڻ تي زور ڏيندو آهي. پر اهو سڀ ڪجھ ٻئي جي واتان نه پر پنهنجي واتان/ذاتي طور تي پاڻ ٻڌايل هجن. اسان جي سي ويز ۾ اميدوار(خاص ڪري ڇوڪريون) هڪ غلطي دهرائين ٿيون ته اهي پنهنجي ذاتي حيثيت ظاهر ڪن ٿيون ته اهي پرڻيل آهن يا اڻ پرڻيل. اوهان هروڀرو پنهنجي ذاتي معلومات ٻين کي ڇو پيا ٻڌايو. ان قسم جي ڳالهين کي هرگز به سي وي جي زينت نه بنائڻ گھرجي. هڪ محترمه پنهنجي سي وي ۾ هڪ سٽ جينڊر جو واڌارو ڪري ان ۾ فيميل لکيو آهي! منهنجي خيال ۾ ته اهو به غير ضروري آهي. اسان جي نالن مان اسان جي صنف ظاهر پئي ٿئي ته پوءِ اها معلومات ڏيڻ اجائي ڊيگھ آهي! تاريخ پيدائش ڏيڻ کان احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. جي اداري وارا تقاضا ڪن ته شامل ڪجي هونئن اها ڏيڻ ضروري ناهي. لڳ ڀڳ هر سي وي ۾ اسپيلنگس جون غلطيون آهن.سي وي ڪمپوز ڪرڻ کان پوءِ باربار ان کي پڙهي اڻ ڄاڻائي ۾ ٿيل غلطين جو ازالو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. غلطين کان پاڪ سي وي ئي صحيح موٽ ماڻيندي آهي، نه ته سي وي تي نظر وجھندڙ ان ۾ اسپيلنگ ۽ گرامر جي غلطين کي ڏسي سي وي موڪليندڙ کي غير سنجيدهه سمجھي ان کي شارٽ لسٽ نه ڪندو. مون کي جيڪي سي ويز موصول ٿيون آهن جن ۾ ڇوٿائي اميدوارن پنهنجن سي ويز ۾ پنهنجي تصويرون به پيسٽ ڪري ڇڏيون آهن. سي ويءَ ۾ تصويرون لڳائڻ نه گھرجن. پر جي اداري وارا تصوير جي تقاضا به ڪندا آهن ته اها درخواست يا سي ويءَ جي هارڊ ڪاپيءَ سان منسلڪ ڪري ڏبيون آهن. لڳ ڀڳ سڀني پنهنجي سي ويز جي ٽائيٽل تي CV/CURRICULAR VITE لکڻ کي پنهنجو فرض منصبي سمجھيو آهي. سمجھڻ گھرجي ته اسان جنهن فارميٽ ۾ اهو ڪمپوز پيا ڪريون يا لکون پيا ته اداري وارا پنهنجو پاڻ سمجھي ويندا ته هي سي وي آهي. ان ڪري سي وي مٿان اهي لفظ لکڻ سڀ کان پهرين غلطي آهي جنهن کي اداري وارا نوٽ ڪندا آهن ته اميدوار کي ته صحيح معنى ۾ سي وي جي فارميٽ جي خبر ڪونهي ته اهو وري ڪهڙو اهل هوندو. اسان ۽ اوهان جي سي وي محض ان ننڍڙي غلطي ڪري جي شارٽ لسٽ ٿيڻ کان رهجي وڃي ته ڪيڏو وڏو نقصان هوندو ان ڪري اهو هرگز نه لکڻ گھرجي. مون وٽ هڪ احترام لائق فيميل اميدوار جي سي وي پهتي آهي جنهن جي ٽائيٽل تي هن پنهنجو نالو ڏيڻ بدران اهو لکيو آهي ته هو هن وقت ڇا آهي. مثال طور هن لکيو آهي ته ”ڊويلپمنٽ پروفيشنل، ڪميونٽي، سوشل سروس، اينڊ نان پرافٽ، مڊ ڪيريئر (پلس 3 ييئر ايڪسپيرينس)“. هڪ ته ان قسم جي ڄاڻ اسان کي پنهنجي تجربي واري حصي ۾ ڏيڻ جڳائي، ٻيو ته ان معاملي ۾ به لفظن، سٽن، فقرن جي چونڊ تمام احتياط سان ڪرڻ جڳائي. مثال طور جيڪڏهن مٿين معلومات کي ئي وٺون ٿا ته اسان کي ڇا ٿو معلوم ٿئي، مثال طور ڊويلپمنٽ پروفيشنل؟ سي وي کي ڏسندڙ ان مان ڪهڙي طرح سمجھي سگھندو ته اميدوار ڪهڙي قسم جي ڊويلپمنٽ پروفيشنل آهي؟ ٻيو لفظ لکيل آهي ”ڪميونٽي“ اهو ته صفا منجھائيندڙ لفظ آهي. مثال طور مان ان سي وي کي پڙهڻ کان پوءِ اڃا تائين سمجھي نه سگھيو آهيان ته ڪميونٽي لکڻ مان اميدوار جي مراد ڇا آهي. هوءَ ڪنهن خاص ڪميونٽي سان واسطور رکي ٿي،ڪنهن خاص ڪميونٽي (اڻ ڄاڻايل) ۾ ڪم جو تجربو اٿس، يا هوءَ اسڪول مينيجمنٽ ڪميٽيءَ ۾ ڪميونٽي جي ڪردار متعلق ٿي ٻڌائڻ چاهي. چوڻ جو مقصد اهو ته ان لفظ لکڻ سان ابهام ٿا پيدا ٿين. ڪوشش ڪري جيڪا معلومات ڏجي اها ابهام کان پاڪ، صاف ۽ سڌي ڏنل هجي، ان جي شروعات پنهنجي تازي تجربي يا لاڳاپيل ڪم يا حاصلات کان ڪرڻ گھرجي. سي وي ٽائيٽل (پهرين صفحي) جي وچ تي اوهان پنهنجو نالو وڏن اکرن (UPER CASE) چٽن لفظن (BOLD FONTS) سان لکڻ گھرجي ۽ ان جي هيٺيان اوهان جي ايڊريس، اي ميل، فون نمبر ڄاڻايل هئڻ گھرجن. باقي سموري معلومات بعد ۾ ڏيڻ گھرجي. مثال طور؛ AMIR GUL KATOHAR House No 03, Islamia College Colony Sukkur katohar@gmail.com Cell +92 712 1187 ٻيو ته سي وي ۾ معياري فونٽ جهڙوڪر ٽائيمس نيو رومن يا ڪمپيوٽر جو ڊفالٽ فونٽ ڪيلبري باڊي کي استعمال ڪرڻ گھرجي. فونٽ سائيز 11 کان هيٺ نه هجي ته بهتر آهي. مون کي هڪ ٻي محترمه جي سي وي ملي آهي جنهن ۾ رنگن جي بهار لٿل آهي. اها جهڙوڪر سي وي نه پر رنگن سان ڀريل ڪو لهنگو يا چولو هجي. سي وي کي ڪلر فل بڻائڻ کان به پاسيرو رکجي ته بهتر آهي. منهنجي خيال ۾ ته ائين ڪرڻ سان سٺو تاثر نه ٿو اڀري ان ڪري سي وي کي ڪلرفل پينٽنگ بنائڻ يا آئٽيلڪ فونٽ (پاسيرا اکر) لکڻ بدران صاف، سوبر، سادو، رهڻ ڏنو وڃي ته تمام بهتر آهي. هڪ دفعو وري به ياد ڏياريندو هلان ته سي وي اوهان جون پهريون تعارف آهي. اهو تعارف مڪمل هجي، واسطيدار هجي، قائل ڪندڙ هجي ۽ اهو اوهان جي گڻن، هنرن، تجربي لاءِ هڪ ثبوت طور پيش ٿيل هجي ته جيئن اوهان گھربل مقصد ماڻي سگھو. آخر ۾ هڪ صلاح ڏيندو هلان ته جڏهن به اهڙي ڪوشش ڪيو ته گوگل کان مدد ضرور وٺندا ڪريو، اتي اوهان کي هر شيءِ مفت ۾ ملي ويندي بس رڳو سٺين شين تائين پهچڻ لاءِ صحيح گس جي سڃاڻ هجي.

Thursday, June 6, 2013

منهنجي اليڪٽرانڪ ڊائري تان ورتل ڪجھ احساس جيڪي هڪ سال اڳ لکيا ويا هيا. (23 جولائي 2012 وقت 6.23)


ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ حسب معمول سخت گوڙ گمسان ۽ ٽهڪڙا آهن. بجلي بند آهي پر اسٽاف روم لڳل يو پي سي شايد اڃا هلي پئي. هونئن جون جولائي مهينن ۾تعليمي ادارن اندر اونهاري جي وئڪيشن هوندي آهي پر هن دفعي گورنمنٽ آف سنڌ ايندڙ مهينن ۾ رمضان شريف جي مهيني جي ڪري موڪلون هڪ مهينو پوئتي ڪري ڇڏيون آهن. ان نموني اسان ڪاليج ايندا آهيون، پورو ٽائيم بحث مباحثن ۽ ڀوڳن ٺڪائن سان گڏ ٽائيم پاس ڪري واپس پنهنجي گھر ويندا آهيون. روٽي حلال....!!!!! گرمي سخت پريشان ڪري رکيو آهي، خبر ناهي ڪڏهن بجلي ايندي ۽ وقتي ئي سهي ڪجھ رليف ته ملندو. پر اڃا ته ان جي اچڻ ۾ ڪلاڪ پيو آهي. ڪاليج به ڇڏي ڪونه ٿا سگھون، ڪو پيرڊ به ناهي، ڪا ٻي سرگرمي به ناهي، پر اجايو سجايو ويهڻو آهي، وقت کي ڪهڻو آهي. اسان جي سماج ۾ سڀ کان سستو وکر اهو وقت ئي ته آهي، جيڪو خوش قسمتي سان اسان ماڻهن کي وافر انداز ۾ مليل آهي. جيڪڏهن اوهان ان کي زيان نه ڪندا ته اوهان جا آفيسر اوهان تي ڪاوڙبا ته اڙي ڏسو هن پاگل کي هن وري هي ڪهڙا کٽراڳ شروع ڪيا آهن. چريا تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي انهن ڳالهين سان تون پنهنجو پيرڊ وٺ، جي پيرڊ نه هجي ته سڪون سان ويهي مزا ڪر. مان تمام گھڻن ڪتابن، ريسرچ آرٽيڪلس ۽ مضمونن ۾ پڙهيو آهي ته دنيا اندر استادي پيشو وڏي جفاڪشيءَ وارو آهي ۽ کين پنهنجي ڪم کي ڪارائتي نموني سرانجام ڏيڻ لاءِ پنهنجي اداري اندر ۽ گھر ۾ ويهي وڏي تياري ڪرڻي پوندي آهي ۽ انهن استادن کان ڪيئي دفعا وڌيڪ ڪم اداري جي پرنسپل کي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ان سخت ڊيوٽي ڪري اولهه جي ملڪن اندر اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ پرنسپلس هٿ ڪرڻ وڏي مٿي جو سور بڻيل آهي. هت پنهنجي ماحول ۾ الٽي گنگا پئي وهي. سرڪاري تعيلي ادارن اندر استادي جي پيشي سان تعلق رکندڙ بادشاهه آهن ته پرنسپل وري وڏو شهنشاهه آهي. افسوس ته ڪوبه مؤثر مانيٽرنگ جو سسسٽم موجود ناهي، ڪنهن به قسم جي اسيسمنٽ ڪونه پئي ٿئي ۽ نه ئي ڪا اپريزل ڪئي ويندي آهي ته ڪير ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهن يا سندن ڪيل ڪم جا نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن. پرنسپلس جي پوسٽنگ ياته سينارٽي يا وري سياسي لڳ لاڳاپن جي ڪري ڪئي ويندي آهي. جيڪي اهڙين پوسٽنگس ڪرڻ جا مجاز آهن، اهي اهڙن پوسٽن جي اميدوارن پاران پيش ڪيل سفارشي ماڻهن جي اثررسوخ جي تڪ تور ته ڪندا آهن پر ڀلجي ڪڏهن انهن اميدوارن جي مهارتن جي پڇا ناهن ڪندا.ا هي اهو ناهن ڏسندا ته موصوف ان اهم پوسٽ تي ويهي اداري کي چار چنڊ لڳائيندو يا مورڳو اها ٻيڙي ئي ٻوڙي ڇڏيندو.. ٽيون ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر آر ڊي ڪاليجز سکر ريجن جي آفيس ۾ اسلاميه ڪاليج کان ڪاليج آف ايڊيو ڪيشن ۾ بدلي جي درخواست ڪاليج آف ايڊيوڪيشن جي پرنسپل صاحب جي اين او سي سان گڏ کڻي ويو هوم. پر ڪرسي کي سيڙائيندڙ عملدار صاحب منهنجي هڪ به نه ٻڌي!!!! سندس چوڻ هيو ته جي هن ان نموني مون کي اجازت ڏني ته پوءِ ڪاليج ڪيئن هلي سگھندو. سندس چيل ڳالهه تي دل ئي دل ۾ کل پئي آئي. منهنجي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪاليج جي وهنوار تي جيڪي ”خوفناڪ“ اثر پوندا شايد آر ڊي صاحب کي مون کان وڌيڪ خبر هئي. مون کي تازو شيخ اياز جي ساهيوال جيل جي ڊائريءَ ۾ پڙهيل جملو ياد اچي ويو جنهن ۾ کين سکر جيل مان آزادي مهل ان وقت جي هڪ مهاجر ڊپٽي ڪمشنر سان ملايو ويو هيو. سندس لاءَ شيخ اياز جو چوڻ هيو ته هن بوني کي ڪرسيءَ لمبي زبان ڏئي ڇڏي هئي. ان نموني اسان جي ريجنل ڊاريڪٽر صاحب کي ڪرسيءَ هرو ڀرو به معتبر بڻائي رکيو آهي. ان ساڳي عملدار ڪجھ ڏهاڙا اڳ ئي ڪاليج جي هڪ ٻئي پروفيسر کي ته هڪ ڏينهن ۾ آرڊر ڏيئي ڇڏيو هيو، فرق صرف هي هيو ته ان کين SPLA جي هڪ اڳواڻ کان ٽيلفون ڪرائي هئي ۽ مان ساڻس سڌو سنئون ملڻ ويو هوس. ڀلا اهو اسان جي هن معاشري ۾ ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته سڌو سنئو قانون مطابق بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي ۽ فضيلت سان ڪنهن جو ڪم ٿي وڃي .....!!!!! ٽيون ڏينهن ڪاليج اندر ڪچهري هلندي پرنسپل صاحب مون کي انتهائي شريف ماڻهون جي لقب سان نوازيو، هڪ اهڙو استاد جيڪو پنهنجي پيرڊ وٺي ڪنڊ ورتيون ويٺو هوندو آهي ۽ هليو ويندو آهي. سندس ڳالهه صحيح آهي پر مان سمجھان ٿو ته ان شرافت جي لفظ ۾ ڪا خرابي ضرور آهي سندس مون کي شريف جي لقب سان نوازڻ جو ٻيو مطلب هي به ٿي سگھي ٿو ته مان اٻوجھ آهيان ۽ جيڪڏهن ڪو منهنجي جائز ڳالهه به نه ٿو مڃي ته ان جو ڪنهن تي به ڪو اثر ڪونه پوندو....بلڪل صحيح سوچ آهي اسان جي ”باس“ جي....اسان جي پرنسپل صاحب ثابت ڪيو آهي ته هو باس ناهي پر بگ باس آهي. هو فيصلا رڳو پريشر ۾ اچي ڪندو آهي، هو اٽل فيصلا ڪري پوءِ انهن تي هڪ سؤ اسي ڊگري تي قلابازي کائي فري ويندو آهي. ڪجھ عرصو اڳ ويهن کان مٿي حاضر پروفيسرس کي غير حاضر ڄاڻائي رپورٽ تي پاڻ ئي پاڻي ڦيري ڇڏيائين، ڪجھ عرصو اڳ ڪجھ استادن کي دير سان اچڻ ڪري انهن جي صحيحن مٿان ڳاڙهي پين سان مانڌيئڙا ڏيڻ جو ڪارنامو ته ڪيائين پر زور بار پوڻ ڪري بعد ۾ مسٽر رول مان انهن مانڌيئڙا پاتل پنن کي ڦاڙي انهن جي جاءِ تي سڀني کي ٻيهر صحيحيون وٺڻ جي اجازت به پاڻ ئي ڏنائين. ڪاليج ۾ پڙهائي جو سيشن ذري گھٽ اڌ سال هلي چڪو آهي پر ٽائيم ٽيبل اڄ به روز روز نئون ٺهندو آهي. ڪجھ استادن مشڪريءَ ۾ ان ٽائيم ٽيبل کي ڪمپيوٽر جي اهڙي سافٽ ويئر سان تشبيهه ڏني آهي جيڪو روز روز اپ ڊيٽ ٿيندو هجي. .

عظيم انسان ڪير ٿيندا آهن؟ هڪ منجھائيندڙ سوال!


عظيم انسان ڪير ٿيندا آهن؟ جي سوچ ڪجي ته اهو هڪ منجھائيندڙ فلسفيانه سوال ئي ته آهي. ٿي سگھي ٿو ته مان ڪنهن ماڻهونءَ کي سندس ڪن گڻن يا صلاحيتن ڪري عظيم سمجھندو هجان ۽ ٻيا ڪي دوست ان کي انتهائي ڪريل سمجھن. اهو اڪثر ٿيندو آهي. مختلف مذهبي، سياسي، سماجي، گروهه ۽ طبقا ڪن مخصوص ماڻهن کي پنهنجو هيرو نمبر ون سمجھندا آهن پر ٻيا وري انهن کي مرتد سمجھي واجب القتل جون فتوائون به جاري ڪندا آهن. پري ڇو وڃو محمد بن قاسم ۽ مهاراجا ڏاهر جو مثال ئي ڪافي آهي. هڪڙا دوست اهڙا آهن جيڪي محمد بن قاسم کي فاتح سنڌ، اسلامي دنيا جو عظيم سپهه سالار، راجا ڏاهر جهڙي ظالم کي شڪست ڏيندڙ بهادر طور ظاهر ڪندا آهن، جڏهن ته ٻي گروهه جي سوچ انهن کان بلڪل ابتڙ آهي. اهي محمد بن قاسم کي جارح، هڪ پرامن علائقي تي بنا جواز حملو ڪري ڦرلٽ ڪندڙ سمجھندا آهن. اهي راجا ڏاهر کي سنڌ جو سچو پچو سپوت سمجھندا آهن، جنهن پنهنجي جيجل ماءُ جي حفاظت ڪندي نه رڳو پاڻ پر پنهنجي سموري گھر ڀاتين سميت شهادت قبول ڪئي پر هن ڌاري حملي آور آڏو سر نه جھڪايو. ساڳي نموني سان اسان هر ماڻهونءَ کي پنهنجي اکين تي چڙهيل چشمن جي رنگ سان ڏسندا آهيون. ان ڪري جيڪڏهن مان جنهن ڪنهن ماڻهون کي عظيم، بي مثال، سمجھندو هجان ته ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست منهنجي ان سوچ تي چٿرون ڪن.

منهنجي هڪ اڻ مڪمل تحرير...........مون تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا


منهنجا ڪيئي دوست مون کان بي حد خفا آهن. سندن ايماندارانه راءِ آهي ته مان واقعي به پٽڙيءَ تان لهي ويو آهيان. مون تي بي دين ماڻهن جو تمام گھڻو اثر ٿي ويو آهي، ان ڪري مون کي صحيح ۽ غلط طالبان جي خبر به نه ٿي پوي! هڪ اهڙي ئي محبوب دوست کي مون درخواست ڪئي ته قبلا ان جي ٿوري گھڻي وضاحت ته ڪريو ڪير صحيح طالبان آهن ۽ ڪير غلط؟ ان منهنجي دوست مون کي رازدارانه انداز ۾ ٻڌايو ته اهي جيڪي پاڪستاني طالبان اهي ڪوڙا طالبان آهن جڏهن ته افعانستان ۾ آمريڪي حملي آورن سان برسري پيڪار حقيقي طالبان ۽ اسلام جا سچا پچا سپاهي آهن. ڪن ٻين جو وري اهو خيال آهي ته مان ادب جي دنيا کان ڪوهين پري رهندڙ بي ادب ماڻهون ادبي خدائن تي ڇو ٿو لکان!جڏهن ته نه مان شاعر آهيان، نه ڪهاڻيڪار يا نقاد ته پوءَ مان اها گستاخي ڇوٿو ڪريان؟ مان جڏهن ڪن مظلوم اقليتن تي روا ظلم تي لکندو آهيان يا انهن جي نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري بليڪ ميل ڪري کين مذهب مٽائي شاديون ڪرائڻ واري مڪروهه عمل تي ڳالهائيندو آهيان ته منهنجي انهن دوستن جي اکين ۾ مون لاءِ نفرت جا ٽانڊا ٻري پوندا آهن. تازوئي مون جڏهن هڪ اڌمغزي ماڻهونءَ کي ٿاڻي مان گهلي روڊ ته لٺين، سرن ۽ پٿرن سان سندس مٿو چٿي سندس لاش کي سرعام باهه ڏئي ساڙڻ واري عمل جي مخالفت ڪئي ته ڄڻ ٻيلي کي باهه لڳي ويئي...منهنجي هڪ دوست مون کي طعنو ڏيندي چيو ته تون ڪهڙي نموني ٿو چوين ته اهو چريو هو، تو وٽ ڪنهن ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ آهي؟؟؟ واقعي مون وٽ ته اهڙو ڪوبه سرٽيفڪيٽ ناهي جنهن سان مان ثابت ڪري سگھان ته اهو چريو هيو پر ڇا منهنجي ان دوست وٽ ڪا اهڙي تصديق ٿيل ڳالهه آهي ته هو واقعي نارمل انسان هيو؟ ٻيو ته اسلام جي ڪهڙي قانون مطابق اهو عمل جائز آهي؟ ان ڪم لاءِ ڪنهن مفتي ڪنهن قاضي، ڪنهن عالم دين، جج ڪا فتوا جاري ڪئي هئي ته ان منڪر کي گھلي سندس مٿوچٿي ماري ان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏڻ گھرجي؟ مون کان منهنجا قومپرست دوست به خوش ناهن جو سندن خيال آهي ته مونتي وفاق پرستن جو منحوس سايو اچي ويو آهي ۽ مان پاڪستان جي سٺن سياستدانن جا گيت ٿو ڳايان جن ۾ ڪي پنجابي به آهن جيئن محترم اعتزاز احسن، محترمه عاصمه جهانگير وغيرهه... مون تي ڪاليج جي استادن جي تنظيم جا دوست به سدائين ڪاوڙيل هوندا آهن جو مان کين تنظيم پاران سنڌ جي تعليمي سڌاري واري اهم ايجنڊا کي طلاق ڏيئي ڇڏڻ واري عمل جي مذمت ڪندو رهيو آهيان. ٻيو ته ٺهيو مون کان منهنجو سياسي استاد جيڪو نان بليور آهي اهو به ڪاوڙيل آهي ته مون فيس بوڪ تي حضرت محمد صلعم جن جي شان مبارڪ ۾ گستاخانه قسم جي ڪارٽونن رکڻ واري عمل خلاف هلايل ڪاز واري پٽيشن تي پاڻ صحيح ڪري پنهنجي ٻين دوستن کي پڻ ان نيڪ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني هئم. بقول سندس ته منهنجو اهو عمل فريڊم آف ايڪسپريشن جي خلاف آهي!! ان کان وڌيڪ ڀلا ڪهڙا ثبوت ڪنهن انسان لاءِ گھرجن ته اهو گمراهه ٿي ويو آهي؟ ڪجھ وقت اڳ جڏهن مون پاڪستان جي ننڍڙي نياڻي ملاله يوسفزئي تي حملي جي مذمت ڪندي سندس سر جي سلامتيءَ جون دعائون گھريون هيون ته ان تي ٻه ٽي دوست ڏاڍا حيران ٿيا هيا. هنن مون کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ته مان جنهن کي معصوم ٿو سمجھان اها ته اصل ۾ آمريڪي سامراج پاران خوفناڪ قسم جي جاسوس آهي، جيڪا انهن دين جي دشمنن خلاف هلايل جهاد کي سپوتاز ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوششن ۾ رڌل هئي. هو اها ڳالهه ڪري مٿس حملي جو جواز پيدا ڪندا رهيا آهن. پر سندن خيالن ۾ هڪجهڙائي ناهي هوندي، هواها مٿين ڳالهه ڪري وري هي به چوندا آهن ته تون صفا ڪو سادڙو آهين، سندن چوڻ رهيو آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته تمام ٿوري وٿيءَ کان مٿس هلايل گوليءَ مان ڀلا ايترڙي پتڪڙي ڇوري ڪيئن ٿي بچي سگھي؟ خبر ناهي ته هو اها ڳالهه ڪري قاتلن مٿان ڪک رکندا آهن يا ان ڳالهه تي جڪ کائيندا آهن ته آخرڪار اها بچي ڇو ويئي؟! سندن شد ۽ مد سان اهو چوڻ ته اهو سڀ ڪجھ ڊرامو هو. آمريڪا کي پاڪستان ۾مداخلت جاري رکڻ لاءِ اهو ناٽڪ رچايو هو.

Wednesday, June 5, 2013

ٽريننگ جو هڪ ڏينهن


سيپٽمبر 5، 2005 اڄ هيڊ ٽيچرس جي ٻئي گروپ جو پهريون ڏينهن آهي. 22 استادن جو گروپ آهي. گرم ڏينهن آهي، هال ۾ لڳل پکا ناڪافي ٿا لڳن شايد انڪري هيڊ ٽيچرس جو هي گروپ گرميءَ کان بچڻ لاءِ هال جي بدلائڻ جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. fears & hopes ۾ لڳ ڀڳ سڀني اميدون ئي ڏيکاريون ته اهي ڪجھ نه ڪجھ پرائي ويندا جڏهن ته خدشا ڪنهن به ڪونه ڏيکاريا. ٽريننگ کي هلائڻ لاءِ ظابطن جي سيٽنگ به اڪثريت ڪا خاص دلچسپي ڪونه ڏيکاري. (ڏينهن جي هڪ وڳي) ڪجھ دوست آهن جيڪي چڱا ٿا لڳن. هن وقت تائين کين ڪابه گروپ ايڪٽيوٽي ناهي ڏني ويئي، اميد ته ماني جي وقفي کان پوءِ کين ڪو ٽاسڪ ڏينداسين. منهنجو ساٿي ٽرينر استادن کي KLW متعلق سمجهائي رهيو آهي. گروپ سٺو ٿو لڳي پر صحيح خبر ڪجھ وقت گذرڻ بعد پوندي. ٽريننگ هال جي ٻنهي پاسن کان ڪلاس روم آهن ان ڪري وڏي گوڙ شور سان منهن ڏيڻو پوي ۽ اهو گوڙ اسان جي سکيا تي به اثر انداز ٿئي ٿو. اڄوڪو سمورو ڪم ماني جي وقفي تائين پورو ڪري ڇڏيوسين. سکيا وٺندڙن کي ڪوبه گروپ ورڪ نه ڏنو ويو، اهو ڪم سڀاڻي ڪنداسين. ساٿي ٽرينر هوندي اميد ته ڪابه تڪليف نه ايندي. فولڊر ۽ هينڊ آئوٽ کٽي پيا هيا. هينڊ آئوٽ 19 هيا جڏهن ته اسان وٽ سکيا وٺندڙن جي رجسٽريشن 22 کن جي ٿي هئي. ڪن فولڊرن ۾ وري پينسلون نه هيون. ڪي ڊبليو ايل ۽ ڪيوبنگ چارٽ سکيا حاصل ڪندڙن کان ٺهرائڻ بدران منهنجي ٽرينر ساٿي کين پاڻ ئي سمجھائي ڇڏيو هو ۽ ڪيوبنگ چارٽ ۾ ڇا لکجي اهو کين ڊڪٽيٽ ڪرايو هئائين، اهو چارٽ جيڪڏهن ماني جي وقفي بعدکانئن ڀرايون ها ته سٺو لڳي ها. اڄ سکيا وٺندڙن کي ڪوبه ٽاسڪ نه ڏنوسين ۽ ڪجھ ڳالهيون کانئن معلوم ڪرڻ جي باقي سمورو وقت اسان (فيسليٽيٽر) ئي ڳالهائيندا رهيا سين. اسان پاڻ ئي ٽيچرس فوڪس لرننگ جي مخالفت ڪريون ٿا وري عملي طرح ان جو مظاهرو ئي ڪيون ٿا. ٻيو نه ته گھٽ ۾ گھٽ ٻه عدد گروپ يا پيئر ۾ سرگرميون اهڙيون ضرور رکجن جيڪي کانئن ڪرائجن ته جيئن هو گروپ جي شڪل ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري مثبت ڪم کي اپنائين.

12 اگسٽ 2005 ....هڪ اسڪول جي وزٽ وقت ورتل نوٽس


هن اسڪول جو هيڊ ٽيچر عمر ۾ تمام جھونو جڏهن ته نائب ڪنهن نه ڪم جو آهي. هن اسڪول ۾ اڪثريت غريب ٻارڙن جي آهي، جن جا والدين پني منگي گذر سفر ڪندا آهن. هن اسڪول ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي داخلا هڪ سؤ کان به مٿي آهي. هيڊ ۽ نائب ٻئي سکيا ورتل آهن. هڪ ٻيو استاد به آهي جنهن به سکيا جو هڪ فيز پورو ڪيو آهي. هن اسڪول تي سکيا جي ڪا خاص تبديلي نظر نه آئي. ايس ايم سي جي ميٽنگ به 2003 کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين نه ٿي آهي. بقول اسڪول جي هيڊ جي ته هو هتي نئون آيو آهي ۽ هاڻي هو ڪم کي اڳتي وڌائيندو. هيڊ پنهنجي سڀاءُ ۾ تمام مٺڙو آهي جنهن اسڪول ۾ بوتل پيارڻ سان گڏ بس اسٽاپ تي اچي چاءِ به زوري پياري. هي جيئن ته عمر ۾ وڏو آهي انڪري معاملن کي پوريءَ طرح سمجھڻ ۽ سمجھي ڪري انهن جا مثبت حل ڳولهڻ ڪنهن حد تائين سندس وس کان چڙهيل ٿا نظراچن. جڏهن ته سندس نائٻ ڪورو ڄٽ آهي ۽ کانئس اسڪول يا تعليم جي ڀلائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي.

تاريخ جڙڻ جو عمل


ويجھي ماضي ۾ ذاتي ڊائري لکڻ منهنجو محبوب مشغلو رهيو آهي. مان پنهنجي ڊائريءَ سان ڪچهريون ڪندو هوس، ان ۾ پنهنجا دک درد تحرير ڪندو هوس، زماني جي اٿلن پٿلن، سياسي وهنوار،سماجي روين متعلق جيڪي ڪجھ منهنجي سمجھ ۾ ايندو هيو اهو سڀ ڪجھ ڊائري جي ورقن تي اتاري ڇڏيندو هوس. بعد ۾ ڊائري جي جاءِ اخباري مضمونن ۽ سنڌي بلاگنگ والاري آهي. هنوقت اهي ئي منهنجيون ڊائريون آهن. ان ڪم هلندي مون ڪيئي ڳالهيون پنهنجي ذاتي نوٽ بوڪ تي تحرير ڪري ڇڏيون هيون. انوقت جڏهن انهن ننڍڙين ڳالهين، واقعن، خيالن، احساسن کي قلم بند ڪري رهيو هوس ته مون کي پنهنجو اهو ڪم ڪو خاص اهميت وارو ڪونه پئي لڳو. پر سالن پڄاڻا جڏهن هاڻي اهي ڳالهيون پڙهيم ته مون کي ائين لڳو جهڙي تهڙي ئي سهي پر مون ته تاريخ قلم بند ڪئي هئي. تاريخ ڇا ٿيندي آهي؟ منهنجي پنهنجي خيال موجب ڪنهن به دؤر ۾ ٿيل ڪنهن به واقعي، ڳالهه، عمل، احساس کي ڪهڙي به طريقي سان محفوظ ڪرڻ جو نالو تاريخ آهي. تاريخ کي رقم ڪرڻ جا ڪيئي طريقا ٿي سگھن ٿا. تاريخ نثر، نظم، ڳجھارت، پرولي، چوڻي سان به لکي سگھجي ٿي، اها ڪنهن آرٽسٽ جي هٿان مصوري جي شڪل ۾ پينٽ ڪري سگھجي ٿي يا ڪوسنگ تراش پنهنجي آرٽسٽ هٿن سان بي جان ڀٿرن کي تراشي انهن مان ڪنهن به شخصيت جي ڪردار يا واقعي کي انوکي انداز ۾ اجاگر ڪري سگھي ٿو.

تاريخ


ويجھي ماضي ۾ ذاتي ڊائري لکڻ منهنجو محبوب مشغلو رهيو آهي. مان پنهنجي ڊائريءَ سان ڪچهريون ڪندو هوس، ان ۾ پنهنجا دک درد تحرير ڪندو هوس، زماني جي اٿلن پٿلن، سياسي وهنوار،سماجي روين متعلق جيڪي ڪجھ منهنجي سمجھ ۾ ايندو هيو اهو سڀ ڪجھ ڊائري جي ورقن تي اتاري ڇڏيندو هوس. بعد ۾ ڊائري جي جاءِ اخباري مضمونن ۽ سنڌي بلاگنگ والاري آهي. هنوقت اهي ئي منهنجيون ڊائريون آهن. ان ڪم هلندي مون ڪيئي ڳالهيون پنهنجي ذاتي نوٽ بوڪ تي تحرير ڪري ڇڏيون هيون. انوقت جڏهن انهن ننڍڙين ڳالهين، واقعن، خيالن، احساسن کي قلم بند ڪري رهيو هوس ته مون کي پنهنجو اهو ڪم ڪو خاص اهميت وارو ڪونه پئي لڳو. پر سالن پڄاڻا جڏهن هاڻي اهي ڳالهيون پڙهيم ته مون کي ائين لڳو جهڙي تهڙي ئي سهي پر مون ته تاريخ قلم بند ڪئي هئي. تاريخ ڇا ٿيندي آهي؟ منهنجي پنهنجي خيال موجب ڪنهن به دؤر ۾ ٿيل ڪنهن به واقعي، ڳالهه، عمل، احساس کي ڪهڙي به طريقي سان محفوظ ڪرڻ جو نالو تاريخ آهي. تاريخ کي رقم ڪرڻ جا ڪيئي طريقا ٿي سگھن ٿا. تاريخ نثر، نظم، ڳجھارت، پرولي، چوڻي سان به لکي سگھجي ٿي، اها ڪنهن آرٽسٽ جي هٿان مصوري جي شڪل ۾ پينٽ ڪري سگھجي ٿي يا ڪوسنگ تراش پنهنجي آرٽسٽ هٿن سان بي جان ڀٿرن کي تراشي انهن مان ڪنهن به شخصيت جي ڪردار يا واقعي کي انوکي انداز ۾ اجاگر ڪري سگھي ٿو.

منجمند ٿيل سنڌ جو تعليمي نظام


ضلع سکر اندر 2004 کان وٺي 2006 تائين ٻن سالن جي عرصي لاءِ مان يو ايس ايڊ جي تعليمي پراجيڪٽ Education Sector Reform Assistance (ESRA) ۾ بطور ماسٽر ٽرينر ڪم ڪيو هو. ان دؤران مون پنهنجن تجربن کي پنهنجي ذاتي نوٽ بوڪ ۾ تحرير ڪري ڇڏيوهيو. اڄ جڏهن ماضيءَ ۾ لکيل انهن تحريرن جي ورق گرداني ڪري حال سان ڀيٽيم ته مون کي حيرت ٿي ته انوقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جو تعليمي نظام هڪ وک به اڳتي چري نه سگھيو آهي. فنا ۽ بقا جو اصول آهي ته زماني جي تيزرفتاري سان وک سان وک ملائي هلندڙ قومون ئي زندهه جاويد رهنديون آهن. بيٺل پاڻي کي موت جي علامت طور ورتو ويندو آهي. پر افسوس ته سنڌ جو تعليمي نظام منجمند، ڄميل، پنڊ پاهڻ ٿيل پيو لڳي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مثبت چرپر عبث آهي. ڪنهن به قوم جي تعليمي نظام جي افاديت جي جاچ پڙتال ڪري وثوق سان ان جي مستقبل جي نشاندهي ڪري سگھجي ٿي. تعليم جيڪا انسان جي ٽين اک آهي، تعليم ’گوندر گس پرين جو‘ ڏيندو آهي، تعليم ۽ ان سان گڏ سٺي تربيت ٻه اهڙا پيمانا آهن جيڪي اندر اجاريندا آهن، گند صاف ڪندا آهن، انسان کي سٺي ۽خراب جي تميز سيکاريندا آهن، ماڻهن ۽ پڻ قومن کي هنر مند بڻائڻ جو سبب بڻبا آهن.پر سنڌ ۾ الٽي گنگا پئي وهي، ڏينهن پٺيان هفتا، هفتن پٺيان مهينا ۽ مهينن پٺيان سال گذري ويا پر اسان جو تعليمي نظام جيئن ڪالهه تباهه و برباد ٿيل هو ان جو حال اڄ به ساڳيو آهي. وچ وچ ۾ ان اڊڙيل تعليمي نظام کي چتيون هڻي ڪم کي هلائڻ جون ڪوششون ته ڪيون ويون پر وريو سريو ڪجھ به نه، مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي. ڪيئي آمريتون ۽ جمهوريتون آيون، وڏيون دعوائون ڪيون ويون پر برف ڳرڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي! اهو 5 سيپٽمبر 2005 جو ڏينهن هيو، گورنمنٽ مين پرائمري اسڪول ڪنڌرا جي هڪ ڪمري ۾ مان ۽ مرحوم سائين پروفيسر صديق ميمڻ صاحب جن بطور ماسٽر ٽرينر سکيا واري عمل ۾هيڊ ماسٽرس جي هڪ گروپ کي هڪ سرگرمي ڏني هئي ته ”موجودهه نصاب جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيو“. انهن جيڪي خيال ونڊيا هيا اهي هي هيا؛ 1 موجوده ڪورس تمام پراڻو آهي. 2 ڪتاب تمام گھڻا آهن. 3 ڪورس دؤر حاضر جي حالتن مطابق ناهي. 4 ڪورس ۾ نصيحت واريون ڳالهيون گھٽ آهن. 5 ڪورس پڙهائڻ لاءِ مددي شيون موجود ناهن. 6 انهن مٿين سببن ڪري ٻارڙن جي نفيساتي ۽ ذهني نشونما نه ٿي ٿئي. ريسرچ جي ٻوليءَ ۾ اهڙي معلومات کي First hand data ۽ سوليءَ سنڌي ۾ ڌرين وٽان مليل سنئين سڌي معلومات چئبو آهي. اهڙي معلومات قابل اعتبار هوندي آهي ڇوته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه ٽين ڌر ناهي هوندي. اهي ڳالهيون جيڪي هنن اسان سان ونڊيون هيون ڪي ڪتابن ۾ لکيل نه هيون پر اهي ڳالهيون اسانکي انهن استادن سڻايون هيون جيڪي ٻارڙن کي پڙهائڻ واري عمل ۾ سڌا سنوا شريڪ هئا. اهي سڀ ڪتاب جن کي اسان نصاب چئون ٿا انهن جا سمورا سبق اهي استاد پنهنجي شاگردن کي پڙهائيندا هيا (هاڻي به پڙهائن پيا)، نصاب، ڪتاب ٻار ۽ استاد پنهنجو پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. ان ڪري انهيءَ عمل ۾ جيڪي پيچيدگيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي مونجھارا جنم وٺن ٿا انهن جو سنئون سڌو اثرشاگردن تي پئي ٿو ۽ استاد به ان کان وانجھيل ڪونه ٿا رهن. مٿي بيان ڪيل ڳالهيون سندن تجربي جو نچوڙ هيون. منهنجي پنهنجي خيال ۾ انهن سادي نموني تمام سچائي سان اسان جي نصاب جون ڪمزوريون چٽي نموني بيان ڪيون هيون. اڄ جڏهن 2013 جي جولاءِ جو مهينو آهي ته هينئر تائين ڇا بدليو آهي. جواب به سادو ۽ سڌو آهي.....ڪجھ به ته نه بدليو آهي!!!! ساڳي ڪتابن جي ڀَري ٻارڙن جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي، ساڳيو ”ڏاڏي آدم“ واري دؤر ۾ رائج ڪيل مدي خارج نصاب آهي، ساڳيا ڪوڙ بدوڙ تي ٻڌل سبق آهن، استادن کي پڙهائڻ جي مد ۾ مددي شيءِ طور انوقت به واحد ائٽم ڪاري بورڊ تي لکڻ لاءِ ’چاڪ‘ ملندو هيو، اڄ به اهو ئي ڏنو پيو وڃي. دنيا تيزي سان تبديل پئي ٿئي پر پاڻ وٽ اڄ به ’زمين جنبذ نه جنبذ گل محمد‘ واري ڪال لڳي پئي آهي ’حضرت داغ جهان بيٽهه گئي وهان بيٽهه گئي‘. موهن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏي اڃا تائين سنڌ ۾ استعمال پئي ٿئي. ڀلي ته دنيا جهازن، تيز رفتار ريلن، لڪزري ڪارن ۽ بسن تي سفر ڪري پر اتر سنڌ جي شهرن جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر شهداد ڪوٽ، ڪنڌ ڪوٽ، لکي، ۾ وڃي ڏسو ته اوهان کي لاتعداد گڏهه گاڏا ڏسڻ ۾ ايندا. اهي سڀ اهي علائقا آهن جتي سنڌ جا بااثرسردار رهندا آهن، اهي انتهائي مظبوط ۽ طاقتور آهن پر اتي جيڪو تعليمي نظام آهي اهو سڪرات ۾ آهي. تعليم ۽ سٺي تربيت جي ڪال ڪري ماڻهن جي شعور جي ارتقا رڪجي ويل آهي. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ممڪن ٿيو آهي ڇوته سنڌ ۾سماج جي گھرجن، تقاضائن کان وانجھيل ڪريڪيولم پاڙهيو پيو وڃي ۽ اهو ان لائق ئي ناهي ته نئين نسل کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلائڻ جي لائق بنائي سگھي. اسان سنڌ وارن لاءِ اهو تمام وڏو چئلنج آهي. رائج ڪريڪيولم مان اها اميد رکڻ ته ان ذريعي اسان ”ٻارڙن جي نفيساتي ۽ ذهني نشونما“ وارو نيڪ ڪم ڪري سگھنداسين ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گھرڻ! اسان جي ان سرگرميءَ کان پورا چار ڏينهن بعد يعني 9 سيپٽمبر 2005 تي ساڳي هال ۾ ان گروپ جي هڪ تمام عزت واري هيڊ ٽيچر ۽ مثالي استاد محترم مظفر حسين شاهه صاحب پنهنجي رفليڪشن ۾ ساڳي موضوع تي پنهنجا خيال هن نموني پيش ڪيا هيا. ”جناب استاد صاحبان جيئن ته اسان جي ٽريننگ کي اڄ پنجون ڏينهن آهي، انهن ڏينهن ۾ اسان جن نقطن تي بحث ڪيو آهي اهي هي آهن. عدم مرڪزيت، نصاب،تعليمي سڌارا ۽ سپرويئين. جناب اعلى انهن نقطن تي اسان سالن کان ٻاڪاريندا پيا اچون پر ان جو ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو. هاڻي من خدا ڪري ڪا مومينٽ اچي. جناب اعلى اسان جي صوبي جي تعليم سڌارڻ لاءِ انقلاب جي ضرورت آهي. جيئن اسان استاد سڀ ڳالهيون سمجھيون ٿا ته ڪهڙيون ڳالهيون تعليم لاءِ مفيد آهن يا ڪهڙيون ڳالهيون مضر يا نقصانڪار آهن پر خبر ناهي ته اسان جي ڳالهين کي ڇو نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ان جا ڪهڙا سبب آهن. الائي ڇو اسان جي راين کي اهميت نه ٿي ڏني وڃي. ستم ظريفي ته ڏسو ته اسان تعليم جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون ٿا پر اسان کي تعليم دشمن عناصر انهن سٺن ڪمن ڪرڻ کان روڪين ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري ته استاد بددل ٿي ڪري پنهنجون صلاحتيون استعمال ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏئي. جناب اعلى نصاب بابت اسان سالن کان واويلا ڪندا ٿا اچون پر اڃا تائين ڪابه تبديلي نه آئي آهي. سپرويئن لاءِ اسان گھڻو ڪجھ ڳالهايو آهي پر مٿين آفيسرن جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي چري. تعليمي سڌارين بابت استادن پنهنجا بهترين رايا ڏنا جن تي عمل سان بهترين موومينٽ اچي سگھي ٿي. مهرباني ڪري اسان راين کي مان ڏئي اهي سڌارا اسڪول ۾ رائج ڪيا وڃن ته سٺي موٽ ملڻ جي اميد آهي پر ٻي صورت ۾ اسان جي هلندڙ هي ٽريننگ به هڪ وراجي گڏجاڻي ٿي ويندي. اسان کي اميد آهي ته اسان جي راين کي اهميت ڏني ويندي. اسان کي هتي ٻارن جي بئنچن تي ويهڻ ۾جيڪا اذيت ملي ٿي اها برداشت کان ٻاهر آهي. منجھند جو دال تي گذارو ڪيون ٿا ان اميد تي ته من اسان وٽ تعليمي سڌارو اچي وڃي“. منهنجي خيال ۾ ته هن سڄي رفليڪشن ۾ ڪروڙ جو جملو اهو آهي ته ”مهرباني ڪري اسان جي راين کي مان ڏئي اهي سڌارا اسڪول ۾ رائج ڪيا وڃن ته سٺي موٽ ملڻ جي اميد آهي پر ٻي صورت ۾ اسان جي هلندڙ هي ٽريننگ به هڪ رواجي گڏجاڻي ٿي ويندي“. سائين مظفر حسين شاهه صاحب جن جيڪا پيشن گوئي 2005 ۾ ڪري ويا هيا، وقت سندس ڳالهه کي سؤ سيڪڙو صحيح ثابت ڪيو آهي. اها ٽريننگ جيڪا ٻن سالن تائين هلي، جنهن ۾ ضلعي جي هر پرائمري استاد، هيڊ ٽيچر، سپروائيزر ۽ ٻي عملي کي سکيا مهيا ڪئي ويئي هئي. اها جيڪا هڪ مربوط ٽريننگ هئي. جنهن تي ڪروڙين روپيه خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ استادن، هيڊ ٽيچرس ۽ ٻئي انتظامي عملي کي سکيا ڏيڻ سان سندن اسڪولن ۾ ان سکيا کي لاڳو ڪرائڻ ۾ مدد ڏيارڻ لاءِ ڪيئي ٽيمون سرگرم هيون ته ان سڄي عمل مان وقتي طرح ته سٺا نتيجا ملڻ شروع ٿيا هيا پر بعد ۾ انهن جي پوئيواري نه ٿيڻ ڪري اهي سڀ ڪوششون بي لاڀ ٿي ويون هيون. مون انوقت ڪجھ اسڪولن جا دؤرا ڪيا هيا. جن ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول چڀڙ خان ڪٽوهر، گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٽمونهن، گورنمنٽ پرائمري اسڪول لشڪر خان شيخ روشن آباد ۽ ڪجھ ٻيا اسڪول اچي وڃن ٿا. انوقت مون کي سکيا جو چڱو خاصو اثر اسڪولن ۾ نظر آيو هيو. چڀڙ خان ڪٽوهر جي اسڪول ۾ ٻارڙا گروپ جي شڪل ۾ پڙهائي ڪري رهيا هيا ۽ بورڊ تي برين اسٽارمنگ جي سرگرمي لکيل نظر آئي هئي. استاد مير اظهار ٽالپر تمام گھڻو پرجوش پئي ڏٺا. ٽمونهن واري اسڪول ۾ هڪ ننڍڙي شنباڻي ڇوڪري جنهن اعتماد سان مون کي پنهنجي ڪورس جو نظم ٻڌايو هيو ان کي ياد ڪري اڄ به منهنجي دل جھومڻ لڳندي آهي. ها پر ڪنڌرا جي ڀرسان هڪ بااثر وڏيري جي اوطاق ڀرسان جوڙيل اسڪول جا ڪمرا شاگردن ۽ استان کان وانجھيل نظر آيا هيا. اتي اسان کي هڪ استاد مليو هيو جيڪو راجه ظهور جاني ڊبل پتي پان جي پچڪارين مان مزو وٺندي اسان کي وضاحتون ڏئي رهيو هيو ته اڄ هيڊ ٽيچر ڪنهن اهم ڪم سان شهر ويل آهي، ڪجھ استادن سان مسئلا آهن ۽ ان ڪري شاگردن کي سويل ئي موڪل ڏني ويئي آهي. ان ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ٻئي ڳوٺ جي اسڪول جي وزٽ وقت منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هيا جتي هڪ ڇني جي سائي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسي کن ٻار نظر آيا هيا. اهي ٻارڙا پنهنجي پڙهائيءَ ۾ تمام ڀڙ هيا. اسرا پاران کين مهيا ڪيل ڪتابن وارا ٿيلها اسڪول جي لانڍي ۾ لڳل ٿوڻين ۾ لٽڪي رهيا هيا. انوقت هڪ محنتي استاد کين پڙهائي رهيو هيو جيڪو اسان جي سکيا واري عمل مان اڳ ئي گذري چڪو هيو. ٻارڙا جنهن نموني پڙهائي ڪري رهيا هيا اهو به وسارڻ جوڳو ناهي. کين ڏسي مون سمجھي ورتو هيو ته ’پڙهائي وارو عمل استاد سان آهي نه ڪي اسڪول جي بلڊنگ سان‘ . پر هاڻي ته نه ’سي وؤڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون‘ واري ڪار آهي. ماضي ۾ ڪيل سموريون ڪوششون، ڪاوشون ڪي دز لڳل تصويرون ٿيون نظر اچن. اڄ جي سچائي اجھو هيءَ آهي ته هاڻي سکيا وارا پروگرام به هڪ رواجي عمل ٿي پيا آهن. ٺيڪيدار (اين جي اوز) ان مان مال ٺاهڻ جو ڪم پيا وٺن، جن هر هڪ ضلع اندر ڪي ميل ۽ فيميل استادن مان ڪن کي مستقل بنيادن تي خريد ڪري ڇڏيو آهي، اهي سندن آله ڪار بڻجي سکيا وارو روائتي ڍونگ رچائي پئسه حلال ڪندا آهن ۽ سکيا لاءِ ايندڙ استاد به سڀ کان اول اهو سوال پڇندا آهن ته ”کين ڏهاڙي ڪيتري ملندي، ماني ڪهڙي کارائيندو ۽ اسان کي جلدي موڪل ڏيو“. انهن ڳالهين جو مشاهدو ڪندي جڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ٿو نهاريان ته ڪنڌرا جي ان هيڊ ٽيچر جيڪو هاڻي رٽائرمنٽ وٺي پنهنجي پٽن جي ٻارڙن کي پنهنجي گھر ۾ پڙهائيندو جي ماضي ۾ اظهاريل خدشي کي حقيقت جي روپ ۾ ڏسڻ لڳان ٿو ته اسرا پاران کين مليل سکيا هڪ رواجي گڏجاڻي (سکيا) “ وارو عمل ئي ته هيو. اهڙي ڳالهه جي ثابتي لاءِ هروڀرو گھڻي مٿي ڪٽ جي ضرورت ناهي بس سنڌ جي ڪنهن به اسڪول جو دؤرو ڪري ٿوسڀ ڪجھ پنهنجي اکئين پسي سگھجي. katohar@gmail.com