Friday, December 9, 2016

انقلابي پيروڊي



انقلابي پارٽين جا لڳ ڀڳ سڀ فيصلا بند ڪمرن ۾، انقلابي رازداريءَ سان ڳجھي نموني ٿيندا آهن، جن جي ٻاهر ٻاڦ ڪانه نڪرندي آهي. هڪ تنظيم ظاهري ۽ نمائشي هوندي آهي، ان جو مقصد ڪارڪنن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي عظيم اڳواڻ پاران پارٽيءَ تي پنهنجي گرفت کي مظبوط ڪرڻ هوندو آهي. ان نقلي ۽ نمائشي جمائت جا نالا بدلبا رهندا آهن. ڪڏهن اها ا (الف) ته ڪڏهن ان جو نالو ب (بي) رکيو ويندو آهي. پارٽي جا مالڪ ساڳيا ئي هوندا آهن بس ڪجھ وقت لاءِ ليبل بدلبا رهندا آهن. اهي تنظيمون ڪاغذي ۽ کوکليون هونديون آهن. ڪارڪن ڀائيندا آهن ته اُها انهن تنظيمن جي ڪمزوري ۽ مجبوري آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. انهن کي ڄاڻي واڻي کوکلو رکيو ويندو آهي، ته جيئن انهن تي ڪارڪنن جو قبضو مظبوط نه رهي ۽ اهي انقلابي اڳواڻ جي هٿان نڪري نه وڃي. اهڙي انقلابي جماعت ۾ ڪجھ به نه هوندو آهي فقط هڪ قومي ۽ عوامي ليڊر سڀ  ڪجھ هوندو آهي. هو اِهو بندوبست انهيءَ لاءِ رکندا آهن ته وقت اچي ته اُن عظيم اڳواڻ جي نالي ۾، قوم ۽ قومي ڪارڪنن جا تختا به ڪڍي سگھجن. وچ وچ ۾ انهن پارٽين ۾ وچئين ۽ هيٺئين طبقي مان ڪيترا قلم باز، بيان باز، ڄاڙي باز ماڻهون ڀرتي ڪري ڏيکاءُ لاءِ اهم عهديدار بڻائي رکيا ويندا آهن، پر سندن حقيقي ڪم ڀٽن ۽ مڱڻهارن وانگر اڳواڻن جي شان ۾ قصيدا ۽ مداحون پڙهڻ ۽ مخالفن کي گاريون ڏيڻ هوندو آهي. ڪن خاص موقعن تي کين خوب کارائي پياري ۽ پٺ ٺپري، لئي ۾ رکيو ويندو آهي. اڳواڻ ميسڻا ٿيو سندن پٺيان پٺيان هلندا آهن. وچئين طبقي جا ڀٽ ۽ مڱڻهار ڦونڊ ۾ ڀرجي هلندا آهن ۽ سمجھندا آهن ته لهي اڀري ئي اسان تي پيو. ان مخصوص وقت ۾ وچولي طبقي جا قلم باز ۽ ڄاڙي باز سورما عادت موجب ڪجھ پوز هڻندا آهن. پر جلد ئي کين ذهن نشين ڪرايو ويندو آهي ته ”هاڻي اصلي انقلابي اڳواڻ پاڻ پارٽي سنڀاليندا هاڻي کين ڀٽن ۽ مڱڻهارن جي ضرورت ڪانهي. سڀڪو ڪک پن ٿي وڃي، نه ته پارٽيءَ جو غدار ۽ عوام جو دشمن ٿي پوندو ۽ بڇڙو ٿيندو“. 

Monday, November 7, 2016

اچو ته پنهنجي سنڌي سڌاريون. (سائين فياض سومري صاحب In Defense Of Sindhi Language فيس بوڪ تي هڪ پيج جوڙي آهي. مون هي سمورا اميجز اتان اتاريا آهن.



























ڪراچي ڪينٽ تي اندر ۾ آيل احساس



  

هن قسم جي مخلوق اوهان هر جاء تي پسي سگهو ٿا. تبليغي وڌيا، سونهارين وارا وڌيا، اڇيون ٽوپيون پائڻ جو رواج اوج تي آهي، نمازين سان مسجدون ڀرجي ويون، شراب تي پابندي لڳي. رمضان ۾ کائڻ پيئڻ تي زوري بندش پيئي هر ماڻهونء جي وات تي اسلام اسلام جا نعرا آهن، پر سڄي پس منظر ۾ انسانيت، رواداري، سهپ، ڀائيچاري، ڪهل جهڙا عظيم انساني گڻ 
.وڃائجي ويا آهن 

ڪراچي ڪينٽ تي اندر ۾ آيل احساس.

04 نومبر 2016 ڏينهن

Sunday, October 23, 2016

ڪامريڊ ڊائريءَ جو هڪ ٻيو ورق 29 اگسٽ 2002ع خميس جو ڏينهن 19 جماد الثاني 1423 هجري وقت 11.20 رات جا. هنڌ ڳوٺ پنواڙي خيرپور ميرس



اڄ  وري 1999ع ۽ 2001ع جون پراڻيون ڊائريون جوکولي پڙهيم ته ڪيئي زخم اٿلي پيا، ڪيئي سنهري ڏينهن سامهون اچي ويا. زندگيءَ جي ڏکن کي ڪيئن منهن ڏنو اٿم ۽ اميد جي دامن کي ڪهڙي نموني هٿ ۾ جھلي هلندو رهيو آهيان اهو سڀ ڪجھ لکيل آهي، لفظن جي روپ ۾ قيد ٿيل آهي. انهن منهنجين پراڻين ڊائرين ۾، اهي ڊائريون ناهن پر منهنجي سوانح حيات آهن ته ڪڏهن ڪٿ هيم ۽ ڪهڙين حالتن ۾ هيس. انهن ڊائرين جو هڪ عدد چڱو خاصو فائيل به رکيو اٿم جنهن ۾ سادن پنن تي روزانه وهنوار سان گڏ تبصرا به لکيا اٿم ته ڪي تاريخي واقعات به درج ڪيا اٿم ۽ گڏوگڏ پنهنجي جسماني ۽ ذهني پيڙا جو اپٽار به ڪيو اٿم. ڊائري لکڻ ۽ پوءِ ان کي ور ور ڪري پڙهڻ منهنجو محبوب مشغلو رهيو آهي ۽ ائين ڪندي جڏهن ڪا پراڻي ڊائري جو ورق پڙهيو اٿم ته اهي خيال ذهن ۾ اڀريا آهن ته جيڪر اڃا وڌيڪ لکان ها!

ڪالهه کان ٻه عدد عنوان دماغ ۾ ڪتڪايون پيا ڪڍن ته مٿن ڪجھ لکان. هڪ ته مٺڙي ملڪ ۾ ڏاهن ۽ ساڃهوند ماڻهن جي عزت ناهي ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪنهن اهڙي ملڪ ڏانهن هليا ويندا آهن جتي کين عزت سان گڏ موچاري مالي مدد پڻ ملي ويندي آهي. ائين پنهنجو ملڪ انهن جي صلاحيتن کان وانجھبو پيو وڃي ۽ جي اهو سلسلو جاري رهيو ته هت مڙوئي پيا ڪانگ اڏرندا. ٻيو موضوع ايم آر ڊيءَ واري تحريڪ جون ساروڻيون تحرير ڪرڻ آهي ۽ سوچيو اٿم ته اهي لکي رسالي ”تحريڪ“ ڏانهن موڪليان.


ڪجھ عرصي کان لکڻ جي مشق جو گھٽائي اٿم ته ويهي ڪجھ لکڻ تي ٻرو ٿو چڙهي، ويندي لاهور وارو سفرنامو جيڪو رف ته تيار آهي پر ان کي به فيئر نه ڪري سگھيو آهيان. بس ڏيئي وٺي پنهنجي هن ڪامريڊ ڊائري جي پنن تي لڪيرون پيون پايان. 

Saturday, October 22, 2016

ڪامريڊ ڊائريءَ جو هڪ ورق؛ ڪراچي شهر


12 مارچ 2002ع جي ڊائري مان ورق

ڪامريڊ پيارا، شهر دلربا، شهر بي وفا ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعو وري اچي پڌاريو آهيان. هن شهر هزارين ڪنگلن کي ڪروڙ پتي ته ڪري کين پنهنجي منزل تي رسائي ڇڏيو آهي. هي شهر ته مون کي اڄ به پنهنجي دل جي هڪ حصي جهڙو پيارو آهي، پر اهي جيڪي وٽس بس ڪمائڻ اچن ٿا انهن منهنجي جگر جي هن ٽڪڙي کي محض کوهيو ۽ پٽيو آهي جڏهن ته ان جي زخمن تي ڪنهن جي به نظر نه پئي آهي. هي شهر جھول ڀري سڀني کي مالدار پيو ڪري پر مون کي اڃا سندس وفائن جو انتظار آهي. اهي جيڪي مون وانگر کيس محبوبه سمجھي سندس پوڄا ڪندا آهن هن شهر پاران انهن جو نصيب اڃا سنورڻو آهي. مون کي يقين آهي ته مائي ڪولاچي وارو هي ٽڪڙو پنهنجي حقيقي ۽ سڳن پٽن جي سار به ضرور لهندو ۽ ها جڏهن سندس حلالي پٽ اڇي ڪاري جا مالڪ ٿيندا ته پوءِ هي شهر وري نئون شهر ٿي اڀرندو جيئن ورهاڱي کان اڳ عظيم جمشيد مهتا هن کي سنواريو هو. 

Tuesday, October 18, 2016

My some postings on Facebook in the month of October 2016


16آڪٽوبر 2016
ڳالهيون نه سلڻ جهڙيون
اسان جا ڪي قومپرست ته ٽاهڙ ڍورن وانگي اليڪشني عمل کان پري بيٺل آهن باقي اسان جون جيڪي قومپرست، ترقي پسند پارٽيون آهن وٽن سنڌ اندر يونين ڪائونسلن ۾ رڳو نالي ماتر بيهارڻ لاءِ اميدوار ئي ڪونهن، مٿان ظلم اهو ته اهي ٽانگا پارٽيون حوالا منشويڪ ۽ بالشويڪ ڌرين جو ڏيئي تاثر پيش ڪندا آهن جهڙوڪر هي به ايترا سگھارا، ايترا نظرياتي، ايترا اورچ آهن. اجھو حال هي آهي ته جڏهن به ڪا پارٽي چار ماڻهون گڏ ڪندي آهي ته انهن ۾ ڄنڊا پٽ شروع ٿي ويندي آهي ۽ انهن مان ٻه هڪ پاسي ته ٻه ٻئي پاسي بيهي مداريءَ جو کيل شروع ڪري ڏيندا آهن.
 
اسان جون اهي پارٽيون پ پ پ خلاف ڪاڪڙا ڦاڙي تنقيدون ته ڪنديون آهن پر اهي جيڪڏهن سموري سنڌ جي سگھ گڏ ڪن تڏهن به پ پ پ جي هڪ ضلعي جي عوامي حمايت کان تمام گھٽ هوندا. هاڻي جڏهن اسان جون اهي پارٽيون ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگھيون آهن ته پ پ پ ڪنهن مست هاٿي وانگي سنڌ کي لتاڙيندي پئي وتي ۽ ٻئي پاسي پ پ پ جي متبادل طور پ پ پ کان به وڌ خطرناڪ ملن جي جماعت منظم پئي ٿئي.....
ٿي سگھي ٿو ته منهنجين ڳالهين کي ڪي مايوسيءَ سان تشبيهه ڏين جنهن جو کين اختيار مليل آهي پر جيستائين ڪا واقعي عوامي پارٽي پ پ پ جي سگھ کي للڪارڻ واري نه پيدا ٿيندي ته سنڌ جو عوام گھاٽي ۾ ئي رهندو ۽ سنڌ تهان وڌيڪ گھاٽي ۾ هلي ويندي جيڪڏهن اها پ پ پ جي مقابلي ۾ ملن جي ور چڙهي ويئي...سنڌ لاءِ اڳيان پت پويان باهه وارو چڪر آهي.

15 آڪٽوبر 2016

منهنجا وار کڻي اڻڀا هجن پر منهنجي دل سڻڀي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سونهن سمايل آهي، سنڌوءَ جي ميرانجھڙي پاڻيءَ جي لڙاٽيل سڳنڌ سمايل آهي ۽ منهنجي اندر ۾ صوفين جي ڌرتيءَ جي محبت موجزن آهي، ان جو ثبوت منهنجي مرڪ آهي، لازوال ۽ ناقابل شڪست مرڪ..

13 آڪٽوبر2016
Karachi is Capital City of Sindh Province, University of Karachi situated in city and that is only University of world which is offering Admissions for all except indigenous residents I mean to say Sindhi students. Imagine if University of Punjab deny to offer Admissions to Punjabi students and Peshawar University only offers Sindhi, Punjabi and Balochi students instead of Pakhton's...
We Sindhies are paying big big price as Pakistani

13 آڪٽوبر 2016
پروفيسر شعيب ميمڻ پاران منهنجي لاءِ ونڊيل ۽ ساڳيو مون پاران پنهنجي وال تي ونڊيل ويچار
سنڌي ادب ۾ اسٽريٽ رپورٽنگ کي متعارف ڪرائيندڙ سائين امير گل ڪٽوهر
موجوده ادبي دور نين لاڙن ۽ جدت جودور آهي انهي نئي ادبي دور ۾ سائين امير گل ڪٽوهر صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهن اڄ ڪالهه سوشل ميڊيا سڄي دنيا ۾ اسٽريٽ رپورٽنگ لاء استعمال ٿي رهي آهي اسٽريٽ رپورٽنگ جو مطلب آهي پنهنجي آس پاس جي مسئلن خبرن تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪرڻ
 
سڌريل ملڪن جا ماڻهون هن وقت سوشل ميڊيا کي ان مقصد لاء ڪتب آڻي رهيا آهن پر هتي افسوس جو صرف اسان پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪرڻ ۾ پورا آهيون
 
سائين امير گل ڪٽوهر پنهنجي پيشي جي مطابق ته هڪ استاد آهي پر هن وقت هو جهر جهنگ بر ۽ شهر مان جهڙي ريت معلومات ڪٺي ڪري فيس بوڪ ۽ پنهنجي بلاڪ تي ونڊ ڪري رهيو آهي ان مان ماڻهون کيس آرڪيالاجسٽ ۽ هڪ محقق ۽ صحافي به سمجهي رهيا آهن
 
پنهنجي آس پاس جي ماحول ۽ ماڳن جي انفارميشن شيئر ڪرڻ سندس محبوب مشغلو آهي پر ان معلومات مان اسان کي پنهنجن مسئلن ڳوٺن ماضي ۽ حال جي باري ۾ بهترين ڄاڻ حاصل ٿئي پئي ۽ ان جو هڪ وڏو فائدو اهو به ٿي رهيو آهي ته اها معلومات ڊجيٽل ٿي رهي آهي ۽ سڄي دنيا مان ڪو به سرچ ڪري اها معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو
 
پنهنجي مڪمل پروفائل ننڍي هوندي جي ڳوٺاڻي ماحول جي ڏکيائين پنهنجي امڙ ابي ۽ سمورن گهر ڀاتين جا سچائي سان احوال بيان ڪرڻ سندس خوبي آهي هو هر ڳالهه ۽ واقعي ۾ ڪنهن ٻئي جا مثال ڏيڻ جي بجاء پنهنجي گهر جا مثال ڏيندو آهي ۽ قصا بيان ڪرڻ جي دوران هو هڪ سٺي دوست وانگر نصيحتون به ڪندو رهندو آهي
 
هن وقت فيس بوڪ تي اروڙ جي ٽڪرين جي باري ۾ گل ڪٽوهر صاحب بهترين معلومات فراهم ڪري رهيو آهي جتي هر ٽڪري تي هن عمر ۾ هو پاڻ چڙهي ڪري معلومات ڪٺي ڪري رهيو آهي ۽ اتي زندگي جي آثارن جي باري ۾ فوٽو گرافي ڪري رهيو آهي سندس موجوده ڪم سوشل ميديا تي ڪافي ساراهجي رهيو آهي

12 آڪٽوبر 2016
بدنصيب پرڳڻو سنڌ جتي زندگيءَ جي ڪا ضمانت ناهي، جتي مرڻ جي مڪمل آزادي آهي، سنڌ جنهن جا شهر پرلوڪن دهشت گردن جي هٿ ۾ يرغمال آهن ان جو ٻهراڙيون پيرن، وڏيرن، سردارن، صوبيدارن جي پيءُ جون ملڪيت بڻيل آهن، سنڌ جنهن جو اڪثريتي عوام ڪنهن ليکي کاتي ۾ ناهي، سنڌ جنهن جا حاڪم چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاندان آهن، سنڌ جتي تعليم جي ٻڏندڙ بيڙيءَ کي پار اڪارڻ بدران ڪامورا، سياستدان ان الله جي آسري لهرن وچ ۾ لڙهندڙ تختن کي نيلام ڪري ساحل تي پنهنجا بنگلا جوڙڻ جا جتن پيا ڪن. سنڌ جتي سويرن جا خواب ڏيکاريندڙ پاڻ انڌيرن جا چمڙا نڪتا، ها مان ان سنڌ جو رهاڪو آهيان. منهنجو مرڻ ته ڪا معنى نه ٿو رکي پر منهنجو جيئڻ معجزو آهي. 
ها مان اڃا وڌيڪ معجزا ڏيکارڻ جا جتن به ڪيان پيو، لڪل، ظاهري، چمڙا پوش ٿيل دشمنن کي للڪاري وري پنهنجي ڌرتيءَ جو اوج آڻڻ جون ڪوششون ڪيان پيو، منهنجون ڪوششون ته واقعي ”ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجھن“ واريون آهن پر سمجھان ٿو ته ان قسم جون ڪوششون جڏهن ڪروڙين ديس واسي ڪندا ته ڪانه ڪا راهه نڪري ئي پوندي......۽ ڪونه ڪو وڏو معجزو رونما ٿي پوندو....

11 آڪٽوبر 2016
On International Girls Day I am with my granddaughter Miss Seema (in middle) {Student of First Year Pre Medical group at Public School Sukkur} and with Miss Nadia (daughter) {Student of B.Ed Honors (4 year) in Sukkur IBA} on Hil Top of Shahnoda Peer {Roheri-Kot Diji Mountainous range} (11/10/2016). It was very hard experience for girls however, I think they must go through such experiences to learn how to face harsh and bitter realities of life.

11 آڪٽوبر 2016
اسان جي ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي سائين خورشيد شاهه صاحب، سائين قائم علي شاهه صاحب، رحمان ملڪ، عشرت العباد جهڙن ماڻهن کي ڊاڪٽريئٽ (پي ايڇ ڊي) جون اعزازي دگريون عطا ڪيون هيون.
اهي يونيورسٽيون، سائين عبدالماجد ڀرڳڙي، سائين امر فياض ٻرڙو، سائين شبير ڪنڀار ۽ انهن سان گڏ ڪم ڪندڙ ٻين دوستن تي به اهڙي مهرباني ڪري سگھن ٿا انهن کي به اعزازي ڊگريون عطا ڪري سگھن ٿا جن سنڌي ٻوليءَ جي صدين جي انشورنش ڪرائي ڇڏي آهي. اڄ اسين پنهنجي ڊيسڪ ٽاپ، ليپ ٽاپ، موبائيل تي سهڻن اکرن سان پنهنجي پياري ٻوليءَ ۾ لکون پيا
 ...
منهنجي اپيل آهي سنڌ جي مادرن علمين کي ته منهنجي ڳالهه تي غور ڪن...

10 آڪٽوبر 2016
هر سياسي ڪارڪن اڳواڻ ته هر سياسي اڳواڻ ڪارڪن واري حيثيت سان سڃاپجڻ گھرجي...هي دؤر گڏيل اڳواڻي Collective Leadership جي تقاضا ڪري پيو....اوهان جو ڇا خيال آهي؟
  
10 آڪٽوبر 2016
ڪجھ وقت اڳ منهنجي هڪ پرين پياري ترقي پسند سياست ۾ ورثي گيريءَ جي حق ۾ هڪ ڊگھو مضمون لکيو هو ۽ اها ورثي گيري انهن جي ئي ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻجي ويئي هئي جنهن مان جان آجي ڪرائڻ واري جنگ ۾ اهي منهنجا پيارا پنهنجي پارٽي کي ورهائي ويٺا هيا. اتفاق سان مون وري ان زماني ۾ ئي ان ورثا گيريءَ جي سياست واري جاگيرداراڻي روئي جي مخالفت ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا هيا. خبر ناهي منهنجي دوستن تاريخ مان ڪي سبق ورتا به آهن يا نه؟ کين سوچڻ گھرجي ته ورثي گيريءَ جو ڌڪ سهي وري شخصيت پرستيءَ جي ڏٻڻ ۾ ته ناهن هليا ويا؟ 
مان پنهنجا هي ويچار ان ڪري رکي رهيو آهيان ته جيئن ڪي ڳالهيون رڪارڊ تي رهن ان ڪري هروڀرو انهن ڳالهين مان ڳالهوڙو ٺاهڻ جي ڪابه ضرورت ناهي.

10 آڪٽوبر 2016
دوستو ڇا خيال آهي اسان سياسي ڪارڪن ڌپ ڪري ويل شخصيت پرستيءَ واري ڌٻڻ مان ڪڏهن نڪرندا سي به سهي يا ائين ئي ليٿڙيون پائيندي پاڻ سان گڏ پوري قوم جو ٻيڙو ٻوڙينداسين....

8 آڪٽوبر 2016
ڪربلا جي واقعي مان متاثر ٿي جيڪي ماڻهون باطل قوتن سان مهاڏو اٽڪائي، خطرا سر تي کڻي زندگيون پيا گذارين اهي شهيد امام حسين جا سچا پيروڪار چئبا يا ان ڏينهن کي محض روايتي نموني ملهائڻ وارا حسيني آهن؟؟

7 آڪٽوبر 2016
اوهان جيڪڏهن وڏا ڪامورا يا ڪنهن اداري جا سربراهه ناهيو ته ان جو مطلب اهو.ناهي ته اوهان وٽ صلاحيت جي کوٽ آهي.

7 آڪٽوبر 2016
سنڌ جي گورنمنٽ ڪاليجن اندر پرنسپل ٿيڻ لاء ضروري ناهي ته اوهان باصلاحيت هجو، يا اوهان وٽ واسطيدار ڊگري هجي.

7 آڪٽوبر 2016
سڀ کان وڏو سياستدان اهو آهي جنهن وٽ تمام گهڻن ماڻهن کي الو بنائڻ جي صلاحيت هجي

5 آڪٽوبر 2016
ڪالهه هڪ مذيدار خبر فيس بوڪ تي پڙهيم.
“هاڻي انقلابي پارٽي (جا) جون ٰواڳونٰ فلاڻو اڳواڻ سنڀاليندو.
ڪمال آهي ني هڪ ئي وقت ايترا واڳون سنڀالڻ!!!!

3 آڪٽوبر 2016
سائين اڄ ڪجھ دوستن جي ڳالهين کي ٻڌي مون کي هڪ لطيفو ذهن تي تري آيو آهي اوهان سان ونڊيان ٿو.
چئن دوستن وچ ۾ شام جي پهر بحث پئي هليو ته هاڻي ڏينهن آهي يا رات. هڪ يار دليل ڏيندي چيو ته يار ڪمال ٿو ڪرين هي ڏس هر شي واضع نظر پئي اچي ڏينهن ئي ته آهي. سندس ڀر ۾ بيٺل هڪ يار سندس ها ۾ ها ملائيندي سندس تائيد ڪئي. ان تي ٻئي همراهه پهرين يار جي ڳالهه کي ردو ڪندي چيو ته ڪمال ٿا ڪيو، سج ڪڏهن جو لهي چڪو آهي، انڌارو ڦهلجي ويو آهي ۽ اوهين ٿا چئو ته اڃا ڏينهن آهي رات ناهي ٿي. ڀر ۾ بيٺل دوست ساڻس به ها ۾ ها ملائي چيو ته تون صحيح آهين. چوٿو جيڪو هنن جي ڳالهين کي غور سان ٻڌي رهيو هو اهو ان ها ۾ ها ملائيندڙ يار تي صفا چڙي پيو چوڻ لڳو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو ته هو جيڪو دعوا ٿو ڪري ته ڏينهن آهي اهو به صحيح آهي ۽ هي جيڪو رات جي ڳالهه ٿو ڪري اهو به صحيح آهي، آخر ڪار انهن مان ڪو هڪ ئي ته صحيح ٿي سگھي ٿو تنهن تي وڏي اطمينان سان ها ۾ ها ملائيندڙ دوست ساڻس سهمت ٿيندي چيو ”ڳالهه تنهنجي به غلط ناهي“ سمجھ ۾ ڳالهه اچي وچيئي ته لک ڪمايم

01 آڪٽوبر 2016

جڏهن اسان کي گاڏي وٺڻي هوندي آهي، ڊفينس يا قاسم آباد ۾بنگلا خريدڻا هوندا آهن، ڪو سالگرهه جو پروگرام ڪرڻو هوندو آهي، اليڪشن جو خرچ گهربل هوندو آهي، ڪا لانگ مارچ ڪرڻي هوندي آهي، گهمڻ يا علاج خاطر آمريڪا يا يورپ ياترا تي وڃڻو هوندو آهي ته اسان کانئس خرچ ڪرائيندا آهيون، پر جڏهن واندا هوندا آهيون يا هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪندا آهيون ته کيس دل تي گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهيون. سڀني براين جي کيس جڙ چوندا آهيون، عظيم انقلابي قافلي جي رستي ۾ رکيل وڏو پٿر ثابت ڪندا آهيون. 
Top of Form

Monday, October 17, 2016

پروفيسر محمد رحيم راولاڻي؛ جاکوڙي انسان



سائين محمد رحيم راولاڻي پري کان پڌرو هوندو هو. مٿي تي مستقل سنڌي ٽوپي پهريل، مناسب قد، رنگ جو سانورو، 
چهري تي هروقت مرڪ سجائي هلندڙ هوندو هو. کيس ڏسي مون کي لطيف سائينءَ جون سٽون ذهن جي پردي تي اڀري 
اينديون هيون ته؛

سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيتڙا،
ساءِ جوءِ ڏوري آيا، سونهان جت منجھن،
ڳجھا ڳجھيون ڪن تهان پراهين پنڌ جون.

هونئن به سائين راولاڻي صاحب لطيف جو نه صرف عاشق هو پر ان سان گڏ لطيف شناس پڻ هو.
 منهنجون ساڻس تعارف گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ميمڻ ڳوٺ ۾1991ع ۾ ٿيو هو جتي سائين راولاڻي صاحب پنهنجي ڪيريئر جا 23 سال ارپيا هيا. مان ميمڻ ڳوٺ ڪاليج ۾ ڪو گھڻو عرصو ته ڪونه رهيو هوس پر دل ڏيڻ يا وٺڻ لاءِ ڪي صديون ته گھربل ناهن هونديون ۽ اهي پل جڏهن مان سائين راولاڻي صاحب سان مليو هوم ۽ پيار جا پيچ اسان وچ ۾ پيا هيا ته اهي سندس حياتيءَ تائين قائم ۽ دائم رهيا. سائين راولاڻي صاحب، پروفيسر غلام قاسم ڪنڀر، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽي، پروفيسر آفتاب بروهي، پروفيسر مولانا بدرالدين ميراڻي ۽ منهنجو ڪاليج اندر گروپ هوندو هو جيڪي ڪاليج اندر گڏ اٿندا ويهندا هياسين، موڪل کان پوءِ گڏجي ميمڻ ڳوٺ جي هوٽلن تي چانهيون پيئندا هياسين ۽ خاص ڪري مان سائين راولاڻي ۽ سائين آفتاب بروهي ملير جي شاپنگ سينٽرن ۾ گڏجي ونڊو شاپنگ ڪندا هياسين، جتي خريداري ته جو ته بهانو 
هوندو هو پيا اکين کي آسيس پهچائيندا هياسين.
مان 1993ع ۾ بدلي ڪرائي سکر هليو ويو هوس پر ڇٺي ڇهه ماهي جڏهن ڪراچيءَ ۾ اچڻ ٿيندو هو ته سائين جن سان ڪنهن محفل ۾ يا سندس رهائش گاهه تي ڪچهري ڪبي هئي. ان کان سواءِ به منهنجو سائين جن سان خطن وسيلي رابطو هوندو هو.

سائين جن سان منهنجي آخري ملاقات سندس گھر تي ٿي هئي. اسان هڪ ٻئي سان ملي ڪيڏونه سرها ٿيا هياسين اها ته خبر بس اسان کي ئي آهي. ان زماني ۾ سائين بيمارين جي ور چڙهيل هيا پر وڏي دل گردي سان بيمارين سان مقابلو ڪري رهيا هيا. کيس رڳو بيمارين ڪونه وڪوڙيو هو پر يارن دوستن پاران ميل ملاقات ۾ ڪنجوسي ۽ خط ڪتابت کان ڪنارهه ڪشيءَ واريءَ روش به ڏاڍو رنجايو هو. جنهن جو اپٽار سائين جن مون سان ڪچهريءَ ۾ ڪرڻ سان گڏ پنهنجي خطن ۾ پڻ ڪندو رهندو هو.  

سائين راولاڻي صاحب کي نه رڳو يارن دوستن جي روين رنجايو هو پر ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي جي انڌيري مستقبل جا اولڙا پسي به سائين جن جو اندر ڳريل هو. کيس ڪراچي جي قهري ماحول ۾ پرائيوٽ توڙي گورنمنٽ اسڪولن ۾ سنڌيءَ جي مضمون کي نه پڙهائڻ واري سنڌي ٻولي دشمن روئي تي پڻ اڻ تڻ هوندي هئي.

 سائين جن اخبارن اندر ڪالم لکي ڪري شعور پکيڙڻ وارن منجهاران هوندا هيا. بچل ڳوٺ ملير وارو پناهه گير دهشت گردن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندو رهيو آهي ۽ اهي وقت بوقت هن ڳوٺ تي هلان ڪندا رهيا آهن. انهن دهشت گردن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ سائين راولاڻي صاحب ۽ سندس گھراڻي جي دلير نوجوانن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ اڃا تائين اصلي سنڌي وسنديون قائم آهن، سنڌي ڳالهائي پئي وڃي، سنڌي ڪلچر ۽ ادب جي آبياري پئي ٿئي ته اهڙن سمورن سڀاويڪ ڪمن ۾ پروفيسر محمد رحيم راولاڻي صاحب جهڙن ڪردارن جو اهم، فيصله ڪن ڪردار نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي.  سائين پروفيسر محمد رحيم راولاڻي گھڻ پاسائين شخصيت هيا جيڪي تمام گھڻن محاذن تي سرگرم هيا. سائين بهترين خوشخط هيا، سندس هٿ اکرن سان لکيل خط مون وٽ موجود آهن جن ۾ سندس موتيءَ جهڙا لکيل اکر چٽيل آهن. اسان جڏهن به ملندا هياسين ته اسان جي بحث جو موضوع سنڌ، سنڌي ادب، تعليم، سنڌ جي سياست ئي هوندي هئي. اسان جو پرين سائين پروفيسر محمد رحيم راولاڻي سنڌي ادب تي وڏي دسترس رکندڙ هوندو هيو. سائين جن جڏهن ڳالهائيندا هيا ته جهڙوڪر بوسڪي ڪپڙي جا نرم ۽ نفيس ٿان پيا کلندا هيا. خوش مزاج، ننڍي وڏي سان هڪ جهڙو رويو رکندڙ سائين سان ملڻ کان پوءِ ڪنهن به قسم جي جنريشن گيپ نه رهندي هئي. راولاڻي صاحب جن جي دل سدائين پنهنجي ماروئڙن لاءِ ڌڙڪندي رهندي هئي. سائين مون کي پنهنجي زندگيءَ جي جيڪا ڪٿا سڻائي هئي اها پڻ تمام اتساهيندڙ هئي. جنهن ۾ سائين جن تمام وڏين ڏکيائين کي منهن ڏنو هو. سائين راولاڻي نه رڳو پنهنجي زندگيءَ ۾ سڦلتا ماڻي پر ان سان گڏ پنهنجي اولاد کي پڻ سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو.

شل سنڌ اندر سائين محمد رحيم راولاڻي جهڙا انمول انسان پيدا ٿين ته اسان جو معاشرو گھڻ پاسائين ترقي ڪري سگھي. اسان کي گھرجي ته سنڌي ادب، ٻولي، لطيف شناسي ۽ سنڌ دوستيءَ وارن راهن تي هلي پنهنجي پرين پياري دوست کي خراج تحصين پيش ڪريون.

جڏهانڪر ٿيام، ساڃاه سپرين جي
تڏهانڪر تر جيترو، ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.    (شاه


Saturday, October 8, 2016

حيرت ڪدهه؛ توب جبل


روهڙي کان ڪوٽ ڏجيءَ تائين جيڪو جابلو سلسلو آهي ان جي اهميت تمام گھڻين ڳالهين جي ڪري آهي. هڪ ته اتي ڪيئي درويش مدفون آهن. هنن درويشن جي درگاهن کي محض روحاني راحت جو وسيلو نه سمجھڻ گھرجي.  تمام گھڻا ماڻهون اتي سير تفريح جي خيال سان پڻ ايندا آهن. انهن جاين تي خوبصورت قدرتي نظارن کي ڏسي پسي اکيون حيرت وچان کليل رهجي وينديون آهن. انهن جبلن جي سونهن ۽ سوڀيا ۽ قدرتي حسن جي ڳالهه انهن کان پڇو جيڪي اڌم سلطان، ڇتن شاهه، اڀن شاهه، شاهنودي بادشاهه، علي علمدار جي ٽڪرين تي چوڏهين جي رات رهيا هجن.


 هتي مختلف مذهبي عبادگاهون ۽ درگاهون آهن، ڪيئي قبرستان آهن، سوين سهڻن جابلو قطارن وچ ۾ هزارين ميلن تي پکڙيل موهيندڙ ماٿريون آهن. جبلن اندر ڪي قديم ترين غارون  پڻ آهن.  

اتر سنڌ اندر هرقسم جي اڏاوتي ڪم ڪارين لاءِ انهن جبلن مان روڙو، بجري، پٿر، چن حاصل ڪري استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان به اهم ڳالهه هي آهي ته هنن جابلو سلسلن جي دامن اندر هزارين سالن جي انساني تاريخ رقم ٿيل آهي. روهڙي کان چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اروڙ جو ڳوٺ آهي، هي اهو ئي اروڙ آهي جيڪو ڪڏهن سنڌ جي راڄڌاني هو. جڏهن سنڌ جو سرحدون قندار ۽ ڪشمير تائين پکڙيل هيون ۽ هتي ڪيئي راجه ۽ مهاراجه رهندا هيا. جنهن تي جارح بن قاسم حملو ڪري قبضو ڪيو هو. انوقت سنڌوءَ جو وهڪرو به اتان ئي هوندو هو. چون ٿا ته 962ع ۾ آيل عظيم زلزلي جي ڪري اهو عظيم شهر صفه هستيءَ تان ميٽجي ويو هو ۽ سنڌوءَ جو رخ به مڪمل نموني مٽجي ويو هو.  هاڻي ته اروڙ نارا ڪئنال جي ڏاکڻين پاسي ورسيل هڪ ننڍڙو ڳوٺ.  آهي. نارا ڪئنال جي اترين ۽ اولهائين پاسي گنبذ نما عمارتن ۾ ٻه قديم قبرون اڃا تائين موجود آهن، ڳوٺاڻا انهن کي ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جون قبرون ڄاڻائين ٿا.

 اتي ئي ڀرسان جبلن مان ڪيئي قديم فاسل ۽ ڄميل شيون مون کي مليون هيون. 

انهن قبرن جي پوئين اولهائين طرف بس تباهيءَ جا آثار آهن جتي پٿر جون ڪريش مشينون سنڌ جي هنن خوبصورت جابلو سلسلن جي ڀٿرن کي ڪٽي ان مان ريتي، بجري، روڙو ڪڍي وڪڻي ڪروڙين روپيا پيا جوڙين ۽ اسان جي ڪروڙن سالن جي تهذيب جنهن جي قيمت جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي، کي بيدرديءَ سان تباهه و برباد پيا ڪن. 

اروڙ شهر جي ٿورو اڳيان اسان کي گھٽ ۾ گھٽ صدي يا ڏيڍ اڳ جڙيل عارف فقير ڀٽي جي درگاهه ۽ مدرسو نظر ايندو جنهن کي سائين رشيد ڀٽيءَ جا مائٽ اڄ به آباد ڪيون ويٺا آهن. 



مدرسي سامهون ڪالڪان ديويءَ جي غار آهي، جنهن جي لاءِ اها ڳالهه مشهور آهي ته ديويءَ هنگلاج وڃڻ لاءِ ان غار ۾ ٽُٻي هنئي هئي. ان مقدس جاءِ جي درشن لاءِ اسان جا هندو ڀائر دنيا جي هر خطي کان ڪهي ايندا آهن، پر هندو ئي ڇو مسلمانن جي به اتي لائين لڳل هوندي آهي جيڪي مدرسي مان ٿي ڪالڪان ديويءَ جو درشن ڪندا آهن. اهائي ته اسان جي سنڌ آهي جتي سهپ، ڀائپي، مذهبي هم آهنگي جا ڏيئا روشن آهن. 


ڪالڪان ديويءَ جي ان آستان جي بلڪل مٿان هڪ آرڪالاجيڪل سائيٽ آهي جتي ڏهه هزار سال اڳ رهندڙ جابلو انسانن پيليو ليٿڪ دؤر جي ڪارخاني جا اهڃاڻ موجود آهن. حقيقت ته هي آهي هنوقت تائين مون هنن جابلو سلسلن کي جيترو لتاڙيو آهي مون کي هر جاءِ تي اهي اهڃاڻ نظر آيا آهن. ان مان ته اهو ٿو معلوم ٿئي ته اهي انسان جيڪي هنن جابلو سلسلن ۾ رهندا هيا انهن ڪارخانن ۾ محض پنهنجي ضرورت لاءِ ئي نه پر اهو وکر واپاري مقصدن لاءِ پڻ جوڙيندا هيا. جيڪڏهن اها ڳالهه اسان جا ماهر مڪمل ثبوتن، ليبارٽري ٽيسٽن ۽ سائيٽ وزٽس سان ثابت ڪري ڏيکارين ته اسان جي ڏيهه جي ناماچاري بلڪل اهڙي ئي نموني ٿئي جيئن موهن جي دڙي جي ظاهر ٿيڻ بعد ٿي هئي. هن سلسلي ۾ سڀ کان جيڪا اهم ڳالهه آهي اها هي آهي ته رياست کي هڪدم چر پر ۾ اچي ماهرن کان سروي ڪرائي، خاص خاص ماڳن تي نشان لڳائي، انهن سمورن جڳهين کي انساني تاريخ جو ورثو قرار ڏيئي انهن جي حفاظت لاءِ انهن مان ريتي، بجري، روڙو، پٿر، ميٽ کڻڻ يا انهن جي کوٽائيءَ تي هڪدم پابندي لڳائڻ گھرجي. ڪالڪان ديويءَ جي آستان کان ٿورو اڳيان نينهن جبل (چار ٽڪر جبل) اچي ٿو.



 اهو پڻ هڪ انتهائي مفرد جبل آهي. مان اڄوڪي هن محفل ۾ انهن مامرن تي تفصيلي روشني وجھڻ بدران اوهان کي هن جابلو سلسلي ۾ اڃا ٿورو اڳيان ٿو وٺي وڃا جتي مان ۽ منهنجو گائيڊ دوست مسٽر يوسف ڪٽوهر 02  آڪٽوبر 2016ع واري ڏينهن تي گھمي ڦري آيا هياسين.

گھڻو اڳ جڏهن يوسف ڪٽوهر سان گڏجي مون ”ڪٽوهر ٽڪري“ سر ڪئي هئي ته انوقت کان وٺي اندر ۾ جهڙوڪر هورا کورا هئي ته هڪ دفعو وري ان پاسي وڃان، وري ڪنهن نئين ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي خوشيءَ وارا هوڪرا ڪيا، وري ڪي نوان ڀٿر هٿ ڪيان، پر زندگيءَ جي وهنوارن ايترو ته ٻڌي ڇڏيو هو ته پنهنجي شوق جي ان پورائي لاءِ هڪ ڏينهن به ڪڍي نه سگھيو هوم. 02 آڪٽوبر 2016ع آچر جي جي ڏينهن لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هوم ته هڪ دفعو وري پنهنجي محبوب جبلن جو واس وٺبو. ان ڏينهن تي سکر واري گھر مان نڪرندي نڪرندي ٿوري دير پڻ ٿي چڪي، يوسف ڪٽوهر کي اڳواٽ ڪال ڪري پروگرام جوڙي ڇڏيو هوم ۽ اسان اهو طئي ڪيو هو ته يوسف کي ڳوٺ داراواهڻ جي روڊ تي واقع غفار جي هوٽل تان کڻي اسان اڳتي سفر ڪنداسين. داراواهڻ شهر جي به هڪ تاريخي حيثيت آهي جنهن جو ذڪر ڪڏهن پوءِ ڪندس. شهر کي ڇڏي گاڏيءَ کي پير آرياڻيءَ واري روڊ تي ڊوڙائڻ لڳا هئاسين ته سج خاصو مٿي چڙهي چڪو هو ۽ چِٽ جي گرمي اتي ئي اکيون پئي ڏيکاريون ۽ سج باهه جا اُلا وسائي رهيو هئو. سرسبز آباد علائقي مان اڳتي نڪري جابلو ماٿريءَ ۾ قائم قديم ڳوٺن کي باءِ پاس ڪندي ورن وڪڙن وارن ڪچن جابلو رستن تي هلندي جڏهن مان ۽ يوسف توب جبل (مون ان کي توپ جبل جو نالو ان ڪري به ڏنو آهي ته جڏهن اسان جابلو سلسلي ڏانهن روان دوان هياسين ته جبل جي چوٽيءَ تي پٿر ڪجھ اهڙي ته ترتيب سان رکيل هيا جهڙوڪر ڪا وڏي توب اتي رکيل هجي)
تي چڙهڻ لاءِ رڙهي رهياهياسين ته ڏينهن جا يارنهن وڄي چڪا هيا. 


جبل جي هيٺيان ڪجھ مزدور بجري ٽريڪٽر جي ٽاليءَ  ڀري رهيا هيا. انهن ۾ داراواهڻ جو منظور خاصخيلي به هو مون جنهن کان ان علائقي جو نالو ۽ ٽڪريءَ تي پهچڻ لاءِ کانئس گس پڇيو هو. 

منظور ٻڌايو هو ته اهو علائقو پنج پير جو آهي ۽ اسان سندس ٻڌايل گس تي هلي اسان ان ٽڪريءَ جي پاڙ وٽ پهتا هياسين. هن قسم جي شديد گرميءَ ۾ خشڪ، گرم ۽ بي رحم جبل جي سير ڪرڻ واري فيصلي کي عقل ته رد پئي ڪيو پر شايد اهو عشق ئي هو جنهن مون کي پنهنجي گھر ۾ لڳل ايرڪنڊيشن ڪمري ۾ آرام ڪرڻ ڪونه پئي ڇڏيو ۽ نيٺ مون کي اتان ڇڪي ٻاهر ڪڍي اڻانگي سفر بعد اتي اچي ٿو بيهاريو هو. ڀلا جي عشق نه هجي ته جيڪر ڪير ڪشالا ڪڍي ها! مون کي ان جبل تي چڙهندي سسئي ڏاڍي ياد آئي هئي ۽ سسئي جي ڪردار کي امرتا ڏيندڙ مرشد لطيف جا شعر ذهن جي اسڪرين تي گھمي ڦري رهيا هيا.

ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم سک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.

جيڪڏهن مقصد عظيم هجي ته پوءِ ماڻهون کي رستي ۾ ايندڙ تڪليفون به فرحتون لڳنديون آهن. اهو ئي چوڻ آهي مرشد لطيف جو ۽ سندس اهي ڳالهيون مون مڪمل نموني ان ڏينهن ئي سمجھ ۾ آيون هيون. هڪ اڪيلي، البيلي الهڙ ڇوڪري پنهنجي ور جي ڳولها لاءِ سڀ ليڪا لتاڙي گھر مان نڪري ٿي. کيس ڏاگهه جن تي کڻي پنهل کي نيو ويو هو سندس ڏير جن اهو ڪڌو ڪم ڪيو هو جن جا پرڪار به ڏُک پهچائين ٿا پر اهي سور روحاني آهن جن جو اثر دل ٿي ٿيندو آهي پر ڏونگرن جو سڌو سنئون اثر انساني سرير تي ٿئي ٿو، پير پٿون ٿين ٿا، اڃ لڳي ٿي، جبلن جا ڪنڊا رڳو ڪپڙن کي نه پر جسم کي به چيري رکن ٿا، ڳلو سڪي ٺوٺ ٿيو وڃي ۽ جسم مان سموري ست نڪريو وڃي پر وري به همٿون ته ڏسو ته سسئيءَ جي نزديڪ اهي سڀ سک آهن. 


مان جڏهن توپ جبل تي چڙهندي صفا ڏيئي وٺي بيٺو هوم ۽ واپسي جو جهڙوڪر فيصلو ڪري يوسف ڪٽوهر کي سڏي اتان رستي کان ئي واپس ٿيڻ وارو چوڻ وارو هئم ته لطيف سائينءَ جي اها سِٽ ساري مون ۾ هڪ ازغيبي طاقت اچي ويئي هئي.
 ٿوري ساهي پٽي، منرل واٽر جي بوتل جي پاڻيءَ (پاڻي جيڪو گرميءَ کي اوٻاريل پئي لڳو) مان ٻه ڍڪ پي، ان مان منهن تي ڇنڊو هڻي وري سفر شروع ڪيو هوم. مون کي اتي سنڌ جي ٻئي عظيم شاعر شيخ اياز جو شعر پڻ ياد اچي ويو هو ته؛
جلي ٿو جبل لوءِ هوريان ته هل،
پنڌ پنهنجو پري ڏينهن آهي تتل.

بلڪل ساڳي صورتحال هئي. 

ان جبل جي چڙهائي وقت مون کي ڪيئي اهڙا ڀٿر نظر آيا جيڪي عجيب غريب شڪلين وارا هيا. 


انهن کي ڏسي منهنجو يقين پختو پئي ٿيندو ويو ته هتي انسان ذات ۽ حيات جي ڪا عظيم تاريخ دفن ٿيل آهي. ڪو خدا جو بندو اچي انهن کي ڳولهي، چڪاسي، انهن مان نتيجه ڪڍي دنيا وارن کي ڏئي.
 اسان جبل جي جنهن پاسي کان چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هياسين سج به بلڪل ان جي سامهون باهه برسائي رهيو هو. انوقت اتر پاسي کان هوا ته گھلي رهي هئي پر جيئن ته اسان ڏاکڻين پاسي کان چڙهي رهيا هياسين ان ڪري ان هوا جو انوقت اسان جي اُس ۾ سڙيل سرير تي ڪوبه اثر ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آيو.  يوسف ڪٽوهر هنن جابلو سلسلن ۾ ايندڙ ويندڙ رهيو آهي، جوان به آهي ۽ کيس مٿي چڙهڻ يا هيٺ لهڻ ۾ مهارت حاصل آهي انڪري هو منهنجي اڳيان اڳيان هلندي مون کي محفوظ جاءِ تي پير رکي مٿي چڙهڻ جون هدايتون متواتر ڏئي رهيو هو. 


يوسف مون کي اتي ساهي پٽڻ لاءِ ويهاري پاڻ ٿورو هيٺ لهي اتان ننڍڙي چاري کان جبل جي ٻئي پاسي ڪٿي گم ٿي ويو. ان وچ ۾ مون پنهنجي سر پاڻ جبل جي پٿرن ۾ پير ڦٻائي، هٿ وجھي هڪ جاءِ تان چڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. حالانڪه اهو وڏو رسڪ وارو معاملو هو، ڇوته مون وٽ جبلن تي چڙهڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو امدادي سامان ڪونه هو ۽ نه زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪا دوا درمل جو بندوبست ٿيل هو. هتي ته بس اسين ٻئي هڪ ٻئي لاءِ سڀ  ڪجھ هياسين. منهنجو ڪوششون اڃا جاري هيون ته يوسف واپس ٿيندي ئي مون کي اتان چڙهڻ کان رڙ ڪري روڪيو ۽ مون به سندس ڳالهه مڃي هيٺ لهڻ لاءِ جڏهن پير رکڻ جي جاءِ ڳولهڻ لڳس ته خبر نه پي پئي ته ڪٿي رکان نيٺ قميض جو ڪپڙو هٽائي هيٺ نهاري پڪي ڄميل پٿر تي پير رکي هيٺ لهي آيم. يوسف ٻڌايو ته هيٺيان کان هڪ رستو وڃي ٿو جيڪو محفوظ آهي. اهو رستو جبل جي اندر هڪ کاهي جي شڪل وارو هئو. صاف لڳي پيو ته ڪيئي صديون اڳ جڏهن هي علائقو اڃا سمنڊ ئي هو ته يقينن سمنڊ جي پاڻيءَ جي صدين تائين مسلسل ٽڪرائجڻ ڪري اهي جبل جا پاسا ان نموني لسا ۽ کڏاوان ٿيا هوندا. ان قسم جا اهڃاڻ هن سلسلي ۾ جاءِ جاءِ تي نظر ايندا آهن. 


ان کاهيءَ واري گولائيءَ ۾ ڍونڍڙو ٿي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ته يوسف وري خبردار ڪيو ته مٿي خيال ڪجو ته ڪنهن تيز جبل جي ٽڪري سان ٽڪرائجي نه پئو. سندس هدايت سؤ فيصد ٺيڪ هئي، جيڪڏهن منهنجو مٿو اتي ڪنهن جابلو پٿر سان لڳي پوي ۽ وقتي طور تي دماغي جھٽڪو لڳي ها ته مون کي هيٺ تمام هيٺ ڪرڻ ۽ ذرا پرزا ٿيڻ کان ڪير به بچائي ڪونه سگھي ها. بهرحال وڏي خبرداريءَ سان مان اهو مرحلو به طئي ڪري ورتو ۽ جڏهن جبل جي اترئين پاسي پهتاسين جتي جبل جي چوٽي جو سايو هيو، جتي ٿڌڙي هوا پگھريل جسم ۾ ان قسم جي راحت ڏئي رهيو هو جڏهن ماڻهون ڪاڙهي کان ايرڪنڊيشن ڪمري ۾ اچي. اتي ويهي مون ساهي پٽي، پاڻي ڍڪ به ورتم ۽ موبائيل کولي جيڪو ڪجھ سمجھ ۾ آيو اهو فلم بند ڪيم. 


 جيڪي خيال دل ۾ آيا انهن ۾ هي به هيا ته آخر ڪار اسان هنن جابلو سلسلن مان ڪمائي صرف انهن کي کوٽي، انهن کي ميساري، انهن جو وجود مٽائي حاصل ڪري سگھجي ٿو يا اهو به ممڪن آهي ته اهڙو ڪو ڪم ڪجي جنهن سان هي جبل به پنهنجي ساڳي صدين واري سونهن ۽ سوڀيا سان قائم ۽ دائم هجن ۽ اسان انهن مان ڪمائي پڻ حاصل ڪريون؟ منهنجي ذهن ۾ جيڪي هاڪاري جواب اڀريا اهي هيءَ هيا ته جيڪڏهن اسان هنن جابلو سلسلن ۾ دنيا جهان جو سير ڪرڻ وارن سيلانن جي ڏسڻ لائق بنائڻ وارين سهولتون مهيا ڪري سگھون، هنن جابلو سلسلن جي انساني تاريخ واري اهميت کي اجاگر ڪري اتي ڪي ميوزم قائم ڪريون، ٻه طرفه محفوظ ۽ مظبوط روڊ رستا جوڙيون، ڪي ڪيفي هائوس هجن، تفريح گاهن جو قيام عمل ۾ اچي، پاڻي، بجلي جي سهولت مهيا ٿيل هجي ته جيڪر بر ۾ بهاريون ٿي وڃن ۽ اهي ويران وستيون رنگا رنگي انساني اچ وڃ جو آماجگاهه بڻجي پون جنهن مان مقامي عام ماڻهن جي روزگار جا ڪيئي ذريعا کلي پون ۽ پڻ حڪومت جي آمدنيءَ ۾ پڻ اضافو ٿئي. اهي ڪم دنيا وارا ڪن پيا، اسان جي سياستدانن جي دل لڀائيندڙ دبئي ڪجھ سال اڳ ڇا هو؟ واريءَ جا گرم دڙا، گرم سمنڊ، گرم علائقو ۽ هاڻي اهو دنيا جي واپار، راندين، تفريحن، ميڊيا، فلم انڊسٽري،  روزگار حاصل ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو مرڪز بڻيل آهي. اسان جي شاهزادن، دادلن حڪمرانن جو وري اهو اصول آهي ته پنهنجا شهر، پنهنجو وستيون، پنهنجا ماڳ مڪان ويران ڪري وڃي انهن پراون پڊن ۾ عياشيءَ واري زندگي گذاريون! ڪاش کين اهو خيال ذهن ۾ اڀري ته پنهنجي ديس کي پڻ ان نموني آباد ڪجي، ان نموني سهولتون ڏئي ترقي وٺرائجي. پر هو ائين نه ڪندا ڇوته سندن ذهن رڳو منفي انداز سان سوچڻ جا عادي بڻچي چڪا آهن. اسان هر ڳالهه جي منفي پاسن ڏانهن ڏسندا آهيون، منفي عمل ڪندا آهيون، سٺين ڳالهين، روين، عملن ۽ عادتن کان چڙ لڳندي آهي.
 اتي ويٺي ويٺي، ٿڌڙي هوا جو مزو وٺندي ايترو ته حض پئي آيو جو دل پئي چاهيو ته شام تائين اتي ويٺا هجون. ان جو سبب رڳو اهو نه هيو ته ٿڌڙي هوا پئي گھلي يا جابلو سايو هيو پر ان سان گڏ آس پاس جي علائقي ۾ جيڪي ٻيون خوبصورت پهاڙي ٽڪريون هيون اهي به اسان جي بلڪل سامهون جڳمائي رهيون هيون. هتي جيڪي جبل آهن اهي مختلف شڪلين وارا آهن. ڪنهن کي ڏسو ته جهڙوڪر مصر جي اهرامن جهڙو ٿو لڳي،


ٻئي تي نظر وجھو ته جهڙوڪر ڪنهن عظيم ديوتا جي شڪل ٿي نظر اچي، 


ڪٿي ائين ٿو لڳي ته جهڙوڪر جبل جي چوٽي تي ڪو وڏو مور پکي لاڏ ڪوڏ سان ويٺو آهي، 


 يا ڪٿي وري ڪو وڏو واڳئون ننڊ ۾ ستو پيو آهي، 


ڪنهن جبل مٿان جهڙوڪر ڪڇئون پنڊ پاهڻ ٿيو پيو آهي. 


هر جبل منفرد هر ٽڪري الڳ، هر ماٿري جو پنهنجو الڳ حسن...مان ته حيرت جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳو هوس ته ياخدا ايتريون ساريون خوبصورتيون هڪ جاءِ تي ۽ ان کان پوءِ افسوس جا درياءَ منهنجي دل ۾ وهڻ لڳا هيا ته الاس ڪنهن کي هي منفرد، جاذب نظر، قيمتي وٿاڻ نظر ڇو ڪونه پيا اچن، ڪو اڳتي وڌي هنن کي اڃا وڌيڪ هاري سينگاري ڇو ڪونه ٿو.


 هنن خوبصورت وادين ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي مين ڪئمپس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر افسوس ته زمين جي چڪاس ڪرڻ کان سواءِ ئي تڙ تڪڙ ۾ اڏاوتون ڪيون ويون هيون ۽ جڏهن اتي روڊ رستا جڙي ويا هيا، جڏهن بجليءَ پاڻيءَ جو بندوبست به ٿي ويو هو ۽ سموري يونيورسٽي جي عمارتن جو 75 سيڪڙو ڪم مڪمل به ٿي چڪو هو ته ماهرن جي اک کلي هئي ۽ انهن ٻڌايو هو ته اها زمين ان قسم جي اڏاوتن لاءِ بلڪل به موزون نه آهي ۽ ائين يارنهن ڪروڙ روپيا کڏ ۾ اڇلايا ويا هيا. پر مان سوچيان پيو ته جيڪڏهن واقعي لطيف يونيورسٽي اتي قائم ٿي وڃي ها ته شايد انهن نڌڻڪن جبلن جي مالڪي ٿي پوي ها. مون کي هتي ويٺي ويٺي هن ئي سال جي جولاءِ مهيني ۾ ناراڻ، ڪاغان ويلي سان گڏ ڪشمير جي جهلم ويلي وارو ٽوئر ياد اچي ويو هو. ان پاسي جا جبل وڻن ٽڻن، گلن ٻوٽن سان ٻارهوئي جھنجھيل رهندا آهن ان جو هڪ سبب ته اتي سياري ۾ برفباري ٿيندي آهي ۽ اونهاري ۾ برسات پوندي آهي ۽ اسان واري هن علائقي ۾ برسات ته ڪڏهن ڪڏهن مهمان جي شڪل ۾ ايندي آهي، گھڙي پلڪ منهن ڏيکاري وري سالن تائين گم ٿي ويندي آهي. هونئن ته اسان جي هِن علائقي ۽ هُنن جي ان علائقي جا جابلو سلسلا الڳ حيثيت رکندا آهن پر هڪ ڳالهه ٻي به آهي ته پرئين پاسي وارن جبلن جي مالڪي بهرحال ٿئي ٿي جڏهن ته اسان جا هي ماڳ مڪمل نموني نڌڻڪا ۽ يتيم آهن. جن کي ورسائڻ، سينگارڻ، محفوظ ڪرڻ واريون ڳالهيون ته محض خواب ٿيون لڳن پر ڪاش رڳو جيڪا سندن شڪل صورت هن وقت تائين انسان هٿن کان محفوظ آهي ان کي ته بچائڻ گھرجي جيڪا بربادي ٿي سا ٿي هاڻي ته اکيون کولڻ گھرجن. 


پر مسئلو هي آهي ته ٻليءَ کي گھنڍڙي ڪير ٻڌي هتي ته سڀ کاٽائو پٽ آهن. هيٺ ماٿريءَ ۾ ڪجھ جهوپڙيون جڙيل هيون. حقيقت ۾ انهن کي جھوپڙيون چوڻ به ٺيڪ نه هوندو ڇوته جھوپڙين ۾ وري به ڪي ٿوڻيون هونديون آهن، وارا يا پنڃر رکبا آهن، انهن مٿان ڪي ڪک پن رکي ڍڪيو ويندو آهي ان قسم جو ته اتي ڪوبه امڪان نظر نه پئي آيو بس ڪي ڪاٺيون اڀيون ڪري انهن مٿان ڪجهه ڪپڙا رکيل نظر اچي رهيا هيا. ڪجھ سامان اندر ته باقي انهن جي آس پاس ٽڙيل پکڙيل پيو هو ۽ انهن ”گھرن“  جا رهواسي جبل جي پٽ خوهه ۾ مصروف هيا. انهن جبلن جي وچان اڊڙيل روڊ تي جڏهن مون واري مهراڻ جمپ کائي رهي هئي ته يوسف ٻڌايو هو ته ”هي روڊ سائين خورشيد شاهه جي ويجھو رهندڙ فلاڻي ٺيڪدار جا ٺهرايل آهن“ 


وڌيڪ ان ۾ اضافو ڪندي ٻڌايو هيائين ته ”ڪالهه تائين اهو ماڻهون جهڙوڪر پنندو هيو ۽ هاڻي پراڊو ۾ گھمي ڦري پيو، سائين خورشيد شاهه کيس اَڏي ڇڏيو آهي“. منهنجي دماغ ۾ انوقت اهي خيال اڀري آيا هيا ته جيڪڏهن هي روڊ ٺيڪ ٺهيل هجن ها ته اهو ”ويچارو“ ٺيڪدار ان نموني پراڊو ۾ ته گھمي نه سگھي ها سو سمجھڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا شهر، اسان جا ماڳ، اسان جون وسنديون، اسان جا تعليمي ادارا، اسان جون تاريخي جايون ان ڪري به برباد آهن ڇوته انهن جي بربادي ڪري ڪجھ ماڻهون پراڊو تي گھمندا آهن، بنگلن مان محلاتون جوڙائيندا آهن، هر شهر ۾ سندن اوطاقون هونديون آهن، غير ملڪي ٽوئر هڻندا آهن ۽ اسين سندن شان ۾ نعرا هڻندا آهيون. جڏهن اتي ويٺي ڳچ عرصو گذري چڪو هو ته اسان کي واپس هيٺ لهڻ جو خيال آيو. يوسف چيو پئي ته سائين هي جبل صفا ٺوڙها آهن انهن تان سمورو روڙو روڙي ڪڍيو ويو آهي ان ڪري بهتر آهي ته ريڙهيون پائي هيٺ لهون ائين نه ٿئي ته پير ترڪي وڃي. سندس اندازو بلڪل صحيح هو. سندس هدايتن تهت مان ريڙهيون پائيندي هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ۽ جڏهن اڌ پنڌ تائين پهتو هوس ته انوقت مون واري موبائيل تي ڊگري ڪاليج رتيديري جي پرنسپل، پياري دوست، سائين شمس سارئي جي ڪال آئي هئي جنهن مون کان پنهنجي ڪنهن دوست لاءِ بيدل جي اردو ڪلام جي ڪتاب جي گھر ڪئي هئي. مون کيس يقين ڏياريو ته مان ان جا جاچ وٺي جلدي کيس سان رابطو ڪندس. سندس ڪال اٽيڊ ڪندي مون سوچيو پئي ته ٽيڪنالاجيءَ ڪيتريون نه اسان جي لاءِ سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. هن جھنگ ۾ رهندي به ڪوهين ڏور پنهنجن سان سڌا سنوان رابطا هئڻ سان گڏ مان پنهنجي موبائيل سيٽ مان جيترا چاهيان ڦوٽو وٺي سگھان ٿو، وڊيو ڀري سگھان ٿو، پنهنجو يا ٻئي ڪنهن جو آواز به رڪارڊ ڪري سگھان ٿو. منهنجو موبائيل سيٽ مون کي طرفن جي ڄاڻ به ڏئي ٿو ته گرمي پد به ٻڌائي ٿو وغيرهه. ڪال جي ڪري وقتي طرح مان ذهني طرح ٻئي پاسي هليو ويو هوم، ٿورو هيٺ يوسف منهنجي انتظار ۾ بيٺو هو. نيٺ مان به ڪٿي ريڙهيون پائيندي، ڪٿي ڊونڊڙو ٿي پٿرن جي ٽيڪ حاصل ڪندي، ڪٿي پيرن کي پاسيرو ڪري، زمين يا اتي ڄميل ڀٿرن ۾ ڦٻائي هيٺ لهڻ جي ڪري رهيو هوس. ان نموني اسان هيٺ ته پهچي ويا هياسين پر هيٺ پهچندي منهنجو هڪ دفعو وري ساهه چڙهي پيو هو. مون واري مهراڻ ٿورو پرڀري پارڪ ٿيل هئي. اسان پنهنجي گاڏي ڏانهن وڃي رهيا هياسين ته اها ساڳي ڪلٽس ڪار جنهن اسان کي آرياڻي بادشاهه جي درگاهه وٽان ڪراس ڪيو هو ۽ يوسف سان گڏ مان جڏهن جبل تي چڙهي رهيو هوس ته اسان واري گاڏي وٽان ڪراس ڪري هلي ويئي هئي هاڻي واپس وڃي رهي هئي. اها ڳالهه مون کي انوقت سمجھ ۾ آئي ته اسان تي نظر رکي پئي وڃي، ڪي ماڻهون جن جبلن تي قبضو ڪري رکيو آهي جيڪي پٿر، روڙي ۽ بجري جي سپلاءِ تي انهن کان ڀتو وٺندا آهن انهن کي شايد شڪ جاڳيو هو ته شايد اسان به انهن جهڙا ڪي قبضاگير آهيون.

 گاڏي ۾ اسٽارٽ ڪري هلڻ لڳاهياسين ته يوسف پڇيو هو ته ”سائين هاڻي ڇا پروگرام آهي؟“ مون کيس وراڻيو هو ته ”ڏاڙهون فقير جي ٿاڪ تي ٿا هلون“. ياد رهي ته ڏاڙهون فقير اسان جي اباڻي قبرستان جو نگهبان آهي ۽ اهو اسان وارو قبرستان شاهنودي بادشاهه جبل جي ماٿري وٽ آهي. اڳئين دفعي جڏهن ڪٽوهر ٽڪري تي چڙهيا هياسين ته ڏاڙهون به اسان سان گڏ هو. سو جابلو ماٿريءَ ۾ ريتي بجريءَ وارن رستن تي گاڏي ڊوڙائيندي جڏهن ڏاڙهون فقير جي ٿان وٽ پهتا هياسين ته اتي ڏاڙهون موجود نه هو. اتي پهچندي پهچندي مون کي ائين لڳو پئي ته جهڙوڪر سرير مان ساهه نڪري ويو هجيم ۽ سوچيم پئي ته اڄ بيمار نه ٿيم ته ڪڏهن به نه ٿيندس. اتي ناديءَ توڙي دلن ۾ ٺريل پاڻيءَ مان گلاس اڌ نه رڳو پيتم پر هٿ منهن ۽ پير به ڌوتم، ته ڪجھ فرحت آئي. هٿ منهن ڌوئڻ کان پوءِ ڏاڙهو فقير جي ڪچي ڪوٺي ۾ وڇايل رليءَ تي آهلجي پيم ۽ ڪا گھڙي ته بنا سڌ ٻڌ جي اتي پيو هوم. يوسف مون کان پڇا ڪئي ته  سائين ”مان ۽ يوسف چاءِ، پتي ۽ کنڊ پاڻ سان کڻي آيا هياسين. پيو هو. گلاس ڀري چانهن جي پڇا ڪئي مون کيس چيو ته ”وارو ڪر ته ڪجھ ٿڪل جسم ۾ چستي اچي“ پر باهه ٻارڻ لاءِ ماچيس نه يوسف وٽ هيو نه مون وٽ ۽ جابلو سلسلي ۾ ڪو ماڻهون به نظر نه پئي آيو. پري تمام پري رڍن جي ڌڻ ساڻ گڏ ٻه عدد ڌنار نظر پئي آيا پر اهي تمام پري هيا انڪري انهن وٽان مدد ملڻ جي ڪا اميد نه هئي. يوسف جڏهن ماچيس جي تلاش ۾ ڪٿي گم ٿي ويو هو ۽ ڪمري اندر گرميءَ مان جان آجي ڪونه پئي ٿئي ته مان پڻ ڪمري مان نڪري ڪمري جي اترئين پاسي وڇايل رليءَ تي اچي ٿاڪ هنيو هوم جتي هلڪي اس جي تپش ته هئي پر هوا گھلي رهي هئي. سامهون منهنجي وڏڙن جو قبرستان ميلن تائين ڦهليل هو، اهو قبرستان جتي منهنجي ڪڙم جا سمورا وڏڙا ابدي آرامي آهن جن ۾ منهنجي جيجل امڙ، منهنجو لاهوتي بابا سائين، منهنجو موالي ڀاءَ، منهنجو روحاني استاد منهنجو چاچو، ڏاڏا سائين ۽ منهنجي صوفي سهري سان گڏ کوڙ سارا مڻيا دار ماڻهون شامل آهن اهي پنهنجي دؤر جا مشهور ۽ مقبول، محفلن جا مور، محنت ڪش انسان هيا جيڪي پنهنجو وارو وڄائي ويا. ٽي قل ۽ سورته فاتح پڙهي سندن روحن کي ثواب پهچائي سوچيو هوم ته هڪ دفعي اتي ويهي انهن ابدي ننڊ ۾ ستل انهن سمورن پنهنجي وڏڙن متعلق ڪجھ لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪندس. 


قبرستان مٿان جابلو ٽڪريون هيون ۽ اولهائين پاسي پري تائين ماٿري نظر پئي آئي ۽ پري تمام پري کجين جا باغ ۽ سرسبز زمين جا ٽڪرا هيا. منهنجي سامهون هڪ قبر جي ڀرسان پکين جي پاڻيءَ پيئڻ ٻه عدد ننڍڙا ٺڪر جا ٿانو پيل هيا جن جي مٿان ڪا پٽ جھرڪي پاڻيءَ لاءِ لامارا ڏئي رهي هئي. ان کي ڏسي ڪمري ۾ وڃي ٻه عدد گلاس پاڻيءَ جا ڀري انهن ٿانون ۾ اوتيم ۽ گھڙي کن ئي نه گذري هئي ته هڪ جي بدران ٻه عدد جھرڪيون جن جو رنگ به جبل جي پٿرن جهڙو ميرانجھڙو هو ڪٿان اچي پاڻي پي ڪمري جي ڇانو ۾ ويهي گرم موسم مان پاڻ بچائي رهيون هيون. هنن جبلن ۾ ڪنهن وقت پٽ تتر به هوندا هيا خبر ناهي ته انهن جو نسل بچيو به آهي يا هنن جبلن اندر هرڻن وانگر ختم به ٿي چڪو؟؟!!  ايتري ۾ يوسف خبر ناهي ڪٿان هڪ تيلي هٿ ڪري آيو ۽ ماچيس جو کوکو اتي پٽ تي پيو هو ۽ ان هڪ تيليءَ پاڻ ملهايو ۽ اسان جي چانهن لاءِ باهه ٻري پيئي. چانهن جا پيالا جڏهن يوسف منهنجي سامهون رکيا ته مون کيس مانجھاندي ڪرڻ لاءِ اسيل جي مذيدار کارڪن ۾ رول ڪيل اوفراٽه ڏنا جيڪي مان گھران کنيو آيو هوس. انهن اوفراٽن ۾ مون گھران کارڪن مان بونڊيون ۽ کوکڙا ڪڍي رول ڪيا هيا.  يوسف کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ چيائين ته ”مطلب ته سڄو بندوبست ڪري آيا هيا.“  ان شاندار لنچ بمع کير پتي چانهه وٺڻ کان بعد جڏهن جسم ۾ سستيءَ جي جاءِ تي چستي آئي ته وري ڇڪيو سين پنڌ کي. 

قبرستان واري علائقي مان نڪري ناري طرف جڙيل روڊ تي گاڏي کي کڻي گھمايم ۽ يوسف کي چيم ته ”ٿورو اڳتي هلي ڏسون ته سهي ڀلا ان طرف ڪهڙا نظارا آهن.“  يوسف مون کي ٻڌايو ته ”او ان چڙهائيءَ کان پوءِ ڄاڱري ٻيرن جو وڏو قدرتي باغ آهي.“ مون چيو ته ”پوءِ ته ضرور ان پاسي هلنداسين. ان روڊ تي هيڪڙ ٻيڪڙ موٽر سائيڪل سوار اچي وڃي رهيا ته هڪ عدد سينگاريل پوٺوهار جيپ به اسان کي ڪراس ڪري ويئي هئي. روڊ جي ٻنهي پاسي جبلن جي چوٽين تي ڪي ماڻهون جبلن مان پٿر پٽي انهن کي اتان ئي رڙڪائي هيٺ اڇلي رهيا هيا ۽ اهي ڀٿر جبل جي اوچائيءَ پنهنجو پاڻ هيٺ پئي پهتا. اتي ٻنهي پاسي مختلف جبلن جي چوٽين مون کي ڏاڍو موهي وڌو هو ۽ دل ۾ سوچيم پئي ته ڪاش مون وٽ ڪا سٺي پروفيشنل ڪيمرا هجي ته ان جي اک ۾ انهن نظارن کي ان نموني ئي قيد ڪري ڇڏيان جيئن منهنجي اک انهن کي ڏٺو پئي. بهرحال مون پنهنجي هيڻي حال طور پنهنجي موبائيل تان اهي ڦوٽو ڇڪي رهيو هوم. اتي ئي مون کي سائين شاهنواز چاچڙ جو خيال آيو هو جيڪو ان ڪم جو ماهر آهي ۽ وٽس سٺي معيار جون ڪيمرائون پڻ آهن. مون پنهنجي موبائيل مان سندس نمبر ته ملايو هو پر يوفون جا سگنل اتي صفا جواب ڏيئي بيٺا هيا. اسان يوسف جي ٻڌايل ٽڪري پار ڪري جڏهن هيٺ ماٿريءَ ۾ پهتا هياسين ته واقعي اتي ڄاڱري ٻيرن جو عظيم عاليشان قدرتي باغ هو جنهن جو ڇيڙو خبر ناهي ڪٿي پئي وڃي دنگ ڪيو. سوچيو اٿم ته ٻئي دفعي اتي اچي ان باغ جو پيڇو ڪري جاچ جوچ ڪبي ته اهو باغ ڪيتري ايڪڙن تي ڦهليل آهي. 


ان ڏينهن جڏهن اسين اتي پهتا هياسين ته ٻيرن ۾اڃا ٻور آيل هو. اتي ڪجھ ڦوٽو وٺي واپسي لاءِ جڏهن هڪ جابلو چوٽي وٽان لنگهي رهيا هياسين ته اتي پيل ڪجھ پٿرن منهنجو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪايو هو ۽ گاڏي کي پاسي تي بيهاري اسان انهن ڀٿرن کي جاچڻ لاءِ وٽن پهچي ويا هياسين. اهي پٿر يا اهي فاسلس جيڪي هيا اهي ڪنهن پٿريلي جبل جي چوٽيءَ تان ورتل نه هيا پر اهي ان بجريءَ مان نڪتا هيا جتي ٽڪر مزدورن کوٽائي ڪئي هئي. انهن عجيب غريب پٿرن کي ڏسي نه رڳو مان پر يوسف به حيران رهجي ويو هو. يوسف جنهن کي هاڻي جابلو ڀٿرن جي اهميت سمجھ ۾ اچي ويئي هئي ۽ هو هر هر مون کي اهو ٻڌائي رهيو هو ته ”سائين جي جيڪي ٽڪر آهن اهي مٿان جبل کان ناهن لاٿا ويا پر اهي کوٽائيءَ مان نڪتل آهن ان ڪري اهي ڪن انسان جي هٿن مان جڙيل آهن.“ مون دل ئي دل ۾ سندس سياڻپ کي داد ڏيندي ان ۾ واڌارو پئي ڪيم ته ”يا وري اهي ڪن انسانن يا جانورن جا فاسلس به ٿي سگھن ٿا جيڪي صديون اڳ اتي رهندا هيا“. انوقت مون واري موبائيل جي بيٽري به جواب ڏئي چڪي هئي ۽ انهن عجيب شڪلين وارن فاسلس جا ڦوٽو وٺڻ کان محروم رهجي ويو هوم. ڪاش ڪي ماهر هنن جاين جي کوٽائي ڪن، انهن اهڃاڻن کي سڃاڻن ۽ اهڙن جاين تان بجري، ڀٿر، روڙو کڻڻ يا کوٽائي ڪرڻ واري ڪم تي وارو ڪم جيڪي ٽڪر مزدور ڪن ٿا انهن تي پابندي هڻن. هنن اسان جي جبلن مان چوويهه ڪلاڪ، هفتي جا ستئي ڏينهن پٽ کوهه پئي هلي. ڪي قبضا خور ته آهن پر ڪابه سرڪاري پڇا ڳاڇا جو ڪو قانون ناهي. جنهن کي جيڪا به شيءِ جتان به وڻي اتان کڻي سگھي ٿو.











اندر ۾ اهي جڪ کائيندي جڏهن واپس دارواهڻ جي غفار هوٽل تي پهتا هياسين ته شام جا ساڍا چار کن ٿي چڪا هيا ۽ هوٽل واري چيو پئي ته پنجين وڳي کير ايندو ته اوهان کي چانهن پياريان ٿو. جڏهن تازو کير آيو ۽ غفار چانهن جو ٻاٽلو چاڙهيو ته خبر ناهي 
ڪٿان کان ماڻهن جو ميڙ مٿس ڳاهٽ ٿيڻ لڳو هو. سندس چانهن واقعي به شاندار هئي. مون ۽ يوسف اهو عزم ورجائي موڪلايو ته



جلد وري ڪنهن ٻي ٽڪريءَ کي گڏجي سَر ڪنداسين.

.