Sunday, September 23, 2012

پاڻيءَ تي ليڪا

گذريل جمعي تي هن ملڪ ۾ ناموس رسالت جي نالي ۾ جنهن طريقي جو احتجاج ڪيو ويو، ان کي جنونيت کان سواءِ ٻيو ڪهڙو نالو ڏجي! سئنيما هالن کي باهيون، عام ماڻهن جي ذاتي گاڏين کي ساڙڻ، پوليس وارن کي قتل ڪرڻ، بئنڪن جي ڦرلٽ، سائن بورڊ ساڙي ڇڏڻ وغيرهه. سوال ٿو پيدا ٿئي ته جن جنوني ماڻهن پياري نبي صلعم جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي، اسان جي هن نموني احتجاج ڪرڻ ڪري انهن جي طبيعت تي ڪهڙو اثر پيو ؟! جڏهن اسان پنهنجي ئي ملڪ ۽ عوام جي سوا ارب روپين جو وڏو نقصان ڪري ڏيکاريو، ته هنن جي اڪانامي ڪيترو پوئتي هلي ويئي؟ ڇا ان احتجاج سان اسان جي اندر ۾ نفرت جي ٻريل باهه تي ڪو پاڻي جو ڇنڊو پيو؟ مون کي پنهنجي هڪ پياري دوست جي فيس بوڪ اسٽيٽس  تي هڪ هندستاني دوست جو اهو تبصرو ڪيڏو نه حقيقت پسند لڳو جنهن ۾ هن چيو ته ”هندستان کي هروڀرو ڪروڙين روپيه خرچ ڪري ايٽمي ميزائيل ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.ان کي گھرجي ته چوڏهن منٽن جي ڪا فلم ٺاهي انٽر نيٽ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏين، پاڻهي پاڪستاني پنهنجي ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيندا“.

 ان سڄي طوفان جي برپا ٿيڻ کان پوءِ پرائيويٽ ٽي وي چينلن تي جماعت اسلامي، جميعت علماءِ اسلام، مسلم ليگ نون، تحريڪ انصاف، سني تحريڪ جا نمائندا ۽ اڳواڻ ان سڄي معاملي کي اهو چئي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪڍ آهن ته درحقيقت اهو احتجاج عوام جي ديرپا تڪليفن، اهنجن، اذيتن جو نتيجو آهي. اهو چئي هو ان سڄي فساد کي برپاڪرائڻ ۾ پنهنجي ڪڌي ڪردار کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هي اهي ماڻهون آهن، جن جي پوري تاريخ گواهه آهي ته هنن سدائين، سائنسي نقطئه نظر، منطق ۽ عقل جي مخالفت ڪئي آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجھ وقت اڳ تائين مذهبي پارٽين پاران ڀتين تي وي سي آر، ڊش انٽينا جي مخالفت ۾ چاڪنگون ڪيون ويون هيون جن ۾ اهو برملا اظهار ڪيو ويندو هيو ته وي سي آر، ٽي وي، ڊش انٽينا، فلمون وغيرهه نوجوان نسل جي ڪردار کي بگاڙڻ ۾ ڪليدي ڪردار پيون ادا ڪن.اهڙيون ڳالهيون ڪري اهي نوجوان نسل کي بدڪرداريءَ جي ڀنڀٽ کان بچائڻ لاءِ انهن تي پابندي وجھڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آهن. اسان کي پنهنجا وڏڙا اها ڳالهيون ٻڌائيندا هيا ته جڏهن لائوڊ اسپيڪر متعارف ٿيو هيو ته ان جي به ملن سخت ترين مخالفت ان بنياد تي ڪئي هئي ته پرديدار گھرن ۾ غير مرد جو آواز پهچڻ دين جي خلاف آهي. هاڻي حالت هي آهي ته مسجد پوءِ ٿي تيار ٿئي لائوڊ اسپيڪر اڳ ۾ خريد ڪيا پيا وڃن. خدا پاڪ طرفان اوڀر، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ چار طرف جوڙيا ويا آهن پرمولوي حضرات اڪثرمسجدن تي اٺن کان وٺي ڏهه عدد تائين ڪن ڦاڙ آوازن وارا لائوڊ اسپيڪر رکي ڇڏيا آهن.  ان کان پوءِ جڏهن ريڊيو آيو ته جهڙوڪر قيامت برپا ٿي ويئي، ٽي وي جي ايجاد ته ٻرنديءَ تي پيٽرول جو ڪم ڪيو ۽ ان کان پوءِ جيئين جيئن سائنسي ترقي ٿيندي رهي ۽ نيون نيون ايجادون جهڙوڪر اليڪٽرانڪ ميڊيا، انٽرنيٽ، موبائيل، آئي پڊ، ليپ ٽاپ اچڻ لڳيون ته فتوائون به ان تيزيءَ سان گردش ڪرڻ لڳيون.  هاڻي ريڊيو جي هر اسٽيشن تي، ٽي وي جي هر چينل تي مولوي حضرات پاڻ چوويهه ئي ڪلاڪ ڀلٿي هنيو ويٺا آهن.  

هي دؤر انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجي جنهن دنيا جو جهڙوڪر نقشو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. هن دؤر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي ڊجيٽلي نيٽِوُ جو خطاب ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اسان جهڙا پوڙها ڊجيٽل دنيا ۾ پناهه حاصل ڪندڙ ليکيا پيا وڃون. هن وقت دنيا اندر ملڪن جي ترقي جو هڪ پيمانو اهو به آهي ته اهي انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو ڪيترو مثبت استعمال ٿا ڪن. هن دؤر ۾ خاص ڪري موبائيل فون پوريءَ دنيا اندر رهندڙ انسانن کي اها سهولت ڏئي ڇڏي آهي ته بنا دير جي ڪجھ بٽڻ دٻائڻ سان اوهان پنهنجن پيارن، عزيزن، رشتيدارن، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ڀائيوارن، دڪاندارن، واپارين، پروفيسرن، سائنسدانن چوڻ جو مقصد هي آهي ته جنهن سان چاهيو ان سان ڳالهائي سگھو ٿا. موبائيل فون ڪري واپارين، عام شهرين، ڪراهڪن، استادن، شاگردن سان گڏ سڄي معاشري کي رابطي جوسؤلو سلوڻو نظام ملي ويو آهي جيڪو اڳ بس ڪجھ مخصوص ماڻهن تائين محدود هوندو هيو.  هن وقت دنيا اندر پنج ارب ماڻهون موبائيل سروس استعمال ڪن پيا ۽ ان انگ ۾ ڏينهنئؤن ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي.

انٽرنيٽ هر گھر جي هر ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ ۾ پنهنجي مستقل جاءِ جوڙي ورتي آهي، انٽرنيٽ جي سهولت کان سواءِ ڪمپيوٽر ته جهڙوڪر هڪ بي ڪار مشين کان سواءِ ڪجھ به ته نه ٿو لڳي. مان جڏهن صفا ٻاراڻي وهي ۾ هيس ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ شوقين نازو عرف ڪانگل گرامون فون خريد ڪري آيو هيو، سمورا ڳوٺ وارا ان جي چوڌاري ويهندا هيا ۽ ڪانگل ان کي چاٻي ڏئي، ڪتي ڇاپ رڪارڊ رکي ان مٿان وڏي احتياط سان سئي رکندو هيو ته ان وڏي لائوڊ اسپيڪر مان طلسمي آواز نڪرندا هيا ۽ ڳوٺ جا ماڻهون اهي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندا هيا. اهڙين شين/ايجادن جو شمار اڄ ڪلهه اينٽڪس ۾ ڪيو پيو وڃي. پراڻين شين سان پيار ڪرڻ وارا اهڙين شين کي سانڍيو پيا اچن نه ته نئين نسل کي ته اها ڳالهه ئي بنهه سمجھ ۾ نه ايندي. اڳ هر گھر ۾ ٽيپ رڪارڊر، وي سي آر، ڪيسٽون نظر اينديون هيون، هاڻي انهن جي ڪابه ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. ڪجھ وقت کان پوءِ اهي به ان نموني اينٽڪس جي زمري ۾ شمار ٿيندا جيئن اڄ ڪلهه گرامون فون کي ڪيو پيو وڃي. اها اسي واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن مان يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ۽ منهنجي رڳ رڳ ۾ سياست ائين سمايل هئي جيئن انهن ۾ رت ڊوڙندي آهي. هنوقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندڙ منهنجو من مهڻو دوست سائين نذرحسين شاهه انوقت سپريئر سائنس ڪاليج ۾ پڙهندو هيو. هن جي وڏڙن جو ڪنڌڪوٽ ۾ پنهنجي پريس هئي. اسان فيصلو ڪيو ته هڪ پمفليٽ ٿا ڇاپيون. ان پمفليٽ جو مواد مون لکيو هيو ۽ هن يار پوري رات ان کي سيٽنگ ڪرڻ ۾ لڳائي. اهو وقت هيو جڏهن پريس ۾ ڪجھ ڇاپڻ لاءِ هر هڪ اکر کي ملائي ان جو بلاڪ ٺاهي، مشين ۾ مس لڳائي اهو ڪم سرانجام ڏنو ويندو هيو. اسر جو جڏهن سيٽنگ پوري ڪري هن ان بلاڪ کي مشين ۾ لڳائڻ لڳو ته تڪڙ ڪري ان ڪجھ اکر ٿڙي پيا ۽ وري ساڳي محنت ٻيهر ڪرڻي پئي. هاڻي اهو ساڳيو ڪم ٽيڪنالاجي اهڙو ته سولو ۽ سلوڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو اڳ تصور به گناهه هيو. هاڻي مان پنهنجا خيال، مضمون پنهنجي ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ لکي اخبارن يا ميگزين ڏانهن اي ميل ڪري موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ اهي ان کي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ٽيڪنالاجي ڪم کي تمام تيز تر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ٻيو ته ان ۾ پرفيڪشن اچي ويئي آهي. هاڻي دماغ سان گڏ منهنجو آڱريون پنهنجو پاڻ ليپ ٽاپ جي ڪي بورڊ تي مختلف اکرن کي ٺڙڪ ڪري منهنجا خيال لکي ڇڏيندا آهن. هاڻي اهو وقت به اچي ويو آهي ته اوهان جا هڪ ٻوليءَ ۾ لکيل خيال ڪمپيوٽر هڪ سٽ ۾ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو به ڪري سگھندو. ان کان علاوه اوهان ڳالهائيندا وڃو ۽ ڪمپيوٽر اوهان جي ڳالهايل لفظن کي لکندو ويندو. ان کان علاوهه اليڪٽرانڪ ميڊيا تمام وڏو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ٽي وي معنى سرڪاري پروپيگنڊهه جو يڪ طرفو اوزار هوندو هيو. هاڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا حڪومتن جا وکا پدرا ڪري ڇڏيا آهن. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رونما ٿيندڙ ڪوبه واقعو گھر ويٺي سڌو سنئو ڏسي سگھون ٿا. ان نموني ڄاڻ تائين عام ماڻهن جي رسائي آسان ٿي پئي آهي. انٽرنيٽ جيڪي اڻ ڳڻيا فائدا اڄ جي انسان کي مهيا ڪري ڏنا آهن انهن جو ته ڪو ڪاٿو ئي لڳائي نه ٿو سگھجي. هاڻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا نيٽ تي موجود ناهي. شاگرد نيٽ تي پڙهايون ڪري سگھن ٿا، استاد پنهنجن شاگردن کي انٽرنيٽ تي پڙهائين پيا. ڪا معلومات حاصل ڪرڻي هجي ته ”پروفيسر گوگل“ هر وقت حاضر ۽ تيار ملندو اوهان ڪو اکر لکي کيس ان تي ٺڙڪ ڪيو ته ان عنوان سان لاڳاپيل هزارين فائيل اوهان جي ڪمپيوٽر تي کلي پوندا. يو ٽيوب  تي ڪروڙين ويڊيو فائيلس، فلمون، گانا، ڊاڪيومينٽريز، ٽي وي پروگرام، تعليمي پروگرام، ليڪچر، تقريرون ۽ گھڻو ڪجھ ملي ويندو. منهنجي ان سڄي تمهيد جو مطلب اهو آهي ته اڄ جي سائنٽيفڪ دنيا سان اسان ڪهڙي نموني قدم ملائي هلي سگھون ٿا جڏهن اسان انهن سڀني شين جي مخالفت کي پنهنجو دين ايمان ڪري ٿا پيش ڪريون. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪيستائين يوٽيوب تي پابندي لڳل رهندي؟ ۽ ٻيو ته ڇا اها پابندي ئي ان جو واحد علاج آهي؟!

 هڪ طريقو ته اهو ملن وارو آهي ته بابا سڀ ڪجھ بند ڪريو، ٽي وي به نه هجي، انٽرنيٽ تي به پاپندي لڳائجي، سائنسي تعليم گناهه عظيم آهي، ان ڪري سمورا اسڪول بند ڪري مدرسا کولي پنهنجي ٻارڙن کي ديني تعليم ڏجي. جيئن ملڪ جي اترين علائقن ۾ جتي طالبان جو اثر آهي ته انهن سمورا سرڪاري اسڪول ۽ خاص ڪري ڇوڪرين جا اسڪول بمن سان اڏئي ڇڏيا آهن. ڇا ان طريقي سان اسان اولهه جي بي پناهه ٽيڪنالجيڪل ترقي ڪيل ايجادن جو مقابلو ڪري سگھنداسين. اسان کي ته اهو بنا پائلٽ وارو ڊرون جهاز نظر ئي نه پيو اچي جيڪو اسان جي نه رڳو هر چر پر تي نظر ٿو رکي پر جڏهن حملو ٿوڪري ته سندس نشانو ٺيڪ پنهنجي ٽارگٽ تي ٿو ڪري؟

 ٻيو نقطئه نظر هي آهي ته اسان کي وڻي يا نه وڻي، اسان سائنس يا سائنسي ترقيءَ کان ڀلي ته نفرت ڪيون،  پر هڪ ڳالهه طئي آهي جديد علم جي حاصلات کي نظر انداز ڪري نه ته اسان اڳتي وڌي سگھون ٿا نه ترقي ڪري سگھون ٿا ۽ نه ئي دنيا جي عيار، مڪار، دغاباز، دين دشمن، انسان دشمن ماڻهن يا گروهن سان مقابلو ڪري سگھون ٿا. اسان کي هن وقت فيصلو ڪرڻو پوندو ته نيم ملان خطرهه ايمان جهڙن ماڻهن پويان لڳي پنهنجي ايندڙ نسلن کي ٻوهي ۾ ڏيڻو آهي يا اسان کي دنيا جي تيز رفتار ترقيءَ سان قدم ملائي اڳتي وڌڻو آهي. اسان سمورن سائنسي ايجادن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگھون ٿا جيئن اولهه وارا ملڪ ڪن پيا. ان لاءِ اسان کي جديد ترين تعليم ڏيندڙ عظيم تعليمي درسگاهن جي اشد ضرورت آهي. اهڙن درسگاهن ۾ جتي رات ڏينهن سائنٽيفڪ ريسرچ لاءِ ليبارٽريون، لئبرريون کليل هجن، جتي منطق تي کلي دل ۽ دماغ سان بحث مباحثا ٿين. اسان هر نئين ايجاد لاءِ مغرب طرف ڏسڻ بجاءِ مقامي سطح تي اهي جوڙيون ۽ چين وانگر اهي انهن لاءِ سندن ملڪن جي مارڪيٽن ۾ پنهنجين شين جي جاءِ جوڙي ڏيکارويون. ان ڳالهين جي حاصلات کان سواءِ ترقي جو تصور بس پاڻيءَ تي ليڪا ڪڍڻ جي برابر آهي.     

Friday, September 7, 2012

With Prof Dad Muhammad alias Anwar Pardesi at Khair Pur

With Prof Dad Muhammad alias Anwar Pardesi at Khair Pur

With Prof Dad Muhammad alias Anwar Pardesi at Khair Pur

With Prof: Sarwar Saif and Principal Isl: Science Colg Prof Mustaque Ansari on Hasan Daras day.

With Prof: Sarwar Saif and Principal Isl: Science Colg Prof Mustaque Ansari on Hasan Daras day.

With Prof: Sarwar Saif and Principal Isl: Science Colg Prof Mustaque Ansari on Hasan Daras day.

At opening cermony of Arts Council in city Khairpur

At opening cermony of Arts Council in city Khairpur

At opening cermony of Arts Council in city Khairpur

At top of Kod Diji fort district Khairpur Sindh Pakistan

At top of Kod Diji fort district Khairpur Sindh Pakistan

At top of Kod Diji fort district Khairpur Sindh Pakistan

Addressing gathering at Gvt: Islamia Arts & Commerce College Sukkur..Program held under title EDUCTE SIND-SAVE SINHD

Addressing gathering at Gvt: Islamia Arts & Commerce College Sukkur..Program held under title EDUCTE SIND-SAVE SINHD

Addressing gathering at Gvt: Islamia Arts & Commerce College Sukkur..Program held under title EDUCTE SIND-SAVE SINHD

Reading paper on 59 birth day program of Professor Barkat Baloch

Reading paper on 59 birth day program of Professor Barkat Baloch

Reading paper on 59 birth day program of Professor Barkat Baloch

ڪو ڪو ماڻهون موتي داڻو (پروفيسر برڪت بلوچ کي لفظن جي ڀيٽا)

 



 

 

سنڌ ڌرتي واقعي به مردم خيز آهي جنهن ۾ ڪيئي مڻيادار ماڻهون پيدا ٿيا آهن. ان زرخيزي جي خبر اسان کي تمام ٿورڙي آهي ڇاڪاڻ حقيقي طرح وڏا ماڻهون ناٽڪي سياستدانن وانگر فلمي پوسٽر ڇپائي پنهنجي مشهوريءَ کي گناهه ڪبيرا سمجھندا آهن، اهي اهڙي ڪوڙي ۽ ناٽڪي پروپيگنڊهه ذريعي مشتهر ٿيڻ کان گمنام رهڻ کي وڌيڪ ترجيهه ڏيندا آهن. حاسد ماڻهون وري ڄاڻي واڻي انهن کي نظر انداز ڪندا آهن. ان نموني اسان سنڌ وارا انهن موتي داڻن جهڙن ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ انتهائي دير ڪري ڇڏيندا آهيون. منهنجا ڪجھ اهڙا گمنام دوست آهن، جيڪي وڏي علم، عقل،  دانش ۽ ڏاهپ وارا آهن پر کين اڃا سڃاتو ئي نه ويو آهي. شاهه عبدلطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو استاد پروفيسر برڪت بلوچ به انهن مان هڪ آهي.


اها منهنجي تڪيل طوريل ذاتي راءِ آهي، ان سان ڪو متفق ٿئي ٿو ته تمام سٺو پر جيڪڏهن ڪو دوست اهو ٿو سمجھي ته مون اها ڳالهه پنهنجي ڪوتاهه نظري، يا ياري باشي نڀائڻ خاطر لکي آهي ته اهڙن دوستن جي راءِ جو به احترام ڪندس.


جيستائين مان سمجھي سگھيو آهيان ته پروفيسر برڪت بلوچ کي پنهنجي يونيورسٽي ۾ ئي نظر انداز ڪيو ويو آهي يا ائين کڻي چئجي ته سندس صلاحتين مان جيڪو فائدو وٺڻ گھربو هيو اهو نه ورتو ويو آهي. جيڪي ادارا علم ۽ دانش کي صحيح مقام ڏيندا آهن صرف اهي ئي جڳ جهان ۾ سرخرو ٿيندا آهن ۽ سندن پوري دنيا اندر ناماچاري ٿيندي آهي. پر اهي ادارا جيڪي عالمن، اڪابرن، ڏاهن ۽ دلوارن کي ڌڪاريندا آهن ته انهن جو ڳاڻاٽو تمام پوئتي رهجي ويل ادارن ۾ ٿيندو آهي. اهو ساڳيو حال اتر سنڌ جي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو به آهي. مان سمجھان ٿو ته محترم برڪت بلوچ يونيورسٽي جي گروپ بندين ۽ خوشامند ڪلچر کان ڪوهين ڏور هئڻ ڪري پوئتي ڌڪيو ويو آهي. ڪاش اسان عالم انسانن جو قدر ڪري ڄاڻو، کين اهو گھربل ماحول مهيا ڪري ڏيون جنهن ۾ اهي ڄاڻ کي پيدا ڪرڻ، اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن...ڪاش ته ائين هجي ها پر پاڻ وٽ ته هر شاخ تي الُو ويٺو آهي.  بقول دلي جذبن جي عظيم شاعر مرشد ڀٽائي جي ته


ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،


انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،


وطن ٿي وري ڪوڙن ڪانئرن جو.


اهي ڪانئر نه ته پاڻ ٿا ڪو چڱو ڪم ڪن نه ئي ٻين لاءِ موقعا پيدا ڪن ته اهي چڱو ڪم ڪري سگھن. منهنجي اها دلي خواهش آهي ته سنڌ جي اهڙن سچن پچن هيرن کي عزت ان نموني سان ڏجي ته سندن علم ۽ فضل، سندن زندگي جي پورهئي کي عام ڪجي، دنيا اندر ڦهلائجي، پنهنجي معاشري جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪتب آڻجي. ان لاءِ ساڃوندهن کي پنهنجي صفن اندر انهن اهڙن آدرشي انسانن لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گھرجي، نه ته هي حياتي صرف هڪڙو ڀيرو ملندي آهي ۽ هر انسان جي هڪ فطري عمر هوندي آهي. جيڪڏهن انسان جي حياتي اندر اسان سندن فڪر، فلسفي، آدرشن، کان اڻ واقف ئي رهياسين ته اهو سمورو علم، عقل، هنر، فهم فراست، ڏاهپ ان ماڻهون سان گڏ مٽي ۾ دفن ٿي ويندا ۽ ڪجھ عرصي بعد اهي معاشري کان به وسري ويندا.


 نفسيات، فلسفي، ريسرچ سان گڏ نثر ۽ شاعريءَ جي وڏي ڄاڻ رکندڙ سائين سان جڏهن به ملندو آهيان ته ڪچهري هلندي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهندو آهي، دل چاهيندي آهي ته ساڻن گذرندڙ پل سمنڊ جي ڇولين جيان سدائين موجزن رهن، وقت پنڊ پاهڻ ٿي وڃي، پوري دنيا خاموش ۽ سانت ۾ اچي وڃي بس اسان هجون، جام هجن، محفل هجي، دنيا جهان جي علم جون ڳالهيون هجن ۽ بس.... برڪت بلوچ صاحب جن منهنجي انهن دوستن مان هڪ آهن. سائين جن گل جهڙا معصوم، ماءُ جي سڀاءُ وانگر ٻاجھارا، پيءُ وانگر شفيق، آسمان جي وسعت وانگر ڄاڻو، بادلن جهڙا هلڪا، جبل جيڏا ڳرا ۽ ٻار وانگي معصوم ۽ بي ضرر آهن. جڏهن به سندس ڪال ايندي آهي ته  سائين جن چوندا آهن ته ”گل سائين بس ڪو ڪم ڪار ناهي، ڪال پنهنجي ۽ اوهان جي زندهه هئڻ جي تصديق لاءِ ڪئي هئم“. زندگي جي هڪ تمام وڏي حقيقت سائين ائين تمام آساني سان بيان ڪري ويندا آهن. خبر ناهي سهاني سفر جي ڪڏهن ۽ ڪٿ منزل مڪي وڃي، سڀ پيچرا کٽي پون، جام خالي ٿي وڃن، احساس پٿرائجي وڃن، ذهن ڪنهن ڪم جو نه رهي ۽ پوءِ رهجي وڃن سکڻيون يادون، اداس پل، زخمي احساس....ته ان کان اڳ دوستن کي هڪ ٻئي سان ملڻ گھرجي، حال احوال ڪرڻ گھرجن،  ڏک سک ورهائڻ گھرجن پنهنجي ۽ پنهنجن دوستن کي پنهنجي زنده هئڻ جو احساس ڏيارڻ گھرجي سائين برڪت بلوچ سان ملي پنهنجو پاڻ سان ملڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي. جڏهن کيس اڪيرلڳندي آهي ته سکر اچي محبتي ميڙو مچائي پيار ۽ پريت ڀرين ڳالهين جي مئي پياريندو آهي ۽ جڏهن منهنجو من به ماندو ٿيڻ لڳندو آهي ته وٽس شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور هليو ويندو آهيان.  جتي گوپانگ جي موڙن واري هوٽل تي ويهي رات لڙي تائين ڪچهريون ڪندا آهيون.  اسان جن اهڙن محفلن ۾ ڪيئي علمي، ادبي، تاريخي، تخليقي ڳالهيون به ريشمي  ڪپڙي جي ٿهن وانگر کلي پونديون آهن.  اسان اهڙين روح رهاڻين ۾ کلي دل ۽ پوري آزاديءَ سان دنيا جي سمورن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهيون. مان سندس پرذوق طبيعت جو سدا ديوانو آهيان، ڇوته ڪنهن حد تائين شاهه عبدللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي تمام ڀلوڙ سالڪ شاعرن ۽ اديبن ۾ هي مستانو ئي ته آهي. ان ڪري سندس ديواني طبيعت ۽ ڳالهين تي مون کي ڪابه حيراني ناهي ٿيندي. “ديوانون ڪي سي نا بات ڪرين تو اؤر ڪرين ديواني ڪيا”. ان جو سبب شايد هي به هجي ته ٿوري گھڻي منهنجي طبيعت به اهڙي ئي آهي.  سڌريل دنيا اندر ڄاڻ کي سڀ کان اتم ۽ افضل سمجھيو ويندو آهي. ڄاڻ رکندڙ ماڻهون ئي معاشري ۾ عزت ۽ توقير جي لائق سمجهيا ويندا آهن. محض ان ڪري ته وٽن طوريل تڪيل معاشرتي اصولن بجاءَ دنيا کي ڏسڻ پرکڻ ۽ تجزئي ڪرڻ لاءِ پنهنجي نرالي اک هوندي آهي. اڄ تائين پوري دنيا اندر جيڪڏهن ڪي اٿلون پٿلون آيون آهن ته اهي اهڙن انسانن ڪري آيون آهن جن رائج، عام، مڃيل ۽ معاشري اندر قبول پيل ريتن، رسمن، خيالن خوابن، نظرين، فلسفن جي جند ڇڏي زماني جي وهنوارن کي پنهنجي الڳ نرالي اک سان پرکي ڪي نوان خيال ڏنل هوندا آهن.  سڌريل معاشرا عالم انسان جو قدر ڪري ڄاڻن شايد ان ڪري ئي ته اهي سڌريل آهن. ان جي ابتڙ پوئتي پيل معاشرن ۾ عتاب ئي ڏاهن ماڻهن تي نازل ٿيندو آهي.  علم، هنر، سهڻو سڀاءُ رکندڙن انسانن کي اونداهين جا رکوال هڪ سيڪنڊ لئه به برداشت ناهن ڪندا.


 


 ...شايد اهڙن دلوارن لاءِ ئي حسن جي شاعر حسن درس چيو هيو ته


”زندگي سٺي اهڙي ٽڪ تي رلهي جهڙي،


مان وڇايان تون نه ويهين، ڇونه ويڙهي ڇڏيان.“


ان ڪري مان پنهنجي زندگي جي رلهي ويڙهجڻ کان اڳ چاهيندس ته وڌ کان وڌ پل مان پنهنجي هن دوست سان گذاري سگھان. منهنجو سائين برڪت بلوچ سان ملڻ جو مقصد محض وقت ڪٽڻ ناهي هوندو، جيئن اسان جا اڪثر سنڌي پيارا ڪندا آهن ته وقت کي پنهنجي وڏڙن جي جاگيرسمجھي ان کي بيدرديءَ سان قتل ڪندا آهن. پر ان جي برعڪس مان جڏهن به سائين جن سان ملندو آهيان ته موٽ تي منهنجي ذهن ۾ جوڙيل ڄاڻ واري حصي ۾ ڪيئي املهه موتي جوڙ ٿي ويندا آهن، مان اهي نقطا ۽ اهي سکيل پيچيده فلسفيانه ڳالهيون جڏهن يارن دوستن جي محفل ۾ ڪندو آهيان ته دوست مون کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهن ۽ مون کي منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ تي داد ڏيندا آهن، تڏهن مان من ئي من ۾ مرڪي برڪت بلوچ صاحب جو شڪريو ادا ڪندو آهيان.  ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته سؤ ڪتاب پڙهڻ به سٺو عمل آهي پر ان کان به وڌيڪ چڱو ڪم آهي ته ڪنهن اهڙي عالم سان ڪچهري ڪجي جيڪو اهڙا هزارين ڪتاب اڳ ئي پڙهيو ويٺو آهي. ڇوته هو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان اوهان کي انهن ڪتابن ۾ سمجهايل، سلجهايل پيچدهه نقطن، فلسفن کي تمام آسانيءَ سان سمجھائي ڇڏيندو.


مونکي تمام دير سان اها خبر پئي هئي ته سائين برڪت بلوچ ڀلوڙ شاعر به آهن. دير سان خبر پوڻ ۾ سندس ان ساڳي ديواني طبيعت جو عمل دخل آهي ته هو انهن شاعرن ۾ ناهي جيڪي پنهنجي شاعري سدائين ڳنڍ ۾ ٻڌي ٻڌندڙن جي ڳولها ۾ سدا سرگردان رهندا آهن.  ان معلومات مان اها خبر پئي ته سندس تخليقي پاڙون ڪيڏيون نه پختيون آهن. حقيقت به اها آهي ته برڪت بلوچ صاحب کي علمي، ادبي ماحول سندس والد صاحب پاران ورثي ۾ مليل آهي.  مون کي شاعريءَ جي علم جي ايتري به ڄاڻ ناهي ته ڪافئي ۽ رديف ۾ فرق ٻڌائي سگھان، ها البت شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪا جان هوندي آهي، ان ۾ ڪو پڪو ۽ پختو نياپو مليل هوندو آهي ۽ لفظ تسبيح جي داڻن وانگر پوئيل هوندا آهن ته اهڙي شاعري کي مان سٺي شاعري جي دائري ۾ شمار ڪندو آهيان.


سائين برڪت بلوچ جي شاعري مان هڪ چونڊ غزل جي ڪجھ بند اجھو هي آهن؛


مرڪيم، ڪرڪيم، ڪونه ڏٺئي،


هاءِ بيٺم، ڏٺم، ڪونه ڏٺئي.


 اس ۾ بڻجي مان آس جو پيرون،


بس، پڪتم، ڇڻيم، ڪونه ڏٺئي.


منهنجيون اکيون، منهنجا ڳوڙها،


 ڳاڙيم، اگھيم، ڪونه ڏٺئي.


ٻارن جيان، چنبڙيم توکي،


رهڙيم، گھليم، ڪونه ڏٺئي.


سامهون تنهنجي تو جهڙو گيت،


لکيم، ڦاڙيم، ڪونه ڏٺئي.


مان سمجھان ٿو ته اهڙي قسم جي شاعري ڄاڻي واڻي نه ٿي ڪري سگھجي. لفظن جي جوڙجڪ، تمثيلون، تجنيس حرفي جي لحاظ کان اهو هڪ شاندار غزل آهي. هن غزل ۾ جهڙي نموني احساسن جي اپٽار ڪيل آهي اهي ”نزول” واري ڪيفت جا ٿا لڳن. جڏهن لفظ گلن جو روپ ڌاري خوشبوءَ سان ماحول کي مهڪائيندا آهن ۽ لفظ پوپٽن جي صورت ۾ ٽلندا نظر ايندا آهن.


برڪت بلوچ صاحب جي شخصيت هڪ سمنڊ مثل آهي جنهن جي دامن ۾ هڪ طلسمي دنيا آباد آهي، جتي هيرا به آهن جواهر به آهن، ڄاڻ جا خزانا به آهن. اسان سڀني تي فرض ٿو عائد ٿئي ته هن عالم انسان جي علم، فهم و فراست جو قدر ڪيون ۽ سندس مددڪريون ته جيئن هو اهو سمورو علم ڪنهن نه ڪنهن نموني ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪري سگھي. منهنجي خيال ۾ ان نموني اسان کيس خراج تحصين پيش ڪري سگھون ٿا. شل اسان جو هي ديوانو دوست سدا سکي رهي، شاعري ڪندو رهي، گھمندو ڦرندو رهي، پنهنجي مٺڙي سڀاءَ سان محفلن کي مچائيندو رهي.


katohar@gmail.com