Thursday, November 25, 2021

فقير احمد ڪٽوهر



 

 هي مون سان گڏ سنڌي ٽوپي سان سينگاريل، سهڻي چاپئين ڏاڙهي ۽ ڪارا ڪپڙا اوڍيل اسان جو وڏڙو فقير احمد ڪٽوهر آهي. ﷲ سائين کيس ڪروٽ ڪروٽ جنت نصيب ڪري، احمد فقير اسان جي راڄ ۾ تمام منفرد ۽ پنهنجي اسٽائيل وارا انسان هيا. فقير احمد نالي ۾ تہ فقير سڏائيندا هيا پر هيا اندر ۽ ٻاهر مومن مولائي. سڄي ڄمار ڪارا ڪپڙا پاتا هئائون، هن ڦوٽوءَ وٺڻ کان ڪجھ عرصو اڳ تائين ڪيس ڪري وار ۽ ڏاڙهي بہ چهچ ڪاري رکندا هيا. هڪ محفل ۾ کانئس ڪنهن دوست پڇيو سائين ٻارهين مهينا ڪارا ڪپڙا پائڻ جو سبب ڇا آهي، صدقي وڃان وراڻيو هئائون تہ مظلوم حسين ۽ امامين شهيدين ڪهڙو ڏينهن  سک جو ڏٺو هيو. فقير احمد مذهبي مطالعي سان گڏ ڊائجسٽ تمام گهڻو پڙهندو هو. فقير کي کنگھ جي ٽئونڪر پڻ سرس هئي ان جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ کنگھ جي شيشي هروقت سندس کيسي ۾ موجود هوندي هئي. هاڻي کنگھ گهٽ ٿئي بہ تہ ڪيئن ٿئي فقير کي پن جي ٻيڙي هروقت چيچ ۾ دکيل رهندي هئي. سندس وڏيري پيرل خان سان جوڙ هوندو هو. مون سان جڏهن بہ ملندو هو تہ گهمائي ڦيرائي مذهبي بحث طرف وٺي ايندو هو ڄڻ سندس دلي خواهش هوندي هئي تہ مون کي غير مذهبي ثابت ڪري.

فقير جي تمام گهڻي ياد ايندي آهي، اڄ بہ جهڙوڪر دل ٿي گهري تہ جيڪر هن وقت ملي پئي تہ ڪو زوردار بحث مباحثو ڪري ٻئي دل جو بار هلڪو ڪيون.

Wednesday, November 24, 2021

جابلو ٽڪرين جو نوحو

 
















سياري جي موسم مس جو ٿورو گھڻو سُرتار ڏيکاريو آهي. ان موسم جي ايندي ئي اسان کي پنهنجي پاڙيسري جبلن جي تانگھ لڳڻ شروع ٿي چڪي آهي. 21 نومبر 2021 آچر جي ڏينهن ان پاسي منهن ڪيو هيو سين. اسان چئن دوستن، مائٽن يا کڻي ائين چئو ته گھر ڀاتين جي ٽيم هئي جنهن ۾ مان اميرگل، عبدالڪريم ڪٽوهر، گل بهار ۽ سيف علي شامل هيا. اسان ٽن موٽر سائيڪلن تي پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. اسان جو خيال اهو هيو ته ”تلور وادي“ جو سير ڪجي ڇوته پورو هڪ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي ان ساڳي جڳهه کي اسان جي وڏي ٽيم ڳولهي هٿ ڪيو هو. ان نموني اسان ان واديءَ جي ڳولهي هٿ ڪرڻ واري پهرين سالگره ملهائڻ پئي گهري. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته الله سائين جي من ۾ ٻي سو اسان ان رستي کان ڀلجي ٿورو اڳيان هليا ويا هياسين ۽ پوءِ مون کي اهو خيال آيو هو ته ڇونه اڄ وري ڪنهن نئين ماڳ کي ڳولهي هٿ ڪيون ۽ ان جو سير ڪيون. اهو سوچي، موٽر سائيڪلن جو رخ اتر بدران ڏاکڻئين پاسي کڻي ڪيو هيوسين. پوءِ جابلو وادين اندر جڙيل نئين مان ٻڪرين جي ڌڻن پاران جڙيل چارن تي موٽر سائيڪلون ڊوڙائيندا، نوڪدار جابلو پٿرن کان موٽر سائيڪلن کي بچائيندا ٻنهي پاسي جابلو چوٽين کي نظرن ۾ سمائيندا، ڄاڱري ٻيرن جي اڻ کٽ قدرتي باغن جي پاسي ۾ هلندا هلياسين، دل پئي گھري ته اسان ان نموني هنن وادين ۾ گھمندا ئي رهون. اڳتي هلي جڏهن ڏٺوسين ته هاڻي موٽر سائيڪلن کي اڳتي وٺي هلڻ ڏکيو آهي ته انهن کي اتي لاڪ ڪري وري رکيوسين کڙين تي زور. گهمندي ڦرندي ڄاڱري ٻيرين سان گڏ ڪرڙ جي پڪن جو کٽڙو مٺڙو سواد وٺندي هڪ ڦهليل وسيع ميدان ۾ وڃي پهتا هياسين جتي چئني پاسي جابلو سلسلا هيا، ميدان جي وچ ۾ پاڻيءَ جو هڪ حوض جڙيل هيو جيڪو پاڻي کان بلڪل خالي هيو. حوض جي آس پاس جانورن جي پيرن جا نشان ۽ ڇيڻا ٻڌائي رهيا هيا ته ڪنهن وقت هت پڻ انسانن سان گڏ جانورن جي رهائش پڻ ٿي هوندي. اتي پهچڻ بعد اسان کي تمام گھڻو سڪون مليو هو. نه شور نه گوڙ، نه ماڻهو نه جانور ها پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا سو گھمي ڦري رهيا هيا، اهي اتي ڇونه گھمن اهي جايون ئي ته سندن مسڪن آهن ۽ اسين انسان آهيون ته پنهنجي آسائشن ۽ عياشين لاءِ باقي سمورن جيون کي بيدرديءَ سان لتاڙيندا پيا هلون. هڪڙن ساهوارن کي ته ڪهي، ذبح ڪري کائي چٽ ڪري ڇڏيون ٿا، جيئن ڪنهن وقت هن جابلو سلسلي ۾ هرڻن جا ڌڻ رهندا هيا پر هاڻي انهن جي نسل مان هڪ به باقي ناهي بچيو، سڀ بندوق جي نالي مان نڪتل گولين جو بک ٿي اسان جي پيٽ جي اڻ کٽ آنڊن ۾ هضم به ٿي چڪا آهن پر ٻيا ساهوارا جهڙوڪر گدڙ آهن، جن جو نسل اڃا به ٿورو ڪي گھڻو هتي ملي ٿو پر شڪار جا شوقين، ڪتا ڪڇ ۾ ڪري هنن بي گناهه ۽ خوبصورت جانورن جو نسل پڻ تباهه ڪرڻ جي پويان لڳل آهن. ان قسم جا خيال اتي پهچي ذهن ۾ ڪنهن زهريلي ڪنڊي وانگر چڀندا رهندا آهن.

               اسان جي گروپ اتي ساهي پٽي، ڏٻر محلي خيرپور کان ورتل ڪيلن جي ڳوٿريءَ کائي چٽ ڪري، عبدالڪريم پاران منرل واٽر جي آندل بوتل منجھان ڍڪ پاڻي پي ڦنرا ٿي پياسين. جيئن ته اها وادي اسان پهرين ڀيرو گھمي هئي ۽ اسان جي هن ٽوئر ۾ اسان جو ساٿي عبدالڪريم پڻ پهريون ڀيرو شريڪ ٿيو هو ان نسبت سان اسان واديءَ جو نالو ڪريم وادي رکيو هو. اسان کي اتي ڪيترائي قيمتي فاسل مليا، ڪجھ جيڪي کڻڻ جهڙا هيا انهن کي ساڻ کنيو سين باقي جيڪي فاسل هيا انهن کي سلامي ڏيئي واپسيءَ ڪئي سين ته گل واديءَ ۾ هڪ سهڻي جبل جي ٽڪريءَ کي اسٽون مافيا پاران بارود سان برباد ڪرڻ واري ڪڌي ڪم هڻي هانو ڦسائي وڌو هو. گل بهار ۽ عبدالڪريم ته اڳتي شهنودا بادشاهه واري اباڻي قبرستان ڏانهن روانا ٿي چڪا هيا پر مون موٽر سائيڪل کي ان جھرندڙ، تباهه ٿيندڙ، ناس ٿيندڙ سونهن ٽڪريءَ طرف موڙي ڇڏيو هو. ان ٽڪريءَ جي بلڪل سامهون جابلو ٽڪرين کي ٽۡڪر ٽڪر ڪندڙ مزدورن جون جھوپڙيون نظر آيو هيون. مون انوقت اتي بيهي ان ٽڪريءَ جو نوحو چيو هو. ان ٽڪريءَ جي مٿاهين بيهڪ بلڪل ان نموني جي آهي جهڙوڪر ڪا تمام وڏي ڪمي مٿس ويٺي آهي. مون کي افسوس ٿيڻ لڳو ته شايد هاڻي اهو منظر وري ڏسڻ لاءِ نه ملي. خبر نه ٿي پوي ته اسان جا ماڻهون ايترا انڌا ڇو ٿي ويا آهن، ڇو هو ٻن ٽڪن جي عيوض پنهنجو ڌرتيءَ جو اپمان پيا ڪيا ڪن، ڇو اهي ان قسم جي خوبصورتين کي ناس پيا ڪن؟؟؟؟؟؟

مون کي اها ساڳيا خيال پڻ آيا ته هت سنڌ اندر چرٻٽ راجا جو راڄ آهي، ڪو قانون ناهي، ڪو ڪنهن کي چوڻ وارو ناهي، جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري، روڊ ڪنهن ننڍڙي پائيپ لاءِ اکوڙي ڇڏي، واهن تي بند بڌي پنهنجي زمين ريج ڪري باقي غريبن جا فصل ڀلي برباد ٿين، اوطاقن تي نوجوانن کي گھرائي قتل ڪري ڇڏي، اسپتالن ۾ صحت بدران موت ملي، تعليمي ادارن اندر جهالت پروان چڙهي، امن امان جو پکي عرب شڪارين هٿان ڪسي وڃي، ڪا نياڻي زماني جي وهنوارن مان تنگ ٿي ڪري هاسٽل ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪنهن نياڻيءَ کي اغوا ڪري بليڪ ميل ڪري سندس زبردستي مذهب مٽائي ڪنهن واهيات مسٽنڊي جي حوالي ڪري ڇڏجي ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي. اهڙي ماحول ۾ هنن ٽڪرين جي پرزا پرزا ٿيندڙ پٿرن جا آواز ڪير ۽ ڇو ٻڌندو!!!!!!!
جيتوڻيڪ سنڌ جي سيد سرڪار ڪيترا ڏينهن اڳ ڇائيتاليهه سال اڳ ان اعلان کي وري ورجايو هو ته روهڙيءَ کان ڪوٽ ڏجي تائين وڇايل هنن جابلو ٽڪرين کي ”ٽڪر نيشنل پارڪ“ ڪيو ويندو ۽ لڳي ائين ٿو ته اهو محض اعلان ئي هيو ۽ جيڪو کانئن ڪڏهڪو وسري به ويو هوندو.

ڪجھ نه ڪرڻ کان ڪجھ ڪرڻ بهتر آهي

 

دوستو 24 نومبر 2021 جي ڏينهن تي سنڌ جو هڪ عظيم ليکڪ جناب رسول ميمڻ گذاري ويو. رسول ميمڻ هڪ بهتري لکاري هو. سندس ڪريڊٽ تي ڪيترائي ڪتاب آهن جن ۾ خاص ڪري ناول ۽ ڪهاڻيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس مرتيو سنڌي ادب کي وڏو ڌچڪو آهي. سندس مغفرت لاءِ دعاگو آهيان. سندس موت جي خبر پڙهي مون کي پهريون خيال اهو آيو ته پاڻ سڀ هت هڪ خاص وقت لاءِ آيل آهيون ۽ سفر جي پڄاڻيءَ کان گھڻوتڻو بي خبر آهيون. ان ڪري پاڻ سڀني کي گھرجي ته پنهنجي من اندر جيڪي اڌما آهن، جيڪي منصوبا آهن، جيڪي اڌورا ڪم آهن انهن کي بنا دير سرانجام ڏئي ڇڏيون. ڪجھ ڪم ڏکيا پڻ هوندا، ڪن ڪمن ٿيڻ لاءِ وڌيڪ وقت پڻ گھربل هوندو پر اهي ڪم جيڪي پاڻ اڄ ڪري سگھڻ جي حالت ۾ آهيون گھٽ ۾ گھٽ انهن کي ته ڪري ڇڏيون ۽ ٻين ڪمن يا منصوبن جي رٿابندي جوڙي رکون. دوستو ڪوشش ڪيو ته هن ننڍڙي گولي جنهن کي پاڻ ڌرتي ماتا چئون ٿا ان تي ڪي نشان ڇڏي وڃون. ڪو ڪتاب، ڪو ادارو، ڪا تخليق، ڪا سونهن، ڪا چڱائي، ڪا ڀلائي ڪري پوءِ هي جهان ڇڏيون. اها ڳالهه نه ڪيو ته اوهان ڪجھ ڪرڻ جهڙا ناهيو، مان اها ڳالهه ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار ناهيان. هر انسان ۾ الله سائين ڪا نه ڪا خوبي رکي آهي ۽ هو چاهي ته ان کي استعمال ڪري سڀاويڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. بس نڪما انسان ڪجھ ڪرڻ بدران رڳو ٻين جي ڪمن مان ڪيڙا ڪڍندا آهن. اهو سڀ ڪجھ اوهان تي منحصر آهي ته اوهان ڪهڙي صف ۾ ٿا بيهو، تخليق ڪرڻ وارن ۾ يا خالي تنقيد ڪرڻ وارن ۾، اردوءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته

  جو برستے ہیں وہ گرجتے نہیں اور جو گرجتے ہیں وہ برستے نہیں“.

مان سدائين اها ڪندو آهيان ته جيڪڏهن ڪو ڪم الف ڪري سگهي ٿو ته ب ڇو ڪونه ٿو ڪري سگهي اصل مسئلو ڪم جو ناهي اصل مسئلو انسان جو پنهنجو هوندو آهي. اسان مان ڪجهه اهڙا انسان به آهن جيڪي ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهن ڪندا ۽ پنهنجي ناڪامين جي الزامن جو ڀريون ٻڌي ٻين جي مٿان اڇلائيندا آهن ۽ جيڪي ڪامياب انسان آهن انهن جي ڪاميابيءَ کي وري ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي اهو چوندا آهن ته سندن ڪاميابين پٺيان سندن هٿ آهي.