Saturday, July 29, 2017





ڪشمور کان ڪوهستان تائين
ويٺلن تان واري وري
سڄو سال ساڳي قسم جي حياتي گذارڻ بلڪل ائين آهي جيئن اٺ چيچڙي ۾ هڪ مخصوص دائري ۾ ڦرندو رهي. ڪوڪم کڻي ڪيترو به دل پسند ڇونه هجي پر صبح شام ۽ روزانه سالن تائين اهو ڪرڻ بيزار ڪري وجھندو آهي. اهو بلڪل ائين هوندو آهي ته اوهان ڪنهن اهڙي ڪمري ۾ بند آهيو جتي دونهون پيو ڀرجندو وڃي ۽ هڪ وقت اهڙو ايندو ته اوهان جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو. ٻوساٽجي مرڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ڪمري جي ڪا دري، ڪو دروازو ڪو ڄارو کلي ته جيئن ڪمري اندر موجود دونهي کي ٻاهر وڃڻ ۽ ٻاهرين تازي هوا کي اندر اچڻ جو موقعو ملي. زندگي نار جي ڍڳي وانگر ساڳين گسن تي گذارڻ جو نالو ناهي، زندگي ۾ ماڻهون کي هلندڙ وهنوار کان هٽي ڪري اهڙين جاين تي وڃڻ جي دل به چاهيندي آهي جيڪي اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل هجن، ڪا نواڻ هجي. اهي احساس انوقت تهان وڌي ويندا آهن جڏهن اوهان کي رواجي ڪمن ڪار واري وهنوار کان مڪتي مليل هجي خاص ڪري تعليمي شعبي ۾ جڏهن سياري يا خاص ڪري اونهاري جي وئڪيشن هوندي آهي ته من ۾ اهي خيال وڏي ولولي سان جاڳي پوندا ته ڪنهن نئين جهان ڏانهن نڪرجي. هر سال وانگر هن سال به منهنجي خواهش هئي ته پنهنجي پروفيسر دوستن سان يونيورسٽي جي بس ۾ سير لاءِ نڪرجي جنهن لاءِ دوستن سان پروگرام به جوڙيو هيوسين. ان وچ ۾ پرين پيار پروفيسر غلام مرتضى لانگاهه ۽ پروفيسر نورمحمد ملڪ مون کي هج ڪري کين به ساڻ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪئي. جڏهن ساڳي ڳالهه مون سنگت سان سلي ته انهن گنجائش نه هئڻ ڪري معذرت ڏيکاري، هوڏانهن هنن دوستن وري اصرار ڪيو ته جيڪڏهن بس ۾ گنجائش ناهي ته پاڻ پنهنجي سر ٿا پروگرام جوڙيون. ان نموني مون يارن جي صلاح کي مان ڏيندي الڳ پروگرام جوڙيو هوسين. ان لاءِ صلاح اها بيٺي ته ٽيئي ڄڻا منجهند جو لانگاهه صاحب وٽ ڪشمور ۾ گڏ ٿينداسين ۽ ٽڪيٽون لانگاهه صاحب بوڪ ڪرائي ڇڏيندو. اهو 17 جولاءِ 17ع ڇنڇر جي گرم شام هئي جڏهن مرتضى پاران پرتڪلف ۽ مزيدار لنچ کان پوءِ اسان سوهان ايڪسپريس جي ٿڌڙي ماحول واري بس ۾ اچي سيٽون والاريون هيون سين. اها بس لاڙڪاڻي کان هلي هئي ۽ ان جو ۽ اسان جو آخري اسٽاپ پنڊي هو. تمام نئين بس هئي ان جو سيٽون ڏاڍيون آرام ڏيندڙ هيون. جيتوڻيڪ اسان کي پوئين پاسي سيٽون مليل هيون پر پوءِ به روائتي جھاڪا ڪونه پئي سهڻا پيا. ان هوندي ته بس ۾ واءِ فاءِ جي سهولت هئي پر بس ڪنڊڪٽر جي چوڻ مطابق ته اها سهولت مسافرن لاءِ ناهي پر اها اهي حفاظتي طور تي اهي استعمال ڪندا آهن. بس ۾ ڊي وي ڊي لڳل هئي جنهن ۾ پهريون انڊين سيڪسي گانا پئي هليا جنهن بعد ٻه عدد هندي فلمون هلائي اها بند ڪئي ويئي هئي. جڏهن بس جي انتظار ۾ انهن جي اڏي تي ويٺا هياسين ته بس جو مالڪ ۽ سندس نوجوان پٽ به اتي اچي پهتا هيا. خبر پئي ته اهي بسون ڪشمور جي ڪنهن ڊومڪي جون آهن. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ته سنڌ جا ماڻهون هاڻي اهڙي ڌنڌن ۾ پڻ سيڙپ ڪاري ڪري رهيا آهن. مسافرن ۾ پڻ اڪثريت سنڌي ماڻهن جي هئي جيڪي عيد ملهائي پنهنجن خاندانن سان گڏ واپس اسلام آباد پنهنجي نوڪرين تي واپس پئي ٿيا. اسان ڪشمور کي ڇهين وڳي کن الوداع ڪيو هو ۽ جلدي ئي اسان واري سواري پنجاب جي روڊن تي ڊوڙي رهي هئي. هاڻي اها ته سڀني کي خبر آهي ۽ اهو چوڻ بس وڌاءَ ئي ٿيندو ته پنجاب جا روڊ هر حساب سان سنڌ جي روڊن کان بهتر هيا. اسان جو گھڻو تڻو سفر رات وڳڙي ۾ ئي ٿيو هو. سفر ڪندي اسان اسلام آباد ۾ رهندڙ پنهنجي پياري دوست شاهنواز چاچڙ سان رابطو ڪري کيس پنهنجي سفر جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ اسان جي هن پياري دوست خلوص دل سان دعوت ڏني هئي ته اسان سڌا وٽس هليا اچون. صبح جو جڏهن پير وڌائي جي بس اسٽاپ تي پهتا هياسين ته ان کان اڳ مون پاڻ واري موبائيل تي اوبر ۽ ڪريم ڪار سروس جون ايپ اول ئي انسٽال ڪري ڇڏيون هيون پر جيئن ته مان پهريون دفعو اهو استعمال پئي ڪيم ان ڪري ڪري سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ان کي صحيح نموني ڪيئين استعمال ڪريان. نيٺ اسان هڪ پرائيويٽ ٽيڪسي ڪري بارهه کوهه کان ٿيندي ڪورنگ روڊ وٺي وڃي بني گالا وٽ رسيا هياسين. (جاري).









  

Friday, July 21, 2017

سا جوءِ ڏوري آيا


پاڻ جنهن دنيا جا رهواسي آهيون اتي تعليمي ميدان ۾ مثبت تبديلي آڻي لاڳو ڪرڻ ماڪوڙيءَ کي مساڳ هڻڻ جهڙو دقيق ڪم آهي. وسيلن جي کوٽ، سياسي دٻاءُ، غير اتساهي ماحول، قدم قدم تي رڪاوٽون، هر ڳالهه تي اعتراض، ڪامورڪا رويا، غير هنر مند انساني وسيلا سڀ گڏجي اوهان کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪندا ته تعليمي عمل ۾ سڌاري جي ڳالهه کي ڇڏي معاملن کي جيئن جوي تيئن هلڻ ڏنو وڃي. اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ اعلى عهدن تي پهتل ماڻهون جڏهن نوان نوان ايندا آهن ته انهن جي مغز ۾ ڪيئي رٿائون هونديون آهن ۽ سندن من ۾ هلچل مچيل هوندي آهي ته بس عهدي تي پهچان ته اصل واهڙ وهائي ڇڏيندس. پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو رهندو آهي، ڀانت ڀانت جا ماڻهون کيس ملندا آهن ۽ اهي کيس ان قسم جي چريائي کان پري رهڻ جون صلاحون ڏيندا آهن ۽ کيس انهن ماڻهن جا مثال ڏيندا آهن جن اهڙي ڪم جون ڪوششون ڪيون هيون ۽ پوءِ کين ان جي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي هئي. ان نموني اهي هوريان هوريان قائل ٿي هڪ ڏينهن هڪ روايتي عملدار بڻجي ويندا آهن. اهڙن ورائتي عملدارن کان ڪنهن کي به ڪا شڪايت ناهي هوندي ڇوته اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني هر ڪنهن جو ڪونه ڪو جائز يا ناجائز ڪم يا مطالبو پورو ڪندا رهندا آهن. ڪو دير سان آيو ته خير آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو پيرڊ ڪونه ورتو ته ڪو آسمان ته ڪري ڪونه پوندو، جيڪڏهن هڪ غير حاِضر استاد جي جاءِ تي ٻئي سندس دوست صحيح ڪري ڇڏي ته ان کي به نظر انداز ڪبو، مالهي، پٽيوالا، چوڪيدار ٿوري گھڻي خوشامند ڪري پنهنجو الو سڌو ڪرائي ويندا آهن، ڪلرڪ، اسٽنٽ، سپرينٽينڊنٽ وغيرهه جيڪڏهن ڪو ٽڪو پيسو شاگردن کان وڌيڪ اڳاڙي ڪندا آهن ته انهن تي به ڪک رکبا ۽ امتحانن ۾ استادن جون ڊيوٽيون سندن من پسند بلاڪن ۾ لڳرائڻ تي ڪو اعتراض نه ڪبو. اهي عملدار استاد تنظيمن جي خوشامند ڪرڻ سان گڏ مٿين عملدارن کي به راضي رکي ڄاڻندا آهن.

پر ائين به ناهي ته سڀ اهڙا آهن، اڃا به ڪي آهين ڪلڃڳ ۾ ڪاپڙي، جيڪي انهن سمورن رڪاوٽن کي ٿڏي پنهنجو گس جوڙي وٺندا آهن. جنهن به چيو آهي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته هن دنيا کي ڪن مٿي ڦرين ئي تبديل ڪيو آهي، اهي مٿي ڦريا دنيا وارن جي وهنوارن کان ابتو هلندا آهن، ساڳي ڳالهه لطيف سرڪار پڻ ڪئي آهي ته؛

  اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سين؛
جي لَهوارو لوڪَ وَهي، تُون اوچو وَههُ اوڀار؛
مَنجھان نَوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

اڄ اسان جي تعليمي ادارن کي اهڙا وي سي، اهڙا پرنسپل ۽ اهڙا هيڊ ٽيچر گھربل آهن. اوهان پنهنجي آس پاس ۾ نهاري ڏسو جيڪڏهن اوهان کي ڪو اسڪول ڪوڪاليج، ڪو تعليمي ادارو سٺو نظر اچي ته يقين ڄاڻو ته اتي ڪو اهڙوئي انسان ويٺو هوندو جنهن جي اک الٽي هوندي هو عام کان الٽو وهنوار ڪندو هوندو. يقين ڄاڻو ته تعليمي سڌاري ۾ تعليمي اڳواڻي جو وڏو عمل دخل آهي. حقيقي تعليمي اڳواڻ اهو آهي جيڪو ڪين مان ڪجھ ۽ ڪجھ مان سڀ ڪجھ ڪري ڏيکاري. جيئين ته مان پاڻ هڪ اداري جو پرنسپل آهيان ۽ پوري ايمانداري سان اهو چوان ٿو ته ڀلي اجگر جيڏيون رڪاوٽون به ڇونه هجن پر جيڪڏهن پرنسپل جي نيت صحيح آهي، وٽس جذبي سان گڏ حوصلو آهي، کيس اڳواڻي وارا گُر به اچن ٿا ته اهو سمورن رڪاوٽن کي لنگھي پار پوندو ۽ اداري کي چار چنڊ لڳائي ڏيکاريندو.

Friday, June 9, 2017

جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستون مست مدام



جڏهن ملڪ ۾ گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول هجي، جتي سمورا معاملا ميمبر تي ويٺل نيم ملان خطره ايمان جهڙا ماڻهون سرانجام ڏيندا هجن، جتي مذهبن ۽ فرقن جي نالي ۾ انسانن وچ ۾ ورهاست جو عمل جاري هجي، جتي حڪمران به اهڙي عمل جي يا ته پٺڀرائي ڪندا هجن يا اهي اهڙين قوتن کان ڪئو کائيندا هجن، اهڙي تمام مربوط ۽ مظبوط، اونداهي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو بهار جي مند ۾ تازي هوا جي جھوٽي جي گھر ڪري، ته مٿس تعزيرون هڻي سر عام سنگسار ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ٿيڻ معمول جو ڪم هجي، ته ڪير هوندو جيڪووقت جي فرعون بڻيل ماڻهن کي سرعام للڪار ڪري سندن ڀاري برجن کي ريزا ريزا ڪرڻ وارو ڪارنامو سرانجام ڏيندو؟ منهنجي خيال ۾ جان جوکي ۾ وجھي اهڙا ڪم ماضيءَ ۾ صوفي ۽ حال ۾ سائنسي تعليم واري هٿيار سان ليس انقلابي پارٽيون، توڙي فلاسافر، شاعر سرانجام ڏيندا رهيا آهن. جيئن هن دئور جي عظيم شاعر شيخ اياز جو ڪلام آهي ته؛

مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-

 سنڌ جو سرموڙ، بي باڪ، سچ جو ساٿاري شاعر صوفي سچل سرمست اهڙن شاعرن ۽ صوفين جو سرواڻ شاعر رهيا آهن. حق ۽ سچ جي ڳالهه سچل سائين بنا ڪنهن هٻڪ جي وڏي بي باڪي، للڪار ۽ جرئت سان ڪئي آهي جيڪو مثالي آهي.

اول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛
 تَنهِن پڄاڻان وَڃُ، حلا جي حيرت ۾.

سچل سائين جي رسالي جي پهرين باب ”توحيد“ جو پهريون شعر ئي اسان کي سوچڻ سمجھڻ جا نوان گس ٿو ڏئي. اها سوچ ڪا عام سوچ ناهي، هي اونهي ۽ زماني وارن کان ابتي سوچ آهي. اوهان جي دماغ ۾ اڳواٽ جيڪي نظريا  سوچون، خيال زبردستي وڌل آهن اول انهن کي ڀڃو، ڇوته اهي بند خيالات آهن ۽ پوءِ پنهنجي منزل طرف رڙهه. انگريزي ۾ اهڙي نموني جي سوچ کي Thinking out of Box چيو ويندو آهي. معنى ته انا، سماج، نظرين جي دائرن مان نڪري ڪري سوچڻ اهو هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪي ڪي ماڻهون هوندا آهن جيڪي بقول لطيف سائين جي ته الٽي اک رکندا آهن جڏهن عام لهوارو وهندو آهي ته اهي اوچي ڏانهن سفر ڪندا آهن؛

 ”اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي.“

اهڙي سوچ جا ڪيئي عڪس ۽ اولڙا اسان کي سچل جي فڪر ۾ ملن ٿا. ڀڳت ڪبير جو شعر آهي ته؛

حد حد جائے ہرکوئی، لاحد گیا نہ کوئے،
حد لاحد کے بیچ میں کھڑا کبیرا  روئے۔

ڀڳت ڪبير حد ۽ لاحد وچ تائين ته پهتو آهي پر هاڻي کيس خبر نه ٿي پوي ته اڳتي ڇا آهي. سچل کيس جواب ٿو ڏئي ته؛

حد حد وڃي هرڪوئي، لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير جيڪو حد لاحد لنگهي وڃي.

سچل زماني وارن پاران ٺاهيل انهن دائرن کي ٽوڙيو، کين للڪاريو، مٿن ڇٿرون ڪيون ۽ پنهنجي قول ۽ پنهنجي فعل جي سچائي سان زندگي گذاري. وقت جي عالمن پاران مٿس فتوائون جاري ڪيون ويون، کيس قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر سچل پنهنجي نالي جي لڄ رکندي هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. هن پنهجي للڪار کي سرعام ورنايو، ورجايو؛

ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورئون مسلمان،
نه ڪي احمد موڪليو عرب کان اسلام،
سچل آهي سبحان پر آدم ليکي آدمي.

اها بي باڪي ۽ اها جرئت شايد ئي ڪنهن شاعر ۾ هجي ته هو ان نموني ان الحق جو نعرو هڻي پڙ ۾ لهي پوي؛
 
نه مان مريد نه مان پير، ساري فقرَ جو فقير.
نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آھيان اَمُن جو امير.
نه مان طاعَتَ نه مان تقويٰ، آھيان ورہَ جو وزير.
نه مان گھُمڻ نه مان گھَتڻ، آھيان عِشق جو اسير.
نه مان ڪُڇَڻ نه مان پُڇَڻُ، آھيان دوست لئه دلگِير.
سچوءَ“ ٻَڌ محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.
مٿي بيان ڪيل شعر ۾ سچل مريد ۽ پير، حاڪم ۽ظالم، طاعت ۽ تقوى، گھمڻ ۽ گھتڻ، ڪڇڻ ۽ پڇڻ کي رد ڪري ساري 
فقر جو فقير، امن جو امير، ورهه جو وزير، عشق جو اسير ۽ دوست لئه دلگير ٿيڻ کي ترجيح ڏيندي نظر اچي ٿو. هڪ پاسي سچل حاڪمن کي ظالم سان گڏي ٿو ته ٻئي پاسي فقر جو فقير سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري ۽  هونئن ته سچل آزاديءَ جو علمبردار آهي پر جڏهن ڳالهه عشق جي اچي ٿي ته رضاڪاراڻه طور تي ان جو اسير ٿيڻ ۽ محبت جو مندير سر 
تي ٻڌي نڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري.

هاڻي مان اوهان کي مٿي ٻڌايل پنهنجي خيال ڏانهن وٺي وڃڻ ٿو چاهيان. ڏسو منهنجي خيال ۾ ته اهي صوفي پنهنجي وقت جا عظيم انقلابي رهنما ئي ته هيا جن پنهنجي معروضي حالتن کي سامهون رکي پنهنجي قول ۽ فعل جي سچائيءَ سان سندن مقابلي ۾ سئو دفعا وڌيڪ طاقتور ڌرين کي شڪستون ڏنيون ۽ نتيجي ۾ لکين انسان سندن پوئلڳ ٿيا ۽ سندن واٽن تي هلندي زندگين کي سڦل بڻايو. پر افسوس ته وقت گذرڻ سان اسان ماڻهن سندن ڄاڻايل گسن کي ڇڏي ڏنو، سندن ٻڌايل سبقن کي وساري ڇڏيو ۽ اسان وري انهن واٽن جا راهي ٿياسون جن جي اهي مذمت ڪري ويا هيا. هنوقت حالت اها آهي ته انهن عظيم صوفي اڳواڻن جا بظاهر وارث گھڻا تڻا اهڙا پيدا ٿي پيا آهن جيڪي هاڻي انهن صوفين پاران انسانن جي هڪ جهڙائيءَ جي سبقن کي وساري ويٺا آهن ۽ پيري مريديءَ جا سلسلا شروع ڪري ڏنا اٿن. اهڙا عمل جن جي سندن وڏڙا منع ڪري ويا هيا. ”نه مان مريد نه مان پير، ساري فقر جو فقير“ جهڙن موتي جڙيل لفظن کي پٺي ڏيئي روشني ڦهلائڻ بدران انسانن کي وري پيري مريدي جي غلاظت واري غلاميءَ جي بدترين راهن ڏانهن وٺي وڃڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.


وقت جي گھرج آهي ته اسان پنهنجي صوفين جي ڏسيل واٽن تي هلون. پنهنجي اکين تي چڙهيل عينڪن پٽاندڙ انهن کي هروڀرو شيعو، سني، وهابي، پڪو مسلمان، ڪٽر انقلابي ڪري پيش ڪرڻ بدران اهي جيئن هيا تيئن پيش ڪريون.  

Friday, May 26, 2017

تصوير ڪهاڻي. گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڏهرڪي








ڪالهه جڏهن مان پنهنجي پياري اديب دوست پروفيسر محمد دين راڄڙيءَ سان ملڻ سندس ڊگري ڪاليج ڏهرڪي ويو هوم (ان ڪاليج جو ذڪر
 وري ڪڏهن پوءِ ڪبو) ته جنهن اسڪول جي بلڊنگ جي ٽن ڪمرن ۾ ڪاليج هلندڙ آهي ان جي اترئين پاسي کان هي گورنمنٽ جو هي شاندار پرائمري اسڪول جڙيل نظر آيو. پهريون مون سمجھيو ته شايد ڪنهن قديم زماني ۾ اهو اسڪول قائم ڪيو ويو هوندو ۽ هاڻي اهو بند هوندو يا وري اهو به سوچيم ته اسڪول جي بلڊنگ جي تعمير لاءِ هي عارضي بندوبست هوندو. افسوس ته منهنجا اهي سمورا خيال خام نڪتا ۽ مقامي دوستن ٻڌايو ته هي اسڪول هلندڙ آهي، اونهاري توڙي سياري ۾ معصوم ٻارڙا انهن ڇپرن هيٺيان جڙيل انهن جڳاڙي بئنچن تي ويهي پڙهندا آهن.
. 
 اسڪولن متعلق اسان جا ڪيئي علم دوست، قوم دوست استاد، عام ماڻهون، اديب، ڊانشور، سول سوسائٽي جا سرگرم ڪارڪن، سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيون فڪرمند رهندا آهن. بدين جو هڪ استاد منو ننجارآهي جيڪو واري جي دڙن تي ويهي ٻارڙن کي پڙهائيندو هو ۽ مسڪين ڪولهي ٻارڙن جا ڦوٽوز به رکندو هو ۽ علم سان ۽ سنڌ سان ۽ پنهنجي قوم جي ٻچن سان پيار ڪندڙن کي مدد جون اپيلون به ڪندو هو، نيٺ سندس محنتن رنگ لاٿو، سنڌ مان ۽ دنيا مان ڪيئي دوست اچي وٽس پهتا ڪن کيس ڪتاب ڏنا، ڪن ڊريسون مهيا ڪري ڏنيون ۽ ڪن دوستن ان اسڪول جي عمارت جوڙڻ جو ذمو کنيون ۽ هاڻي منو جو اهو خواب حقيقت بڻجڻ ڏانهن پيو وڃي.
. 
 پر هي مون وارو ڪيس تمام گھڻو مختلف آهي. ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته هي هڪ قديم اسڪول آهي جنهن جي نالي تي ارڙهن ايڪڙ زمين مختص ٿيل آهي. هي اسڪول سنڌ جي صنعتي ضلعي گھوٽڪي جي صنعتي شهر ڏهرڪي ۾ قائم آهي. هن اسڪول جي زمين تي قبضو ڪري مدرسو جوڙيو ويو آهي جيڪو ڪاميابي سان هلي پيو، ان جي زمين تي قبضا ڪري گھر جوڙيا ويا آهن جن ۾ ڪي انسان وڏي سڪون ۽ آرام سان رهن ٿا، هن اسڪول جي زمين جيڪا ريلوي ٽريڪ ۽ اسڪول جي رستي وچ تي آهي ان تي قبضا خور فصل پوکي ٻچڙن جو پيٽ پالين ٿا پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي ته هن اسڪول جي ناهي. ان ۾ پڙهندڙ معصومن جي مستقبل جي ناهي. اسان جي ماڻهن کي پنهنجي لاءِ گھر کپن، مدرسان کپن، پوکن لاءِ زمين کپي پر جيڪڏهن نه کپي ته مستقبل جي معمارن جي تعليم نه کپي؟؟؟؟؟؟!!!!!!!!ڏهرڪي جتي فوجي فرٽيلائزر جهڙي عظيم فيڪٽري آهي، ماڙي گئس آهي، شگر ملون آهن جتي لکين نه ڪروڙين نه پر اربين روپين جي روزانه اپت ٿيندي آهي. هاڻي اهڙي شهر ۾ جڙيل اسڪول لاءِ منو وانگر استاد سوشل ميڊيا تي دانهون به ته نه ٿا ڪري سگھن ني....ان اسڪول جي ان حالت جو هڪ سبب ڪي مقامي استاد به آهن جيڪي ذاتي انا ڪري اتي اسڪول جي اڏاوات وچ ۾ ديوار چين ٿيا بيٺا آهن. 
ڀلي ته دنيا وارا مريخ تي پهچن پر سنڌ جا مسڪين
  ماڻهون پنج درجا پاس ڪرڻ واري هماليه جبل جي چوٽي سر ڪرڻ کان به قاصر آهن.
.
 واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو


Saturday, May 20, 2017

تصوير ڪهاڻي


سياڻن جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪو سٺو ڪم ڪيو ته ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي شابس ڏيو. اڄ مون به هڪ چڱو ڪم سرانجام ڏنو هو. گورنمنٽ ڄام ممتاز ڏهر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو ۾ مون سائين پروفيسر زبير مڱريو صاحب جن جو ”THINKING ABOUT THINKING“ جي عنوان تحت سيشن ڪرايو هو جيڪو بي حد ڪامياب ويو. ان ڪاميابيءَ کي ملهائڻ لاءِ مان سکر واپسي وقت ڏهرڪي باءِ پاس روڊ تي حاجي شهمير خان چاچڙ جي سنڌڙي هوٽل تي هليو ويو هوم جنهن جو نالو اجرڪ واري اکرن سان لکيل هو جيڪو تمام وڻندڙ پئي لڳو.  بانس جي لڪڙن سان جڙيل ۽ موڙن وارن ڪرسين سان سجايل هوٽل جو ماحول ته ڏاڍو سهڻو پئي لڳو. ماني جي آرڊر وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ واسي سترهن سالن جو هڪ سمارٽ نوجوان صابر علي ميراڻي آيو هو. اهو ڇوڪرو جنهن کي ميزباني جا سمورا گُر تمام بهترين پئي آيا، ڏاڍو فضيلت وارو هو. سندس چوڻ هو ته هو ميٽرڪ پاس آهي. مون روائتي ماسترن واري کيس نصيحتون ڪيون ۽ کيس اهو چيو ته ڪجھ وڌيڪ پڙهڻ متعلق به سوچ ڪري ۽ کانئس سوال ڪيو ته ڇا هو سڄي عمر هاڻي هي ڪم ڪندو رهندو؟ کيس چيم ته هو سوچي ته ايندڙ پنجن سالن پوءِ هو پنهنجو پاڻ ڪٿي ڏسڻ ٿو گھري.  مون سوچيو پئي ته صابر علي ٻيو نه ته جيڪڏهن رڳو سٺي انگريزي ڳالهائي سگھي ته  کيس ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ آساني سان ڪم ملي وڃي ۽ سندس حياتي آسان ٿي پوي. پر مون کي نه ٿو لڳي ته هو ڪو پنهنجي تعليم وڌائيندو يا هوٽل انڊسٽري سان متعلق لاڳاپيل مهارتون سکندو.

اسان جي معاشري ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي تمام گھڻي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري لکين نوجوان يا ته پسند جو نوڪريون حاصل ڪرڻ کان محروم رهجيو وڃن ۽ ٻيو ته انهن ادارن ۾ جلدي پروموشن حاصل ڪرڻ جا موقعا وڃائي ٿا ويهن.  جيڪڏهن اسان جا نوجوان ٿوري رٿابندي سان ڪم ڪن، ٿورڙي محنت ڪن ته جيڪر ڪجھ سندن زندگي آسان ٿي پوي.  

Friday, February 17, 2017

M. Phill in Education new excitement of my life



After 31 years I come back to my mother institution I mean to say Shah Abdul Latif University Khair Pur Mir’s as a student. About 37 years ago I stepped in here as a B.com Student in then Sindh University Shah Abdul Latif Campus Khairpur in 1981. That was worst time and that was glorious time; country was run under irony hand of Zia Ul Haque with brutal acts of Marshal Law. In fact in the era of Model Dictator merely act of breathing in the fresh air was big crime.  Yes it was great time, I as student’s leader and activist, fought for democracy, for human and student rights, struggled for National Cause and spent countless hours, days and nights to spread awareness among students and community. Now when I came back at same place all the worst and all the golden memories are live on screen of my head. I like to write a book regarding my memories, experiences, struggle, and jokes shared with friends and miseries and hardships and challenges and pain which I bearded. I am feeling difficulty to express my real sentiments so I am getting help from great Poet of era Faiz Ahmed Faiz:

بہار آئی تو جیسے یک بار
لَوٹ آئے ہیں پھر عدم سے
وہ خواب سارے، شباب سارے
جو تیرے ہونٹوں پہ مر مٹے تھے
جو مٹ کے ہر بار پھر جیے تھے
نِکھر گئے ہیں گلاب سارے
جو تیری یادوں سے مُشکبو ہیں
جو تیرے عُشّاق کا لہو ہیں
اُبل پڑے ہیں عذاب سارے
ملالِ احوالِ دوستاں بھی
خمارِ آغوشِ مہ وشاں بھی
غُبارِ خاطر کے باب سارے
ترے ہمارے
سوال سارے جواب سارے
بہار آئی تو کھِل گئے ہیں
 نئے سرے سے حساب سارے

So now I am going to opening new account with my mother institution to get answers of new questions. In fact there is great changes occurred in campus from all aspects. At 1981 it was campus run in one single building, now this is full fillage University and diverse faculties are being introduced, new and beautiful buildings are constructed, new gardens are here and number of students and number of teaching faculty also increased.   

It should be great, memorable, historical and proud able moments for me when I will be awarded M.Phill in Education degree and same times I will get retirement from my government job. Life has many ups and many downs. There are so many surprises waiting in way of life and we completely unaware from them.

My humble request from my new class fellows is that: let us make our this time memorable, historical and full of life.

Wishing all the best

Sunday, February 12, 2017

مولائي شيدائي سنڌ جو هڪ اڻ وسرندڙ انسان








هو ڪو وڪيل، انجنيئر ۽ نه ئي ڊاڪٽر هو ۽ ها هو ڪامورو پڻ نه هيو، نه ئي سندس تعلق زميندار طبقي سان هو. پر ان هوندي به هن سنڌ جو تاريخي ڪيس شاندار نموني وڙهيو هو. جنت السنڌ، تاريخ تمدن سنڌ، روضته السنڌ، سفيت النوح، تاريخ هندستان (ترجمو)، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، تاريخ سکر ٻه جلد، تاريخ بکر ٻه جلد، اقاليم اسلام ٽي جلد، تاريخ ٽالپر، تاريخ قلات، سنڌ جا قديم شهر ته ڪجھ ڪتابن جا نالا آهن ان کان سواءِ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپل ڪتابن، مقالن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي جنهن ۾ هن جاندار نموني سنڌ جي وڪالت ڪئي ۽ سائين رشيد ڀٽي جهڙو وڪيل به سندس ساراهه ڪرڻ کان رهي نه سگھيو هو. سندس چوڻ هو ته هو ؛”زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد، وقت ۽ حالتن جو رفيق ٿي رهيو“.

 هن پنهنجي ننڍڙي حياتيءَ ۾ سنڌ جي ماڳن مڪانن، تاريخي جاين، ويڙهاندن جي ماپ تور اهڙي ته ماهرانه انداز ۾ ڪئي آهي جنهن تي سمورن انجيئرن کي ناز ڪرڻ گھرجي.

هن سنڌي سماج جي پراڻن مرضن جي علاج لاءِ  ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. انهن ڏاهپ ڀريل نسخن اڻ ڳڻين ساڃهوندن جو علمي علاج ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

 هو ڪو ڊنگ ڪامورو يا ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جو پروفيسر يا ڪنهن اداري جو سربراهه به نه هو ته جھجھي ڪمائي مان ڪتاب ڇڀرائي واهه واهه ڪرائي ها، هو ته ريلوي جو هڪ غريب ملازم هيو پر تنهن هوندي به هن جيڪي ڪتاب لکيا ۽ اهي ڇپجي ڪتاب گھرن، لئبررين جي زينت بڻيا اهي هر دؤر ۾ علم، تحقيق، تاريخ جي شاگردن ۽ سيکڙاٽ محققن لاءِ روشنيءَ جا ڏيئا ٿي ٻرندا رهندا. 

هو ڪو واندو وڏيرو، جاگيردار، سرمائيدار به نه هو جن کي کپائڻ لاءِ جھجھي سرمائي سان گڏ  وافر وقت هوندو آهي. هو سڄو ڏينهن مختلف ريلن سان گڏ ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ سفر ۾ رهندو هو ۽ هر قسم جي مسافرن سان سندس مٿا ماري جاري رهندي هئي. ريلوي گارڊ وارو ڪم انسان کي جسماني توڙي ذهني طور نپوڙي رکندو آهي ۽ اهو گھر پهچندو آهي ته سندس دلي خواهش رهندي آهي ته هو هجي ۽ بسترو هجي. پر مولائي شيدائي جيئن ته هڪ جينئس انسان هو، ٿڪجي گھر پهچندو هو پر آرام ڪرڻ بدران سکر جي ساڙيندڙ گرميءَ ۾ کٽ گھر جي اڱڻ تي يا ڀت جي پاسي واري ڇانو ۾ رکرائي صدري پائي، گوڏ ٻڌي پوءِ گوڏا کوڙي جو ويهندو هو ته علم جا واهڙ وهائي ڇڏيندو هو. کيس پنهنجي ان ڪم سان عشق هوندو هو.”...ڪوبه مضمون، خط  يا قلمي نسخو ائين ٺاهي ٺاهي آرام سان ويهي لکندو هو جيئن ڪا ماءُ لاڏ ڪوڏ سان سڪيلڌي پٽ کي سينگاريندي سنواريندي هجي، چئن پنجن قسم جون مسون، چار پنج قسم قلم، اُچي ۾ اُچو دستياب پرڏيهي ڪاغذ سندس لکڻ لاءِ گھربل لازمي شيون هيون“ جيءُ جياريو جن ۾ سائين رشيد ڀٽي سندس ساروڻين ۾ لکيو هو. هن اهي واهڙ هڪ اڌ ڏينهن نه پر لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تائين وهايا هيا. هونئن به جيئن ڊاڪٽر مبارڪ حيدر پنهنجي ڪتاب مغالطي مبالغي ۾ رقمطراز آهي ته ”هي معاشرا، مفڪر، فلسفي، سائنسدان، اديب ۽ سياسي نظريه ساز جگر ساڙي بڻجندا آهن...“.  سندس ان علمي پورهئي جو نتيجو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ سان گڏ اسلامي تاريخ تي مستند اڻ ڳڻيا ڪتاب اسان جي لئبررين ۾ پيل آهن. ان عاشق جو نالو هيو رحيمداد بروهي پر سموري سنڌ کيس راشدي برادران پاران ڏنل نالي ”مولائي شيدائي“ سان سڃاڻي ٿي.  مولائي شيدائي پئسي نه هئڻ، گھڻي ڪم ڪار، ٿڪاوٽ، وقت جي گھٽتائي، ماحول جو سازگار نه هئڻ وارن بهانن تي لت رکي پنهنجو علمي پورهيو ڪري اهو ثابت ڪيو هو ته جيڪو واقعي ڪم ڪرڻ ٿو گھري ته بظاهر هماليه کان اوچيون اهي نظر ايندڙ رڪاوٽون انهن لاءِ ڪپهه جي ڦوري کان به هلڪيون آهن ۽ جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پرعزم انسان جي راهه روڪي نه ٿيون سگھن. ان مان اهو نه سمجھڻ گھرجي ته سهولتن جي اڻ هوند اهڙن امر انسانن کي ڪي تڪليفون، ڏکيائيون نه پهچائينديون هونديون. يقيناً اهي سڀ پيڙائون کيس به ڀوڳڻيون پيون هونديون پر مولائي شيدائي لطيف جي انهن امر سٽن تي عمل ڪندي زندگي گذاري هئي ته ؛

ڏاگھن ڏيرن ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانئم سک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.

سندس ادب سان وابستگي به هڪ اتفاق ئي چئجي.  ريل تي گارڊ جي ڊيوٽي ڪندي سندس ملاقات پنهنجي دؤر جي عظيم ۽ يگانن انسانن علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشديءَ سان ٿي جيڪا دوستيءَ ۾ بدلجي ويئي ۽ سندن سڀاويڪ صحبت ۾ رهندي مولائي شيدائي کي پڻ لکڻ ۽ پڙهڻ جي لنوَ لڳي ۽ ان جو نتيجو اسان سڀني جي سامهون آهي. ڪي اتفاق به ڪيترا نه شاندار ٿيندا آهن، جيڪي زندگي جو رخ ئي موڙي ڇڏيندا آهن. جي اهو اتفاق رونما نه ٿئي ته اڄ اسان جنهن مولائي شيدائي کي سنڌ ۽ هند جو ناميارو مؤرخ، محقق ۽ اديب جي نالي سان سڃاتو ٿا شايد هڪ گمنام ريلوي گارڊ جي حياتي گذاري هليو وڃي ها.  

مان پنهنجو پاڻ کي خوشنصيب سمجھندو آهيان ته منهنجي ان عظيم مؤرخ جي ڊوهٽي خالد بروهي سان ڀائرن جهڙي دوستي آهي. ان دوستيءَ جو نتيجو اهو آهي ته مون کي مولائي شيدائي جي ذاتي زندگي جي ڏکن ڏاکڙن سان گڏ گھرو وهنوار جي خبر به ملي ويندي آهي. مان خالد بروهيءَ سان پير ڳوٺ بس اسٽاپ ڀرسان الڪريم ريسٽورنٽ ۾ چانهه جي ڪپ تي ڪيل ڪچهريءَ کي ڪيئن ٿو وساري سگھان جنهن ۾ خالد بروهي مولائي شيدائيءَ جون ساروڻيون اهڙي ته پر اثر انداز سان بيان پئي ڪيون ته منهنجي اکين جا ڇپر به آلا ٿي ويا هيا. سندس چوڻ هو ته ”منهنجي بابا سائين جو نالو الله نور هو جيڪو سرهاڙي جو هيو. مولائي صاحب پنهنجي ڌيءَ کيس ڏئي ڇڏي هئي. منهنجو مامو عبدالمجيد ان زماني يعني اوڻيهه سؤ سٺ ايڪهٺ ۾ سکر بيراج تي انجنيئر هو. منهنجي مامي مولائي شيدائي سان پنهنجي نياڻي جي بابا سائين سان رشتي جي مخالفت ڪندي چيو هو ته منهنجو پيءُ سندس نياڻي کي سکي رکي نه سگھندو ڇوته هو هڪ معمولي ڪلرڪ آهي. جواب ۾ مولائي صاحب وراڻيو هو ته واقعي هو غريب آهي پر مان سندس اکين ۾ غيرت ڏٺي آهي. خالد ساروڻين جو ڳنڍيون کوليندي مون کي ٻڌايو هو بابا سائين ٻهراڙيءَ جو ماڻهون هوندو هو ۽ اڪثر گھر ۾ اڻبڻت رهندي هئي. هڪ دفعي اهڙي هڪ جھيڙي بعد امان سڳوري کانئس ڪاوڙجي گھر کي تالو هڻي ٽانگو ڪرائي بابا سائين (مولائي شيدائي) ڏانهن هلي ويئي هئي. مولائي شيدائي ان زماني ۾ ”ڪنگ هلس“  واري ٽڪري تي پنهنجي جڙيل گھر ۾ رهندو هو جتي هاڻي سسٽيڪ جي آفيس آهي. جڏهن مولائي شيدائي گھر آيو ته ماني تي پنهنجي ناٺي ۽ نياڻي کي ويهاري کين گڏ ماني کائڻ لاءِ چيائين بقول سائين خالد جي ته ”امان نانا سائين جي ڳالهه ٽاري نه سگھي ۽ بي دليو سندن ساٿ ڏنو“ ماني بعد مولائي پنهنجي نياڻيءَ کي حڪم ڪيو ته ”جيئن ته تون پنهنجي ور کان موڪل گھري هتي نه آئين هئين ان ڪري کانئس معافي گھر“ سندس نياڻيءَ کيس پنهنجي ور پاران سختي جي ڳالهه ڪئي پر مولائي سندس هڪ به نه مڃي ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته ”جيڪڏهن آئنده ان نموني هتي ايندئين ته تو لاءِ منهنجي گھر جا دروازا بند هوندا“ ان بعد مولائي کير وٺڻ جي بهاني پنهنجي ناٺيءَ کي گھر کان ٻاهر وٺي وڃي سندس پيرن تي ٽوپي لاهي رکي ۽ کيس هٿ ٻڌي چيو ته ”يار منهنجي هڪڙي ڌيءَ آهي ان کي ماريندو نه ڪر، کيس ڪو ڌڪ لڳي ٿو ته منهنجو هانوُ ڇڄي ٿو“ اها حالت ڏسي سندس ناٺي وائڙو ٿي ويو ۽ ٽوپي کڻي سندس مٿي تي رکندي چيائين ته ”چاچا منهنجي هي غلطي معاف ڪر مان آئندهه ساڻس هرگز نه وڙهندس“ عرض ڪيو ته ”مون کي بس اها هڪ ئي نياڻي آهي، توکي جيڪڏهن ان کان ڪا شڪايت هجي ته ڀلي اچي مون سان وڙهه پر يار منهنجي نياڻيءَ جو خيال رک“. ان ڏينهن کان بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڪڏهن جھيڙو نه ٿيو پر جيڪڏهن ٿيو به هوندو ته انهن پنهنجو پاڻ انهن جو نبيرو ڪري ڇڏيو هوندو.

سائين مولائي شيدائي بدنصيب پرڳڻي سنڌ ۾ پيدا ٿيل هڪ اهڙو ته انمول انسان هو جنهن سان سندس زندگي ۾ نه ئي مرڻ کان پوءِ کيس انصاف ٿي سگھيو. سندس آخري سفر جي ڪٿا جنهن انداز سان سائين رشيد ڀٽيءَ بيان ڪئي آهي ان کي پڙهي انتهائي افسوس ٿو ٿئي ۽ دل درد جي احساسن سان ڀرجيو وڃي. هڪ فرقي پرست پبلشر کي سندس نالي مولائي شيدائي مان سندس شيعه ٿيڻ جو الڪو رهندو هو. پر رڳو پبلشر ئي ڇو مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن سندس ڪتاب شايع ڪرڻ ته هڪ طرف مولائي شيدائيءَ جا نسخه ئي گم ڪري ڇڏيا آهن.
اسين سنڌ وارا سنڌ جي هن محسن جا قرضي آهيون ۽ هاڻي گھڻو ٿيو، کيس اسان کان وڇڙي 39 سال ٿي چڪا آهن هاڻي اسان کي سندس قرض چڪائڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي. 

آخر ۾ شيخ اياز جو هي شعر مولائي شيدائيءَ کي ارپيندي پنهنجي ڳالهه پوري ڪندس.

ڇا نظارا هيا ڇا نينهن هيا،
هو ماڻهون هيا يا شينهن هيا.  شيخ اياز