Saturday, January 25, 2020

ڪڙو سچ

”اوهان منهنجي هنن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ مون تي چٿر ۽ ٽوڪ نه ڪجو.يقين ڪريو ته اهي ڳالهيون سورهن آنا سچيون آهن ته (سنڌي) ماڻهون اٻوجھ ٿيندا آهن. جيڪڏهن کين ڳڙ کسي ڇيڻا ڏيئي ڇڏبا ته به ويچارا خوش ٿي ويندا“.
:
:
:
:
:
:
هي مان نه ٿو چوان هي انگريز لکاري رچرڊ ايف برٽن پنهنجي ڪتاب  Sindh Re Visited” 1877ع ۾ لکي ويو آهي. چون ٿا ته هو ڏاڍو بدتميز هو ۽ سچ کي لکڻ مهل ڪنهن به اخلاقي اصول جي ڪا پرواهه نه ڪندو هو. سندس هي جملو ان جو پڪو ۽ پختو ثبوت ئي ته آهي.  ها مون هن جملي ۾ هڪ بي ايماني سو ڪئي آهي ته رچرڊ ايف برٽن ’ڪارا ماڻهون‘ لکيو هو مون ’سنڌي ماڻهون‘ لکيو آهي. پر ڪهڙو ٿو فرق پوي اهي گورا ديس واسين کي نفرت وچان ڪارا ماڻهون ئي ته سڏيندا هيا. پر ڇا به هجي سندس مشاهدو ڪيڏو نه گهرو ۽  وسيع هيو. انهن گورن اسان تي سئو سال کن حڪومت ڪئي ۽ پوءِ هو واپس هليا ويا سندن وڃڻ بعد اسان جي وڏڙن اسان کي ٻڌايو هو ته هاڻي اسان کي آزادي ملي آهي! پر جي حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ۽ سوچ ويچار ڪجي ته اسان کي ڇا مليو هو/مليوآهي؟ بس اهوئي نه ته ڳڙ جي عيوض جيڪي ڇيڻا مليا هيا هاڻي ته اهي به کسجي رهيا آهن! ۽ اسان جو پوءِ به اهو ئي اصرار آهي ته اسين دنيا جي عظيم ترين قوم آهيون؟! دليل هي آهي ته اسين موهن جي دڙي جي وارثي ڪندڙ جو آهيون، اسان عظيم آهيون ڇوته هي پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري آهي جت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل، شيخ اياز، استاد بخاري پيدا ٿيا هيا، پر اها خود فريبي ڪيستائين هلي سگھندي؟ اسين ڀلي اٺ پکيءَ وانگر واريءَ ۾ منهن لڪائي وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان وڏيون دعوائون ڪيون حقيقتن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿو پئي، دنيا وارن جو انهن سان ڪو ڏيڻ نه وٺڻ، هو جيڪو صديون اڳ سچ چئي ويو هو، اهو بدتميز سچ، اسان نه ته انوقت قبول ڪيو هو ۽ نه هاڻي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،  ڇوته مڙس ماڻهونءَ جي زبان هڪ هوندي آهي، اسين پنهنجو پاڻ کي گھٽ ڏسڻ وارن مان ٿوروئي آهيون. ها اسان جي ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته ”گھٽ معني بي عزتي، شو معني تباهي“ سو اسين تباهه ٿيڻ پسند ڪندا آهيون بي عزتي ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگھندا آهيون.........ڇتي ڪوريءَ واري گھڻي ڊيگھ ٿي ويئي مان پنهنجي هن بلاگ جي پچاڻي به رچرڊ برٽن جي لفظن سان ڪيان ٿو بنا تبصري سنڌ متعلق ڪيل سندس ڳالهه تي اوهان تبصرو ڪيو ته بهتر ٿيندو.

”اوهان ممبئي جي بهترين دل وندرائڻ وارين جڳهن کان تنگ اچي گھمڻ جي مقصد سان سنڌ ڏانهن رخ ڪيو آهي جيڪا هڪ ڏکويل ماٿري آهي.مان کيس هن نالي سان ان ڪري سڏيان ٿو جو دنيا اعلان ڪيو آهي ته هن علائقي جو سج دوزخ اوڳاڇيندو آهي ۽ اتان جي ڌرتي ٽپي ٽامون ٿي ويندي آهي ۽ اتت اڦٽ مار هوندي آهي. هتي وڏي ماتا ۽ ڪالرا ماڻهن کي مارڻ ۾ گوءِ رکنديون آهن. پلگ،ايراني نار کان هلي هتي پڄندي آهي.يعني اوهان سنڌ ۾ بي ڪفن ۽ بي دفن ٿي مرڻ جو پڪو پهه ڪري چڪا آهيو“.