Monday, November 16, 2020

Bhong Mosque|Sindh Punjab Tour Ep:4th|UNIQUE, EYE CATCHING BEAUTY

Off Road Mountainous Ride|Suzuki GS 150 SE|

Luqman Phatak|Great troubling place|Traffic Jam is Routine

Volley Ball|Popular Game|KHP RLY STATION DIARIES|Healthy Activity

Fakir Nazir Ahmed Bahalkani

Fakir Nazir Ahmed Bahalkani|Sufiana Kalam

Too ne hamri baat bhuladi neno ki maar katar we

Aj beemari wae chade|Fakir Nazir|Anwar Shah|Riazat Fakirs Ashram

Hazooran Saen|Dilber Jo awana he sar koon jhukawana he|Ustad Sajjad Khan

Jani raat rah pao|Ustad Sajjad Khan|Riazat Fakirs Ashram

Ustad Sajjad Khan|Riazat Ali Ashram|

Chandoki raat me saww seengar kare|Sarwech Sindhi|Abdul Qaffar Tabsum

Chore Bazar Karachi|Barra Market|Lunda BazarPrices

Sunday Car Market KHI|Big Market of Used Cars|Easy to Sale and Purchase

SUZUKI Bike|GS 150 SE|Test Drive

Pre Historic Weapons|Treasurer of Human History|ROHRI Hills|Takkar Natio...

DHAK BAZAR SHIKAR PUR|Historical and Unique

Qaidi haan ma kotan me|Fakir Ibrar Mangi|Ali Hussain Qazi|Sakhi Abad

Wanjan khaan po Asaan Khe toon Sajan Dadho Sanbharenden|Salaar Sindhi|He...

يزيدي لشڪر کان بغاوت ڪندڙ سنڌ جو "حر"|سنڌ جا حلالي پٽ توتي لکين سلام|

How to get Success on YT|Very Essential Key For Achieve desired results|...

Shah Abdul Latif University Khairpur|Glimpse|Thoughts of Nostalgic perio...

Friday, November 13, 2020

تبديلي

 تبديلي ڪا اڪ جي ماکي ناهي جنهن کي هرڪو سولائيءَ سان لاهي ماکي جي لار مان وهندڙ ماکيءَ کي چيچن سان چٽي مزو ماڻي سگھي!. تبديلي ڏکي، پيچيدهه، ۽ اذيت پهچائيندڙ آهي، تبديليءَ لاءِ سالن، صدين جي جاکوِڙ، هنرمندي، ايمانداري، سچائي ۽ پنهنجي ڪم سان عاشقن واري انسيت کپي. مٿين ڏنل مثال کي ٿورو غور سان ڏسو ته ماکيءَ جون جيڪي مکيون آهن اهي ڪيترو نه هنر مند، اورچ، محنت ڪش آهن جيڪي گلن ٻوٽن مان رس کڻي اچي ماکي تيار ٿيون ڪن. 

تبديلي ڏکي ڪيئن آهي؟

مثال طور سنڌ جو ڪو ماڻهون ڪنهن وڏي درگاهه جو مريد هجي ۽ اهو سمجھي ته پيري مريدي غلاميءَ جي بدترين شڪل آهي ۽ ان ڪري هو پنهنجو رستو مٽائي ڇڏي...

ڪو ڪنهن فرقي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان فرقي کي ڇڏي باقي سڀني کي ڪافر ٿو سمجھي ۽ جڏهن کيس اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ته هو ڪيترو نه ڀٽڪيل آهي جو پنهنجي فرقيواريت واري خسيس سوچ ڪري پوري دنيا وارن سان نفرت ٿو ڪري ۽ اهو سوچي هو اهو زهر پنهنجي رڳن مان خارج ڪري ڇڏي....

ڪو ڪامريڊ سنڌ  سنڌ ڪندي رڳو جھيڙن جھٽن، غنڊا گردي، ڀتاخوري، ڏوهاري ذهنيت سان شين کي ڏسي ٿو کيس ان ڪم کان سواءِ بيو ڪجھ سجھي ئي نه ٿو، اهو ان ڪم تي لعنت وجھي، ڪتابن، ڪمپيوٽر،  علم، فلسفي، منطق ڏانهن موٽي اچي....

پاڻ کي اوچي ذات وارو سمجھندڙ ۽ باقي خدا جي خلق کي ڪيڙا مڪوڙا سمجھي کين حقارت سان ڏسندڙ اهو سمجھي ته اها ته سندس ڪميني سوچ آهي، انسان ته اهو بهتر آهي جنهن جا عمل سٺا آهن، ذات ۽ نالو ته بس سڃاڻپ لاءِ هوندا آهن....

اسان جا نڪما شاعر، صوفي، اديب، جيڪي سڄو ڏينهن خيالي دنيا ۾ رهن ٿا اهي زماني جي حقيقي ڏکن سورن کي ڏسي پسي انهن تي قلم کڻن ۽ قلم کي هڪ ناقابل شڪست هٿيار طور ڪتب آڻين....

عام ماڻهن جي رت ۽ ست تي پلنجندڙ ڄؤرن جهڙا ڪامورا پنهنجي عام انسانن کي آزارڻ بدران واقعي ماڻهن جي خدمت ڪن....

سياست دان ڪوڙن، دلفريب نعرن جي آڙ ۾ عام ماڻهن کي سبز باغ ڏيکارڻ بند ڪن، سياست کي عبادت جو درجو ڏيئي ماڻهن جي خدمت ڪن.....

سنڌي سماج عورت کي انسان سمجھي انهن سان برابريءَ وارو رويو رکي ۽ انهن کي سمورا انساني حق مهيا ڪري ڏئي....

؛


ڏيو خبر اوهان ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ اچو ٿا،،،،ڇا اوهان پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ جي اوهان جو جواب ”ها“ آهي ته تمام سٺو پر جيڪڏهن اوهان کي مٿيون ٻڌايل ڳالهيون زهر ٿيون لڳن ته مهرباني ڪري اوهان ٻين تي تبديل نه ٿيڻ جون تهمتون نه هڻون....

ڏور مَہ ڏيئان ڌار

 ڇا اوهان جي خواهش آهي ته ڪاميابيون ماڻيو؟ ڇا اوهان چاهيو ٿا ته دنيا وارا اوهان جو مثال ڏين؟ اوهان خوشحال ۽ عزت واري زندگي گذاريو؟ ڇا اوهان جي خواهش آهي ته دنيا جهان جو سير ڪيو؟ ڇا اوهان جي اها به خواهش آهي ته اوهان جي ڪري اوهان جي مٽن مائٽن، يارن دوستن ۽ سماج وارن کي فائدو ٿئي؟

مون کي يقين آهي ته هر مثبت سوچ رکندڙ اهو ئي چاهيندو، پر اهو سڀ ڪجھ پاڻيهي ڪونه ٿي سگھندو ان لاءِ اوهان ڀلي قراقرم جي چوٽي سر نه ڪيو پر بس هڪڙو ڪم ڪيو ڪتابن سان دوستي رکو، پنهنجي ڪورس جي ڪتابن سان گڏ علم، ادب، تاريخ، نفسيات ۽ ٻين موضوعن تي ڇپيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو. جي اوهان پنهنجو پاڻ ۾ اها مثبت عادت پيدا ڪري وڌي ته مان اسٽامپ پيپر تي اوهان جي يقيني ڪاميابيءَ جي سند لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ ڳالهه ياد رکڻ جي آهي بقول لطيف سائين جي پڻ ته

ڏورج ڏيئو هٿ ڪري ڏور مَه ڏيئي ڌار

ڪوڙين لک هزار اونداهي انڌا ڪيا.

ڏيئو علم آهي، ڪتاب آهن انهن مان جيڪا حاصلات آهي اها روشني آهي، علم کان سواءِ، ڪتابن کان سواءِ، سوچ ۽ لوچ کان سواءِ، تنقيدي سوچ کان سواءِ اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻڻ برابر آهي ۽ ان قسم جو ماڻهو ان پهاڪي جيان ته ندي ڪناري نينگر لڏي اڄ نه ٻڏي صبحاڻي ضرور ٻڏي. ان ڪري جي اوهان پنهنجو پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ٿا گھرو ته ڪتابن جي پربهار، سوجهري واري پاسي هليا اچو، ڪتاب اوهان جا اهڙا دوست ثابت ٿيندا جنهن جو اوهان اندازو به لڳائي نه ٿا سگھو.

سنڌ اندر ۽ خاص ڪري نوجوانن اندر پڙهڻ جو رجحان تباهي جي حد تائين گھٽجي ويو آهي ۽ ان ڪري اسان جي نوجوانن کي پبلڪ، پرائيويٽ توڙي ڪارپوريٽ سڪيٽر ۾ پنهنجو پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش پيون اچن. سڀني ڳالهين جو حل آهي مطالعو، روزاني جي بنياد تي مطالعو، جيڪڏهن اوهان شاگرد آهيو يا نوڪري ڪندڙ، يا دڪاندار، واپاري يا ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندڙ اوهان سڀني لاءِ ڪتابن جو مطالعو ضروري آهي.

Thursday, November 12, 2020

کجيءَ جي اهميت

 کجيءَ جي وڻ جيان پنهنجو پاڻ کي ڪارائتو بڻايو.

ٿي سگهي ٿو تہ ڪجھ دوست رڳو اهو سمجهندا هجن تہ کجيءَ جي وڻ مان ان جو فصل يعني ڏنگ، ڏوڪا، قَتَلَ،ڇوهارا وغيره حاصل ڪيا ويندا آهن. کجيءَ جي وڻ مان اهو فصل تہ حاصل ٿيندو ئي آهي جيڪو مذيدار، غذائيت سان ڀرپور، لذيذ هوندو آهي پر منهنجا سائين کجيءَ جي هرشي ڪارائتي آهي. کجيءَ جا ڇوڏا، کجيءَ جون ڇڙهيون، ڇڙهين جا پن، سڪل گوشا ٻارڻ جي ڪم ايندا آهن. اهي اهڙو تہ ڀڙڪو ڏئي ٻرندا آهن جهڙوڪر مٿن پئٽرول هاريل هجي. بيکر جڏهن ڇوهارا جوڙڻ لاءِ تئيون چاڙهيندا آهن تہ انهن ۾ اڪثر ڪري کجيءَ جي ڇڙهين جا ٽڪر استعمال ڪندا آهن. کجيءَ جون ڇڙهيون گهرن جي چوگرد اڀيون لڳائي انهن کي گهر جي پردي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. گهرن، منهن ۽ بيٺڪن لاءِ جوڙيل ڇنن ۾ پنڃرن مٿان ڇڙهيون رکي انهن مٿان ٽوئيا رکي لنبي انهن جون ڇتون جوڙيون وينديون آهن. گوشن کي گهر جي ٻوهاريءَ طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. گوشن توڙي ڇڙهين مان تيليون ٺاهيون وينديون آهن جيڪي قلفين ۾ لڳايون وينديون آهن، لغڙن جون ڪمانون بہ کجيءَ جي گوشن مان جوڙيون وينديون آهن. کجيءَ مان حاصل ڪيل کاٻر سان گهر جا ٿانوَ ٿپا صاف ڪيا ويندا آهن ۽ کاٻر مان کٽن جون واڻ، نوڙيون پڻ جوڙيون وينديون آهن. اڳتي ٿا وڌون کجيءَ جي پنن مان هٿ جا پکا، ڇٻيون ۽ تڏا ٺهندا آهن. ڦوٽوءَ ۾ نظر ايندڙ وڏي قد بت واري کجيءَ کي جڏهن ڪيرايو ويندو آهي ان جي ٿڙ مان چار يا ڇھ عدد گهر جا شهتير نڪرندا آهن.

کجيءَ جي فصل مان مائو، آچار، بادام کجور، آڌيا، نر ڇوهارا، لوڻيون جوڙيون وينديون آهن. جن گوشن کي نر نہ ملي سگهندو آهي تہ انهن مان خصي ڪچيون پيدا ٿينديون آهن پر اهي ٻہ ڪارائتيون آهن جو ٻڪريون انهن کي شوق سان کائينديون آهن. جيڪي ڪُڪُيون (سڙي ويل ڪچيون يا ڏوڪا) ٿينديون آهن تہ اهي پڻ مال کي چاري طور ڏنيون وينديون آهن. کجيءَ جي ککڙيءَ کي ڪٽي ان مان سوپاريون ٺاهيون وينديون آهن. کجيءَ جي مٿين حصي کي ڪٽي ان مان جيڪا ڳر ملندي آهي جنهن کي   ڪچي چيو ويندو اهو پڻ کائڻ ۾ لذيذ ۽ سوادي هوندو آهي. کجيءَ جي تاڙي (شراب) مشهور مشروب آهي جنهن جو ذڪر شيخ اياز پنهنجي هڪ لکڻيءَ ۾ پڻ ڪيو آهي.

کجي هڪ مذهبي وڻ آهي. هندو پنهنجي پوڄا پاٽ ۾ پرساد طور اها پيش ڪندا آهن. ان ڪري کجيءَ جي فصل لاءِ هندستان هڪ عظيم عاليشان مارڪيٽ آهي. جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جا واپاري لاڳاپا ٺيڪ رهندا آهن تہ کجين جي واپارين جا جاوا ٿي پوندا آهن ۽ کين پنهنجي محنت جو ٺيڪ ٺاڪ معاوضو ملي ويندو آهي. مسلمان روضو اڪثر قتل سان کوليندا آهن. ساڳي نموني عيسائي ۽ يهودي پڻ هن کي پنهنجي مذهبي تهوارن ۾ احترام سان پيش ڪندا آهن.

سنڌ جي اصيل کجي دنيا جي سمورن کجين جي شهنشاھ کجي آهي. اصيل جا ڏنگ هجن، اصيل جي قتل هجي اصيل جا ڇوهارا هجن، اصيل جا آڌيا هجن ان جو ڪو مٽ ناهي. عيدن شاهي جي پڪل کارڪ ماڻهو وات ۾ وجهي جهڙوڪر ماکي ۽ مصري وات ۾ پئجي ويئي. ٽوٽي کجيءَ جا جنهن ٽنگر ڏوڪا نہ کاڌا تہ ان ڪجھ بہ نہ کاڊو، کنڀڙيءَ جا ڳاڙهسرا ڏوڪا... بس ڇا ڳالھ ڪجي اصل يمي...

افسوس رڳو هي آهي تہ هن شاندار فصل جي سرڪاري سرپرستي صفا ٻڙي آهي، ايڪسپورٽ پروموشن بيورو پڻ هن معاملي ۾ گڏھ جي مٿي تي سڱن وانگر گم آهي باوجود ان جي تہ هي فصل اربين روپيا پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڪري ڏيندڙ آهي.

بس آخري ڳالھ اها ڪرڻي آهي تہ اچو تہ اسان پنهنجو پاڻ کي هن وڻ وانگر ڪارائتو بڻايون. اسان جا هٿ، پير، زبان، اکيون، دماغ نہ رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ پر پوري انسانذات لاءِ ڪارائتو هئڻ گهرجن.

Sunday, October 18, 2020

سنڌ جي اسڪولن جي حالت

 سنڌ جي وزير تعليم ٽنڊو الهيار ۾ اسڪول جي وزٽ وقت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ”سنڌ جي 55 هزار اسڪولن مان اڪثريت ۾ بجلي ئي ناهي ته ٻن ڏينهن جي موڪل جو ڪو فائدو ناهي“ ڪاوش 17 آڪٽوبر 2011 ....جي مان ان بيان ۾ ڪجھ هن نموني واڌارو ڪيان ته اهو اسٽيٽمنٽ مڪمل ٿي ويندو..”سنڌ جي 55 هزار اسڪولن مان اڪثريت ۾ بجلي، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، فرنيچر ۽ ليٽرين جو ڪو بندوبست ناهي.“ ڇا اهڙي ماحول ۾ سنڌ جي مسقبل جو نسل واقعي به علم ۽ حرفت جا خزانا ڳولهي هٿ ڪرڻ جي قابل ٿي سگھي ٿو؟؟؟ ڇا اسان اهڙي بيمار ماحول ۾ رهي دنيا جي تيز ترين رفتار سان پاڻ گڏجي هلڻ جهڙا ٿي سگھون ٿا؟ ڇا اهو سنڌ جي ٻارڙن جو بنيادي حق ناهي ته کين صاف، سٿري ۽ آرام ڏيندڙ ماحول ۾ تعليم مهيا ٿئي؟ ڇا اهڙين حالتن هوندي اسان جا حڪمران ”ملنيم ڊيولپمنٽ گول“ وار هدف کي پهچي سگھن ٿا؟ ٻيو منهنجو سوال هي آهي ته انهن سهولتن جي مهيا ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي...انهن پنهنجي ذميوراري نڀاهي آهي...جي اها پوري ڪري نه سگھيا آهن ته انهن ڪامورن، وزيرن ۽ سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي پنهنجي ناڪامي جو اعلان ڪندي استعفا نه ڏيڻ گھرجي؟؟؟؟؟؟؟؟؟هت معاملو محض ٻن ڏينهن جي موڪل جو ناهي هت ته ٻارنهن ئي مهينا موڪلون آهن....ڪامورا، استاد، ٻار سڀ،،،،، مان ائين چوندس ته سنڌ جي تعلمي ئي موڪل تي آهي..............۽ ان کان هزارين دفعا وڌيڪ ايذائيندڙ سچ اهو آهي ته ان ڳالهه جي پرواهه به ڪنهن کي ناهي!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!

سياڻا ماڻهو اياڻا ماڻهو

 هڪڙي هئي بي نظير ڀٽو، جنهن جي مرتئي تي غريب، بي سهارا، اٻوجھ خلق خدا رت جا ڳوڙها ڳاڙيا هيا ۽ کين پنهنجي هئڻ جو احساس ئي ختم ٿي ويو هيو ۽ هڪڙا هيا اسان جي ملڪ جا سياڻا ماڻهون، پڙهيل لکيل، زميندار ۽ سرمائيدار سياستدان جن شهيد راڻي جي وارثي ڪئي ۽ سندس وهايل رت کي نهايت مهارت ۽ مناسب نموني اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ استعال ڪيو هيو...غريب بي سمجھ عقل کان وانجھيل، اڻ پڙهيل هيا، کين زماني سازيءَ جي هوا به لڳل نه هئي ان ڪري اهي وڌيڪ ذليل و خوار، ٿي ويا، ٻيو ته ٺهيو شهيد راڻيءَ سان وفاداري تي به کين طعنا ۽ طنقا ملڻ شرو ع ٿيا..اهو ڪنهن ٻئي جو ڏوهه نه هيو سندن جهالت هئي جنهن کين تهان وڌيڪ عذابناڪ زندگيءَ ڏانهن ڌڪيو...۽ ٻيا جيڪي سياڻا هيا، انهن شهيد راڻي جي نالي روشن ڪرڻ لاءَ ڪيئي نيون گاڏيون خريد ڪيون، نوان بنگلا ٺاهرايائون، پنهنجي بئنڪ بئلنس ۾ سوين دفعا وڌيڪ واڌارو ڪيائون....ان نموني ماڻهن ڏٺو ته جيئري بي نظير کان مئل بي نظير سندن لاءِ ڏاڍي ڪارائتي آهي،،،جيئين ذولفقار علي ڀٽو، شاهنواز ڀٽو يا مرتضى ڀٽو هيا.....خبر ناهي اسان جي انهن سياڻن ماڻهن مستقبل لاءِ به ڪا تياري ڪئي آهي يا نه !!!!!ڏسون ته اهي سياڻا ماڻهون هن دفعي ڪنهن جي مقدس رت تي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪو شش ٿا ڪن؟؟؟؟؟؟اوهان وٽ جواب هجي ته مون کي ضرور ٻڌائجو....

 زندگیء سان روز ٿو ملٹو پوی!

زندگیء سان روز ٿو وڑھٹو بوی!

سڪون جی ڳولھا کندی، مون کی،

زندگیء لاءِ روز زھر ٿو پیٹو پوی۔

18/10/2015 in the morning on the road from Sukkur to Rohri/

عقيدي پرست ترقي پسند

 مان سنڌ جي هڪ سياستدان جي ڦوٽو تي ڪنهن عام پڙهندڙ جي هڪ اٿاريل سوال تي ان تنظيم جي ڪارڪن جو جوابي تبصرو پڙهي حيران ٿي ويس ۽ هڪدم منهنجي سمجھ ۾ ڪجھ ڳالهيون آيون ته اسان قومپرست ۽ ترقي پسند نه پر عقيدي پرست، سمجھ ڀريا سياسي ڪارڪن نه پر مريد قسم جا ڪارڪن آهيون جيڪي پنهنجي اڳواڻن کي آسمان مان لٿل، آب زم زم مان ڌوتل، سمورن علمن جو ڄاڻو، سمورن انساني غلطين کان مٿاهون سمجھون ٿا. ٻيو ته اسان جا سياسي ڪارڪن پنهنجو پاڻ کي به عام ماڻهن کان مٿاهين حيثيت ڏين ٿا ۽ حقيقت ۾ اهائي ديوار چين آهي جيڪا اسان جي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي الڳ الڳ پاسن تي بيهڻ لاءِ مجبور ڪيون بيٺي آهي. مان هي اسٽيٽس خلوص دل سان ۽ سکڻ ۽ سيکارڻ واري جذبي سان رکي رهيو آهيان جنهن مان ٻيو ڪوبه غلط مطلب وٺڻ نه گھرجي.

 تبصري جو جواب هن نموني حاڪمانه انداز ۾ ڏنل آهي؛

.

.

(ادا تنقيد سوچي سمجهي ڪندا ڪريو،[حاڪمانه انداز جنهن ۾ ڌمڪي آهي]

 ...۽ 

... جهڙي ڪردار تي لکڻ کان پهرين ٿورو سوچي سمجهي لکندا ڪريو، جنهن پنهنجي پوري زندگي عوام لاءِ ارپي ڇڏي ۽ هن عمر ۾ به عوام لاءِ جاکوڙي رهيو آهي)[جيئن ته اڳواڻ پوري ڄمار ڪو سياسي وهنوار ڪندي گذاريو هو جنهن کي سندس پوئلڳ سمجھن ٿا ته ”هن پوري ڄمار عوام لاءِ ارپي ڇڏي هئي“ انڪري اهو سڀني تنقيدن کان بالاتر ۽ مٿاهون آهي، ساڳيو ڪم اسان جا مذهبي پنڊت به سرانجام ڏيندا آهن ته فلاڻو پير، خليفو، ملان مولوي وڏو الله لوڪ، پهتل آهي انڪري مٿس تنقيد ڪرڻ وارو ڪافر ۽ زنديق آهي، هنن ٻنهي روين ۾ ڪهڙو فرق آهي سواءِ نظرياتي سطح تي هِن يا هُن پاسي هئڻ جي]

Maa Jite bhi Hujaan Sindh Tunhjo thian|Sindh-Punjab Tour|3rd Episode

He Haseen Zindagi aen Guzri Waee|Sindh-Punjab tour|Episode 02

يار کي پرچائڻو آهي، زندگيءَ کي ٺاهڻو آهي| Sindh Punjab tour|1st Episode|...

Aya angan Ajeeb Naseeb bhala|Seengar Ali Saleem

Anwar Shah Dargah|Sufi Song|Awami Rang

Bashir Mangi|Sindhi Writer & Poet|Exclusive Interview|Sindhi Adabi Sangat

MEWO JOGI|ميوو جوڳي|MURLI|SINDHI FOLK MUSICAL INSTRUMENTS|

Donkey and Lion|Comparison|Psychological Analysis

Wull Chhal karke Aaya Meda Yaar|Fakir Nazir Bahalkani thalvi|Sufiana Kalam

Trailer of My Coming Vlog|Don't Miss it|Exciting Journey|Historical Plac...

Life after COVID-19|Jogging|

Career Counselling|E Commerce|Digital Marketing|Women Empowerment|Small ...

Tunhje nokhez nigahan khaan bachio ko konhe|Tribute Ustad Bukhari|Soofi ...

Pyar bhare do sharmile nain|Tribute Mehdi Husson|Qazi Ali Hussain

Meno tusadi o yaar chinta lag khari he|Javed Abbasi|Fakir Nazir|Sufi Son...

Kanh khe hee gham atta khuda na kare, Kanh Jo Jani juda khuda na kare|Ma...

Sunday, October 11, 2020

ثناء ﷲ بلو

 ثناءَالله خان بلو بلوچ 

سنڌ اندر جيڪي پڙهيل لکيل ماڻهن جا ڳوٺ آهن انهن ۾ ڪوٽ بلا جو نالو به نمايان آهي. هن ڳوٺ مان ڪيئي تعليمي ماهر، انتظامي اهلڪار، شاعر، اديب ۽ دانشور پيدا ٿيا جن پنهنجي سهڻي سڀاءُ ۽ پنهنجي تخليقي سگھ سان نالو ڪمايو ۽ ديس واسين جي خذمت ڪئي.

سائين ثناء الله بلو به ساڳي ڳوٺ جو هڪ کاهوڙي ڪردار آهي. سائين ثناءَ الله بلي صاحب سان گورنمنٽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ سالن تائين گڏ ڪم ڪرڻ، ساڻس گڏ سفر ڪرڻ ۽ آخر ۾ هڪ ٻئي جو پاڙيسري ٿي رهڻ جو موقعو نصيب ٿيو هو جنهن ڪري کيس سمجھڻ ۾ تمام گھڻي آساني رهي.

بلو صاحب عمر عزيز جا سٺ سال پورا ڪري 09 آڪٽوبر 2019ع جي ڏهاڙي سرڪاري نوڪريءَ جي حد پوري ڪري عزت ۽ احترام سان ايسوسئيٽ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائر ٿيا آهن.

جيتري قدر مان سمجھي سگھيو آهيان ته سائين ثناءَالله بلو صاحب جي شخصيت جهڙي ٻاهر نظر اچي ٿي اها ئي سندس اندر ۾ پڻ آهي. وٽس ڪابه مصنوعيت ناهي. هو پنهنجي دل جي ڳالهه وڏي واڪي ۽ علي الاعلان چئي ڇڏيندو آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪيل ڳالهين سان اختلاف رکڻ جون وڏيون گنجائشون هونديون آهن پر سندس خلوص ۽ اعتماد کي ڏسندي ساڻس اختلاف رکڻ تي شرمساري ٿيندي آهي. ثناءَ الله بلو صاحب جنهن به محفل ۾ هوندو ان جو مور هوندو آهي. وڏي واڪي ڳالهائڻ سندس قدرتي اسٽائيل آهي ان ڪري ائين لڳندو آهي ته اها ڪچهري نه هجي جهڙوڪر ڪو جرڳو هجي يا ڪنهن اين جي او جو گروپ ورڪ جو سيشن چالو هجي. سائين ثناءَالله بلو صاحب، سائين نورحسن لغاري صاحب ۽ سائين اعجاز ڪانهر صاحب جي ٽڪنڊي واري محفل جيڪا هو رات دير سان پٺاڻ جي هوٽل تي چانهه جي ڪپ تي روز مچائيندا آهن اها ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان به سندن شريڪ محفل رهندو آهيان جڏهن ته سائين امجد جتوئي صاحب پڻ ساڻن ساٿ ڏيندو آهي.

ثناء اللہ بلو صاحب ڀلي پار مان موٽڻ بعد حاجي صاحب جو لقب به ماڻي چڪو آهي جڏهن ته ڪاليج اندر ساڻس گهرائپ رکندڙ ڪليگ وري کيس "چاچو بلو صاحب" پڪاريندا آهن. حج کان اڳ ۾ شيو ڪندا هيا ۽ سندس وار ۽ مڇون هروقت چهچ ڪاريون هونديون هيون، ۽ سائين جن مون کي وقت سر رنگ نه ڪرڻ تي ٽوڪيندا رهندا هئا. ڀلي پار کان موٽڻ بعد سونهاري به رکيائون ته وارن جو رنگ روغن به ختم ڪري ڇڏيائون ان جي نتيجي ۾ هاڻي سندس مٿي توڙي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ ڪارو وار ڳولهڻ لاءِ خوردبيني واري اک ڌارڻي پئي ٿي. بلي صاحب جي ٻي خوبي خوش لباسي آهي. هروقت اڇا اجرا، ڌوٻيءَ جا ڌوتل (يا ڌوٻي ء جهڙا ڌوتل) ڪپڙا پاتل هوندا آهن. سگريٽ ۽ چانهه سندس ڪمزوريون آهن. 

ثناء اللہ بلو صاحب پنهنجي اولاد کان سواءِ پنهنجي ڀائٽن، ڀاڻيجن، ڇوڪرن کان سواءِ ڇوڪرين جي لاءِ پڻ بڙ جي گھاٽي ڇانو جهڙا رهيا آهن. سندس ڀائيٽا هنوقت تعليم جي اعلي منزلن کي پيا ڇهن بنا شڪ جي ان ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. بلو صاحب تمام گھڻي همٿ ۽ حوصلي وارو انسان آهن. پنهنجي اڪيلي پٽ جي علاج معالجي واسطي هو سکر لڏي آيو، پهرين خانگي مسواڙي جاءِ ۾ رهيو ۽ بعد ۾ سرڪاري مسواڙي ڪوارٽر کي اچي وسايائين. ان وچ ۾ پنهنجي پٽ جي علاج معالجي لاءِ ڪراچي جا اڻ ڳڻيا چڪر ڪاٽيائين ۽ نيٺ کيس سندس جهد جو ثمر مليو ۽ سندس پٽ صحت مند خوشگوار زندگي گذاري رهيو آهي. پنهنجي پٽن، ڀائٽن کان پوءِ هاڻي سندس سڄو وقت پوٽي ۽ پوٽيءَ سان گذرندو آهي، سچ ته اهو آهي ته هو ٻارڙن کي ريجهائيندو رهندو آهي.

ثنا ءَ الله بلي صاحب پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ ڪيئي ڪوششون ورتيون هيون جنهن ۾ ڪڪڙين جو فارم به شامل هيو اهو ڪم صرف اهي ڪندا آهن جيڪي عملي هوندا آهن جيڪي رسڪ کڻندا آهن. مون کي خبر ناهي ته کيس ان مان منافعو ٿيو يا مرڳو کيس گھران ڀري ڏيڻو پيو پر هڪ ڳالهه بهرحال طئي آهي ته کيس تمام وڏو تجربو ٿيو هوندو ۽ اهو تجربو کيس پنهنجي مستقبل جي منصوبن ۾ وڏي مدد ڏيندو. مون کي ان ڳالهه ۾ رتي برابر به شڪ ناهي ته ڪاميابيون بس اهي ئي ماڻيندا آهن جيڪي جوکم کڻندا آهن. بلو صاحب پنهنجي دل جو بادشاهه پڻ آهي. ٻيا اسان جهڙا سڌڙيا پروفيسر سڌون ڪندي رهجي ويندا آهن پر بلي صاحب برانڊ نئين جي ايل آئي ڪار خريد ڪري ڏيکاري جنهن تي هو ۽ سندس گھر جا ڀاتي آساني سان سفر ڪري رهيا آهن. 

مان سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهندي اهو محسوس ڪيو آهي ته مان پاڙيسرين جي حساب سان تمام گھڻو خوشنصيب رهيو آهيان. لغاري خاندان هجي، سائين احمر جو گھر هجي ۽ وري اتي ثناءَالله بلي صاحب جي رهائش به هجي ته اوهان کي پنهنجي گھر متعلق کٽڪي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. مان ان معاملي ۾ انتهائي بي ڪار انسان رهيو آهيان پر نورحسن لغاري صاحب، سائين غلام حسين لغاري صاحب ۽ ثناءَالله بلي صاحب جي هوندي جيڪڏهن بجلي جو ڪو مسئلو پيدا ٿي پوندو هو يا گٽر اٿلي پوندا هيا ته مٿي ٻڌايل سڀ منهنجا پرين پيارا ان گڏيل ڪم کي ان نموني سرانجام ڏيندا هيا جهڙوڪر اهو رڳو سندن اڪيلي گھر جو مسئلو هجي ۽ مجال آهي ته رڳو هڪ دفعو به پنهنجي زبان تي ڪو شڪايت جو حرف به آندو هجين. سائين ثناءَالله بلو صاحب ۽ منهنجو گھراڻو هاڻي ڪو الڳ الڳ گھراڻا ناهن رهيا. اسان ٻئي خاص ڪري سندس خلوص ۽ سهڻي سڀاءُ ڪري ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن لهار لپيٽيو وانگر ساڳي زنجير جا ڪڙا بڻجي ويا آهيون. 

مان اڄ کيس پنهنجي سرڪاري نوڪري جي پڄاڻي تي مبارڪباد پيش ڪندي دعا ٿو ڪريان ته شل سائين جن صحت سان، خوشحالي سان، خوشي سان، عزت ۽ وقار سان وڏي ڄمار ماڻين.

قابل پلھ

 قابل پلهه جي اتساهيندڙ زندگيءَ جو سفر

ڪنب شهر کان ٿورو اڳيان حاجي امام بخش پلهه جو ڳوٺ واقع آهي جتي منهنجا جگر پلهه برادران اسحاق پلهه، پنهون پلهه، قابل پلهه، مدن پلهه (مرحوم) رهندا آهن. خيرپور ۾ منهنجا جيڪي ڪيئي ڳوٺ/گهر آهن انهن ۾ هي به هڪ آهي.

قابل پلهه سان منهنجيون ڪيئي يادون سلهاڙيل آهن. اسان سياسي سفر ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سجاڳي جا سڏ ڏنا، خيرپور کان راهوڪي تائين پيادل لانگ مارچون ڪيون ۽ پنهنجو پاڻ کي مڪمل نموني پنهنجي قوم، عوام ۽ انسانيت جي مڪمل آجپي ۽ آزادي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. رات هجي يا ڏينهن طوفان هجي يا مينهن اسان کي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه هوندي هئي. قابل پلهه سالن جا سال رڳو انقلابي رومانس ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي، سر جو سانگو لاهي محترم رسول بخش پليجو صاحب جو گارڊ ٿي ڪري ڪم ڪيو هو. تصويرن ۾ قابل پلهه جي ڪلاشنڪوف سان برادرم شاهنواز راڄپر سان جيڪا تصوير آهي ان دئور جي آهي.

پوءِ جڏهن سياسي زلزلا آيا، پارٽيءَ تي سر گهوريندڙ کي غدارن جا لقب مليا، اڳواڻ کان سواءِ سمورا ڄٽ ڊڪليئر ٿيا ته شاهنواز راڄپر هجي يا قابل پلهه، سائين ڪرم حسين وساڻ هجي يا ٻيا سوين ڪارڪن وائڙا ٿي ويا، بقول شاهنواز راڄپر جي ته ان وقت خودڪشي ئي هڪ رستو بچيو هو ته اسان سڀني زندهه رهڻ جا نوان گس ڳولهيا.

قابل پلهه ڪنب کان راڻيپور تائين سوزوڪي تي پهرين ڪنڊڪٽري، پوءِ ڊرائيوري ۽ پوءِ انهن جي وڪري ۾ بروڪر ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. قابل پلهه پنهنجي ڪم ۾ سڀ توانايون لڳائي ڇڏيون هيون ۽ هوريان هوريان هو پنهنجي ان ڪم ۾ واڌارا ۽ سڌارا آڻينديون رهيو سوزوڪين جي وڪري کان پوءِ ڪارن ۽ ٻين گاڏين جي خريداري، وڪرو ڪرڻ لڳو، پهريون هن هڪ ننڍڙو دڪان آفيس طور ڪرائي تي ورتو هو بعد ۾ هڪ وڏو شوروم ڪرائي تي وٺي ڪم ڪندو رهيو ۽ هاڻي هن پنهنجو ڪروڙن جي ملڪيت جو پنهنجو شو روم جوڙايو آهي.

مان سمجهان ٿوته هٿين خالي ڪاروباري سفر جي شروعات ڪندڙ قابل پلهه جيڪڏهن مون وانگر سرڪاري نوڪري ڪري ها گزييٽيڊ آفيسر ٿي ها 19 گريڊ ۾ به پهچي ها ته هو مون وانگر رٽائرمينٽ تائين رڳو گهر به جوڙائي نه سگهي ها، مون وانگر هينڊ ٽو مائوٿ ئي رهي ها وٽس ٽڪو به بئنڪ بئلنس نه هجي ها.

هي قابل پلهه جيڪو مون کان گهٽ پڙهيل آهي، عمر ۾ مون کان ننڍو آهي، مون کي پنھنجي سياسي استادن ۾ شمار ڪندو آهي اهو پنهنجي هن عمر ۾ هڪ ڪامياب ڪاروباري انسان آهي جنهن وٽ پنهنجا اثاثا آهن، سندس نوڪري ڪندڙ وڏي ڀاءُ اسحاق پلهه يا مون وٽ ڇا آهي؟

مان هن ننڍڙي لکڻي ذريعي سنڌ جي انهن نوجوانن جيڪي سرڪاري نوڪري جي ڪڍ مجنون وانگي ديوانا آهن انهن کي پيغام ٿو ڏيڻ گهران ته اوهان جيڪڏهن واقعي به زندگي ٺاهڻ ٿا گهرو ته ڌنڌا ڪيو، ڪاروبار ڪيو ها جهڙي تهڙي حياتي گذارڻ ٿا چاهيو ته ڀلي نوڪري لاءِ سوچيو.

Palh Qabil Ishaq Palh, Shahnawaz Rajper

Tuesday, October 6, 2020

ويهڻ مون نه وڙاءِ؛ شاهنودي بادشاهه کان علي علمدار تائين جابلو سير (07 آڪٽوبر 2018ع)

 

جهڙي نموني ٿر تي بارش جي ڪا بوند پوندي آهي ته ٿري ڪٿي به هجي پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽ ڪندو آهي ان ساڳي نموني جڏهن چٽ ڀڄڻ جا آثار ٿيندا آهن، سر نسرندا آهن ۽ اترڙو لڳڻ شروع ٿيندو آهي ته منهنجي دل ۾ پنهنجي پاڙيسري جبلن جي سير جا اڌما اندر ۾ اٿڻ شروع ٿيندا آهن. حقيقت ته اها آهي ته مون کان به ڪيئي دفعا وڌيڪ اها حالت اسان جي ٽولي جي ساٿين هرهڪ فيض علي ڪٽوهر، گل بهار ڪٽوهر سندس پٽ سيف علي ڪٽوهر، منصور بليدي، آصف رضا نظاماڻيءَ جي پڻ هوندي آهي ۽ اهي ور ور مون کان پڇندا رهندا آهن ته ”سائين ڪڏهن ٿا جبلن جي ياترا جو پروگرام ٺاهيو“. موسمي تبديلين ڪري هاڻي پاڻ وٽ سيارو ته بس مهمان ٿي ايندو آهي، اڳ اهو چار مهينا ترسندو هو هاڻي ته ڏيئي وٺي نومبر جي پندرهين کان فيبروري جي پهرين هفتي تائين ترسي گم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ گرم موسم، گهٽ ٻوسٽ سان گڏ بجليءَ جا نخرا شروع ٿي ويندا آهن ۽ دوزخ جي باهه جهڙي ساڙيندڙ گرمي ۽ لڪ وڍ وجھڻ لڳندي آهي. ان ڪري اتفاق سان جڏهن ڪڏهن موسم جھڙالي يا ٿڌي سمجھندا آهيون ته مڪمل سياري اچڻ جو انتظار ڪرڻ بدران سندرا ٻڌي نڪري پوندا آهيون. هن دفعي به جڏهن راتيون ٿڌيون ٿي چڪيون هيون ۽ ڏينهن جو ٿڌي هوا جي گھلڻ جا امڪان به ها ته اسان ان کي غنيمت سمجھي 07 آڪٽوبر 2018ع آچر ڏينهن جبل سان ملاقات لاءِ پروگرام جوڙيو هوسين. آصف رضا نظاماڻي کي شايد نياپو ملي نه سگھيو جڏهن ته منصور بليدي کي پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪنهن اسائنمنٽ تي وڃڻو هو انڪري مان، گل بهار، سيف علي، فيض علي ۽ سندس ننڍڙو پٽ مصور علي تي ٻڌل قافلو هن مهم تي روانو ٿي سگھيو هو. وقت جي بچت کي نظر ۾ رکندي اسان ناشتو تيار ڪرائي ساڻ کڻي هليا هياسين ۽ اهو شاهنودي بادشاهه جي درگاهه تي نوش فرمائي پنهنجن وڏڙن جي قبرن تي قلن جا گل نڇاور ڪري پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي سين. مون فيض عليءَ کان پڇيو هو ته ”اڄ ڪهڙي پاسي هلون“؟ هن وراڻيو هو ته اڄ جبل جي پيٽ ۾ هلڻ بدران جبل جو پاسو وٺي ٿا هلون“. پاڻيءَ جي بوتلن سان ڀريل ڪپڙي جي ڳوٿري گل بهار جي حوالي هئي جيڪا فيض علي گھران کڻي آيو هو جڏهن ته مون پنهنجي ڊائري، قلم، لٺ، چشمو ۽ مٿي جي ٽوپي کڻڻ نه وساري هئي. فيض عليءَ کي پڻ پنهنجو ٽوپلو پاتل هو، جڏهن ته اسان سڀني کي جوگر پاتل هيا. اهو صبح جو وقت هيو، هوا به گھلي رهي هئي، پٽ جھرڪيون به اڏامندي نظر اچي رهيون هيون. اسان جيئن ئي شاهنودي بادشاهه واري قبرستاني علائقي کي بعد ناري ڏانهن ويندڙ روڊ کي ٽپي ٻئي پاسي پهتاهياسين ته اتان ريتي بجريءَ جي نڪاسي ڪري اهو علائقو پنج ڇهه فوٽ کوٽيل نظر آيو هو. پنجن ڇهن فوٽن جي کوٽائي بعد ڪٿي ڪٿي اسان کي ڳاڙهسري بجريءَ سان گڏ ڀڳل ٺڪرن جا ٽڪڙا به ملي رهيا هيا جن مان ڪي ڪُنين جو وٽيُون، هيون ته ڪي انهن جا ترا پئي لڳا ان مان اسان اندازو لڳايو ته هن زمين تي پنجن فوٽن جي واري جي ڄمي وڃڻ کان کان اڳ به اتي ڪي انسان رهندا هيا ۽ اهي انهن جون نشانيون آهن. اڳئين دفعي اسان کي ڇتن شاهه بادشاهه جي ڀرسان زرتشن جي عبادگاهه وٽ به ڪيئي سرون مليون هيون جن مان هڪ سر اسان پاڻ سان کڻي به آيا هياسين. اسان سان ويل هي آهي ته اسان ڪنهن به نموني انهن ملندڙ انساني آثارن جي ڪٿ ڪري نه ٿا سگھون ته اهي ڪيترو پراڻي دئور جا آهن، ڇوته ان لاءِ ليبارٽري ٽيسٽون ضروري آهن. ها پر اسان هنن جابلو وادين ۾ گھمندي گھمندي هاڻي ان جي بڻاوت ۽ اڏاوت ۽ مٽي ۽ ڀٿرن جي مختلف نمونن کي ڏسي آساني سان سمجھي ويندا آهيون ته هي ڪهڙي قسم جو علائقو هوندو. مثال طور هنن جبلن ۾ ڪجھ اهڙا ٿاڪ آهن جتي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ سپون آهن جيڪي هاڻي فاسل جو درجو ماڻي پٿر ٿي ويون آهن. جتي اهي سپون ملنديون آهن ته اسين سمجھي ويندا آهيون ته جڏهن هي علائقو سمنڊ هيو ته ان خاص ٿاڪن تي آبي جيوت آنا ڏينديون هيون. هن ئي جابلو سلسلي ۾ وري ڪي جبل ڪجھ چوٽيون اهڙيون آهن جتي ڊائنو سار ٽائيپ جانورن جا فاسل دفن ٿيل آهن. ڪجھ ماٿريون جت ميلن ۾ پکڙيل زمين تي چرٽ جا گھڙيل ڀٿر ڏسندا آهيون ته سمجھي ويندا آهيون ته هي علائقو پيليو ليٿڪ دئور جي انسانن جي ورڪشاپ وارو آهي. ماٿري مان جاءِ جاءِ تان بجري ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن ڪري اهو علائقو کڏن سان ڀريل آهي. انهن کڏن کوٻن ۾ ڪرندا وري اٿندا هلندا رهياسين ته سامهون ڪٽوهر ٽڪري نظر آئي جنهن جي مٿان محرابي گيٽ جڙيل آهي ۽ جنهن کي مون ۽ يوسف ڪٽوهر گڏجي سر ڪيو هو. اهو به هڪ گرم ڏينهن هيو ۽ ٽڪري تي چڙهندي منهنجو ساهه ئي سڪي ويو هو. اسان ڪٽوهر ٽڪري جي ڏاکڻئين پاسي کان چڙهيا هياسين جيڪو صفا اڀو ۽ لسڙاٽ هو ۽ جنهن تي چڙهڻ ئي وڏو جوکم جو ڪم هو پر عشق جوکم کڻڻ لاءِ سندرا ته ٻڌرائيندو آهي اسان به ان عشق جي آڌار تي اها مهم ڪاميابيءَ سان پار ڪري آيا هياسين.

هن دفعي اسان کي ڪٽوهر ٽڪريءَ جي ڀرسان تلور به پنهنجو ديدار ڪرايو هو ۽ ٽڪري جي چوٽيءَ تي هڪ عدد گدڙ پڻ اسان ڏانهن ڪافي وقت نهارڻ بعد پنهنجي رستي سان هليو ويو هو. جابلو واديءَ ۾ هلندي سواءِ مصور جي اسان سڀني جون نظرون جابلو واديءَ جي زمين ۾ کتل هيون ۽ جيئن ئي ڪو فاسل، ڪو انوکو پٿر، ڪو هڏو نظر پئي آيو ته ان تي گڏيل تبصرو شروع ٿي پئي ويو. اتي ئي هڪ برساتي نئين کي ٽپي رهيا هياسين ته ان جي پيٽ ۾ سڪل ويل ديويون دانهون ڪري ٻڌائي رهيو هيون ته ”ڏسو اسان ڪيترو نه اڃايل آهيون! سالن کان برسات جي ڪا بوند ڪڻي به ته اسان جي مٿان نه وسي آهي جنهن ڪري اسان جي چهچ ساون پنن واري لباس جو نه رڳو رنگ ڦٽي چڪو آهي پر اسان جا اهي ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي اسان جي بدن کان لاڳاپو ڇني ڪري هوا ۾ اڏامي زمين ۾ دفن ٿي رهيا آهن“ ها پر انهن اسان سان اهو وعدو به پئي ڪيو ته "جيئن ئي ڪا بوند وسي ته هو وري پنهنجي جوڀن ڏانهن موٽي ايندا ۽ سائو ويس اوڍيندا". موسم خشڪ هجي يا ٿڌي هجي، جبل هجي يا وارياسا پٽ هجن، برف هجي يا سمنڊ زندگي جت ڪٿ ماحول سان مطابقت پيدا ڪري پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي اچي. جبل ۾ اسان وڻن ٽڻن، گلن ٻوٽن، گاهن سان گڏ گدڙ، هرڻ (جن جو نسل به هاڻي هنن جبلن مان شڪارين ختم ڪري ڇڏيو آهي)، نانگ، لنڊيون، سانڊيون، ڪبوتر، تلور، ڳيرا، ڦوسيون،  تتر ۽ جھرڪيون، (تترن جو نسل به هاڻي شايد ختم ٿي چڪو آهي) ڏٺيون جھرڪين ۽ تترن کي مقامي ماڻهو پٽ جھرڪيون ۽ پٽ تتر چوندا آهن. انهن جو رنگ بلڪل جبل جي رنگ سان مشابهت رکندڙ هوندو آهي. خبر ئي نه پوندي ته اهي ڪي پکي/جيت جڻيا آهن يا جبل جا پٿر جا ٽڪر!.  ان ڪٽوهر ٽڪريءَ جي جڏهن ٻئي اترئين پاسي پهتا هياسين ته اتي ته کيل ئي ابتو هيو. وڏيون وڏيون ڇپون مٿان هيٺ ڪرندي ڪرندي رستي تي ڪنهن ٻي ڇپ جي آڏو اچڻ ڪري اتي ڄمي بيهي رهيو هيون، ائين پئي لڳو ته هن پاسي کان ڪو زلزلو آيو هجي جنهن هر پٿر کي پنهنجي طاقتور جھٽڪن سان اڏاري هيڏي هوڏي بيهارڻ تي مجبور ڪيو هجي. ڪٽوهر ٽڪريءَ جي پويان هڪ ڇپ کي ڪلهو ڏئي بيهي سيف عليءَ کي ڦوٽو ڇڪڻ لاءِ چيم منهنجا پويان به ڇا ياد ڪندا ته ڪو ته سندن خاندان ۾ رستم پهلوان هيو جيڪو جابلو ڇپن کي ڪلهو ڏيئي روڪي رکڻ جي سگھ رکندو هو. (دل ڪو بهلاني ڪي لئي غالب يه خيال اڇا هي) ۽ منهنجي اهڙي عمل کي ڏسندي سڀني قافلي وارن پڻ ان نموني جا ڦوٽوز  ورتا. ان ٽڪري جي پوئين پاسي کان اسان هڪ وڏو غار به ڳولهي هٿ ڪيو هو جيڪو اندر تمام وڏو ۽ ڊگھو هو جيڪو دروازي وٽان ڪجھ سوڙهو هو ۽ ٿي سگھي ٿو ته صدين جي سفر ۾ اهو هيٺ سرڪي آيو هجي. منهنجو اندازو آهي ته اتي ضرور پراڻي غارن جي دئور جا انسان رهندا هوندا. مان ان پنهنجي ڳالهه تي زور ان ڪري به ڏيندس ته اهو غار جبل جي آخري ڇيڙي تي آهي ۽ ان غار ۾ رهندي سامهون سموري وادي ماڻهو جي نظرن هيٺ رهندي ۽ ڪنهن امڪاني خطري کان ماڻهو بروقت خبردار رهي پئي سگھيا. اندر اسين به ڪونه وياسين جو اسان وٽ ڪوبه حفاظتي هٿيار نه هو ۽ اندر ڪو جانور يا ڪا نانگ بلا به ٿي سگھي پئي. ان جبل جي ٿوري گھڻي چڙهائي ڪري، ڦوٽو ڇڪڻ سان گڏ ٻه عدد لائيو وڊيوز فيس بوڪ تي پڻ هلاياسين جو اتي به زونگ جا سگنل اچي رهيا هيا. انهن سرگرمين بعد جبل جي پاسي کان وري سفر شروع ٿيو. سامهون ڪجھ ٽڪرين کان پرڀرو جبل جي چوٽيءَ تي علي علمدار جو آستانو نظر اچي رهيو ۽ اتان آستاني تي پوکيل وڻن کي به ڏسي پئي سگھياسين. مون چيو ته ”ڏيو خبر علي علمدار هلجي يا هتان کان ئي موٽ ڪجي؟“ ياد رهي ته انوقت گرمي به پنهنجيون اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون هيون. گل بهار ۽ سيف علي جن جو خيال هو ته موٽ ڪجي پر فيض علي سندس معصوم پٽ مصور جو اصرار هو ته اڳتي هلجي، نيٺ سفر کي اڳتي جاري رکڻ جو فيصلو ٿيو. هاڻي وري ماٿريون هيون ۽ اسان هياسين علي عملدار چوٽي جي پاڙي ۾ هڪ ٻي غار جيڪي وڏي چُر نما هئي اها به نظر آئي ويجھو وڃي جاچ ورتي سين ته ان جو آخري ڇيڙو نظرن کان اوجھل هيو ۽ خبر ئي نه پئي ته اها ڪيتري ڊگھي چُر آهي. اسان موبائيل جي ٽارچ ٻاري ڏسڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر ان جي روشني صفا ناڪافي هئي انوقت مون کي احساس ٿيو ته اسان کي پنهنجي هنن سفرن ۾ طاقتور ٽارچ به رکڻ گھرجي ته جيئن اسان هن قسم جي صورتحال ۾ ان کي استعمال ڪري سگھون. اها چر نه ته گھڻي ويڪري هئي جو ماڻهو بيهي يا ڊونڊڙو ٿي ان ۾ اندر وڃي سگھي ۽ نه ئي ايتري سوڙهي هئي ته ماڻهو صفا داخل ئي ٿي نه سگھي. ان جي اندر ماڻهو بانبڙا ڏيئي بهرحال  وڃي پئي سگھيو پر اسان جو اهڙو ڪوبه موڊ نه هو. گذريل موسم جي رولهڙن ۾ مون ان ئي پاسي هڪ غار جو ڦوٽو ورتو هو ۽ جنهن ۾ ڪنهن جانور جون ٻه اکيون ٻرندي نظر آيون پئي ۽ اسين امڪاني طور اهڙي ڪنهن جانور جو هن غار ۾ هئڻ ۽ ان هٿان زخمي ٿيڻ جو جوکم کڻڻ جي بلڪل به موڊ ۾ نه هياسين.

علي علمدار جي ٽڪريءَ تائين پهچندي منهنجو ساهه ته صفا چڙهي پيو هيو. جيئن حيدرآباد ڪراچيءَ وچ ۾ نوري آباد کان بعد چڙهائي تي چڙهندي لوڊ ٽرڪون چنگھي پونديون آهن ساڳي ڪار مون سان پڻ اتي ٿي هئي. هوريان هوريان مٿي ويندي، پاڻي واپرائيندي جڏهن آخري ڏاڪڻ تي چڙهيو هوم ته چئن قدمن جي درگاهه تائين وڃڻ بدران اتي اس ۾ ويهي رهيو هوم، جتي تيز هوا جا جھُوٽا سرير کي سڪون ڏئي رهيا هيا. هيٺ تمام هيٺ ماٿري ۾ هڪ پاڻي جو حوض جڙيل نظر اچي رهيو هو جيڪو انوقت به پاڻيءَ سان ڀريل هئو ۽ اتان کان ئي مٿي درگاهه تي پاڻي رسائڻ لاءِ پلاسٽڪ جو ننڍو پائيپ لڳل هو ۽ جيئن ته درگاهه ۾ بجليءَ جو انتظام پڻ ٿيل هو ته موٽر هلائي ان پائيپ رستي پاڻي مٿي آڻڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. ان پاڻيءَ جي اتي پهچ ڪري ئي اهو ممڪن ٿي سگھيو هو ته درگاهه جي آس پاس ڪيئي وڻ جابلو تيز هوا جي تعاون سان پنهنجن ساون پنن کي لوڏي جھمريون هڻي اسان جو استقبال ڪري رهيا هيا. درگاهه جي صحن ۾ ئي هڪ ننڍڙي لانڍي جڙيل هئي جنهن ۾ پنج ڇهه ناديون پاڻيءَ جو ڀريون پيون هيون. هونئن هن درگاهه تائين رسائي لاء تمام سٺو رستو جوڙيل آهي ۽ اتي ٿورو هيٺ موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن بيهارڻ لاءِ گيريج جو ڇپرو پڻ ٺهيل آهي. انوقت به هڪ خيبر ڪار ۽ هڪ آٽو رڪشا سان گڏ ڪيئي موٽر سائيڪلون پارڪ ڪيل هيون. هن درگاهه جا زائرين پنهنجي نجي سوارين جهڙوڪر موٽر سائيڪلن، رڪشائن ۽ ڪارن تي چڙهي ايندا آهن. اسان سيلانين جو قافلو جڏهن پنڌ ئي پنڌ مٿي چڙهي رهيو هو ته مٿان ڪي ٻار اسان کي حيرت سان ڏسي رهيا هيا ۽ سوچي رهيا هوندا ته ”هي چريا ڏسو ڪنهن سواري تي اچڻ بداران پنڌ پيا اچن!“. جڏهن اتي پهتو هوم ته سڀ کان پهرين انهن ٻارڙن کي ”اسلام عليڪم ياعلي مدد“ چئي هٿ ملايو هوم جيڪي پنهنجي مائٽن سان گڏ اتي گھمڻ آيا هيا ۽ جبل جي چوٽي تان چوگرد گھمي ڦري قدرتي حسن جي نظارن مان حظ حاصل ڪري رهيا هيا. ٿوري جھٽ ساهه پٽي درگاهه ۾ پهتم جتي اسان جي قافلي جا ٻيا ساٿي اڳ ئي پهچي چڪا هيا ۽ علي علمدار جي ڊگھي قبر واري ڊگھي چپوتري اندر لڳل سهڻن ٽائلس تي ويهي سفر جا ٿڪ ڀڃي رهيا هيا ۽ تمام ڊگھي قبر کي حيرت سان ڏسي رهيا هيا. ان قبر جو منهن اولهه طرف جڏهن ته پير اوڀر طرف هيا. قبر هڪ ڊگھي ڪاري چادر سان ڍڪيل هئي ۽ ان مٿان وري ٻيون ننڍيون چادرون جن تي قل شريف لکيل هيا اهي به رکيل هيون. قبر جي لانڍي تمام خوبصورت انداز سان جڙيل هئي، هوا جي داخلا ۽ نڪاسي لاءِ چئني پاسن کان بندوبست ڪيل هو. ڪنهن دوست اتي اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته درگاهه جي اها جڙت، آرائش ۽ تزئين سيد خورشيد احمد شاهه صاحب جن ڪرائي آهي. ان قبر جي آستان ٻاهريان ۽ پوري ان ماٿريءَ تي چوگرد مختلف قسم جي وڻن سان گڏ غازي عباس جا علم لڳل هيا جيڪي انوقت هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هيا. لانڍيءَ جي ڀرپاسي ۾ ڪي دوست نياز لنگر تيار ڪندي بلند آواز ۾ حيدري نعرو (نعره حيدري-ياعلي) پڻ لڳائي رهيا هيا. جڏهن ته درگاهه اندر زائرين جي اچ وڃ ۽ دعائن جو سلسلو به هلندڙ هو. سکر ۾ جتي اسين رهندا آهيون ته اسان جي گھر جي بلڪل سامهون چيهل شاهه بادشاهه جي درگاهه آهي ان درويش جو قد نوگز ٻڌايو پيو وڃي ۽ ان نسبت سان سندس قبر به نوَ گز ڊگھي آهي ۽ ان ڪري سکر ۾ اهو نوَ گز پير جي نالي سان مشهور آهي. اهڙي هڪ ڊگھي قبر بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ خواري بابا جي پڻ آهي جتي مان ٻه دفعا وڃي چڪو آهيان ۽ خواري بابا جي متوليءَ جي قهوهه جي سبيل به پيتي اٿم پر هي ته معاملو نو گزن کان تمام گھڻو چڙهيل آهي فيض علي ماپ وٺي ٻڌايو ته پورا پنجاهه فوٽ ڊگھي قبر آهي. ان متعلق وڌيڪ تفصيل به فيض عليءَ ئي ٻڌايا ته اها ڪنهن ماڻهو جي قبر ناهي پر اهو ڪاٺ جو ڊگھو علم هو جيڪو جڏهن شهيد (ڪاٺ جو علم جڏهن زبون ٿي ويندو آهي، ڳري ويندو آهي يا ڪن به سببن ڪري ٽٽي پوندوآهي ته ان کي علم جو شهيد ٿيڻ چيو ويندو آهي) ٿي ويو ته ان کي اتي پوريو ويو آهي. درگاهه جي مهڙ تي مختلف رنگن جي موتي داڻن سان جڙيل خوبصورت موڙ پاتل هو جنهن جي مٿئين پاسي 786 ۽ ان جي هيٺيان انهن موتين سان ئي پير سيد علي علمدار شاهه بادشاهه لکيل هو، اتي ئي هڪ تسري لوڻ جي ڀريل پئي هئي ۽ ان جي ڀرسان چندي چاڙيءَ لاءِ پيتي پڻ رکيل هئي. هڪ ننڍڙي پينگهي ۾ زائرين جي تلاوت ڪلام پاڪ جي سهولت خاطر قرآن شريف پڻ رکيل هو جنهن جي مٿان ريشمي رومال پيل هيا. مون اتي سوچيو هو ته ڪيئي اسان جا دوست ان کي بدعت به قرار ڏيندا پر مون کي ان ڳالهه جي خوشي هئي ته هاڻي اها ٽڪري آباد ٿي ويئي آهي ۽ مون جهڙي ڪنهن به فطري حسن پرست کي ٻيو ڇا گھرجي، هو اتي اچي چانڊوڪي راتين کي واديءَ ۾ اڀرندي ڏسي سگھي ٿو، سج جي پهرين ڪرڻن جو استقبال ڪري سگھي ٿو، اولهائين پاسي پوري ميداني علائقن ۾ کجين جي وڻن جي باغن جون خوبصورت قطارون به ڏسي سگھي ٿو ته جابلو چوٽي تي گھلندڙ سدا بهار هوائن جو هڳاءُ به حاصل ڪري سگھي ٿو. اهو ئي ته اسان به گھرون ٿا ته هنن ماٿرين جي حسين وادين کي آباد ڪجي، اتي سيلانين جي سهولت جهڙوڪر روڊ رستو، کاڌي پيتي جون شيون، حفاظت کي يقيني بڻائي هنن وادين کي بچائجي به ته انهن مان ڪمائجي پڻ. علي علمدار، ڇتن شاهه بادشاهه، اڌم سلطان، ڪالڪا ديوي جو مندر، نينهن جبل (چار ٽڪر جبل)،اڀن شاهه جهڙا نظارا هڪ ئي جابلو واديءَ ۾ ڪٿي هوندا! اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون ته اهو حسن ۽ اهي خوبصورتيون قدرت اسان کي پنهنجو پاڻ عطا ڪيون آهن پر افسوس ته اسان ڪيتري قدر نه بي قدرا، نادان ۽ جاهل آهيون ته انهن حسين ترين نظارن، ماڳن مڪانن جي خوبصورتين ۾ اضافو ڪرڻ بدران ميسارڻ جي ڪڍ آهيون. هي ته اسان تي انهن درويشن يا انهن درويشن سان عقيدت رکندڙ انسانن جن عنايتون آهن ته انهن هي درگاهون قائم ڪري جھنگل ۾ منگل ڪري رکيو آهي، ڪاش ڪا هوش مند حڪومت اچي ۽ هنن ماڳن کي ٽوڙڻ، تباهه ڪرڻ بدران ان کي سيلانين جي گھمڻ جهڙو جوڙي استعمال ڪري ته هوند هي سڄي وادي جرڪي ۽ مرڪي پئي. مون اتي دوستن کان قل پڙهائي اها دعا گھري ته ”مالڪ جي هن قبر ۾ ڪو انسان آهي ته ان جي روح کي ٻي صورت ۾ منهنجي وڏڙن جي روح کي قلن جو ثواب ڏيڻ جي عنايت ڪندا“ دعا گھري درٻار مان نڪري فقرائي ڪوٺيءَ ۾ سلام ڪري پهتاسين تي اتي ستل ڪجھ دوستن جي سرير ۾ جهڙوڪر ساهه پئجي ويو ۽ اهي سڀئي اٿي ڪري وڏي اڪير سان ڀاڪر پائي مليا، ائين ته لڳي ئي ڪونه پيو ته اسان هڪ ٻئي کان واقف نه هجون يا اسان جي هي ڪا پهرين ملاقات هجي! اسان اڃا اتي وڇايل رلين تي پنهنجو وجود ئي مس جهڙو رکيو هو ته  بي تڪلفي سان ساڻن ڪچهريءَ جي شروعات ٿي ويئي. اتي هڪ جھونو ويٺل هو جنهن سان فيض علي حال احوال وٺڻ شروع ڪيا ته هن ٻڌايو ته هو حسين آباد جو اڄڻ آهي. حسين آباد ۽ اسان جو ڳوٺ هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن ان ڪري اسان سندس مٽن مائٽن جا نالا کنيا ۽ هن وري اسان جي پاسي پنهنجي واقف ڪارن جي پڇا ڪئي. حالي حوالي ٿيندي ٻڌايائين ته هو ڪڙمي آهي ۽ پر ڪجھ عرصي کان سندس هڪ اک ۽ پير ۾ ”حساب“ ٿي پيو آهي ۽ هو ٽن ڏينهن کان درگاهه جي صحن ۾ پنهنجي چڱ ڀلائي جي نياءُ جي سلسلي ۾ ٽِڪيل آهي پر اڃا تائين پير کيس ڪو اشارو ناهي ڏنو. فيض عليءَ کيس تسلي ڏني ته ”تون گھٻراءِ نه بس اڄوڪي رات ۾ توکي نياءُ ملي ويندو“ يار ڏاڍو خوش ٿي ويو. غربت جو اٻوجهائپ، وهمن، وسوسن سان چولي دامن جو ساٿ آهي. ڪو غريب انسان جڏهن گھريلو سماجي وهنوارن يا بيمارين جي ور چڙهي ٿو وڃي ۽ وٽس انهن جي حل جي نه ته صلاحيت نه وسيلا ٿا رهن ته اهو پنهنجو پاڻ کي مطمئين ڪرڻ لاءِ پيرن فقيرن، ملن پنڊتن، درگاهن ۽ آستانن ڏانهن رجوع ٿو ڪري، ان عمل سان کين ٻيو ته ڪو ظاهري فائدو شايد نه ملي پر هو نفسياتي طرح ڪنهن حد تائين مطمئين ٿي موٽندو آهي ته “هاڻي مولا پنهنجن پيارن جي صدقي ضرور ڀلائي ڪندو”. ان کان پوءِ درگاهه جي متولي لُنڊ فقير سان ڊگھي ڪچهري ٿي. لنڊ فقير اسان جي سمورن وڏڙن کي سڃاڻي پيو. هو منهنجي پيدائش کان ٻه سال اڳ 1961ع ۾ ئي اسان جي ڳوٺ پنواڙي کي ڇڏي چڪو هو، مذيدار انسان هو وٽس ٻڌائڻ لاءِ ڪيئي قصا هيا جيڪي اسان ٿڪاوٽ ڪري ٻڌڻ جهڙا نه هياسين. ٿوري جھٽ ۾ لنڊ فقير بصرن ۾ ڪڪڙ جي آنن جو ٻوڙ، لسيءَ جو جڳ ۽ ڪڻڪ جي ماني جا اوڦراٽا کڻي اچي سموري فقراءُ جي سامهون رکيا. اسان کيس گھڻُوئي چيو ته بابا نياز تيار پيو ٿئي اهو کائينداسين ته وراڻيائين ”اهو به کائبو هي به مولا جو نياز ئي ته آهي“. ان مانيءَ تمام گھڻو مزو ڏنو، ماني ۽ ٻوڙ کائي لسيءَ جا ٻه گلاس جو پيتم ته ننڊاکڙو ٿي پيم، اڃا پير ئي نه ڊگھيريا هئم ته ٻاهران آواز آيو ته ٽوليون ٺاهي ويهو ته نياز ورهايون“  اهو نياز وري ماني کان وڌيڪ مذيدار هيو. ڪڪڙ جي گوشت سان تيار ڪيل برياني جنهن ۾ ڇولن سان گڏ مناسب مصالحآ پيل هيا جن کي کائيندي انهن مان هٿ ڪڍڻ لاءِ ئي دل نه پئي چوي ۽ مون کي وري هُرِکُرِ پنهنجي پيٽ جي هئي ته اڄ نه جلاب ٿيو ته ڪڏهن نه ٿيندو. مون کي مولا جيڪي مرض ڏنا آهن انهن ۾ هڪ اها مئي پيٽ جي بيماري به آهي، ٿورو کاڌو ناهي ۽ پيٽ خراب ٿيو ناهي. گذريل سال ته ان بيماريءَ ڪري تمام گھڻو لوڙيو هوم. اها برياني اڃا مس ختم ڪئي هئي سين ته فقراءُ چانهه جي سبيل کڻي آيا. مولوي صاحبن جي مسجدن ۽ مولائين جي آستانن تي اهو فرق سو ضرور آهي ته فقراءُ سڀ ڪجھ ونڊي ورڇي کائيندا آهن، جيڪو ونڊ مليو سڀني جي سامهون اچي رکبو، مولوي صاحبان وري رمضان ۾ چڱو چوکو الڳ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکي هائو مائو ٽاري اڪيلي سر نوش فرمائيندا آهن. انوقت ٻپهريءَ جو وقت اچي ٿيو هو، سج پنهنجي پوري آب تاب ۽ پوري گرمائش سان وادي ۾ پنهنجي حاڪميت قائم ڪري چڪو هو. منهنجي دل پئي گھريو ته ڏينهن ٺاري پوءِ اتان نڪرجي پر پوءِ وري يادگيري آئي ته ڳوٺ گھر جا ٻار سکر وڃڻ لاءِ صبح کان وٺي منهنجي انتظار ۾ ويٺا آهن جي اسان درگاهه تان دير سان نڪرنداسين ته پوءِ متان گھڻي دير نه ٿي وڃي. بس الله سائينءَ جو نالو وٺي واپسيءَ جو پروگرام جوڙي وري رکيوسين کڙيءَ تي زور پر هن دفعي ساڳين پيرن تي موٽڻ بدران جابلو سلسلي ۾ وچان هڪ شارٽ ڪٽ رستو ڳولهي لڌو هوسين. ڪٽوهر ٽڪريءَ جي اوڀارين پاسي کان جبل جي ننڍي چڙهائي چڙهي جو سامهون نهاريو سين ته سامهون روڊ پئي نظر آيو. هونئن صحرائن وانگر جبلن ۾ پڻ اهو نظر ايندو آهي ته اهو بس ويجھو پنڌ آهي پر جڏهن ماڻهو ان طرف هلڻ لڳندو ئي ته خبر پوندي آهي وڃ هي ته تمام پري آهي. ائين اتان کان نظر ايندڙ روڊ به ايترو ڪو ويجھو نه هو. ٻيو وري فيض علي جي ڪري منهنجي پنڌ جي رفتار به ڪجھ جھڪي ٿي پئي هئي جو موصوف تمام باريڪ بينيءَ سان هرهڪ ڀٿر جي حيثيت کي جاچي جوچي اڳتي قدم کڻي رهيو هو ۽ انوقت به جابلو ڀٿرن سان پنهنجي جھولي کڻي ڀري هيائين ۽ هر دفعي وانگر هن دفعي به سندس چوڻ هو ته ”يار هن جبل جي هر شيءِ قيمتي، تاريخي ۽ عجيب آهي، خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪهڙي شيءِ کي کڻجي ۽ ڪهڙيءَ کي اتي ڇڏجي“.  اتيئي مون کي انساني مٿي سان تمام گھڻي مشابهت رکندڙ پٿر مليو هو ۽ جنهن کي جڏهن فيس بوڪ تي ونڊيو هوم ته سائين طارق عزيز ڪولاچي صاحب ان تي هي تبصرو ڪيو هو:

(This is clearly seen as skull of a Homosapien or ape-like creature. Upper jaw n lower jaw r prominent. It's a gr8 discovery) 

۽ ان سان گڏ ڪال ڪري ان کي انوکي ڊسڪوري ڄاڻائيندي تاڪيد ڪيو هيائين ته اهو کيس ڪوئٽه موڪلي ڏياريان ته جيئن هو ان جي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائي ان جي عمر معلوم ڪري سگھي. اسان جو سفر جاري هيو ٿورو اڳيان هڪ جابلو لڪ جي اوٽ ۾ جتي ڇانورو هو ۽ هوا به گھلي رهي هئي ننڍڙي ساهي پٽي سين، پاڻي پيتو سين ۽ پوءِ وري ڇڪيو سين پنڌ کي، مان سڀني کان اڳ اڳ هلي رهيو هوس ۽ منهنجي دلي تمنا هئي ته هاڻي جيترو جلدي ماڳ تي رسجي اوترو سٺو، اهو دل ۾ سوچي مون روڊ وارو رستو ڇڏي جابلو چوٽين جي وچان ويندڙ رستوورتو هو. پويان سيف علي به منهنجو ساٿ ڏنو ۽ جيڪو پاڻيءَ جي هڪ ننڍي بوتل به کنيو آيو هو. باقي دوست روڊ واري پاسي کان واپس ٿيا هيا. ماٿري مان وڏي مقدار ۾ بجريءَ  جي ڪڍائي ڪري رستو ويتر ڏکيو ٿي پيو هيو ٻيو ته گرمي پنهنجي جوڀن تي هئي ۽ منهنجي رفتار به ڪجھ تيز ٿي ويئي هئي ٿورو اڳيان جبل ٽڪي پٿر ڪڍڻ وارن بگٽين جون ڪکائيون جھوپڙيون جڙيل هيون، انهن جا ٻار اسان کي رستي تان جاٺا هڻندي سهڪندي ڏسي محظوظ ٿي رهيا هيا جڏهن ته اتي موجود ڪجھ عورتن ۽ هڪ ٻن مردن اسان تي اڇاتري نظر وجھي نظر انداز ڪري پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا هيا جو انهن ان ساڳي روٽ تان اسان کي اڳ به ڪيئي دفعا ايندي ۽ ويندي ڏٺو هيو.جيئن ته اسان جو سفر جابلو وادين جي وچ ۾ هلندڙ هو ان ڪري وڏين ٽڪرين جي اوٽ ڪري هوا صفا بند ٿي ويئي هئي، مٿان گرمي ۽ پنڌ جنهن کٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. هاڻي منهنجي نظرن ڪنهن ڇانو جي ڳولا پئي ڪئي جتي ويهي ڪا ساهي پٽي سگھجي. ڪجھ وقت کان پوءَ هڪ انگريزي ٻٻر جو جھڳٽو نظر آيو ۽ ان جي ڏامين کي مٿي ڪري ڪنڊن کان پاڻ بچائي گھڙي سوا ويهي ساهه پٽيو هوم ۽ اتي مون کي اهو محاورو سمجھ ۾ آيو هو ته جهان درخت نهين وهان جهاڙي بهي درخت هي. ٿوري ساهي پٽي سيف علي کان بوتل وٺي ڍڪ پاڻي جو پيتم جيڪو انوقت اوٻاريل پئي لڳو. پاڻي سان منهن به ڌوتم ۽ هٿ آلا ڪري وارن کي پاڻي پهچايم. ساهي پٽڻ، پاڻي واپرائڻ ۽ مٿي جا وار آلا ڪرڻ واري عمل جسماني قوت ٿوري گھڻي بحال ڪئي ته وري سفر جاري رکيوسين پر ٿوري ئي دير ۾ مون کي سج جهڙوڪر کائڻ لڳو هو نيٺ جيئن تيئن ڪري شاهنودي بادشاهه جي ٽڪريءَ پويان ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ پهچي ان جي ڇانو ۾ آهلجي پيو هوم. اسان جو آخري معرڪو اڃا رهيل هو ۽ اها هئي شاهنودي بادشاهه واري چڙهائي. جبلن تي چڙهائي ڪندي ماڻهو جو ساهه چڙهي پوندو آهي اهو سوچي منهنجو ته اتان اٿي اها ننڍڙي چڙهائي ڪرڻ لاءِ دل ئي نه پئي چاهيو پر ان تي چڙهڻ ۽ ان کي پار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ته نه هيو. پاڻيءَ جي بوتل مان ساڳيو ڪم ٻيهر وٺي همٿ ڪري کڻي چڙهڻ شروع ڪيو هوم، سيف علي سائين ته جابلو ٻڪرين وانگي ٺينگ ٽپا ڏيندي چڙهائي ڪري رهيو هو جڏهن ته منهنجو هڪ دفعو وري ساهه منجھندي پئي محسوس ٿيو. انوقت مون پنهنجو پاڻ تي ملامت پئي ڪئي ته مون کي ڪهڙي لنڊي کاڌو هو ته اهڙين گرمين ۾ جبل جي سير جو پروگرام جوڙيو هوم پوءِ خبر ناهي ڪيئن شايد معجزاتي نموني اها ٽڪري سر ڪري وري چوٽيءَ تي ويهي تيزيءَ سان ڌڙڪندڙ دل جي رفتار جي نارمل ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيم ته هيٺيان گل بهار ۽ فيض علي هٿ لوڏي ۽ وڏي واڪي ڪجھ چوڻ پئي چاهيو، شايد منهنجي سلامتيءَ سان پهچڻ جو پڇي رهيا هيا. ساهن کي سنوت ۾ آڻي شاهنودي بادشاهه جي ٽڪري جي اڌ تي هڪ جابلو ڇپ هيٺيان جڙيل ڪمري جي صحن وٽ پهتو هوم جت جبل جي ڇانو هئي ۽ جتي رليون وڇايل پيون هونديون آهن. اسان کان اڳ ئي اتي هڪ سانورو جوان ويٺو هو جنهن سان هٿ ملائي مان اتي سمهي پيو هوس. طبيعت جڏهن خاصي بحال ٿي ويئي هئي ته نوجوان سان حالي احوالي ٿياسين. سندس نالو دلبر علي ذات ڦلپوٽو هئي. يار پريالوءَ ڀرسان ڦل ڳوٺ جو رهواسي هو. مون مٿس رعب وجھڻ لاءِ چيو ته ”دلبر اسان هتان کان علي علمدار تائين صبح جو پنڌ ويا هياسين ۽ هاڻي وري اتان کان ئي پنڌ واپس پهتا آهيون“ مون ڏٺو ته سندس منهن تي حيرت ۽ شڪ جون لڪيرون اڀري آيون هجن. وراڻيائين “اهو ته تمام وڏو مفاصلو آهي ۽ اوهان ائين ڇو ڪيو؟” هاڻي مان کيس ڇا ٻڌايان ها ته اسان ائين ڇو ڪيو اهو ته اسان جو معمول رهيو آهي. مون سندس جواب ڏيڻ بدران کانئس حال احوال ورتا. هاڻي منهنجي حيران ٿيڻ جو وقت هو. هن ٻڌايو هو ته “مان پنهنجي ڳوٺ کان هيستائين سائيڪل تي چڙهي آيو آهيان ۽ اهو منهنجو معمول آهي”. سندس اها ڳالهه ٻڌي منهنجو ٿڪ ڪافور ٿي ويو ۽ مان هن نوجوان کي دلچسپي سان ڏسڻ لڳس ۽ ڊائري کولي سندس معلومات کي درج ڪرڻ لڳس. دلبر علي ڦلپوٽي متعلق مون فيس بوڪ تي اسٽيٽس رکيو هو جيڪو تمام گھڻن دوستن کي پسند آيو هو ۽ تبصرن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هلي پيو هو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. اتي مون لکيو هو ته؛

دوستو اڄ لڳ ڀڳ ويهه/پنجويهه ڪلوميٽرن جي جابلو پنڌ کان پوء منهنجي جسم مان ساهه نڪرڻ وارو هو ته الائي ته ڪيئن شاهنودي بادشاه واري ٽڪري جي وچ تي جڙيل ڪمري نما ٿاڪ تي ٿڪ پڃڻ لاءِ وڇايل رلي تي پنهنجي جسم کي اڇليو هوم ته اتي ڀرسان ئي هڪ سانوري نوجوان تي نظر پئي هئي. اهو جيڪو مون سان گڏ ويٺل نوجوان آهي اهو ڦل ڳوٺ پريالوءِ جو دلبر علي ڦلپوٽو آهي. هي هڪ عظيم سائيڪلسٽ آهي. پنهنجي ڳوٺ کان شاهنودي بادشاهه جي درگاهه (شادي شهيد خيرپور جي ڀرسان) تائين سائيڪل تي چڙهي آيو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن سندس هڪ ڀيڻ جي شادي صالح پٽ ڀرسان ٺڪراٺي ۾ ٿي هئي ته هن سوچيو هوته ڀيڻ جي گهر تائين پهچڻ ۽ واپس ٿيڻ وارا خرچ کانئس چڙهيل آهن ۽ ان کان پوء هن سائيڪل جي پيڊل تي کڙي رکي هئي ته اها وري نه کنئي ۽ هاڻي ٺڪراٺي يا ٻئي ڪنهن به پاسي وڃڻ لاءِ سائيڪل کي استعمال ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته ٺڪراٺي کان سواء گمبٽ واري علائقي سڳيون ڏانهن به سندس سائيڪل تي اچ وڃ جاري رهندي آهي. هو پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ ڪوٽ لالو پڻ پنهنجي سائيڪل تي وڃڻ جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه وقت لاءِ هن موٽر سائيڪل پڻ رکي هئي پر ان ۾ کيس مزو نه آيو ۽ هو واپس پنهنجي سائيڪل سواري ڏانهن موٽي آيو.

سيف علي جي سوال ته رات جو اڪيلو هن جابلو علائقي جي ويران قبرستان ۾ توکي ڊپ نه ٿيندو؟ وراڻيائين ته اهو سندس لاءِ ڪو مسئلو ناهي.

ڪهڙا ڪهڙا نه انمول نوجوان اٿيليٽ اسان وٽ موجود آهن. ڪاش ڪو کيس پروفيشنل سائيڪلسٽ واري پاسي متعارف ڪرائي ته هو جهجهو ڪمائي به سگهي ٿو ته سنڌ جو نالو به روشن ڪري سگهي ٿو.

هن سفر جون ڪجھ ٻيون جھلڪيون هي آهن ته ان ۾ سيف علي سائين شاندار ڦوٽوگرافي پڻ ڪئي هئي، هڪ تصوير ۾ ته ننڍڙي مصور جي ڊوڙندي تصوير نڪتل آهي جنهن ۾ سندس ٻئي پير هوا ۾ آهن. 

هن سڄي سفر ۾ مان سڀني کان گھڻي ٿڪاوٽ محسوس ڪئي هئي جڏهن ته گل بهار سان به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال رهي پر معجزاڻي نموني ننڍڙو مصور سندس والد فيض علي ۽ سيف علي هشاش بشاش ئي رهيا. 

هن سفر ۾ اسان کي ڪجھ نادر پٿر/فاسل جا نمونا پڻ مليا جن مان ڪجھ انساني عضون سان مشابهت رکندڙ پڻ هيا، هڪ انساني منڍيءَ سان مشابهت رکندڙ پٿر جو ذڪر مان اڳ ئي ڪري آيو آهيان.

پهرين آگسٽ 2017 جي ڏينهن فيس بوڪ اسٽيٽس

 محترم استاد ۽ پيارا شاگردو؛

موڪلون پوريون ٿيون.

سڀاڻي اسڪول جو پھريون ڏينھن آھي.

اچو تہ پڙھڻ پڙھائڻ کي پنھنجي زندگيءَ جي سڀني مقصدن کان اعلیٰ مقصد سمجھي، نئين ولولي، جوش، جذبي ۽ عزم سان اسڪول طرف وڌون.

اسڪول جيڪي بند پيل آھن تہ انھن کي کولرائڻ لاء ننھن چوٽيءَ جا زور لڳايون، اسڪول جيڪي بي فيض، ڊل ۽ بوريت ڀريا آھن تہ انھن ۾ پنھنجي سچائي، اڻورچاۂي، ۽ دلچسپي جا انڊلٺي رنگ ڀري کين با فيض، دلڪش ۽ دلچسپ بڻايون.


پيارا استاد ۽ شاگردو ! 

دنيا جو پير ايڪھين صدي ۾ پيل آھي.

ھاڻي قومن جون لڙايون پاڻي پٽ يا اروڙ جي ميدان ۾ تلوارن يا بندوقن سان  وڙھجن ڪونہ ٿيون، ھاڻي قومن جي تقديرن جا فيصلا ھوشو جي تلوار، دودي جي للڪار ۽ دولھ جي سر ڏيڻ سان مشروط ناھن.!

 ھا  قوم اڄ بہ آھي ۽ جنگ اڄ بہ جاري آ!! 

پر ميدان مٽيل آھن، 

ھٿيار مٽيل آھن،

وارا مٽيل آھن.

جنگ جا طريقا مٽيل آھن.


پيارا استاد! 

اڄ جو سپھ سالار تون آھين. 

اڄ جي لڙاۂين  جا ميدان اسڪول آھن، 

اڄ جو ھٿيار قلم ۽ علم آھي.

جي تون جنگ جوٽي وجھين ۽ پنھنجي جستجو، 

ھمٿ،

 داناۂي، 

سچاۂي،

 علم ۽

 زندہ دليءَ سان پنھنجي شاگردن کي علم جي ھٿيار سان ليس ڪري، 

قابل، 

باصلاحيت،

 پرجوش ڪري وجھين!

 تہ اڄ جو ھيرو تون آھين،

 اڄ جو دودو، دولھ ، ھوشو، ھيمون ۽ سوريھ تون آھين.


پيارا شاگرد:

سنڌ جي سڄي تاريخ ۾ شايد تنھنجي معصوم ڪلھن تي اڄ کان اڳي ڪڏھن ڪو ايڏو وزن پيو ھجي!

توکي محنت ڪرڻي آھي،

 رات ڏينھن پڙھي ماھر ٿيڻو آھي،

 توکي پنھنجي صلاحيتن سان ھن بک، بدحالي، طبقاتي ۽ ڪرپٽ نظام جي پاڙ اکيڙڻي آھي.!

ڪڏھن بہ نہ وسارجئين تہ تنھنجي پنج ھزار سالن کان پنھنجو وجود بچائي ھن صدي ۾ داخل ٿيندڙ قوم وٽ نہ ڪو سائنسدان آ،

نہ سکر جي پل کي سڌو بھاريندڙ ڪو انجنيئر آ !

 نہ ڪا معياري يونيورسٽي آھي

 نہ ڪا ليول جي سٺي اسپتال!

منهنجا پيارا توکي بڻجڻو آھي اھو سڀ ڪجھ 

جنھن کان سواء ھن صدي ۾ سڌريل قومن جي صف ۾ بيھڻ ۽ پنھنجو ڳاٺ مٿي ڪري ھلڻ ممڪن ڪونھي.!

فیس بوڪ اسٽيٽس

 ٻه ٽي ڏينهن اڳ هڪ صحافي اٺن لکن کن جي ڪار تي چڙهي ڪاليج آيو هو جنهن چيو ته هن آخرڪار فيصلو ڪيو آهي ته گريجئيشن ڪيان ۽ سندس اصرار هيو ته سندس فيس جا نو هزار روپيا مان بئنڪ ۾ جمع ڪرايان. منهنجي هن يار يارهين ۽ ٻارهين جي امتحانن ۾ ڪنهن ٻئي کي ويهاري پنهنجو ٻيڙو پار ڪرايو هيو ۽ يار هن دفعي به ساڳي نموني  ڪارگذاري ڏيکارڻ ٿو گهري ياد رهي ته گذريل يارهين ۽ ٻارهين درجي وارن امتحانن جي سلسلي ۾ ڊي سي آفيس گهوٽڪي ۾ ڪاپي ڪلچر خلاف سڀ کان وڌيڪ ان پئي ٻاڪاريو.

اڄ وري هڪ ٻيو صحافي سڏائيندڙ همراهه پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ منهنجي ٽيبل تي اڇلائيندي چيو ته سندس ڪنهن واقف ڪار کي بي ايس سي ۾ داخلا به ڏيان ۽ داخلا ۽ امتحاني فيس ۾ رعايت به ڪيان. منهن تي رڪ جي چادر ويڙهيل ان نوجوان کي مون پيار سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته داخلائون ختم ٿئي مهينا ٿي ويا آهن هاڻي امتحاني فارم ٿا ڀرجن پر هو ڪجهه به ٻڌڻ لاء تيار نه هو. ڪيئي مهينا اڳ پنجن ڄڻن تي ٻڌل هڪ پوري ٽيم نه هم نه تم ڌوڪيندي منهنجي آفيس جي ڪرسين تي رضاڪاراڻا طور رونق بخشي ويهي رهيا هيا، گهڻن اوڀارين لنهوارين بعد اخبار لاء پنج هزار روپين ڏيڻ جي تقاضا ڪئي هيائون. ڪي ڊنگ صحافي وري امتحاني سيزن ۾ ظاهر ٿيندا آهن من پسند اميدوارن جو ٻيڙو تارڻ لاء!

ڇا اها آهي صحافت؟

اهي سماج اندر زهريلي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو آواز تيندا؟

اهي اسان جهڙن پويان ته بنا بريڪ ٽريڪٽر جيان آهن ڇا اهي ڪنهن ڪاموري، ڪنهن وڏي سياستدان، ڪنهن سردار. ڪنهن پير يا فرقيواريت جو زهر اوڳاڇيندڙ ڪنهن ملان مولوي سان به ائين ڳالهائيندا آهن؟

A thought

 هن دنيا ۾ اسان مان گھڻو ڪري پاڻ کي الڳ ڪري باقي سڀني لاءِ سوچيندا آهن ته اهي ڪيترا نه شاهوڪار آهن!!!! مون ته اهو به ڏٺو آهي ته گاڏين جا مالڪ پنندڙ فقيرن تي رشڪ ڪندا آهن ته وٽن جام پئسو هوندو

ٻہ سال اڳ فيس بوڪ وال تي ونڊيل ويچار

 شهباز شريف جنهن پنجاب ۾ ميٽرو، اورنج، موٽروي جهڙا منصوبا ڏنا، جنهن هر تعليمي اداري ۾ صاف پيڻ جو پاڻي، بائونڊري وال، سولر ۽ ليٽرين جي سهولت مهيا ڪئي، جنهن پنهنجي صوبي جي سمورن روڊن کي سدائين بهترين حالت ۾ رکيو، جنهن کان ڪامورا ائين ڊڄندا هيا جيئن ڪانو ڊڄي ڪمان کان اهو به گرفتار ٿي ويو! 

۽ سنڌ جي جن ڀينگ ڪئي، تعليم تباهه ڪئي، اسپتالن کي ڪوس گهر بڻايو، يونيورسٽين جا وي سي بدڪردار، ناهل، خوشامندي، ڪٽڻ مقرر ڪرايا، جن جي سموري دئور ۾ امن امان سولي تي لٽڪيل رهيو، ٿر جا ماڻهو ماني ٽڪر ۽ پاڻيءَ لپ لاءِ واجھائيندي واجھائيندي مرندا رهيا، جت نالي ماتر وڏا وزير ته رکيا ويا پر جن جا حڪم هلندا هيا اهي پردي پويان ويٺا هوندا هيا، اهي جن سنڌ ملڪ رياض کي ليز تي ڏيئي ڇڏي هئي ۽ آهي

انهن جي ڳچين ۾ ڪڏهن هٿ پوندا

پوندا به يا نه

يا اهي ماضي وانگر سنڌ جو ماس روڙڻ لاءِ ساڳي اڊمبر واري زندگي گذاريندا؟؟؟

Monday, October 5, 2020

سائين اڪبر سرڪي

 جڏهن کان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ريجن جي ڪرسيءَ تي سائين محمد اڪبر سرڪي صاحب جن ويٺا آهن ته سکر ريجن جي پروفيسرن ۽ پرنسپلس لاءِ  هڪ نئون اتساهه پيدا ٿيو آهي ۽ پهريون ڀيرو ائين پيو لڳي ته جهڙوڪر اسان کي ڪو دوست، مددگار، راهه ڏسيندڙ آفيسر مليو هجي. هن ملڪ وري خاص ڪري سنڌ ۾ مٿين ڪامورن ۽ سياسي ماڻهن کان ڪم وٺڻ ايتروئي ڏکيو آهي جيترو ماڪوڙي کي مساڳ هڻڻ ان ڪري ڪي ڪم ٿيندا ڪجهه رهجي به ويندا پر ڏسڻ اهو گهرجي ته اڳلي  ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ ڪيتريون ايمانداراڻا ڪوششون ورتيون آهن. 

سائين اڪبر سرڪي صاحب جي اچڻ کان پوءِ ريجنل ڊائريڪٽر ڪالجز سکر ريجن سکر جي آفيس استاد فرينڊلي ٿي پيئي آهي جتي ڪوبه ڪڏهن به اچي بنا ڪنهن رڪاوٽ يا هٻڪ جي سرڪي صاحب سان ملي سگهي ٿو کيس پنهنجا مسئلا ٻڌائي سگهي ٿو. جيڪي مسئلا هو پاڻ حل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي انهن تي بروقت آرڊر پڻ جاري ڪري ٿو. نه ته اڳ اهائي آفيس هئي جتي اڳوڻي دئور ۾ اسان جهڙن نون پرنسپلس کي آفيس جا ڪلرڪ ڪڙا صاحب سان ملڻ جا آداب سيکاريندا هيا ته اتي خالي هٿين ناهي اچبو يا ٻين لفظن ۾ ته ايندي ته ڇا کنيون ايندي اچان ته ڇا ڏيندين.

پر هاڻي اها تبديلي آئي آهي ته آغا نظام الدين گرلس ڊگري ڪاليج واري اڄوڪي اجلاس ۾ شريڪ هرهڪ پرنسپل پنهنجا مسئلا ٻڌايا ۽ پروگرام هلندي ريفريشمينٽ صاحب پنهنجي کيسي مان ڪرائي. سرڪي صاحب سرٽوڙ ڪوششون پيو وٺي ته باهمي رضامندي سان ڪاليجن اندر اسٽاف جي کوٽ واري مسئلي کي حل ڪري جيستائين ڪي نيون ڀرتيون ٿين.

سندس نيڪ نيتي سان ورتل ڪوششن کي سلام ٿو پيش ڪريان.

Wednesday, September 30, 2020

 https://youtu.be/9phYyywpTBw

ڪراچي ڊائري، پنجين ڪڙي؛ ڪراچي تنهنجا رنگ هزار

ڪراچي ڊائري؛ وري يادگيرين ورايو اسان کي

 ڪراچي ڊائري...

وري يادگيرين ورايو اسان کي  

ميٽرو پول ڪراس ڪندي سامهون آواري ٽاور تي نظر پئي ۽ مان ماضيءَ جي جھروڪن ۾ هليو ويس. هڪ رات جو ان هوٽل جي ڇت تي تنهن وقت جي ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه صاحب سان گڏ آيو هوم،  اهو وقت هو جڏهن سنڌ جو وڏو وزير هاڻوڪي وزير اعلى جو پيءَ سائين عبدالله شاهه جن هيا ۽ مان سيد قائم علي شاهه صاحب جو “منشي” (پرائيويٽ سيڪريٽري) هئس. منشين کي به حساب ڪتاب ته ڏيڻ گھرجي نه؟ ان کان اڳ جو مان خاڪ ٿي وڃان ۽ منهنجي گناهن ثوابن جي ڪنهن کي ڄاڻ ئي نه رهي سو هي ننڍڙي لکڻي منهنجي ڪيل “گناهن” جو حساب ڪتاب آهي. هونئن هن خطي جي عظيم لکاريءَ سعادت حسين منٽوءَ ڪيڏو نه سچ چيو هو ته “اسان کي گذارڻ لاءِ ڪتن واري زندگي ملي آهي پر حساب ڪتاب انسانن وارو ڏيڻو پوندو”.

بهرحال ڇا ته منظر هو، مٿي تمام مٿي آسمان تي چنڊُ ۽ تارا جلوا گر هيا، هوٽل جي ڇت حسين ماڻهن سان ڀريل هئي، پاسي ۾ دنيا جهان جا کاڌا، فروٽ، مشروبات، مٺيون شيون رکيل هيون، جيڪا شيءِ ۽ جيتري اوهان کي وڻي حاصل ڪري کائو پيئو، ڪنڊ وٽ سازندن سان گڏ ڪلاڪار مڌم سرن ۾ ڪي گيت، غزل ڳائي رهيا هيا هيٺ ڪراچيءَ جي روڊن تي گاڏين جو قطارون ائين وهي رهيو هيون جهڙوڪر اهي رستا نه پر سون جا وهندڙ درياءُ هجن ۽ سمنڊ جي ڇولين مان اٿندڙ لوڻياٺيون هوائون جسم کي ڇهن پيون ته ماڻهوءَ جو من مهڪي پئي اٿيو. 

ان منظر کان ڪجھ مهينا اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي سيد قائم علي شاهه اسان جي مائٽن جي ڳوٺ بُگري خيرپور ۾ حاجي غلام ڪٽوهر جي ڳوٺ دعوت تي اچڻو هو، مرحوم حاجي غلام محمد ڪٽوهر الله کين جنت نصيب ڪري زميندار ته هيا پر صفا اڻ پڙهيل هيا ۽ کين اسٽيج تي ڳالهائڻ يا تقرير جو فن ٿورڙو گھٽ ايندو هو ۽ کين پنهنجي پروگرامن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اسان جهڙين واتڙين ڪامريڊن جي گھرج هروقت رهندي هئي ۽ ان پروگرام ۾ پڻ مون کي سمورو پروگرام هلائڻ جي “اسائنمنٽ” ڏني ويئي هئي. مون پروگرام لطيف، اياز، استاد بخاري جي شعرن سان ته سينگاريو هو پر هر ڳالهائيندڙ جي ڳالهين ۾ وزن وجھڻ يا گھٽ وڌائي جي پورائي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ پنهنجي پاران به چئي رهيو هوس. منهنجي ان “لفاظي” مان متاثر ٿي سيد قائم علي شاهه صاحب هڪ تمام غلط فيصلو ڪيو هو ته هنن منهنجي پوسٽنگ سي ايم هائوس سنڌ ۾ بحيثيت ڊپٽي سيڪريٽري جي ڪرائي پاڻ سان پرائيويٽ سيڪريٽري ڪري رکيو هو. سائين جن مون کي ان عهدي لاءِ چونڊيو هو ته ان جو سبب وري ان تقريب کان اڳ جو هڪ واقعو هو. پاور پاليٽڪس ۾ اختلاف رڳو مخالف پارٽين سان ناهن ٿيندا پر پارٽي اندر ويٺل به هڪ ٻئي جون ٽنگو پيا ڇڪيندا آهن ۽ ساڳيو عمل سائين عبدالله شاهه ۽ سائين قائم علي شاهه وچ ۾ سرد جنگ جي صورت ۾ هلندڙ هيو. سائين قائم علي شاهه صاحب سان گڏ ڪم ڪندڙ سندس پرائيويٽ سيڪريٽري لطيف مغل شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار ٿيڻ جي ڪوششن ۾ اهو بيان ڏئي ويٺو هو ته “سيد عبدالله شاهه ته ضياالحق جي ريفرينڊم جو حمايتي هو” بس سندس اهو چوڻ هو جنهن تي محترمه بي نظيرڀٽو صاحبه تمام گھڻي ڪاوڙجي پئي هئي ۽ سندس اهو بيان آيو هو ته “اهو لطيف مغل ڪير ٿيندو آهي منهنجي نامينيٽ ڪيل وزير اعلى خلاف بيان ڏيڻ وارو”! اهڙي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سائين قائم علي شاهه لطيف مغل نالي ڪنهن به ماڻهو کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ سائين جن کي ان جي خال ڀرڻ لاءِ ڪو ڪم وارو ماڻهو گھربل هو ۽ ان نموني اهو ڪڻو منهنجي نالي نڪتو هو. سائين قائم علي شاهه صاحب جي ان منشي گيريءَ ۾ مون کي جيڪي انتهائي “عياشي” جا موقعا ميسر آيا هيا انهن ۾ هڪ اهو آواري ٽاورس وارو پروگرام به هو. هونئن اهي منهنجي زندگيءَ جا تمام گھڻا ڏکيا ڏينهن هيا. جن جي هلڪي جھلڪ اڳتي هلي ڏيندس. 

منهنجي اندر جيڪي سٺيون يا خراب عادتون رهيون آهن انهن مان ڪجھ هي آهن ته؛ ڪنهن سان ڌوڪو نه ڪرڻ، ڪنهن جي به ڦرلٽ نه ڪرڻ، سبز باغ ڏيکاري اٻوجھ ماڻهن جو جھڳو جھڻ ڪري پنهنجو ڀڀ نه ڀرڻ وغيره ۽ اهي عادتون مون ڪامريڊن جي صحبت ۾ رهندي اپنايون هيون. 

اها ته منهنجي خوش قسمتي هئي ته مون کي سٽي ريلوي ڪالوني ۾ پياري دوست گلشير اوڏ جي فليٽ ۾ سائين خالد راڄپر ۽ سائين خادم ٻرڙي صاحب سان بنا ڪنهن ڪرائي جي رهڻ جي سهولت ملي ويئي هئي. هي ٻيو موقعو هو ته مان اتي رهائش اختيار ڪئي هئي. ان کان اڳ 1991ع جڏهن مان نئون نئون ليڪچرار ٿيو هوس ۽ منهنجي پوسٽنگ ميمڻ ڳوٺ جي ڊگري ڪاليج ۾ هئي ته انوقت به ڪجھ عرصو گلشير اوڏ سان ساڳي فليٽ ۾ رهيو هوس. اسان جو اهو فليٽ ٿرڊ فلور تي واقع هو. اسان جي فليٽ جي سامهون واري فليٽ ۾ ڪو ڪشميري رهندو هو جيڪو پڻ ريلوي جو ننڍو ملازم هو ۽ جنهن کي ڌڻ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو هو جن جي نڪن مان سدائين گوبو پيو وهندو هو. گلشير جي فليٽ ۾ سندس وڏي لائوڊ واري ڊيڪ رکيل هوندي هئي ۽ تنهن زماني ۾ عاشقي فلم جا گانا تمام گھڻا مشهور ٿيا هيا جن ۾ هڪ ڪلام هو ته “هان اڪ صنم چاهئي عاشقي ڪي لئي”  هلائيندا هياسين سامهون واري فليٽ جي گرائونڊ فلور جي صحن ۾ رهندڙ ٽي چار ڀينرون نڪري اينديون هيون ۽ اسين پنهنجي فليٽ جي درين ۾ وڏين تصويرن جيان ٽنگجي بيهي رهندا هياسين. انهن ڀينرن ۾ هڪ قد جي ڇوٽي ۽ منڊڙي به هئي جنهن جي لاءِ خالد راڄپر اڳ ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته “ادا اها منڊڙي منهنجي ڀيڻ اٿو”. انهن فليٽن ۾ رهندي هڪ ٻي عياشي به ٿيندي هئي ڀرسان ڪو پير جو مزار هو جنهن تي هر خميس جي رات دير تائين وڏن لائوڊن مان پيا واعظ هلندا هيا ۽ سماع جو خاص انتظام هوندو هو. قلندر شهباز جي ميلي واري مهيني ۾ ته اها خانگاهه پوري مهيني لاءِ آباد رهندي هئي ۽ رات ڏينهن پورو مهينو انهن ڪن ڦاڙ لائوڊن مان ڪالوني جا رهواسي چاهيندي نه چاهيندي فيض حاصل ڪندا هيا. منهنجا هي ٻئي سهڻا ۽ سلڇڻا يار ۽ پارٽنر خالد ۽ خادم ڪينٽ اسٽيشن تي پارسل ۾ ملازم هيا. پارسل ۾ ڪم ڪرڻ انوقت اهڙو ئي “سڻڀو” هو جيئن ڪنهن زماني ۾ ضلع ٽيڪس تي “منشي گيري” هوندي هئي. اها ضلع ٽيڪس واري منشي گيري به مون خوب ڪئي. ضلع ٽيڪس خيرپور وارن جو هڪ ناڪو سينٽرل جيل سکر جي ڀرسان هوندو هو، جتي مون زندگي جا ڪي حسين پل گذاريا هيا ۽ ڪڏهن موقعو مليو ته انهن کي به قلم بند ڪبو. حقيقت اها آهي ته منشي گيري منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. مان اڄ واضع ٿو ڪيان ته مون سيد قائم علي شاهه جي منشي گيريءَ ڪئي آهي ۽ مون کي اتي گھاريل ڏينهن تي به فخر آهي. مون اتي پنهنجو ڪم ڪيو هو، مون پنهنجي روزي روٽي حلال ڪئي هئي، مون اتي ويهي ٻڌ ڇوڙ وارو وهنوار نه ڪيو هو، نه نوڪرين جو وڪرو ڪيو هوم ۽ نه ئي ڪن پلاٽن تيي قبضا ڪيا هئم. سائين جن جي منشي گيريءَ جي عيوض مون کيس رڳو پنهنجي پڦاٽ فيض علي ڪٽوهر جي نوڪريءَ لاءِ پرزور گذارش ڪئي هئي ۽ افسوس ته سائين جن مون کي ان لائق به نه سمجھيو هو ته منهنجي اها اڪيلي خواهش پوري ڪن ها،. بس مِٺي به ماٺ ته مُٺي ماٺ وانگر اها سرڪاري “منشي” گيري منهنجي ڳچي ۾ پيل هئي جيڪا مون کي هرحالت ۾ نڀائڻي هئي. مان واضع ڪندو هلان ته مان سيد قائم علي شاهه صاحب جن جو ذاتي، سياسي ملازم يا واٺو ڪونه هئس، مان ته سرڪاري ملازم هوس. جنهن کي ڪاليج مان کڻي بنگلي تي ويهاريو ويو هو سوبه پنهنجي خرچ تي. مون جيئن مٿي لکيو آهي ته اهي منهنجا زندگيءَ جا انتهائي ڏکيا ڏينهن هيا. گھڻو تڻو منهنجا کيسا خالي هوندا هيا ۽ مون وٽ ايترو به پئسو ڪونه هوندو هو ته ضروري ڪمن ڪارين لاءِ ڪنهن پي سي او تان ڪا لوڪل ڪال ڪري سگھان. مون منهنجن پيارن پارٽنرن خالد راڄپر ۽ خادم ٻرڙي جن کي تمام گھڻو تنگ ڪري رکيو هو ۽ سندن پاران فليٽ ۾ لڳل پي ٽي سي ايل فون تي ڪالون ڪندو هوس ۽ پوءِ جڏهن ڳرا بل اچڻ لڳا ته دوستن فون تي اهو نوٽيس هڻي ڇڏيو هو ته “ادا هي ذاتي فون آهي ڪا پي سي او ناهي”. سندن ڳالهه سئو نه پر ٻه سئو سيڪڙو صحيح هئي. انوقت مون کي مشڪل سان پائڻ لاءِ ڪي ٻه ٽي جوڙا ڪپڙن جا هوندا هيا جيڪي مان پاڻ ڌوئي پاڻ ئي استري ڪري پائيندو هوس. منهنجا روم ميٽ خالد ۽ خادم پرين پيارا هڪ ڌڪ سان گھٽ ۾ گھٽ پنج ڇهه جوڙا ڪپڙن جا وٺي سبرائي کڻي ايندا هيا ۽ جڏهن مان پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندو هوس  ته يار چوندا هيا ته “بس چار ڇا ڪيون اهي ويهه پنجويهه جوڙا ئي ته وڃي مس بچيا آهن”! هو صبح سان رڪشا ڪرائي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ويندا هيا ۽ مان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي مني بسن ۾ ڌڪا کائيندي سائين قائم علي شاهه جي ڊفينس واري بنگلي تي پهچندو هوس. هڪ دفعي ڪپڙن کي استري پئي ڪيم ته فليٽ ۾ منهنجا ٻه پرين پيارا ڪليگ پروفيسر نوراحمد سومرو ۽ پروفيسر پرويز احمد منگي مون سان ملڻ آيا هيا. مان انوقت ٽوال کي گوڏ طور استعمال ڪندي ڪپڙا استري ڪري رهيو هوس ته انهن مان ڪنهن کي ڪيمرا هٿ ۾ هئي ۽ انهن منهنجي ان حالت ۾ پڪچر ورتي هئي ۽ اها تصوير بعد ۾ مون کي تحفي طور ڏني هئائون جنهن کي مون “زندگيءَ جي ننگي تصوير” جو عنوان ڏئي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو آهي. صبح کان شام تائين ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پارٽي جي ڪمن ڪارين سان رهندي اڪثر منجھد جي ماني به نصيب ڪونه ٿيندي هئي ۽ شام جو ٺوٺ جيڏي زبان ڪڍي سهڪندو فليٽ تي ورندو هوس ته خالد ٻرڙو منهنجي خسته حالت ڏسي رحم کائي چوندو هو ته “اچي ويا آهيو ڊپٽي سيڪريٽري صاحب”. مون وٽ ڏيڻ لاءِ ڪوبه جواب نه هوندو هو. سائين قائم علي شاهه صاحب کي مون ڪيئي ڀيرا چيو ته “قبلا منهنجي اقتصادي مدد ڪريو، مان تمام گھڻي ڏکي حياتي پيو گذاريان” پر سائين جن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندا هيا. جڏهن اهي سور مان پنهنجي تمام پرين پياري سائين شاڪر شاهه صاحب سان اوريا هيا جيڪو انوقت اڃا پ پ پ ۾ هيو ته موصوف چيو هو ته “جيڪڏهن سائين مون کي چئي ته مان اوهان کي هر مهيني پنهنجي رائلٽي جي ٺيڪي مان پنج هزار روپيا ڏيندس” ۽ پوءِ اها ڳالهه طئي به ٿي هئي پر اهي پنج هزار روپيا رڳو مون کي هڪ دفعو مليا هيا، ٻئي دفعي موڪليل اهي پئسا رستي مان ئي ڪو مير صاحب اڏاري ڇڏيا هيا. مان ته اڃا تائين خالد راڄپر کان ڇهه سئو، خادم ٻرڙي کان هڪ سئو ۽ يونس کورکاڻي کان ورتل هڪ هزار به موٽائي نه سگھيو آهيان. 

ہم کہاں کے دانا تھے کس ہنر میں یکتا تھے                                                                                                                                                      بے سبب ہوا غالبؔ دشمن آسماں اپنا.

ڪراچي ڊائري؛ ٽين وک

 ڪراچي سفر جي ڊائري جي ٽين وک

ڪراچيءَ جا جيڪي مختلف روپ ۽ رنگ آهن انهن ۾اسر ويل کان صبح تائين سانت واري ڪراچي به آهي جڏهن ان جا روڊ ويڪرا ٿي ويندا آهن، ويڪرن روڊن جي ڀرپاسي سيمنٽ جي بئنچن ۽ باغيچن جي پوکيل ڇٻر تي ڪيئي نڌڻڪا انسان آهليا نظر ايندا آهن بس اهو کن پلڪ جو قصو هوندو آهي جيئن ئي ستل ۽ آرامي ڪراچيءَ ۾ ڀاڄ پوندي آهي ۽ هر قسم جون گاڏيون ماڪوڙن وانگي ٻرن مان نڪري هڪ اڻ کٽ لائين جوڙي روڊن تي ڊوڙڻ لڳنديون آهن ته اهي روڊ سسي ايترا ته سوڙها ٿي پوندا آهن ته هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانهن لنگهي وڃڻ ئي مسئلو بڻجي پوندو آهي. مان جڏهن فريئر لئبرري ۽ هال کي آخر الوداع چئي عبدالله هارون روڊ تي چڙهيو هوم ته  اهي مهربان روڊ هيا ۽ مان هيس بس ڏيئي وٺي ڪجھ نوجوان سائيڪلسٽ گڏيا هيا جيڪي صبح جو سويل پنهنجي جسماني ساخت کي مضبوط بڻائڻ خاطر کليل روڊن تي لاابالي نموني ڊوڙي رهيا هيا. جيئن ته ان ڏينهن آچر هو ۽ آچر رات ڪراچيءَ جا ماڻهون دير تائين جاڳيل ئي رهندا آهن جو ٻئي ڏينهن تي کين ڪم ڪار سان وڃڻو ناهي هوندو. ان ڪري ان ڏينهن ڪراچي ٿوري دير سان جاڳندي آهي. اتي ئي مون کي ڪيئي پراڻيون عمارتون نظر آيون هيون جن مان هڪ ميٽرو پول هوٽل جي عمارت به هئي جيڪا هاڻي خالي ڪرائي ويئي آهي جنهن تي هاڻي ترقياتي ڪم هلي پيو. ميٽروپول هوٽل ڪراچي شهر جو هڪ حسين، چمڪندڙ ۽ روشن ستارو رهيو آهي. انگريزيءَ جي اکر وي اسٽائيل ۾ جڙيل ان جي عمارت جي چئني پاسي مصروف روڊ آهن. خدا ڪري اسان جي ماڻهن کي ڪو هوش اچي ۽ اهي ميٽرو پول جي عمارت جي نئين سر اڏاوت ۽ سجاوت ته ڀلي ڪن پر اهي سندس اصلي تاريخي حسن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪن ته بهتر ٿيندو. اهڙي ڇيڙ ڇاڙ اسان جي هندو برادريءَ پاران سکر جي مصروف ترين غريب آباد علائقي گردوارا روڊ تي جڙيل حسين گردواري سان ڪئي ويئي آهي ۽ ان جي تاريخي سڃاڻپ واري حسين عمارت تي لوهي هٿوڙا هڻي برباد ڪري دڪان جوڙيا ويا آهن. مون اهوتاريخي هاڃو جڏهن سوشل ميڊيا تي ونڊيو هو ته منهنجا سيٺياڀائي مون تي ڪافي ڪاوڙيا هيا ۽ سابق قومپرست رهندڙ انهن هندو ڀائرن سان جڏهن پياري ستار زنگيجي ڪچهري ڪرائي هئي ته مون کي سندن ذهن کوکلا نظر آيا هيا، کين ان ڳالهه جي ذري به پرواهه نه پئي لڳي ته ڪن عمارتن جو حسن سندس اصليت ۾ هوندو آهي. کين انساني ڀلائيءَ جا انومان ته کڻي هيا پر کين پنهنجي سنڌي ثقافتي ورثي جي اهميت جو ڪو ٽڪو به احساس نه هئو. ڪراچي، حيدرآباد يا سکر هجي اسان جي بلڊرس کي گھرجي ته اهڙين پراڻين عمارتن جي نئين سر اڏاوت وقت يا انهن جي مرمت ڪرڻ وقت انهن جي اصلي حسن کي برباد نه ڪن. صدر ۽ ان جي آس پاس تمام گھڻيون عمارتون آڳاٽيون اڏاوتون ماضيءَ جي شاندار آرڪيٽيڪچر حسن جو شاهڪار آهن ۽ يادگار آهن. اهي عمارتون ڪراچيءَ جي اوج وارن خوشحال ڏهاڙن ۾ شهرين جي خوش ذوقيءَ جا شاهد آهن. اهي عمارتون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته انهن ۾ رهندڙ ڪيڏا نه نفيس هيا، ڪيڏا نه حسن پرست هيا، ڪيڏا نه باذوق هيا جن کي پنهنجي گھرن جي بالڪونين، درن، درين ۽ ڇتين جو ڪيترو نه خيال هوندو هو. مان هاڻي تصوراتي دنيا ۾ جڏهن انهن عمارتن جون قطارون پنهنجي ذهن ۾ جوڙي ڪراچيءَ جي مختلف پاڙن جي رهائشن جو نقشو ٿو جوڙيا ته مون کي اڄ جي جديد يورپ جون مهانگيون ڪالونيون نظر ٿيون اچن. وڏا وڏا بنگلا، کليل ورانڊا، ورانڊن ۾ پوکيل گل ٻوٽا،  بنگلن جون خوبصورت بالڪونيون ۽ انهن ۾ پنهنجي خوبصورت ونين سان ويٺل خوش لباس انسان جن جي لاءِ ڪاٺ مان جڙيل خوبصورت ڪٻٽ جن ۾ ڪتاب ۽ ڪتابن سان گڏ گرامو فون، طبلا، هارمونيم، گٽار ۽ پڻ سهڻيون ميزون جن تي ڪافي، فروٽ، گل دستا، شراب جون  بوتلو، ڀريل جام نظر پيا اچن. سامهون واري عمارت تان ڪو ننڍڙو شهزادو وري ڪراچي اندر سدا گھلندڙ پربهار هوائڻ ۾ لغر اڏاري رهيو آهي، او هو ان کان ٻئي بنگلي تي ڪا ناري پنهنجي تازل ڌوتل ڪپڙن کي هوا ۾ ڇنڊڪو پئي ڏئي ته ڪپڙن سان گڏ سندس جسم مان پڻ پاڻي ڦڙا آس پاس خوشبوءِ ڦهلائڻ جو ڪم پيا ڪن. اڄ جڏهن انهن ڀرندڙ ۽ ڪنهن ڪراڙيءَ بيواهه جيان آسن ۽ اميدن کان خالي حسين عمارتن کي تخليقي حسن کان وانجھيل، بي ڊولين واپاري مقصدن لاءِ جڙندڙ عمارتن جي گھيري ۾ ڏسندو آهيان ته ائين لڳندو اٿم ته اهي معصوم ۽ حسين هرڻيون خونخوار بگھڙن جي بکايل ٽولن وچ ۾ اچي ڦاٿيون هجن. انهن نين عمارتن جي جڙت جو مقصد ماڻهن کي سهولت پهچائڻ يا کين لڀائڻ بدران وڌ کان وڌ ڦرلٽ جو عنصر نمايان هوندو آهي.  هاڻي ائين به ناهي ته سڀ نيون عمارتون بدصورت هجن انهن نين پلازائن ۾ ڪيئي نيون جڙيل شاندار، جاذب نظر ۽ خوبصورت اڏاوتون به آهن جيڪي جديد دنيا جي سمورين سهولتن سان سينگاريل آهن. ميٽرول پول جي پاسي ۾ هڪ ٻي وڏي شاندار عمارت آواري ٽاورس جي آهي. بهرام آواري جي دوستن جو اهو هوٽل ڪراچيءَ جي هڪ اوچيءَ ٽڪريءَ تي جڙيل آهي. ان عمارت جي چوٽيءَ تي رات جو ڊنر ۽ بوفي جو انتظام به ٿيل هوندو آهي. ان سان ڳنڍيل پنهنجي هڪ خوبصورت ياد ايندڙ دفعي اوهان سان ونڊيندم.

 12 آڪٽوبر 2017ع جي ڏينهن تي شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي سينيٽ ۽ اڪيڊيمڪ ڪائونسل لاءِ اليڪشن ٿيندي جنهن ۾ يونيورسٽي سان گڏ ڪاليج سائيڊ جي ليڪڇررس ۽ پرنسپلس لاءِ پڻ ڪي جايون مخصوص ٿيل آهن.

مان گھڻي ڊيگهه کان پاسو ڪندي بس اهو لکندس ته اسان جي عزت وارن پروفيسرن ۽ پرنسپل صاحبان کي گھرجي ته پنهنجو قيمتي ووٽ سوچي سمجھي ڏين. هونئن اڪثر ڪري اسان جا دوست سوچڻ سمجھڻ بدران پنهنجو قيمتي ووٽ ڪن اڳواڻن جي آشيرواد تي اڇلي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اسان جا اهي چونڊيل نمائندا اتي ڪوبه ٻوٽو ٻاري نه سگھندا آهن، جنهن ڪري ڪنهن به قسم جي مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ۽ اسان مان اڪثر دوست پوءِ اهو روئڻو پيا روئندا آهن  ته يونيورسٽي انتظاميه جو اسان جي ڪاليج سائيڊ جي دوستن سان  رويو انصاف ڀريو ناهي. 

مون اڳ به اها ڳالهه لکي هئي ۽ مون اها ڳالهه پنهنجي پرين پيارن دوستن سان روبرو به ڪئي هئي ته دوستو ڏيو خبر هي جيڪي اوهان اڪيڊيمڪ ڪائونسل ۽ سينيٽ ۾ جن دوستن کي ووٽ ڏياريندا آهيو ته انهن جي چونڊ لاءِ اوهان ڪي معيار به مقرر ڪندا آهيو يا نه؟ منهنجي پرين پياري جو اهو چوڻ هو ته ڪوبه معيار ناهي هوندو اسين جنهن کي وڻون ان کي چونڊرائيندا آهيون. ان جو ٻيو مطلب ته اڪيڊيمڪ ڪائونسل ۾ چونڊيل نمائندا ڀلي ته ڪريڪيولم جي الف بي کان به واقف نه هجن، کين نصاب، انهن جي اهميت، انهن ۾ واڌارن ۽ سڌارن جي ڀلي سڌ نه هجي پر اهي جيئن ته ڪن اڳواڻ دوستن به قابل قبول آهن ان ڪري کين چونڊرائبو رهيو آهي. ان کان سواءِ هو جيڪو اعلى ترين ادارو سينيٽ آهي ان ۾ پڻ جيڪڏهن اسان جا نمائندا اکيون ٻوٽي ويٺل هوندا ۽ ڪنهن به قسم جي جائز مطالبي کي پيش ڪرڻ ۽ مڃرائڻ جي قابل نه هوندا ته پوءِ اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو اسان اکئين ڏسون پيا.

تازو سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ سکر ريجن جي ڪاليج پرنسپلس جو جيڪو اجلاس ٿيو هو ته اهو اسان جي اڳواڻن پاران يونيورسٽي انتظاميه معاملن کي ڊيل نه ڪري سگھڻ ۽ پنهنجي ناڪامي جو کليل اظهار هو. اسان جي اڳواڻن اسان کي اهو ٻڌايو هو ته يونيورسٽي جي چار ارب بجيٽ مان ٻه ارب ڪاليج سائيڊ ڏئي پئي (مون کي انهن انگن اکرن جي صحت جي ڪا خبر چار ناهي ته صحيح آهن يا غلط پر جيئين ته اهي لفظ سکر ريجن جي سپلا جي صدر صاحب جا هيا ان ڪري انهن کي غلط به نه ٿو چئي سگھجي) پر افسوس ته ايڏي وڏي ڪنريبيوشن کان پوءِ به اسان کي ملي ڇا ٿو؟ 

اسان جي اڳواڻن عزت واري وي سي صاحبه سان ٿيل سندن ميٽنگس جي منٽس جا حوالا به ڏنا پر انهن منٽس تي عمل نه ٿيو ته اها غير تسلي بخش ڪارڪردگي ڪنهن جي کاتي ۾ وجھجھي؟ رڳو يونيورسٽي انتظاميه جي يا ان ۾ اسان جي تنظيم جي سينٽ ۾ چونڊيل نمائندن جو به ڪو قصور آهي؟

هاڻي جڏهن هڪ دفعو وري اهو عمل ٿي رهيو آهي ته مون کي انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي تنظيم سپلا (جيڪا اقتدار ۾ آهي) انهن دوستن ڪي ماڻهون (جن کي مان ذاتي طرح سڃاڻا) ته اهڙا نامينيٽ ڪيا آهن جن جو تعلق نه ته تعليم سان نه وري تعليمي سڌاري سان آهي...افسوس صد افسوس

جيئن ته جيڪي اڪيڊيمڪ ڪائونسل ۽ سينيٽ لاءِ نامينيٽ ڪيل (ٻنهي گروپن) اڪثر دوستن متعلق مون کي ڪا خاص ڄاڻ ناهي ان ڪري انهن لاءِ ته مان ڪجھ چوڻ يا لکڻ جهڙو ناهيان پر ڊاڪٽر پروفيسر عبدالقادر چاچڙ صاحب پرنسپل گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گھُوٽڪي هڪ انتهائي اهل اميدوار آهي. هي مان ان ڪري نه ٿو لکان ته ڊاڪٽر صاحب منهنجو دوست آهي (دوست ته سڀئي آهن) يا مان هِن يا هُن گروپ جي نمائندگي ٿو ڪريان پر هي ڳالهه مان ميرٽ کي سامهون رکي لکي آهيئ

چاچڙ صاحب پي ايڇ ڊي هولڊر آهن

چاچڙ صاحب سمنڊ جي تري ۾ ٻڏندڙ ڪاليج کي آسمان جي بلندين تي اچي پهچايو آهي

ڊاڪٽر صاحب وٽ اها جرئت آهي ته ڪنهن جي به اڳيان ۽ ڪنهن کي به بنا هٻڪ ۽ ڊپ ڊاءَ جي سچ چئي ڏي

ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ هڪ بهترين ليکڪ پڻ آهن

اهي سنڌي جريدي شريعت جا ايڊيٽر پڻ آهن

انتهائي ملنسار ۽ قرباني جي جذبي سان ٽمٽار آهن 

ان ڪري مان تعليم دوست، سپلا دوست، ادارن جي بحالي جو درد رکندڙ پرنسپل دوستن کي گذارش ڪندس ته اوهان پنهنجو هڪ قيمتي ووٽ ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ کي ضرور ڏجو باقي جنهن کي  به مناسب سمجھو ڏئي ڇڏجو.

اميرگل ڪٽوهر 

پرنسپل 

گورنمنٽ ڄام ممتاز حسين ڏهر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو

Thursday, September 24, 2020

 ڪراچي ڊائري قسط ٻي...

جڏهن فريئر هال ۽ لئبرري وٽ پهتو هوم ته اڃا اتي جي حساب سان سويل ڀرو هيو، لئبرري جي باغيچي ۾ هر بئنچ تي ڪونه ڪو بي گھر آهليو پيو هو، پاسي ۾ ٻار فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ راند سان گڏ ڦوٽوگرافي ڪري رهيا هيا. هن لئبرري جي صحن ۾ پڻ آچر ڏينهن پراڻن ڪتابن جي نمائش لڳندي آهي ان لاءِ ٽينٽ ته لڳائي ويئي هئي ۽ ڪاٺ جون ميزون مزدائن تان لهي رهيون هيون پر اڃا انهن مٿان ڪتاب سجايا ڪونه ويا هيا. انوقت منهنجي سامهون ڪو خدا جو بندو باغيچي ۾ رهندڙ ڪبوترن، ڪانون، ڪٻرين، جھرڪين جي خاندانن کي داڻو ڏيئي رهيو هو. هي ڪراچي به عجيب آهي جتي ماڻهو پکين کي داڻو پاڻو ڏيندا آهن پر ساڳيو داڻو پاڻي انسانن کان کسي وٺندا آهن.

هن خوبصورت، تاريخي عمارت اندر ته مان ڪڏهن به ناهيان ويو پر ان لئبرريءَ جي باغيچي سان منهنجون ڪيئي يادون جڙيل آهن. ڪو وقت هو ته هن لئبرري جي بلڪل سامهون آمريڪن ڪائونسل وارن جي آفيس هوندي هئي جيڪا ميريئٽ هوٽل سان لڳ هئي ۽ انهن جي بلڪل پوئين پاسي وزيراعلى هائوس جڙيل آهي مظبوط حفاظتي اپائن خاطر اهو آمريڪن ڪائونسل خانو هاڻي مائي ڪولاچي روڊ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. هي انوقت جي ڳالهه آهي جڏهن اها آمريڪن ايمبيسي اتي ئي هئي ۽ ان جي دروازي تي وڏو دهشت گرد حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيئي فرانسيسي مارجي ويا هيا. انوقت اها لئبرري ۽ اهو باغيچو عام ماڻهن لاءِ بند ڪيو ويو هيو ته جيئن آمريڪي ڪائونسل خاني تي ڪو ٻيو دهشت گرد حملو نه ٿي سگھي پر انوقت اسان کي ان مامري جي خبر نه هئي ۽ جيئن اڄوڪي ڏينهن تي اٺ بي مهار وانگر لڏندو لمندو هت پهتو آهيان ان دئور ۾ پڻ پنهنجي پياري دوست عزير سومري سان گڏ ساڳي نموني ۽ ساڳي روٽ سان پنڌ ڪندي ان باغيچي ۾ پهچي ڦوٽوگرافي جي شروعات ئي مس ڪئي هئم ۽ مون ان لئبرري جي هڪ تصوير ئي مس ورتي هئي ته هيڪڙ ٻيڪڙ بئنچن تي ويٺل ماڻهن مان هڪ اتان اٿي اچي اسان سان مليو هو. هن اسان کي پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ جواب ۾ مون کيس ٻڌايو هو ته مان ڪاليج ۾ پروفيسر آهيان جنهن تي هن چيو هو ته “مجھے یقین ہے کہ آپ شریف شہری ہیں، یہ ایریا  عام  لوگوں کے لئے بند کیا گیا ہے،  تو آپ کی حفاظت کے لئے ضروی ہے کہ آپ جلد سے جلد یہاں سے  چلے جائیں، یہ   جو آپ دیکھ رہے ہیں لوگ بیٹھے ہوئے ہیں سب کسی نہ کسی ایجنسی کے لوگ ہیں، آپ کے پکچر لینے سے پہلے آپ کی دس پکچرس نکل  چکی ہوں گی” سندس اهڙي خوفناڪ منظر ڪشي بعد اسان جو ساهه صفا سڪي ويو هو ۽ مون کيس چيو هو ته “اسان مان هٿ ڪڍ ۽ پوءِ اسان جو ڀڄڻ ڏس” ، هو جيڪو ضيا هيو نه ان دنيا جهان جا ڏچا اسان ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ سرڪڻ ڦاهي جيان ڦٽ ڪري ڇڏيا هيا. هو پاڻ ته آسمان جي وسعتن ۾ باهه ۾ جلي ڪوئلو ٿي ويو هو پر اسان ماڻهن لاءِ سندس ٻاريل باهه اڳ جيان اڄ به ٻري رهي آهي ۽ ان جي تپش ان ڏينهن پڻ اسان باغيچي ۾ محسوس ڪئي هئي، ان کان اڳ جو اسان ان باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي وڃو ها بنا دير اتان پنهنجا پير ڊاهي اچي زينب مارڪيٽ جي گارمينٽس جي دڪانن تان ونڊو شاپنگ ڪرڻ لڳا هياسين. شڪر آهي رب جو هاڻي هي لئبرري ۽ باغيچو عام ماڻهن جي لاءِ کليل آهي جتي زندگيءَ جا سمورا رنگ پنهنجي پوري رعنائين سان ظاهر ٿيندا آهن. هتي جوان، پڪا پوڙها، جوڙا هر قسم جا ماڻهو اچي آسيس وٺندا آهن. هڪ خوبصورت عمارت، ناياب وڻن جون ٿڌڙيون ڇائون، ڦوهارا هجن ته انسان ته انسان پکي به اچي اتي سڪون حاصل ڪندا آهن. جت ڪتاب هجن، گل هجن، سهڻا انسان ۽ پکي هجن ته ڌرتيءَ تي ان کان وڌيڪ جنت ڪهڙي هوندي!

هڪ ٻئي دفعي جي ڳالهه آهي اهو به آچر جو ڏينهن هيو. مون اها رٿا جوڙي هئي فريئر هال واري پراڻن ڪتابن جي نمائش کي ڏسي پوءِ صدر واري بازار ۾ ويندس سو جڏهن ڪلاڪ ڏيڍ ڪتابن جي جانچ جونچ مان واندو ٿيس ته باغيچي کي گھمڻ ۾ لڳي ويس. اتي ڀرسان ئي آرٽسٽيڪل انداز سان خوبصورت پاڻيءِ جا ڦوهارا لڳل هيا جن ۾ ننڍڙا ننڍڙ بت جوڙيل هيا اهي ڏسي رهيو هوس ته اتي ئي هڪ جينز پاتل نوجوان به ساڳين شين کي ڏسي رهيو هو ته ان سان عليڪ سليڪ ٿيڻ بعد تعارف ٿيو. هن ٻڌايو ته هو شاگرد آهي ۽ ڪٿي ڪو ڪم ڪار به ڪري پيو، مون کيس ٻڌايو ته مان پروفيسر آهيان. هو مون سان وڏي احترام سان پيش آيو ۽ مون کان منهنجي عمر ۽ صحت جي ڇڱ ڀلائيءَ متعلق سوال ڪري رهيو هو. اسان ۾ هڪ قسم جي واقفيت ٿي ويئي، سندس خواهش تي مان کيس پنهنجو موبائيل جو نمبر ڏنو ۽ هن منهنجي نمبر تي ڪال ڪئي ته مان به سندس نالو سيو ڪري ڇڏيو هو. مون کان بعد ۾ هُن پڇيو ته هاڻي اوهان ڪيڏانهن ويندا مون کيس چيو ته مان هاڻي صدر جي پراڻن ڪتابن واري بازار ويندس ته هن مون کي چيو ته هو به ان پاسي ويندو جيڪڏهن مان چاهيان ته ساڻس گڏ هلي سگھان ٿو. مون کي ڀلا وري ڪهڙو اعتراض ٿي سگھيو پئي سو سندس موٽر سائيڪل تي ويهي رهيس. مون کي اهو محسوس ٿيو ته هو ٿورو پوئتي کسڪي آيو هو مان اڃا ٿورو پوئتي هليو ويس ته هو وري به پوئتي سرڪي آيو ۽ وضاحت ڪيائين ته سندس موٽر سائيڪل جي سيٽ ٿوري ٽيڙي آهي ان ڪري هو پوئتي ٿي ڪري بائيڪ کي ٿو هلائي. جيئن تيئن صدر پهچي مان ساڻس موڪلائي صدر جي آچر بازار ۾ پراڻن ڪتابن مان پنهنجي پسند جا ڪتاب ڳولهڻ کي لڳي ويس ته ٿوري دير ۾ سندس ڪال آئي ۽ هاڻي هو کلي ڳالهائي رهيو هو ۽ هُن مون کا پڇيو ته “ڇا مون کي ڇوڪري بازيءَ جو شوق آهي؟” انوقت مون کي احساس ٿيو هو ته سندس موٽر سائيڪل بدران ڪا ٻي شيءِ ٽيڙي هئي  مون کيس ٺڙٺپ جواب ڏنو ۽ کيس چيو ته مون کي افسوس آهي ته مان اوهان جي “معصوم” خواهشن کي پورو ڪرڻ جي لائق ناهيان ۽ ائين منهنجي کانئس جان ڇٽي. مون ڪيئي وڏي عمر جا ان قسم جا “موالي” ڏٺا آهن جيڪي پنهنجي زمين جي آبياريءَ لاءِ پريشان هوندا آهن. ننڍي وهي ۾ پاليل اهي شوق عمر جي آخري حصي ۾ ماڻهو لاءِ خواريءَ جو سامان بڻجي پوندا آهن. ڇوڪري بازيءَ جو وهنوار پياري پاڪستان ۽ سنڌ ۾ خيرن سان چوٽ چڙهيل آهي. اسڪول، مدرسا انهن جا خاص اڏا آهن. اهو اسان جي سماج جو هڪ منافقاڻو اميج آهي. اسين اخلاقيات جا وڏا مبلغ ته آهيون پر دنيا جي باٿ روم جيئن ته هاڻي خانگي ناهي رهي جتي اسين سڀ ننگا بيٺا آهيون پنهنجي سمورين بدعمالين سان گڏ، اتان سڀ خبرون پوري ثبوت سان مليو وڃن. اتفاق سان آغا قيوم جو “اگھاڙو سچ” اڄ ڪالهه منهنجي مطالع هيٺ آهي جنهن ۾ اسان جي سماج جي اصلي تصوير لفظن ۾ چٽيل آهي. هي ڪهڙي قسم جو سچو انسان آهي جنهن سڀ کان اول پنهنجا سڀ عيب ثواب ظاهر ڪيا، جنهن ٻڌايو ته ڪيئن هڪڙي استاد تيرهن سالن جي عمر ۾ کيس ان راهه سان لڳايو ۽ پوء اهو عمل کان عادت کان وڌي سندس عضوو ٿي پيو هو  ته هن ڪنهن سخي جيان پنهنجو جسم هر ڪنهن جي حوالي ڪيو ۽ جيڪي کانئس فيضياب ٿيا يا جيڪي پاڻ اهڙي لذت حاصل ڪري ويا سڀني جو اڇو ڇٺو رکي ويو آهي هي آغا قيوم جي ڪتاب ۾ ڪيئي اسان جا اديب، دانشور، ملان مولوي، قومپرست، ترقي پسند الف اگھاڙا ٿي بيٺا نچن. جيئن ته اسان جو سماج منافق سماج آهي جنهن ۾ اسين سڀئي گناهه ڪري پنهنجو پاڻ کي آب زم زم مان ڌوتل ظاهر ڪندا آهيون ان ڪري هن سماج اندر رهندڙ منهنجا نيڪو ڪار ننڍڙن معصومن جي زوري زنا ۽ قتل وارن وارڌاتن کي ٻنجو ڏيڻ يا گھٽ ڪرڻ واري منهنجي ان تجويز ته جسم فروشيءَ کي قانوني بڻايو مون سان ڪڏهن متفق ٿيا نه ڪڏهن ٿيندا، ڀلي قيامتون گذري وڃن پر اسان کي ڏيکاءُ اهڙو ڏيڻو آهي ته اسين عظيم آهيون. 

دوستو معاف ڪجو مان پنهنجي سفر جي ساروڻين ۾ جذبات جي وهڪري ۾ وهي اوهان کي هن ڪنٽروورشل بحث ۾ اجايو گھلي ويو هوم، باقي پوءِ ڇا ٿيو ان جو احوال سڀاڻي واري قسط ۾ پڙهندا....

Wednesday, September 23, 2020

ڪراچي ڊائري قسط پهرين

 ڪراچي ڊائري

قسط پھرين

10 سيپٽمبر 2018ع جي ڏينهن تي سيد سردار شاهه صاحب، سنڌ جي تعليم لاءِ چونڊيل نئين وزير سموري سنڌ جي ڪاليج پرنسپلس جو هڪ سيمينار اسڪائوٽ هال نزد سنڌ اسمبلي جي رکايو هو جنهن ۾ مون به شرڪت ڪئي هئي. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ به مان، اسان جي پياري نويد ڪٽوهر کي چين روانو ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيا هياسين. هت ڪراچي ياترا جي انهن يادگيرين کي سراسري نموني قلم بند ڪيو هوم انهن کي ونڊيان ٿو. 

2018/9/9

قلندري هوٽل ڪينٽ ريلوي اسٽيشن ڪراچي

هنوقت ڪراچيءَ جي موسم خوشگوار آهي، ٿورو جھڙ آهي ۽ تيز هوا گھلي رهي آهي. سکر کان ڪراچي تائين سکر ايڪسپريس جي لوئر اي سي ۾ ڪنهن قدر آسائتو سفر رهيو. ڪنهن قدر ان ڪري ته رات جو دير سان جڏهن ايرڪنڊيشن ڪري ماحول تمام گھڻو ٿڌو ٿي ويو هو ته مون وٽ ان کان بچاءُ لاءِ هڪ ننڍڙو مفلر جهڙو اجرڪ هو ۽ ان سان پير پئي ڍڪيم ته سينو ۽ مٿو نه پئي ڍڪجي سگھيا ۽ جڏهن مٿو پئي ڍڪيم ته پير جهڙو برف ٿيو پئي ويا. اسان جي ريلن يا بسن وارن ۾ اهو ٽڪي جو به احساس ناهي ته ايرڪنڊيشن جي معنى رڳو ٿڌ ناهي پر ان جي معنى اها هئڻ گھرجي ته جڏهن ٿڌ هجي ته ماحول ۾ گرمائش ڏجي ۽ جڏهن گرمي هجي ته ٿڌڙي هوا جون لهرون ڏجن. پر مون اڪثر مشاهدو ڪيو آهي ته خاص ڪري ايرڪنڊيشن ڪوچ سروس سياري ۾ پڻ ايرڪنڊيشن هلائي ماڻهن کي قلفي بڻائي رکندا آهن، مون جهڙي ڪنهن بي افعالي، گرم ڪپڙو کڻي نه ايندڙ لاءِ ته اهو سفر ڪنهن آزار کان گھٽ ناهي هوندو. بهرحال سکر ايڪسپريس وارو سفر ايڏو شديد نه هيو ته برداشت ڪري نه سگھان ها. ڪالهه سکر ايڪسپريس جي ٽڪيٽ پاڪ ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ، نثري نظمن جي ڀلوڙ شاعر، اديب ۽ ڀائرن جهڙي دوست حبيب ساجد بوڪ ڪرائي ڏني هئي ۽ ڊي ايس ريلوي آفيس، سکر ريلوي اسٽيشن ۽ ايوب گيٽ واري ٽڪنڊي تي جڙيل هوٽل تي چانهه پيئڻ کان هڪ اهڙي بيماريءَ جو ذڪرڪري انڪار ڪيو هو جيڪا کيس ٿيڻ نه گھربي هئي. اڳ جڏهن به کيس سٺي چانهه ملندي هئي ته پنهنجي مخصوص انداز ان جي هن نموني تعريف ڪندا هيا ته “چانهه بهترين پر ٿورڙي هئي”. 

سکر ايڪسپريس ۾ رات جو سوچيو هوم ته صبح جو سويل اٿي ريل جي باٿ روم ۾ ڏندڻ ۽ شيو ڪندس، ڇو ته سمورين ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ پاڻيءَ جو بندوبست حيدرآباد يا ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيو ويندو آهي، پر جڏهن باٿ روم ۾ پهتس ته ۽ اتي لوئر اي سي ۾ نام نهاد معزز مسافرن پاران ڪيل گند ڏٺم ته ڏندڻ ۽ شيوُ ڪرڻ تي بعد جا مسئلا هيا پيٽ جو بار هلڪو ڪرڻ تان ئي ارواح کڄي ويو. نرگسيت جي مرض ۾ مبتلا هن بي افعالن ماڻهن کي ڇا چئجي جن جي ڳالهه ڳالهه ۾ مذهبي فرمان هوندا آهن ۽ عمل زيرو، اسلام صفائيءَ کي اڌ ايمان جو درجو ٿو ڏئي جيڪو اسان ۾ بلڪل ناهي. منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي منهن ڀيلو ڪري واپس وريم ۽ پوءِ سوچيم ته اڄوڪي ڏينهن تي جيڪڏهن ڏندڻ نه ڪيم، ڏاڙهي ڪونه ڪوڙيم ۽ تڙ نه ڪيم ته ڪو آسمان ٽٽي ڪونه پوندو ۽ ٻيو ته ماڻهن جي سمنڊ ڪراچيءَ ۾ هر ماڻهو کي ايترا ته خفا آهن جو هو ٻين ماڻهن جي ايترين ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي ڌيان ئي ناهي ڌريندو بس ڏيئي وٺي اهو ٿيندو آهي ته ماڻهو نفسياتي طرح پنهنجو پاڻ مطمئين رهندو آهي.

هن دفعي ڪراچي ياترا سرڪاري سڏ تي ڪئي اٿم.سڀاڻي 10 سيپٽمبر 2018ع تي تعليم جي نئين وزير سنڌ جي سمورن ڪاليجن جي پرنسپلس جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي آهي ۽ مان به ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هتي پهتو آهيان. هتي هڪ ڏينهن اڳ ۾ آيو آهيان ته ان جو سبب هي آهي ته آچر موڪل جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي ٿورو گھڻو گھمي ڦري سگھان، صدر ۾ پراڻن ڪتابن جي آچر بازار جو چڪر هڻا، ڪا فلم وغيره ڏسان. سو سوچيو اٿم ته ڪينٽ کان صدر تائين پيرين پنڌ شروع ٿو ڪيان، هونئن به اڄوڪو ڏينهن مون کي ڪو ڪم ڪار ناهي بس وقت گذارڻو آهي. حقيقت هي آهي ته ڪراچيءَ شهر ۾ مون تمام گھڻو پنڌ ڪيو آهي. تين هٽيءَ کان صدر، صدر کان ٽاور،ٽاور، کان کاردار، ميٺا در، بولٽن مارڪيٽ جھونا مارڪيٽ، نيپئر روڊ کان لي مارڪيٽ، لي مارڪيٽ کان چاڪيواڙهه، ميران ناڪه، بڪرا پڙي ۽ اتان وري صدر، سنڌ سيڪريٽريٽ، هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ، لائيٽ هائوس، پاڪستان چوڪ، اردو بازار، صدر کان ڪلفٽن، سٽي ريلوي ڪالوني کان صدر، ڪينٽ اسٽيشن، گرين ٽائون کان شاهراهه فيصل، پي آءِ اي ڪالوني، ملير کان حاجي رحيم جوکيو ڳوٺ، فيڊريل ڪيپيٽل ايريا سان گڏ فيڊريل بي ايريا جو سمورو جهان، جهڙوڪر مُڪه چوڪ، عائشه منزل، نصير آباد، انچولي، نارٿ ناظم آباد تائين ويندي منهنجي قدمن جا نشان ملندا. انهن رولهڙن ڪري ڪراچي جو نقشو منهنجي ذهن جي ياداشت واري خاني ۾ ان نموني فٽ ٿيل آهي جهڙوڪر خيرپور ۽ سکر هجن. ڪراچي مون کي مهربان ۽ پنهنجي گھر ۾ هئڻ واري احساس وانگر لڳندو آهي.. مون کي حيدرآباد ڏکيو لڳندو آهي، اتي گھمندي ڀلجي پوندو آهيان ڇوته اتي پيرين پنڌ گھٽ ڪيو اٿم.

هنوقت هي لفظ قلندري هوٽل تي ويٺو لکان جنهن تي گراهڪن جي اڪثريت سنڌي ماڻهن جي رهندي آهي ۽ هن هوٽل جي مالڪ لاءِ مون ٻڌو آهي ته اهو ڪو هندو سيٺ آهي پر دخل تي ڪي پٺاڻ مولوي صاحبان ويٺل آهن، بيرا هندڪو ڳالهائيندڙ ڪنهن ڏور ڏيهه جا رهواسي آهن پر هڪڙي ڳالهه مڃڻ جي آهي ته ڪينٽ تي سمورن هوٽلن مان کاڌي جو معيار قلندري هوٽل جو سٺو ۽ معياري آهي. دنيا ۾ هوٽلنگ جو تمام وڏو ڪاروبار آهي. اسلام آباد ۾ ڌاٻا هوٽلن کان وٺي ڪراچي جي جھوپڙا هوٽلن تائين ۽ هاءِ وي تي جڙيل لائين جي هوٽلن کان وٺي فائيو اسٽار هوٽلن ۽ بار بي ڪيو،فاسٽ فوڊ تائين انهن جو هڪ پنهنجو وڏو جهان آهي. هوٽلن جو ڪاروبار ڪندڙ ڪنگلا ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن، پٺاڻ برادري ته ان ڪاروبار ۾ گھڙيو ناهي پر ڪنهن تمام وڏي بکئي حملي آوار وانگر ڪاهه ڪئي اٿن!! ڪجھ ڏينهن اڳ گورنمنٽ ڄام ممتاز ڏهر ڊگري ڪاليج جي سڀ کان سمارٽ ۽ نوجوان ليڪچرار جناب شاهنواز سومري هڪ قصو ٻڌايو هو ته سندن هڪ ذاتي فليٽ جوهر واري علائقي ۾ آهي، هوبه ڪا پراپرٽي جي خريد فروخت جي سلسلي ۾ ڀرپاسي جي ريئل اسٽيٽ جي دڪان تي ويٺا هيا ته بظاهر هڪ سادو نسوار وات ۾ وڌل پٺاڻ هڪ خالي دڪان جي خريداريءَ لاءِ وٽن پهتو. ريئل اسٽيٽ هلائيندڙ سندس ظاهري وظع قطع کي ڏسندي سمجھي ويو ته هي ڪو دڪان خريد ڪرڻ جي قابل ئي ناهي سو کيس پڄائڻ لاءِ دڪان جي قيمت تمام گھڻي يعني ڏيڍ ڪروڙ ٻڌائي. پٺاڻ ڪجھ دير سوچ ۾ گم ٿي ويو ۽ سندس جواب “مجھے منظور ہے” ريئل اسٽيٽ هلائيندڙ جا هوش اڏاري ڇڏيا. ان کيس پنهنجي پاسي ۾ ويهاري کانئس پڇيو ته “خان صاحب اتنے مہنگے دکان میں تم کیا  کاروبار کروگے” پٺاڻ جي جواب کيس ۽ اسان سمورن ويٺلن کي صفا پنڊ پهڻ ڪري رکيو جنهن چيو هو ته “ہم اس میں چائے کا دکان کھولے گا”. اندازو لڳايو ته ڏيڍ ڪروڙ جي دڪان خريد ڪري ماڻهو چانهه جو هوٽل پيا کولين، اهي ڪي چريا ناهن يا وٽن ڪو پئسو گھڻو ناهي پر حقيقت ۾ ان ڌنڌي ۾ ڪمائي آهي ڪمائي... جڏهن شهرن سان گڏ روڊ به ستل هوندا آهن ته انوقت پٺاڻ پنهنجي هوٽلن کي کوليندا آهن ۽ پوءِ سڄو ڏينهن ميلي وانگر هوندو آهي، جتي هزارين ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهندا آهن ته هو ڪنهن جري سپاهي وانگر پنهنجي مورچي تي اٽل بيٺل نظر ايندا آهن، شام کان پوءِ جھونجھڙڪي جو جڏهن شهر جا رستا ٿڪجي پوندا آهن، ماڻهو جيڪي اڪيچار ڪم ڪري پنهنجن پيارن سان چند گھڙيون اڌ ڪوپ چانهه تي ڪچهريءَ جا خواهشمند هوندا آهن ته اهي ساڳيا پٺاڻ اڌ رات کان پوءِ به جاڳيل رهندا آهن ۽ پنهنجو ڌنڌو هلائيندا آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي نوجوانن کي بس سرڪاري نوڪري گھرجي، ڀلي پٽيوالي هجي، چوڪيداري هجي، سويپر جي هجي پر هجي نوڪري ۽ شهرن ۾ به ڪو هلڪو ڦلڪو ڌنڌو ڪرڻ بدران وري اسان جا نوجوان ڪندا بيراگيري، سڄي عمر پيا پراون هوٽلن تي مانيون، چانهيون ڏيندا ۽ ٿانو کڻندا ۽ ڌوئيندا رهندا. ڪراچي اندر رهندڙ سنڌي نوجوانن کي گھرجي ته هي سرڪاري يا خانگي نوڪرين ڪرڻ واري پنهنجي سوچ کي لغام ڏئي بنا دير پنهنجا ڪي ننڍا وڏا ڪاروبار شروع ڪن، مون کي يقين آهي ته اهي ڏهن سالن جهڙي مختصر عرصي اندر ڏهن ٻين کي روزگار ڏيئي سگھڻ جهڙا ٿي ويندا ۽ ڏينهون ڏينهن سندن بئنڪ بيلنس وڌندو رهندو. قلندري هوٽل کان اٿي جڏهن بمبئي هوٽل واري پاسي کان لنگھيم ته مون کي اتي پنهنجو پرين پيارو ممتاز ويسر ياد اچي ويو. ممتاز ويسر هڪ اهڙو مسافر هو جنهن کي سفر ڪرڻ کان سواءِ ننڍ ڪونه ايندي هئي. ڪراچي ته سندس ٻيو گھر هو. جيستائين سندس پٽ اشفاق ويسر کي نوڪري نه ملي هئي ۽ هن ڊفينس ۾ فليٽ نه ورتو هو تيستائين سندس ٺڪاڻو بمبئي هوٽل جي ڀرسان هڪ هوٽل جو مخصوص ڪمرو هو. مان ڪراچي پهچندي کيس ڪال ڪندو هوس پوءِ جيئن اڪثر هو اتي ئي هوندو هو ته انهن هوٽلن جي ڀرسان جڙيل پل جي پاڇي ۾ هڪ رياستيءَ جي مانڊڻي نما هوٽل تان کير پتي چانهه پيئندا هياسين. ممتاز جيڪو صبح جو اٿڻ  سان کير پتي چانهه سان گڏ ڪاوش، عبرت ۽ ڊان به خريد ڪندو هو. وٽس درخواستن جو ڍير هوندو هو ائين لڳندو هو ته کيس ڪا تمام گھڻي تڪڙ آهي ۽ هو پنهنجا ڪم جلدي جلدي اڪلائڻ ٿو گھري، سندس ڪم ته ڪجھ ٿيا گھڻا رهجي ويا پر هو خود هڪ ياد بڻجي ويو آهي. جڏهن به نواب شاهه واري روڊ تان سوئي گئس واري چئو دڳي، ڪينٽ اسٽيشن، بدر ڪمرشل جا ايريا گھمندو آهيان ته مون کي سندس ياد ايندي آهي. کلڻو، ملڻو، بي ضرر، يارن دوستن تي ساهه ڏيندڙ ممتاز ويسر ناهي ته بيچ لگزري يا آرٽس ڪائونسل ۾ مچندڙ ميلن ۾ وڃڻ تان منهنجو ارواح ئي جهڙوڪر کڄي ويو آهي. ممتاز کي ساريندي دل اداس ٿي ويئي هئي پر منهنجا قدم برابر هلي رهيا هيا ۽ هلندي هلندي مون کي هڪ ويران عمارت نظر آئي، جنهن جي ٻنهي وڏن لوهي دروازن تي وڏا ڪلف لڳل هيا ۽ ڀت تي ڪنڊن وارون تارون وڇايل هيون ۽ جنهن تي ٻاهريان لکيل هو ته “هي حڪومت انڊيا جي ملڪيت آهي”. هي اها عمارت هئي جتي ڪنهن وقت هندستان جو ايمبيسيڊر ويهندو هو ۽ سنڌ وارن کي هندستان جي ويزا لاءِ اسلام جا چڪر ڪاٽڻا ڪونه پوندا هيا. خبر ناهي ڪهڙن سببن ڪري پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ کان اها سهولت کسي ويئي. ان کان ٿورڙو اڳيان هڪ نئون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پلازهه زم زم ٽاور جڙيو آهي جنهن ۾ اڃا انساني آبادي جا ڪي آثار نه هيا پر وسيع ايريا ۾ خوبصورت عمارت سازي ٿيل هئي ان جي مک دروازي تي هڪ پراڻي دئور جي وڏي پيجارو بيٺل هئي جنهن هيٺيان هڪ زخمي ڪتو پنهنجي زخمن کي زبان سان چٽي علاج ڪري رهيو هو ۽ پاسي ۾ هڪ رڪشا بيهاري ان جو ڊرائيور ڪنهن پنهنجي يار دوست سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. اهو ڏسي خوشي ٿي ته ڪي سنڌي ته آهن جيڪي هن وڏي ملڪ جهڙي شهر ۾ ڪاروبار اهو کڻي رڪشا هلائڻ وارو آهي ڪن ته ٿا.ان کان ٿورڙو اڳيان وسيع ايريا ۾ هڪ وسيع محلات جنهن جي ڀتين تي پڻ ڪنڊن وارون تارون وڇايل هيون ۽ ان عمارت سان لڳ جيڪو رستو هو اهو بند هو، عمارت جي سامهون پوليس پڪٽون قائم هيون. مان سمجھي ويس ته اها پڻ ڪنهن ملڪ جي ايمبيسي هوندي پر حيرت جهڙي ڳالهه اها هئي نه ته ان عمارت تي ڪو جھنڊو لڳل هو نه ئي ان جي در تي سڃاڻپ طور ڪنهن ملڪ جو نالو لکيل هو، مان سوچڻ لڳو هوم ته ڪيڏي نه سلامتي آهي مملڪت خداداد پاڪستان ۾!!؟؟

Hr Naqash khayalee he|Bedam Warsi|Soofi Salamat Bijarani|Otaro

Husn tusade sahseen charhe sooli te Mansoor|Fakir Javed Abbasi|Fakir Naz...

Tuesday, September 22, 2020

Bhool na jana mera piar|, Doosti|Noor Jahan|Pak Filmi Geet

Khairpur Mir's Railway Station

Lakh war sadqe dildar sadqe

Waar aala je kulhan toon sanware wijhanden|Gul Bahar Fakir|

Thumri, Raja Qureshi

Ustad Naseem Shahid with Sunny Bhae Punjabi Ghazal

Warn joon wari waar wayoon wari aa|Karim Pali|Qazi Ali Hussain|Heat touc...

Azadari music: Musical instruments Crying , weeping & Mourning|6th Muhra...

Ustad Naseem Shahid|Sunny Bhae|Urdu Ghazal|Classic Songs

Ustad Gulam Shabir Samo|Sufi Song| @Otaro Sukkur

Koe Samjhe Ga kia Raz e Gulshan|Qazi Ali Hussain

Jab Se tone mujhe dewana bana rakha he|Ali Hussain Qazi

Ustad Abdul Ghafoor Soomro|Mashooka ne mehendi lie he|Anwar Shah

Tum naheen gham naheen Sharab naheen|Raja Qureshi

Naseem Shahid Punjabi Folk tabla Nawaz Sunny Bhae

Jahan Pur Sharif Ghotki|Urs Anwar Saen|10-09-2020

Khalid Baloch: Self made young man



هي جيڪو ڏاڙهي وارو نوجوان آهي منهنجو ڀائٽو خالد حبيب کورکاڻي بلوچ آهي اهو منهنجي ڪامريڊ ڀاءُ، نثري نظمن جي البيلي شاعر حبيب ساجد جو پڳدار پٽ آهي.
اڄ ڪالهه هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. ٻن انٽرنيشنل ادارن ۾ سافٽ ويئر انجنيئر طور ڪم ڪري ٿو ۽ پنهنجي محنت سان حق حلال جو گنج ڪمائي ٿو. گذريءَ واري علائقي ۾ پنهنجو ذاتي فليٽ بوڪ ڪرايو اٿس ۽ اميد ته جلد هو پنهنجي خاندان سان ان ۾ شفٽ ٿي رهندو. کيس سوا لک روپين واري ياماها اسپورٽس موٽر سائيڪل پڻ آهي ۽ هو ڪراچيءَ جي موٽر سائيڪل گروپ جو ميمبر آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي پري پري وارن علائقن جو سير سفر ڪري چڪو آهي. هو پنهنجي اداري جي تعاون سان هڪ مهيني جو سري لنڪا جو ٽوئر ڪري چڪو آهي ۽ عنقريب فلسفين جي ملڪ يونان ڏانهن اڌ مهيني جي موڪل مان مزو ماڻڻ لاءِ وڃڻ وارو آهي...
هن ڪاميابي جو سفر پنهنجي همٿ ۽ جذبي جي ٻل تي ڪيو آهي. هن جي زندگي تمام ڏکن ڀري رهي آهي. ننڍي هوندي کان ئي دربدري سندس مقدر ۾ جهڙوڪر لکيل هئي. هن پاڪستان جي ڪنهن تمام وڏي ناليواري اداري مان نه پر بي سي ايس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي آهي. اتي پوزيشن هولڊر مٿس چٿرون ڪندا هيا. اهي چٿرون ڪندڙ اڄ ڪالهه پرائمري ماستر آهن ۽ خالد حبيب پنهنجي لازوال مرڪ سان پنهنجي بائيڪ کي ڪنهن فاتح جيان ڪراچي جي روڊن تي ڊوڙائيندو وتندو آهي. حقيقت ۾ هي ته اڃا سندس شروعات آهي جڏهن خالد نوڪري ڇڏي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندو ته ۽ ان کان پوءِ هو انٽرنيشنل سٽيزن جو درجو وڃي ماڻيندو.
خبر اٿو ته اهي ڪاميابيون هن ڪيئن حاصل ڪيون، هن پنهنجي نفرت، محرومي، ذلت کي طاقت ۾ تبديل ڪيو. سندس اٽل فيصلن کيس ان منزل تي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
هر دفعي ۽ هر حالت ۾ ڪامياب رڳو ٽيلنٽيڊ، هوشيار ناهن ٿيندا پر ڪاميابي اوهان جي پنهنجي حياتي گذارڻ جي روين تي مدار رکندي آهي.

 

بي ڪام آنرس جو پھريون ڪلاس، سنڌ يونيورسٽي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور

 





هي ان زماني جي ڳالھ آھي جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ پاران خيرپور ۾ شاھ عبداللطيف ڪيمپس قائم ڪئي ويئي هئي ۽ ڪجھ سالن کان بعد ڪيمپس ۾ شام جو ايم ڪام جا ڪلاس هلايا ويندا هيا. اهو 1981ع وارو سال هيو تہ ڪيمپس ۾ ٽن سالن تي ٻڌل بي ڪام آنرس جا ڪلاس شروع ڪيا ويا هيا. ان پهرين ڪوهرٽ ۾ خوش قسمتيءَ سان مان بہ شامل هيس ۽ مون سان گڏ ڦوٽوئن ۾ نظر ايندڙ هي ٻہ موتيءَ داڻن جهڙا محبوب دوست عبدل سبحان سولنگي ۽ پيارو غلام سرور ڪيريو بہ شامل هيا.
غلام سرور ڪيريو سان تہ منهنجو ڪنهن نہ نموني رابطو رهندو آيو آهي پر پياري سبحان سان چاليهن سالن کان بعد ملاقات ٿي آهي. چاليھ سال تمام گهڻو وقت آهي، ان وقت اسان سڀني جي الهڙ جواني هئي ۽ مستي ۽ سرمستيءَ هوندي هئي ۽ هاڻي لڳ ڀڳ اسان سڀني جا ٻار وڏا ٿي چڪا آهن، سندن شاديون ٿي ويون آهن ۽ اهي گهر ٻارن وارا ٿي ويا آهن. مون جيئن تہ مئٽرڪ بعد ڪيترائي تعليمي ڪيريئر وارا سال زيان ڪيا هيا ۽ جڏهن ڪيمپس ۾ داخلا ورتي هئم تہ گهڻن ٽڻن کان عمر ۾ وڏو هيم ان ڪري مون پنهنجي سرڪاري سروس پوري ڪري رٽائرڊ منٽ وٺي ڇڏي آهي پر اسان جي ان ڪوهرٽ جا ڪيترا ساٿي اڃا نوڪرين ۾ آهن. جيئن عبدل سبحان سولنگي نيشنل بئنڪ ۾ آفيسر آهي ۽ غلام سرور ڪيريو ريونيو ڊپارٽمينٽ ۾ تپيدار جي ڊيوٽي پيا ڏين.
ايترا پراڻا يونيورسٽي جا ڪلاس فيلو جڏهن گڏبا آهن تہ يادگيرين جا ڪيئي دفتر کلي پوندا آهن جنهن ۾ اڪثريت مرڪڻ، ٽهڪن جي هوندي آهي ۽ اسان بہ پنهنجي ان دئور کي ياد ڪري دل کولي کليا هياسين. هن ننڍڙي محفل ۾ ڪوشش ڪري سمورن ياد ۽ وسري ويل ڪلاس فيلوز کي نالو وٺي ياد ڪيوسين. جن ۾ غلام سرور ڇڄڙو، هدايت شر، بهادر شر، اي ڊي شاهاڻي، ممتاز جوڻيجو، قادر ڌاريجو، امتياز سولنگي، وڏيرو بخشل خان سولنگي، نادر خواجہ، سڪندر خاصخيلي، مختيار حاجاڻو، مرحوم غوث بخش سهتو، شبير جمالي، مجيد شر ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
اسان اهو بہ فيصلو ڪيو تہ پهرين مرحلي ۾ آس پاس ۾ رهندڙ دوستن جي ڪا ڪچهري رکي ماني بہ کائجي تہ مستقبل ۾ ڪنهن وڏي ري يونين لاءِ رٿابندي پڻ ڪجي.
مون هن ڪچهريءَ جون ڪجھ جهلڪيون رڪارڊ ڪري ڇڏيون اٿم جن کي جلد پنهنجي يوٽيوب چينل تي رکندس.
اسان جي هن بيج جو ڪوبہ دوست منهنجي هي تحرير پڙهي تہ اهو هن منهنجي اسٽيٽس تي تبصرو ڪري اطلاع ڏي ۽ پڻ ٻين دوستن کي بہ مينشن ڪري.
پنهنجي هن گروپ ۾ شامل سڀ سنگتي (هڪ ٻن کي ڇڏي) وڏين وڏين پوسٽن تي پهتا آهن، جن پنهنجين پنهنجين فيلڊس ۾ پنهنجي علمي قابليت ۽ عمل سان پاڻ مڃايو آهي ۽ ماشاءَﷲ خوشحال زندگي پيا گذارين. هن مرحلي تي پاڻ تي بہ فرض ٿئي ٿو تہ پاڻ پنهنجي معاشري يا ايندڙ نسل کي اڃا وڌيڪ بهتر شيءِ ڪهڙي ڏئي سگهون ٿا. منهنجي خيال ۾ تہ هاڻي اسان سڀني کي ان آئيڊيا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

گل بھار ھڪ سلڇڻو نوجوان


 

گل بهار ڪٽوهر جيڪو رت جي رشتي ۾ ته منهنجو وڏو پٽ آهي پر ساڻس منهنجو علمي ڳانڊاپو گھرو آهي. ايم بي اي، ايم اي سوشيالاجي، ايم ايڊ ڪندڙ گل بهار کي ڪتابن سان بي انتها پيار آهي. ڪتابن جي مطالعي جو نتيجو ئي آهي ته هو ڳچ عرصي کان مختلف سنڌي اخبارن ۾ سماجي، معاشرتي، مذهبي ڪالم لکندو پيو اچي. هاڻي وٽس سندس ڪالمن جو ايترو ته ذخيرو گڏ ٿي ويو آهي جو جيڪڏهن هو ان کي گڏ ڪري ڇپائي ته مڪمل ٻہ ٽي ڪتاب ٿي سگھن ٿا. ڪالمن لکڻ کان سواءِ گل بهار شاعري تي پڻ طبع آزمائي ڪندو رهندو آهي ۽ سندس شاعريءَ جا ڪيئي اسم مختلف فنڪار ڳائي به چڪا آهن. اين سي ايڇ ڊي خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ پروگرام مينيجر (تعليم) واري نوڪري کي ايمانداري سان سرانجام ڏيندي سندس چيلهه چٻي ٿي ويئي آهي. اين سي ايڇ ڊي جي حصي ۾ سرڪار اهي اسڪول رکيا آهن جيڪي هڪ ته اهڙين جاين تي آهن جتي ڪو وڃڻ به گوارا ناهي ڪندو ۽ ٻيو ته اسڪولن اندر  ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت (بجلي، فرنيچر، ليٽرين، بائونڊري، ڪلاس رومس) موجود ناهي هوندي پر پوءِ به سندس جيڪا ٽيم آهي انهن جي اندر ۾ ڪو الڪو آهي، ڪو انهن جي اندر ۾ ڪو جذبو آهي، جنون آهي ۽ اهو آهي ته سنڌ جي تعليم کي سنوارڻو آهي،  غريبن جي ٻارڙن کي پڙهائڻو آهي، ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به نموني سو گل بهار ۽ سندس ٽيم ان معاملي ۾ سؤ سيڪڙو ڪامياب آهي. حالانڪه ائين ناهي ته اين سي ايڇ ڊي جا اسڪول برباد آهن پر ان ۾ ڪم ڪندڙ جيڪي نوجوان آهن انهن جو ڪيريئر به سالن کان هوا ۾ لڙڪيل آهي.  اين سي ايڇ ڊيءَ جا سمورا ملازم بي عزتي جي حد تائين گھٽ پگھار ۽ سهولتن تي ڪم پيا ڪن. مون کي خبر آهي ته گل بهار ڪيئن زندگي پيو گذاري. شايد کيس مسڪين ماڻهن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ وارو ثواب پيو ملي ته سندس ٻار به تعليم پيا حاصل ڪن هونئن اقتصادي طرح سندس حالت ڏاڍي وگرگون آهي. 

گل بهار ۾ ڪنهن به اداري کي هلائڻ واريون سموريون اڳواڻي واريون صلاحيتيون به اتم موجود آهن. اين سي ايڇ ڊي جي سؤ کن ملازمن جي ٽيم کي ڪاميابي سان ڪم وٺڻ، انهن کي سرگرم رکڻ، انهن جي مانيٽرنگ ڪرڻ، انهن جي مدد ڪرڻ سان گڏ اداري اندر ويهي رپورٽون لکڻ ڪو عام نوجوان ڪري سگھڻ کان قاصر آهي. گل بهار ٽيم توڙي اڪيلائي ۾ ڪم ڪرڻ جو ماهر آهي. سنڌي، انگريزي، اردو ۾ ڪمپوزنگ سان گڏ ايم ايس آفيس جي ورڊ    ، ايڪسل، پي پي ٽي آپشن تي عبور رکندڙ گل بهار ڪم ڪري ڪري پنهنجي مٿي جا وار ته وڃائي چڪو آهي پر سندس مهانڊي تي نه ته ڪا ٿڪاوٽ آهي، نه مايوسي آهي، هو ڪم ڪرڻ واري معاملي ۾ اڄ به ٽين ايجر واري طاقت رکي ٿو. اڄ سندس ڄم جو سڀاويڪ ڏهاڙو آهي، مان کيس مبارڪون ڏيندي سندس ڪامياب، خوشحال ۽ وڏي ڄمار جون دعا ٿو گهران. شل گل بهار پنهنجي سهڻي سڀاءُ سان سهڻي سنڌ ۾ سڳند ورهائيندو رهي. آمين.