Friday, July 17, 2015

امڙ جي نانءُ


مون کي پنهنجي امڙ دعائون ڏنيون هيون ته ”پٽ الله ڪندو ته تنهنجو هٿ ڪڏهن  به نه مُنجھندو“  اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن ڪيئي اقتصادي ڏکيائيون منهن مقابل ٿيون، ڪيئي مامرا اهڙا سامهون آيا جن کي ڏسندي ساهه منجھڻ لڳندو هو ۽ سوچيندو هوس ته بس پڄاڻي ٿي ويئي ۽ هي بنڊ منهنجي کڄڻ کان چڙهيل آهي، پر پوءِ  خبر ناهي ڪيئن اها معاملا سڌا ٿيندا ويا، کڻي وقتي طرح قرض پکا چڙهيا پر وهنوار کي بريڪ ڪڏهن به نه لڳو. ٻار اعلى تعليم جي سلسلي ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ خيرپور کان قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد، سکر آ بي اي تائين پڙهڻ موڪليم گاڏو گهلبو رهيو. پاڻ آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ مان ٻن سالن تي ٻڌل ڊگري ڪري آيم، ته به ڪو بريڪ نه لڳو.  

مون پهرين نوڪري ناڪي منشي واري ڪئي هئي تمام ٿورڙي پگھار تي ۽ هاڻي اوڻويهين گريڊ ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر آهيان ۽ جھجھي پگھار آهي، هڪ ڇوڪرو ليڪچرار آهي ٻيو به گزيٽيڊ آفيسر آهي، هڪ ڇُوڪِري مختلف پروجيڪٽس مان ڪمائي ڪري گھر ۾ هٿ ونڊائيندي رهندي آهي، پر پوءِ به پنهنجو حال آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا واري ئي آهي، هڪ ٽڪو به بئنڪ بئلنس ناهي، خالي کيسي سان بوڇڻ ڪلهي تي آهي. شايد انڪري ته امان سانئڻ مون کي جيڪي دعائون ڪيون هيون اهي مالدار ٿيڻ جون ٿوروئي هيون، امان ته هٿ نه منجهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. امان سانئڻ کي وصال ڪئي ڪيئي ورهه گذري ويا آهن پر سندس ڪيل دعائن جو اثر اڄ به منهنجي سر تي سلامت آهي. ماءُ جيڪا سراسر ڌرتيءَ جهڙي هوندي آهي، سڀ گھاءُ پنهنجي سيني تي سهندڙ، گرميون سرديون جذب ڪندڙ پر بنا شڪايت جي وري به ان، ميوو، آسيس ڏيئي ساهه جي ڏور کي سلامت رکڻ جهڙا گڻ رکندڙ ۽ منهنجي سٻاجهڙي، سادي امان به ته اهڙي ئي هئي. اڄ جڏهن ماضيءَ جي جھروڪن ۾ جھاتي پائي ڏسان پيو ته مون کي ائين پيو محسوس ٿئي ته منهنجي امڙ جو بوتو پيار جي امرت پاڻي، ، ايثار، قرباني ۽ محبت جي مٽيءَ سان ڳوهي ٺاهيل هو. هو صرف ڏيندي هئي. اهو ڏيڻ معنى سڀ ڪجھ ڏيڻ؛ مايا، محبت، الفت، انسيت، انسانيت، قرباني، سهپ وغيره. امان جي زندگي ڪا آئيڊيل زندگي نه هئي، هوءَ هڪ بيوهه هئي جنهن کي هڪ يتيم ٻار (بابا سائين) سان پرڻايو ويو هو. بابا جيڪو مسڪين هو، ننڍي هوندي کان ئي پراون درن تي ڌڪا کائي پليو هو، جنهن کي نصيب ۾ غربت ۽ نفرت ئي ملي هئي، وچ ۾ بهار ۾ گھلندڙ ٿڌي هير جهڙو استاد اميرگل کيس ڀاءُ جي صورت ۾ مليو هو ۽ جنهن وقت چاچا استاد اميرگل زندگي جي خالي ڪينواس تي حسين رنگ اڃا ڀرڻ مس شروع ڪيا هيا ته قضا جي ڪاتي مٿس وهي ويئي ۽ هو بابا سائين ۽ ڏاڏا سائينءَ کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو هو. ائين هڪ دفعو زندگي وري زهر جهڙي تلخ ٿي ويئي هئي، جنهن ۾ ڪو به گل ٻوٽو نه هو. ظالم، بي رحم، بي حس، خود غرض دنيا هئي ۽ ٻئي پاسي هڪ غريب گھراڻو هو. بس زندگي ته گذارڻي هئي. ان سُڃي ماحول ۾ امان بابا سائينءَ جو ڀرپور ساٿ ڏنو هو. بابا سائين اڪثر مايوسين، پريشانين، زماني جي ڌڪار ۽ نفرت واري هٻس ڪڍڻ لاءِ امان سانئڻ سان زباني جھيڙا ڪندو هو جنهن ۾ جھجھيون گاريون به هونديون هيون ته ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه ٿڦا ٿڦي تائين به وڃي رسندي هئي پر مجال آهي منهنجي صابرين امان کي ته ڪجھ ڪڇي، هوءَ ته صفا برف جهڙي ٿڌي هئي ۽ ها سندس نالو به ته ”ٿڌي“ رکيل هو. هن پنهنجي نالي جي لڄ سموري زندگي رکي هئي. هر دفعي جھيڙي بعد امان اسان کي سمجهائيندي هئي ته ”اوهان جي پيءُ جي اها ظاهري حالت آهي دراصل اندر جو هو تمام سٺو انسان آهي“.  سندس اهڙن گفتن کي اسين پنهنجي اٻوجهائپ ڪري انوقت ته سمجھي نه سگھيا هياسين پر اڄ جڏهن سندس چيل ڳالهين تي غور ٿو ڪيان ته سندس چيل لفظ سؤ سيڪڙو صحيح ٿا لڳن. ڏاهپ چند ڪتابن پڙهڻ سان ٿورو ئي ايندي آهي. ماڻهون جڏهن زماني جي هلايل چڪيءَ ۾ پيسبو آهي ته هو اتي ڪيئي اڻ ڏٺل، اڻ نظر ايندڙ سچايون ڳولهي هٿ ڪندو آهي. منهنجي امان سانئڻ ۽ بابا سائينءَ کان وڌيڪ ڪير هوندا جيڪي اهڙي يونيورسٽيءَ جا گريجئيٽ هجن!  رڳو بابا سائين هجي ها ته به خير هو سندس جھوليءَ ۾ پليل سندس جگر جو ٽڪڙ سندس ننڍو پٽ احمد بخش عرف انب عرف لاهوتي فقير، هيروئن جو موالي به کيس وڌيڪ چهڪ ڏيڻ کان وسان ڪين گھٽايو هو. امڙ پاران جوڙيل سموريون رِليون، تَڏا، زمين مان گڏ ڪيل تِيليُون، اونهاري جي موسم ۾ کجين جي باغن ۾ ڪيل مزدوري مان بچت ڪيل پئسه سڀ کپائي ڇڏيندو هو ۽ امڙ وري تيزيءَ سان ساڳيا ڪم ڪار سرانجام ڏيندي هئي، جهڙوڪر کيس اڻ تڻ هجي ته متان مواليءَ جو خرچ پکو کٽي نه پوي، پر هيروئن جي موالي آڏو قارون جو خزانو به اچي رکو ته اهو بنهه ٿورڙو لڳندو ۽ هو ان پوري خزاني کي ڪجھ ڏينهن ۾ چٽ ڪري وري اچي اوهان جو در وٺندو ته اهڙو ٻيو خزانو کيس ڏنو وڃي. اهو ڀنڊڻ اسان جي گھر جو هڪ اڻ ٽٽ حصو ٿي پيو هو. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن مان ۽ منهنجو موالي ڀاءُ اهڙين ڳالهين تي تکا مٺا ٿيندا هياسين ته امان جي بي وسي ڏسڻ وٽان هوندي هئي، کيس سمجھ ۾ نه ايندو هيو ته هوءَ ڇا ڪري...هوءَ اڪثر مون کي چوندي هئي ته بابا انب (پيار وچان اسان ڀاءُ  احمد بخش کي انب چوندا هياسين) جي روين سندس اندر ساڙي ڇڏيو آهي، هوءَ مون کي چوندي هئي ته سندس مري وڃڻ بعد موالي جي ٻارن لاءِ سوچي سوچي پريشان آهي ته سندن ڇا ٿيندو!

منهنجي سٻاجهڙي امان جنهن پنهنجي ساهه جي آخري گھڙين تائين منهنجو، منهنجي ڀاءُ جو، بابا سائين جو ۽ اسان جي اولاد جو خيال تمام خبرداريءَ سان رکيو. مون کي پوري طرح ياد آهي؛  محرم مهيني جي نائينءَ جي رات هئي، منهنجا ڇوڪرا مجيب، گل بهار ۽ هوشو ۽ احمد بخش جا پٽڙا رياض علي، محمد فاضل ماتم جي سلسلي ۾ پاڙي جي ڪنهن پڙ تي ويل هيا ته امان سانئڻ رات جو ٻي وڳي اٿي مون کان پڇڻ لڳي هئي ته ڀلا ڏيو خبر ٻارڙا اڃا ڇو ڪونه موٽيا آهن؟ ٻئي ڏينهن محرم جي نائين تاريخ هئي ان ڏينهن تي اسان جي مولائڻ امان ڳوٺ جي سمورن ماين ۽ مردن کي چيو ته ”جيڪڏهن هن زندگيءَ ۾ مون سان ڪو چڱو ناهي هليو، ان منهنجو ڪو ڏوهه ڪيو هوندو يا مون کي ڪا تڪليف ڏني هوندي، يا منهنجو ڪو حق ڦٻايو هوندو ته مان انهن سڀني کي هي جهان ۽ اڳئين جهان لاءِ سڀ ڪجھ بخش ٿي ڪري وڃان، اوهان به جي ٿي سگھي ته مون کي بخش ڪندا“. ان کان پوءِ  ڪجھ گھڙين بعد امان مون کي سڏ ڪيو مون جڏهن کيس ڳراٽڙي پاتي ته امان مون کي چيو ”بابلا هاڻي موڪلاڻي آهي“ ائين چئي امان سانئڻ پنهنجو مٿو منهنجي جھوليءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ هوءَ هميشهه لاءِ هلي ويئي ۽ مان يتيم بڻجي ويو هوم. امان سانئڻ ۽ بابا سائين جي وهي وڃڻ بعد حقيقي طرح مون کي احساس ٿيو هو ته پيار ڇا آهي؟ سنڀار ڪيئن لهبي آهي. مان ڪڏهن ڪڏهن گھر دير سان ايندو هوس ته امان سانئڻ وڏي اڪير وچان چوندي هئي ته ”پٽ ماحول صحيح ناهي جلدي گھر موٽي ايندو ڪر“ اڄ مون کي احساس ٿئي ٿو ته ڪير ته هوندو هو جنهن کي منهنجو اوسيئڙو رهندو هو. ڪي احساس ماڻهون تڏهن محسوس ڪندو آهي جڏهن اهو ماحول ئي دفن ٿي ويندو آهي ۽ انسان جي دل ۾ اُساٽون اڀرنديون آهن ته ڪاش اهي ڏهاڙا هڪ دفعو موٽي اچن...پر وڃڻ وارا ڪڏهن واپس ٿيا آهن!...اها به حقيقت آهي پر ڪنهن حد تائين امڙ اڄ به مون سان گڏ آهي، منهنجي نياڻين جي صورت ۾، پنهنجي دعائن جي صورت ۾ دعائون جيڪي ڪڏهن مرڻيون ئي ناهن ۽ هوءَ جيڪا مون کي عظيم دعا ڏئي ويئي هئي ته ”پٽ تنهنجو هٿ ڪڏهن به نه منجھندو“ ته مان سندس دل جي اونهاين سان سندس شڪر گذار آهيان، واقعي منهنجو هٿ کڻي خالي آهي پر منجهيو ته ڪڏهن ناهي.....

Friday, July 10, 2015

The End کان اڳ


زندگيءَ جو قرض لاهيندي لاهيندي پوڙهو ٿي ويو آهيان پر هڪ قرض جيڪو لهي ٿو ته ٻيو ان کان وڏو چڙهيو وڃي. مون واري زندگي به ان پهاڙي چوٽي جهڙي آهي جيڪا سڀ کان وڏي ۽ آخري لڳندي آهي پر جڏهن ماڻهون سهڪندو، گھلبو، رڙهندو ان چوٽيءَ تي پهچندو آهي ته ٿوري فاصلي تي ٻي ان کان به وڏي پهاڙي بيٺل نظر ايندي آهي. هڪ اڻ کٽ سفر آهي، جيڪو مسلسل پيو هلي. وچ وچ ۾ کڻي ساهه پٽڻ لاءِ ماڻهون ويهي به ٿو، ٿڪ  به ڀڃي ٿو پر پڄاڻي تي پهچڻ جي اڻ تڻ کيس ننڊ ڪرڻ ڪٿي ٿي ڏي. ڪي خوشنصيب انسان هوندا آهن جن کي اڻانگن سفرن ۾ همٿائيندڙ، مدد ڪندڙ ۽ اتساهه ڏيندڙ ساٿي ملندا آهن پر منهنجو اهڙو نصيب ڪٿي، مون زندگيءَ جو سفر تن تنها ڪيو آهي، اداسين جي ڇانون ۾ ويهي ٿڪ ڀڳا اٿم، ويرانين ۾ رُلندي، ڦيراٽيون کائيندي وقت ڪاٽيو اٿم....ڪاش ڪو جيڪڏهن منهنجو ساٿ کڻي نه ڏي ها پر منهنجي درد کي سمجھي ته سگھي ها پر هت ته سڀ انڌا، گونگا، ٻوڙا، ڇسا، وائڙا، بي همٿ يار دوست، مٽ مائٽ آهن، جيڪي منهنجي زخمن تي پهو رکڻ بدران پنهنجي چڀندڙ لفظن ۾ زهر ڀري تير هڻندا آهن. جڏهن به منهنجا وارث اهڙو ڪم ڪندا آهن ته ٿڪ کان چور چور جسم وڌيڪ ڏُکڻ لڳندو آهي، انهن جي خود غرضي، لاتعلقي، بي رحميءَ وارن روين ڪري منهنجي دماغ ۾ بم گولا ڦاٽڻ لڳندا آهن ۽ مان پنهنجو پاڻ کي بي وس ۽ وڃايل ماڻهون ڀائيندو آهيان. اهڙين گھڙين ۾ ڪنهن همدرد دوست جي ساٿ جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي آهي، دل چاهيندي آهي ته؛ ڪو ته اهڙو به منهنجو ساٿي هجي جنهن جي هنج ۾ پنهنجو مٿو رکي روئي سگھان، پنهنجي اندر جي زخمن کي ڳوڙهن جي پاڻيءَ سان ٺاري سگھان پر وري به ساڳي ڳالهه ورجائيندس ته اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي...ڪن محبوب ماڻهن لاءِ دل ۾ سَٽون اڀرنديون آهن ته ڪاش اهي ان قسم جو رويو مون سان رکي ڄاڻن ها پر ان ۾ انهن جو ڏوهه به ڪونهي، سندن زندگي صراط المستقيم تي پئي گذري (يا بظاهر مون کي ائين پيو نظر اچي) ۽ هو پنهنجي سکي زندگيءَ ۾ مون جهڙي سحرا ۾ ڀٽڪيل انسان کي ڇو شامل ڪن؟؟ هي ته منهنجو اڻ ٿيڻيون خواهشون آهن، جيڪي سماجي ٻنڌڻن کي ٽوڙڻ، روايتن کي پٺي ڏيئي هلڻ جون متقاضي آهن....اهو سفر ته مون کي پنهنجو پاڻ تن تنها سرانجام ڏيڻو آهي.

مان هڪ اهڙي معاشري جو فرد آهيان جتي هر ڳالهه اڳ ئي متعين ڪيل آهي. مون کي ڪهڙي ڳالهه پسند آهي، مان ڇا ٿو چاهيان، مان ڪهڙي نموني پنهنجي ماڳ تي پهچڻ ٿو گھران، منهنجو ڪهڙيون گھرجون يا خواهشون آهن وغيره وغيره ته انهن جي ڪائي حيثيت ناهي. منھنجي تقدير جو فيصلو نيم ملان خطره ايمان جهڙن ملن، ذاڪرن، پنڊتن، پيرن، فقيرن، صوفين، انقلابين، قومپرستن اڳ ئي ڪري ڇڏيو آهي ته منهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ سٺي آهي ۽ ڪهڙي خراب آهي. مون کي دائرن ۾ رهي، تلوار کان تيز ۽ وار کان سنهي رستي تي هلي زندگي گذارڻي آهي....افسوس صد افسوس اها به ڪا زندگي آهي؟  جتي ماڻهون نه خوش ٿي کلي سگھي نه روئي سگھي، نه ڳالهائي سگھي، نه اندر جي اڌمن جو اظهار ڪري سگھي، جتي قدم قدم تي راهه راست ڏيکارڻ وارا ڏائڻ هٿن ۾ گرز کنيو بيٺا هجن، ڪنهن جي اکين ۾ ڪا خوشيءَ جي چمڪ ٿي ناهي ۽ مٿس وار ٿيو ناهي! هڪ اهڙو گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول جنهن ۾ ماڻهون ڪڙهندي ٻرندي به خاموش رهي.....حقيقت ته اها آهي ته هن وقت تائين اها ئي زندگي گھاري اٿم، شام ٿي چڪي آهي، سج لهڻ وارو آهي، ڄاڻ ملان ٻانگ ڏني، کن پلڪ ۾ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ منهنجي مڙهه تي اهو ملو اچي منهنجي گناهن جي معافي لاءِ دعائون گھرندو جنهن سان مان سڄي ڄمار سندس جهالت وارن روين تي وڙهندو رهيو آهيان. مون کي انوقت ائين لڳندو ته اها منهنجي آدرشي نظرين جي مڪمل ۽ آخري شڪست آهي ۽ لڳي به ائين ئي ٿو ته ڪروڙن ٻين مون جهڙن انسانن سان گڏ منهنجون اهي حسرتون پڻ رات جي ڊگھن ڀوائتن پاڇن ۾ ڪٿي گم ٿي وينديون...۽ جڏهن اسڪرين تي آخري لفظ The End. اڪري ايندو پر ان کان اڳ مان چاهيان ٿو ته ڪو ته اهڙو به هجي جيڪو اداس ماڻهن کي چاهي سگھي، کين دلاسو ڏئي سگھي، کيس نه سمجھندي به پنهنجو ڪري سگھي....اي ڪاش....