Wednesday, December 11, 2013

(Magic of Math) رياضيءَ جو جادو


12/12/13


ڪالهه پياري دوست،سنڌي ٻوليءَ جي اديب پروفيسر نذير وڌو پاران هڪ ايس ايم ايس مليو هيو ته جيئن ته اڄ (ڪالهه) منفرد ڏينهن آهي ان حساب سان ته 11/12/13 سو ان مناسبت سان مون کي لکڻ گھرجي. واقعي يارنهن، ٻارنهن ۽ تيرنهن جو انگ اچي ٿو ۽ اهو وري ڪڏهن به زندگيءَ ۾ ڪونه ايندو. ڪن دوستن ته وري ان کي تهان وڌائي ڇڏيو هيو يعني ٽائيم کي ان سان ملائي 9/10/11 يعنى يارنهن وڄي ڏهه منٽ ۽ نو سيڪنڊ ته ان نموني نوَ، ڏهه، يارنهن، ٻارنهن ۽ تيرنهن جو انگ وڃي بيهندو. اڄ جڏهن تاريخ لکيم ته اها به مون کي منفرد لڳي يعني ته ٻارنهن،ٻارنهن ۽ تيرنهن، بهرحال هر سال جي ڪلينڊر ۾ تاريخي انگن جو اهڙو وڻندڙ تال ميل ٿيندو رهندو آهي جنهن سان ڪي منفرد انگ جڙي پوندا آهن. هونئن ڏسجي ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي پر جيڪڏهن ٻي نظر سان ڏسجي ته انسان ذات جي هڪ خوبي نظر ايندي ته ننڍين ننڍين ڳالهين مان خوشيءَ جا ڪي حيرت انگيز پاسا ڳولهي لهڻ وارو انداز نظر ايندو. اها مثبت ڳالهه آهي. ننڍڙا معصوم ٻار به ائين ئي ڪندا آهن، اهي پنهنجي راند روند، خوشي ۽ خوش رهڻ لاءِ عجيب غريب پهلو هٿ ڪري وٺندا آهن جن ڏانهن وڏن ماڻهن جو ڌيان ئي ناهي ويندو. اهڙن ڪمن ڪارين سان انسان جون دماغي خوبيون پڻ نکري نروار ٿي پونديون آهن. اهو انگن اکرن وارو ڪم ڪار حساب ڪتاب سان تعلق رکي ٿو. انگ اکر، انهن جي جوڙ ڪٽ، ضرب، ونڊ ۽ سراسري رياضيءَ جو علم آهي، جنهن ۾ اسان جو اڄوڪو نسل صفا نپٽ لڳو پيو آهي. ان ڳالهه جي تمام اشد ضرورت آهي ته اسان پنهنجي نئين نسل کي پهرين درجي کان وٺي يونيورسٽي جي تعليم تائين ان علم سان روشناس ڪرايون، جو رياضي سمورن علمن جي ماءُ آهي. هڪ دفعو اهو علم اسان جي دماغ ۾ ويهي وڃي ته باقي سمورا علم به آسان ٿي پوندا. ڏٺو ويو آهي ته ILETS, GRE, GAT, NAT, TEFL, TOFEL  يا اهڙين ٻين امتحاني معرڪن ۾ اسان جا سنڌي نوجوان مار ئي رياضيءَ واري پاسي ۾ کائي ويندا آهن ۽ ان نموني زندگيءَ ۾ ملندڙ بهترين موقعن کي وڃائي ويهندا آهن. ان ڪري اهو تمام ضروري آهي ته پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽي جي سطح تائين اسان جا استاد ان پاسي خاص ڌيان ڏين ۽ شاگردن کي به گھرجي ته دلجمعيءَ سان رياضيءَ جي مضمون کي سمجهي ڪري پڙهن.