Saturday, December 27, 2014

بيڊ گورننس به گورننس ته هوندي آهي پر سکر ۾ ته اها به گوسڙو ماستر وانگر گم آهي؟


مان اسلاميه ڪاليج سکر جي پروفيسرن لاءِ جڙيل ڇهن ڪوارٽرن مان هڪ ۾ رهندو آهيان. دوستو اڄ ڪالهه منهنجي طبيعت ڪا سٺي ناهي ۽ مان جسماني ڪم ڪرڻ ۾ تمام گھڻي تڪليف ٿو برداشت ڪيان پر ان تڪليف هوندي به اڄ مون پنهنجي ڪوارٽر ٻاهران گندي پاڻيءَ  واري ناليءَ کي پاڻ صاف ڪيو جو اهو ڀٿرن، پلاسٽڪ جي ڳوٿرين ۽ گھرن مان گھٽين ۾ اڇلايل گھريلو ڪچري ڪري بند ٿي ويو هو  ۽ گندو پاڻي ناليءَ مان نڪري پاڙي وارن جي درن تائين وڃي پهتو هو. اهو ڪو وڏو ڪارنامو ناهي جيڪو مون سرانجام ڏنو اٿم يا ان ڪم کي مان ڪنو ڪم به نه ٿو سمجھان ته مون جهڙي ماڻهو نءَ کي نه ڪرڻ گھرجي ها پر اها ڳالهه ضرور چوندس ته اهو ڪم ميونسپل ڪاميٽيءَ وارن جو آهي، شهر جي صفائي سٿرائي، صحت افزا ماحول، صاف پاڻي جي هر گھر تائين پهچ، گندي پاڻيءَ جي نڪاسي سندن فرضن ۾ شمار آهن،  پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سکر ۾ سالن کان ميونسپل ڪاميٽي مرحوم ٿي ويئي آهي ۽ ان جو ڪوبه ڪم ناهي رهيو، ڇو ناهي رهيو ان جا ڪيئي ڪارڻ هوندا بس هڪ ڪارڻ جيڪو ظاهر ظهور آهي ان جي ڳالهه ڪندس ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪرپٽ عملدارن سڄي ٻيڙي ٻوڙي رکي آهي. پيپلز پارٽيءَ وارن سنڌ تي جيڪي عظيم احسان ڪيا آهن ان ۾ هڪ هي به آهي ته انهن ميونسپل ۾ اڳ جيڪي سرڪاري نوڪريءَ کي حلال ڪندي غريب ماڻهون صفائيءَ وارو ڪم سرانجام ڏيندا هيا ته کانئن اهو حق به کسيو ويو آهي. هاڻي ميونسپل ڪاميٽين ۾ خاڪروب، صفائي سٿرائي، گھٽين جي ٻهاري، گندي نالين جي صفائي واريون نوڪريون ياته عظيم عوامي اڳواڻن جي بوٽن کي صاف ڪندڙ ، سندن بنگلن ۾ چاڪري ڪندڙ ماڻهون رکيا ويا آهن يا ويجھا جيالا، متوالا مقرر ڪيا ويا آهن، جن جو ڪم آهي پگھار کڻڻ ڀلا اهو انهن جو شان ڪٿي آهي ته  اهي وتن گھٽين جون گنديون ناليون صاف ڪندا، اهو ڪم اسان جهڙا اوڻويهين گريڊ جا ماستر سرانجام ڏين ته خير آهي، ڀلا ڪٿي صاحب لوڪن جي ڪٽڻپي وارو ڪم ڪندڙ جو شان ۽ ڪٿي ڪاليج ۾ ايسوسئيٽ پروفيسري جي ماستري ڪندڙ معمولي انسان؟؟؟!!!!
دوستو جنهن ملڪ ۾ اهڙو دستور هجي ته ڇا اهو ڪهڙي منهن سان ترقي ڪندو؟وڌيڪ لکڻ جي بدران اهو سوال اوهان جي بحث لاءِ کليل ٿو رکان......

Tuesday, December 23, 2014

هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گھڻيون ڪيون...




سنڌ جي يگاني شاعر استاد بخاري پنهنجي هڪ گيت ۾ لازوال سٽون چيون هيون ته ”هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گھڻيون ڪيون، بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون“. اها هڪ درد ڪٿا آهي، اهو هڪ ارمان ۽ اڌمو آهي، اهو هڪ احساس آهي، اندر مان نڪتل هڪ آهه آهي جنهن کي ٻن سٽن ۾ استاد بخاري ڏاڍي اثرائتي نموني بيان ڪيو هو. ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست جائز نموني هن ڳالهه کي ٻن فردن جي ڳالهه ڪري پيش ڪن ۽ استاد پاران پنهنجي محبوب لاءِ ڏوراپو سمجھن پر جيڪڏهن ان شعر کي وسيع تناظر ۾ ڏسجي ته انهن سٽن مان اسان محسوس ڪنداسين ته هڪ ڏاهو انسان پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم وارن لاءِ هڪ نياپو ڏيئي رهيو آهي، ائين پيو لڳي ته ڪو يگانو انسان رات جي اونداهيءَ ۾ لالٽين کڻي ماڻهن کي روشن راهن 
.تي هلڻ جا ڏس پيو ڏئي پر پوءِ به ماڻهن پنهنجي گھرن جي درن دروازن کي ٻيڪڙي ڇڏيو آهي.

 هر ماڻهون شاعر جي خيالن کي پنهنجي سمجھ آهر ۽ پيدا ٿيل حالتن سان ڀيٽي ان مان نتيجا ڪڍندو آهي. ساڳي ڳالهه مون لاءِ به صحيح آهي. مان سمجھان ٿو ته استاد بخاري هڪ انتهائي باشعور انسان هو، جيڪو ديس اندر روا ناڪاري روين، ظلم ۽ زيادتين، انيائن کان ڀلي ڀت واقف هو، کيس خبر هئي ته ڪير رهبر جي روپ ۾ زهزن آهن (جيڪي ماڻهن کي غلط رستي ڏانهن پيا ڌڪين)، هو ڄاڻندو هو ته هر حسين چهرو وفادار ناهي هوندو، ٽوهه به سهڻا آهن پر سندن ذائقو انتهائي ڪڙو آهي،  کيس خبر هئي ته سنڌ جا ماڻهون جلدي اعتبار ڪري ڌوڪو کائڻ وارن مان آهن، کيس خبر هئي ته بار بار ڌوڪن کائڻ باوجود اهي وري به ساڳين درن تي مسيحائي لاءِ وڃن ٿا جن جي ڪري سندن زندگيون زهر بڻايون ويون آهن. استاد بخاري قوم جو هڪ سڄاڳ، ڄاڻو، عالم ۽ دورانديش شاعر هو. هو قوم جي دردن کي پنهنجو درد ڀائيندو هو، انهن دردن جي اپٽار هو پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي خوبصورتيءَ سان ڪري ويندو هو. سندس شاعري دانهون ئي ته هيون جيڪو هو لوڪ کي جاڳائڻ لاءِ ڪندو هو.

سندس هڪ ٻي غزل مان ڪجھ سٽون آهن ته؛
تحرير کي ترار بڻايون بچي پئون،                                                                                                              ڪوڪار مان ڪٽار بڻايون بچي پئون،                                                                                                            غدار پنهنجا دوست ٿين، ٿڪ هڻي ڇڏيون،                                                                                                 
.جھونجهار پنهنجا يار بڻايون بچي پئون.

استاد بخاريءَ پنهنجي تخليق وسيلي جيڪي ڏاهپ جا ڏس ڏئي ستل قوم ۽ عوام کي جاڳائڻ جا جيڪي جتن ڪيا، پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جنهن جاکوڙ جي اميد رکي شاعري سرجي هئي ته جڏهن هُن ڏٺو ته ماڻهون سندس ڳالهين کي گھٽ ٿا سمجھن، ڪي سمجهڻ باوجود ان کان انڪار ڪن ٿا، ڪي ته مورڳو سمجھڻ ئي نه ٿا چاهين ته اهڙي ڪيفيت ۾ کانئس اهي سٽون لکجي ويون هونديون.
ان معاملي ۾ استاد بخاري اڪيلو ناهي، سنڌ جا ڪيئي يگانا انسان رات ڏينهن مختلف محاذن تي مختلف نموني جاکوڙي رهيا آهن، اهي پنهنجي قوم ۽ عوام کي جاڳائڻ جا جتن مختلف نموني پيا ڪن. ڪي استاد بخاري وانگر شاعري پيا ڪن، ڪي مضمون نگاري ذريعي، ڪي ڳائي وڄائي ته ٻيا وري معياري تعليم کي عام ڪري ماڻهن ۾ ساڃاهه پيدا ڪرڻ سندن سمجھ وڌائڻ جي هاڪري ڪمن ۾ رڌل آهن.
جڏهن پوري سنڌ اهڙن هاڪاري سرگرمين جو ڳڙهه بڻيل آهي، جڏهن هر ساڃاهوند ڪوڪاري ٿو، جڏهن سنڌ جي ازلي ويرين جي منهن تي چڙهيل نقاب لهن ٿا پر تڏهن به عام ماڻهون ان ساڳي گٺل پيٺل، رڻ ۾ روليندڙ واٽ تي هلڻ جو اصرار ڪن ٿا ته پوءِ استاد بخاري کين ميار ٿو ڏئي ته بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون.
انهن سڀني ڳالهين هوندي به ائين هرگز نه ٿو چئي سگھجي ته سڀ ماڻهون ڪي صفا انڌا، گونگا، ٻوڙا آهن. سنڌ جي ماڻهن جي سمجھ وڌي رهي آهي، کري ۽ کوٽي جي پرک جيڪا کين اڄ آهي شايد اڳ اها نه هئي. سنڌ جا ماڻهون تبديل ٿي رهيا آهن، جيتوڻيڪ سندن تبديليءَ جي رفتار کڻي ٿوري سست آهي پر اهي صفا بيٺل پاڻي جي دٻي مثل هرگز ناهن. هونئن به سائنس جا آفاقي اصول آهن جيڪي هر ڪنهن تي لاڳو هوندا آهن. هر عمل جو هڪ رد عمل هوندو آهي، هر سرگرمي، جدوجهد ۽ تحريڪ پنهنجو ڪو نه ڪو مثبت نشان ڇڏي ويندو آهي. ان ڪري مايوس ٿيڻ بدران اسان جيڪڏهن پنهنجين انهن سرگرمين ۾ تهان وڌيڪ واڌارو ڪيون، انهن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي توجهه ڏيون، ماضيءَ ۾ مليل نتيجن تي سوچ ويچار ڪري مستقبل جي رٿابندي بهتر ڪيون ته يقينن پنهنجي منزل ماڻي سگھون ٿا....
کڻي    ڪنڍيون   گلابي    موسمون    پهتيون،
ڪري   سينگار   سهڻيون    منزلون    پهتيون.
مڃينديون مات جھڪنديون مشڪليون پهتيون،
جتي  تنهنجون  ۽  منهنجون  جرئتون  پهتيون.

Wednesday, December 3, 2014

مون کي سٺو ڪاليج ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو پرنسپل ڏيکاريندس.

سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جي ڳالهه ڪرڻ وارا دوستو هن ڦوٽوءَ کي غور سان ڏسو....هي ڪو غيرسرڪاري يا




 ڪنهن اين جي او جو فنڊيڊ اسڪول يا ڪاليج ناهي نه ئي آرمي وارن جو ڪيڊٽ ڪاليج آهي، هي گورنمنٽ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي شاگردن جو ڪاليج جي پرنسپل سائين پروفيسر عبدالرزاق بلوچ ۽ مهمان مهر ميڊيڪل ڪاليج جي احترام لائق پرنسپل سان ورتل ڦوٽو آهي. جيڪي دوست سرڪاري ادارن جي نه هلڻ جا جيڪي سوين عذر پيش ڪندا آهن سي مهرباني ڪري نوٽ ڪن ته هي به هڪ سرڪاري ڪاليج آهي ۽ ان تي به اهي  ۽ قانون ۽ ظابطا لاڳو آهن جن جو روئڻو ٻيا روئيندا آهن، پر هتي تعليم جو بهترين ماحول آهي، ڪلاس شاگردن سان مڪمل نموني ڀريل نظر ايندا آهن، استاد پنهنجي ڪم کي مذهبي فريضو سمجھي ادا ڪندا آهن، سکر جي هر شاگرد جي اها خواهش هوندي آهي ته شل کيس هتي داخلا ملي. مون کي ياد ٿو اچي ته ڪنهن وقت گورنمنٽ ڊگري سائنس ڪاليج سکر جو ماحول به ان جهڙو هوندو هيو جڏهن مرحوم پروفيسر نذير پٺاڻ صاحب (مولا پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي) ڪاليج جا پرنسپل هوندا هيا. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته مون کي اوهان سٺو اسڪول ڏيکارو مان اوهان کي سٺو پرنسپل ڏيکاريندس. سٺي اسڪول يا ڪاليج جو سڌو سنئون واسطو سٺي تعليمي اڳواڻي، پنهنجي پيشي سان سچائي، ڪم جي ڄاڻ، دوستاڻو ماحول، استادن، شاگردن، پرنسپل ۽ غير تدريسي عملي ۾ مؤثر ڳانڊاپو، ڪم جي صحيح ورڇ، وسيلن جو جائز استعمال ڪرڻ تي منحصر آهي....مان مانواري سائين پروفيسر عبدالرزاق بلوچ صاحب کي لکين سلام ٿو پيش ڪريان ته هن اسان سنڌ وارن جي لاءِ پنهنجي ڪاليج کي هڪ ماڊل طور پيش ڪري ڏيکاريو آهي. هڪ اهڙي قسم جو ماڊل ڪاليج سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور به هو پر منهنجي محسن سائين نور محمد کهڙي صاحب جي ڊگھي بيماري ڪري ان ڪم ۾ ڪي رولڙا پئجي ويا آهن. مان سپلا وارن دوستن کي به عرض ڪندس خدا جي واسطي سنڌ جي ڪاليجن اندر اهڙا پرنسپل مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرايو جيڪي ان پوسٽ لاءِ اهل هجن، جن وٽ ان ڪم کي هلائڻ لاءِ علم ۽ هنر هجي، جيڪي دل و جان سان سنڌ جي تعليمي ترقيءَ جا خواهشمند هجن، جيڪي دنيا اندر گھلندڙ/هلندڙ تعليمي ماحول کان ڀلي ڀت واقف هجن، جن جو دين ايمان پئسي بجاءِ پنهنجي پيشي جو وقار هجي.......ڪاش جي واقعي ائين ٿي پوي ته سنڌ جو هر ڪاليج هڪ ماڊل ڪاليج هوندو، مون کي لکرائي وٺو....هاڻي وقت ڳالهين ڪرڻ جو ناهي، عمل جو آهي جيئن سائين عبدالرزاق صاحب جن ڪري ڏيکارو آهي. سائين بلوچ صاحب جو ڪم ڳالهائي ٿو، وڏي واڪي ڳالهائي ٿو....اچو ته هر تعليمي اداري کي هڪ مثالي ادارو بڻايون