Saturday, November 24, 2012

پيهي جان پاڻ ۾

پيهي جان پاڻ ۾

My life collage

 

 زندگي هڪ وڏو سفر آهي.  ان وڏي سفر اندر وري انسان کي ڪيئي ننڍڙ ا کوڙ سارا سفر ڪرڻا پوندا آهن. اڄ مان زندگي جي وڏي سفر وچ ۾ ڪيل هڪ ننڍڙي اهڙي سفر جي روداد بيان ڪرڻ ٿو گھران، جيڪو غير روائتي هيو.  اهو سفر انهن سفرن وانگر نه هيو جن جي ڪا منزل متعين ٿيل هوندي آهي ۽ اهي  ڪنهن مخصوص جڳهه کان شروع ٿي ٻي تي اچي ختم ٿيندا آهن. منهنجو اهوهڪ سفر هيو جنهن جي شروعات ته منهنجي پيدا پيدا ٿيڻ سان شروع ٿي چڪي هئي ۽ مون کي يقين آهي ته ان سلسلو منهنجي آخري سفر تائين جاري رهندو. اهو سفر آهي علم، عقل،  ڄاڻ ۽ ڏاهپ کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ جو سفر، جنهن جي ڪا منزل متعين ٿيل ناهي هوندي، جنهن جي لاءِ ڪنهن خاص عمر جي ضرورت به ناهي هوندي ڇوته اهو سدا جاري رهندڙ عمل آهي. “عشق ٻڍا نه ٿيوي توڙي چٽڙي ٿيوي ڏاڙهي” اسان تمام گھڻيون ڳالهيون پنهنجي گھر ۾، اوڙي پاڙي وارن کان، ۽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سکندا آهيون. دنياداري، مهذب پڻي ۽ مذهبي معاملن جي سکڻ جو سلسلو گھڻو ڪري گھر کان شروع ٿيندو آهي، ۽ انهن ڳالهين کي اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن کان ۽ شهر وارن کان يا ته تقويت ملندي آهي يا اهي انهن سان اختلاف رکندا آهن. ائين زندگيءَ سان سلهاڙيل کوڙ ساريون ڳالهيون اسان جي ايمان جو جز بڻجي وينديون آهن ۽ اسين انهن کي پٿر تي ليڪ سمجھندا آهيون. اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ اسين لکڻ، پڙهڻ سان گڏ ڪي  انتهائي پيچيدهه هنر سکندا آهيون. تعيلمي ادارن جو معيار، اتي استادن جي قابليت ۽ رويا به اسان جي زندگين تي گهرو اثر ڇڏيندا آهن. تعيلمي ادارن کان فارغ ٿي اسان هڪ دفعو وري معاشري ڏانهن رجوع ڪندا آهيون ۽ ان تي پنهنجي علم، هنر، ڏاهپ وسيلي اثر انداز ٿيندا آهيون. اهو سمورو عمل سکڻ ۽ سيکارڻ جو آهي. اهو هڪ مسلسل جاري رهندڙ عمل هوندو آهي ان عمل ۾ ڄاڻ جا خزانا جنم وٺندا آهن جيڪي فرد ۽ معاشري تي پنهنجو اثر ڇڏيندا آهن.


منهنجي زندگيءَ جو اهو سفرهيو (Aga Khan University-Institute for Educational Development {AKU-IED})  ۾ ايم ايڊ ڪرڻ وارو جيڪو  2009ع  ۾ شروع  ٿيو هيو، جنهن جي ڪا پڄاڻي ته نه ٿي آهي پر ان جو هڪ مرحلو 2011 ۾  پورو ٿيو هيو هو. مان پنهنجي ان سفر ۾ اوهان مهربانن کي به شامل ڪرڻ ٿو گھران.


  مان ڪاليج ۾ پڙهائڻ سان گڏ هروقت ان تاڪ ۾ رهندو هوس ته ڪو اهڙو ڪورس ڪريان يا ڪا اهڙي تربيت وٺان جنهن سان هڪ استاد جي حيثيت ۾ منهنجي علم ۾ واڌارو ٿئي ۽ منهنجي پڙهائڻ  جي عمل ۾ سڌارو اچي. اهڙي سوچ ڪري مون کي ڪيئي مناسب موقعا مليا جنهن ۾ مون کي تام سٺين ڳالهين، هنرن، حرفتن سکڻ جا موقعا مسير ٿيا. ان ئي سلسلي ۾ مون کي  هڪ اهم ڪاميابي تڏهن حاصل ٿي جڏهن مون کي جڳ مشهور آغا خان يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ فار ايڊوڪيشن ڊيولپمنٽ ۾ ايم ايڊ ۾ ڪرڻ لاءِ داخلا وٺڻ جو موقعو مليو. هن ٻن سالن جي ڪورس دؤران تمام گھڻين تعليمي مهارتن سکڻ جو موقعو مليو.


مون ايم ايڊ ڪندي جيڪي اثر قبول ڪيا انهن ۾ هڪ هي به آهي ته مون کي معاشري ۾ تبديلي برپا ڪندڙ نمائندو هئڻ گھرجي ۽  انهن ماڻهن سان گڏجڻ گھرجي جيڪي هن معاشري ۾ تبديلي جي خواهش رکندڙ آهن. “تبديلي” بظاهر هڪ ننڍڙو لفظ آهي پر حقيقت ۾ انسان بي مثال ترقي ڪرڻ جي باوجود به ان لفظ کي صحيح نموني سڃاڻي نه سگھيو آهي. دنيا اندرهن وقت تائين جيڪي به مذهب آيا انهن جو منشور ۽ مقصد به انسانن اندر مثبت تبيديلي آڻڻ ئي هو. سڀني مذهبن لکين ۽ ڪروڙين انسانن کي متاثر ڪيو،  هر رنگ ۽ نسل جي ماڻهن انهن نظرين جي پوئيواري ڪندي لبيڪ چئي انهن جي پوئيواري ڪئي،  پر افسوس ته انسان جو ڪردار جنهن نموني تبدلي ٿيڻ گھرجي اهو اڄ به هڪ سواليه نشان بڻيل آهي. لکين ڪتاب ان موضوع تي لکيا ويا آهن ۽ لکجن پيا. ڪيئي مڻيادار ماڻهون پيدا ٿيا انهن پنهنجيون پوريون زندگيون ڪن پيچيدهه مسئلن کي ڳولهڻ، ڦولهڻ، سمجھڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ بقول لطيف سائين جي جڏهن کين ”مال جو ماسو“ مليو ته انهن پنهنجي ان حاصلات کي اسان سان ڪتابي صورتن ۾ ونڊيو. آئن اسٽائين، ڊارون، ڪارل مارڪس، هيگل، سقراط،  ابن سينا، ابن بطوط، ڪنفيوشس، گوتم جهڙا ڪيئي فلسفي آيا جن پنهنجي ڏاهپ وسيلي دنيا کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. رائيٽ برادرس، مارڪوني بل گيٽس ۽ ٻين اهڙن جي ايجادن پوري انسانذات لاءِ انيڪ سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون.


 دنيا جي سياستدانن پنهنجي وت ۽ وس آهر هر قسم جون ڪوششون ڪيون، انهن پاران ڪيئي آزمائشون ڪيون ويون. دنيا تي شهنشاهي، ڪالونائيزيشن کان پوءِ ڊڪٽيٽرشپ کان وٺي اشتراڪيت، جمهوريت جهڙا نظام آيا جن پڻ ڪروڙن انسانن تي مثبت ي ۽ منفي اثر ڇڏيا. حقيقت ۾ سٺا سياستدان اهي ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي عوام ۽ قوم جي دل ۽ دماغ ۾ خواب اڻيدا رهيا آهن ۽ انهن خوابن کي مثبت تبديليءَ ۾ لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن.


انهن سمورن ڪاوشن، ڪوششن، ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي هوندي به جڏهن اسين انساني روين جي جانچ جونچ ڪيون ٿا ته نظر ٿو اچي ته اسين ته اڄ به ان ساڳي اونداهي دؤر جا انسان آهيون جيڪي جبلن ۽ جھنگن ۾ جانورن جيان رهندا هيا. ها اسان ۾ ۽ انهن ۾ کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، اجھي وغيره جا ته فرق نمايان آهن پر جڏهن گواناٽاموبي يا بغداد جي ابوغريب جيلن اندر دنيا جي اڪيلي سپر پاور ۽ سڄي دنيا کان وڌيڪ ٽيڪنالاجيڪل ترقي ڪيل ملڪ آمريڪا پاران قيدين سان ڪيل عقوبتن کي ڏسون ٿا ته نظر اچي ٿو ته اسان کان ته اهي وحشي انسان ڪي قدر سٺا هيا.  هو پنهنجي هٿيارن سان وڌ کان وڌ هڪ اڌ انسان جو خاتمو آڻڻ جي سگھ رکي پئي سگھيا پر اڄ اسان انساني تباهيءَ لاءَ ايٽم بمن کان تمام اڳاهون ٽپي چڪا آهيون.   


سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ائين ڇو آهي؟ هيڏي وڏي انساني ترقي جي باوجود به انسانن جي روين اندرجيڪا تبديلي رونما ٿيڻ گھرجي اها اڃا تائين اچي نه سگھي آهي. ان جا ڪيئي سبب  آهن، پر منهنجي خيال ۾ هڪ تمام وڏو سبب هي به آهي ته تبديليءَ جا خواهشمند هڪ ڳالهه ۾ غلطي ٿا ڪن، اهي ٻين ماڻهن کي ته تبديل ٿيڻ جو صلاحون ڏيندا رهندا آهن، پر پنهنجو پاڻ ۾ ذري برابر به تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا. اهو نقطو صرف اسان جا صوفي ئي سمجھي سگھيا آهن ته جيستائين اندر ۾ مير هوندو هوندو من ۾ غير هوندو تيستائين ظاهري عبادتون محض ڏيکاءُ ئي آهن. بس ان هڪ نقطي ۾ ئي ڳالهه سمجھي سگھجي ٿي. ان ڪري ڪهڙي به ننڍڙي توڙي ڪنهن عظيم تبديليءَ جي جيڪڏهن شروعات ڪرڻي آهي ته ان جي شروعات پنهنجو پاڻ کان ٿيڻ گھرجي.  اسان جي اداري آ اِيِ ڊي ۾ ڪيئي ريفرشر ڪورسز ۽ ورڪشاپ ٿيندا رهندا هيا. هڪ دفعي اهڙي ڪنهن پروگرام ۾ اتر سنڌ جي هڪ ايلمنٽري ڪاليج جي پرنسپل جو تعارف سندس ئي اداري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ استاد ڪرائيندي ٻڌايو هو ته “سائين اسان جي صاحب آمريڪا، لنڊن سان گڏ پاڪستان ۾ جيڪي به سکيا جا پروگرام آهن اهي سڀ ڪيا آهن، هي سکيا حاصل ڪندڙ ماڻهن جو گرو آهي”. مان کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو هوس ۽ کانئس سندس ان سکيا جي حاصلات جي جڏهن پڇا ڪيم ته ڏاڍي مايوسي ٿي هئي. سندس جواب هوته “ادا اسان ته استادن سان مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پيا آهيون پر اهي سڌرن ئي نه ٿا”. مون سمجھي ورتو ته هي به انهن ماڻهن مان هڪ آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪئي بنا باقي سمورن استادن ۾ تبديليءَ جا خواهش مند آهن. مان کيس وڏي احترام سان چيو ته سائين ٽريننگو اوهان ڪيون آهن، لکين روپيا خرچ اوهان تي ٿيا آهن،  تبديل ته اوهان کي ٿيڻ گھرجي هروڀرو استادن تي الزام ڇو ٿا ڌريو“.  سوچڻ لڳم ته جڏهن اسان وٽ جيڪي سکيا ڏيندڙ گرو آهن انهن جي حالت به اجھو اها آهي ته جيڪا به ٽريننگ اچي ان ۾ ضرورت هجي نه هجي پنهنجو نالو ئي لکرائڻو آهي. پوءِ ڀلي ان جي پوئيواري ٿئي يا نه!! ان عمل سان هو تعلقات ٺاهڻ، ٻين تي روب وجھڻ، ۽ پئسن ڪمائڻ وارا ڪاروباري سطحي ڪم سرانجام ڏيندا آهن. سکر ۾ ڪجھ فيميل ٽيچرس آهن جيڪي هر ٽريننگ، هر ورڪشاپ ۽ هر پراجيڪٽ ۾ هڪيو تڪيون موجود هونديون آهن. مجال آهي جو ڪو هو ٻين اڻ سکيا ورتل يا گھٽ سکيا ورتل استادياڻين لاءِ ڪو موقعو ڇڏين. انهن ڳالهين ڪري اسان جي  تعليم اندر تبديلي نه ٿي اچي ۽ ان تعليمي پسماندگيءَ جو اثر اسان جي معاشري تي به پوي ٿو.  اسان ڏسون ٿا ته هر ماڻهون تبليغ ڪندڙ ملي وارو ڪردار ادا پيو ڪري، جنهن کي ڏسو نصيحت جا گل نڇاور پيو ڪري، اسان موبائيل ايس ايم ايس جي صورت ۾ هزارين قول، حديثون، آيتون روز وصول ڪندا آهيون جيڪي اسان جا مهربان اسان ڏانهن موڪليندا آهن. منهنجو هڪ دوست آهي جيڪو سدائين سوم رس جي اثر هيٺ ٽُن رهندو آهي، ان پنهنجي موبائيل ٽيون تي قران شريف جي تلاوت رکي ڇڏي هئي. مون کيس عرض ڪيو هو ته ”قبلا جڏهن اوهان جو نمبر ٿو ملايان ته قران پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ ٿي نصيب ٿئي وري جڏهن اوهان سان ٿو ڳالهايان ته شراب جي بوءِ ٿي اچي“. ٻيو هڪ مهربان هيو جيڪو ڏينهن اندر گھٽ ۾ گھٽ چاليهه پنجاهه ايس ايم ايس حضرت علي رح جي جي قولن وارا موڪليندو هيو ۽ عملي طرح ڇا ڳالهه ڪجي، کيس ٻه نمبر چوڻ دو نمبري ماڻهن جي توهين ٿيندي، چوٽ جو ڪوڙو، ڌوڪيباز، وياج خور ۽ هيروئن جو ڪاروبار ڪندڙ....هونئن هنوقت منهنجي الاهي دوستن جي نمبر ملائڻ سان آذان جا آلاپ پيا ايندا آهن، ڪٿ وري نعت ۽ حمد شريف ٻڌڻ نصيب ٿيندو آهي. مطلب ٻيو ڪجھ به ناهي هوندو بس سڀني تي اهو ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ته هو ڪيڏا نه مذهب پرست آهن ۽ نيڪ آهن !!!


 جڏهن مون (Aga Khan University-Institute for Educational Development {AKU-IED}) اي ڪيو يو_آ اِي ڊي جي عمارت ۾ پير رکيو هيو ته اتي مونکي تبديليءَ جا ڪجھ مثبت پيرا نظر آيا هيا. مثال طور جڏهن مانجھاندي جي ماني لاءِ لائين لڳندي هئي ته ان ۾  ڪنهن به قسم جي ننڍ وڏائي جو لحاظ ڪونه هوندو هيو. جيڪڏهن ڪو هائوس ڪيپر اڳ ۾ اچي بيهندو هيو ته اداري جو وڏي ۾ وڏو سربراهه ڊاريڪٽر صاحب به ان جي پويان اچي بيهندو هيو. ماني وٺڻ هر ڪنهن جو پنهنجو ڪم هوندو هيو، ماني کائڻ بعد ٿانون کي هڪ مخصوص جاءِ تي رکڻ به ماني کائيندڙ جي ذميوارين ۾ شمار هوندو هيو ۽ اهي ڪم سڀ ماني کائيندڙ بنا ڪنهن فرق جي سرانجام ڏيندا هيا. اسان جا استاد صاحبان پنهنجي شاگردن کي پڙهائي جي سلسلي ۾ اصل سوريءَ تي ٽنگي رکندا هيا ۽ جيڪي ٽارگٽ هوندا هيا اهي هرصورت ۾ مليل وقت اندر پورا ڪرڻا پوندا هيا. ان وقت اسين سمجھندا هياسين ته هي اسان جا استاد ڪيڏا نه ڪٺور دل آهن جن اسان کان راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو آرام کسي ورتو آهي پر هاڻي جڏهن هي ٻه اکر پيو لکان ته منهنجي من اندر پنهنجي استادن جي ان روئي لاءِ انتهائي پيار ۽ احترام جا جذبا موجزن آهن جو هاڻي ڳالهه سمجھ ۾ آئي آهي ته سندن اهڙين سختين ڪري ئي ته ڪجھ سکڻ ۽ پرائڻ جو ماحول ٺهي سگھيو هو. پر هو محض اسان تي ئي سختي ڪونه ڪندا هيا پر پاڻ به تمام گھڻي جاکوڙ ۽ ولوڙ ڪندا هيا ۽ اهي اسان کان وڌيڪ محنت ڪندا هيا. سندن هروقت ڪوشش هوندي هئي ته موضوع سان سلهاڙيل مؤثر ترين تعليم جو طريقي سان اسان کي سکيا ڏين ۽ ان سلسلي ۾ ڪوبه وسيلو جيڪو سندن هٿ وس هوندو هيو ان کي اسان تائين پهچائڻ کي پنهنجو فرض سمجھندا هيا. هنن ڪڏهن ڀلجي ڪري به ڪو سيشن نه ڇڏيو هوندو ها جيڪڏهن ڪنهن مجبوري تحت جيڪڏهن مخصوص ڏينهن تي اهو ممڪن نه هوندو هيو ته باهمي رضامنديءَ سان ڪنهن موڪل واري ڏينهن تي هو اهو سيشن ڪرائيندا هيا. شاگردن لاءِ جيڪڏهن حاضري سؤ فيصد لازمي هئي ته ساڳيو قانون هنن پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪري رکيوهيو ته مينيوئل مطابق جيڪي به سبق کين پاڙهڻا هوند هيا ۽ سيشنس وٺڻا هوندا هيا ته اهي ان ڳالهه سؤ فيصد يقيني بڻائيندا هيا.


هرسال اداري جي سالگرهه جو پروگرام ملهائيو ويندو آهي. اسان جي هوندي اداري پنهنجي پنجويهين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو هيو. ان پروگرام جي ڪيڪ ڪاٽڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ماڻهون يا اداري جي سربراهه کي ڪون گھريو ويو هيو پر اداري ۾ ڪم ڪندڙ سڀني پرتن استادن، شاگردن،  انتظاميه، انتظامي امور کي سرانجام ڏيندڙ عملي، صفائي ڪندڙ هائوس ڪيپر، مالهي، گارڊن کان علاوهه سوشل ايريا ۾ رڌ پچاءُ جي ڪم ۾ رڌل دوستن کي به نمائندگي ڏني ويئي هئي. ان نموني اهو پيغام سڀني تائين پهچايو ويو هيو ته هي ادارو ڪنهن مخصوص ٽولي يا فرد جو ناهي ان ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي ان جا گڏيل مالڪ آهن.


ٻي هڪ مثبت تبديلي اها محسوس ٿي هئي ته هر ماڻهون کي اها خبر هوندي هئي ته سندن ڪهڙا فرض آهن ۽ کين ڇا ڪرڻو آهي ۽ اهي بنا ڪنهن جي چوڻ جي پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندا هيا. جڏهن ڏسبو هيو ته مالهي گلن جي سيوا پيا ڪندا هيا، ڇٻر پيا ڪاٽيندا هيا،  يا گلن ٻوٽن کي پاڻي پيا ڏيندا هيا، هائوس ڪيپر ڪاريڊور تي نظر رکيون ويٺا هوندا هيا ته ڪٿي ڪو ڪک پن ته نظرڪون پيو اچي، ڪنهن ليٽرين ۾ صفائيءَ جي ڪا گنجائش ته رهجي ڪونه ويئي آهي. آ ايس وارا پيا ڪمپيوٽر چيڪ ڪندا هيا ته ڪٿي ڪا ڳڙٻڙ ته ناهي.


مان اداري ۾ رهڻ دؤارن اهو سکيو ته تبديليءَ جي هاءِ گھوڙا ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهون پهريون پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري. جيڪي سندس فرض آهن انهن تي بنا ڪنهن جي چوڻ يا زور بار جي عمل ڪري. اسان جي استادن کي پڙهائي وارو ڪم پرنسپلس، سپروائزرس يا ڊي او يا اي  ڊي او جي دٻاءُ يا ڀؤ کان ڪرڻ جي بدران ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجھي ادا ڪرڻ گھرجي. ان کي گھرجي ته هو اهو ڪم ان لاءِ نه ڪن ته سندن نيڪي ۽ ناماچاري ٿئي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهون ان لاءِ ڪم ڪندو ته سندس ڪيل ڪم جي ساراهه ٿئي، کيس شابسون ملن ته پوءِ جڏهن ائين نه ٿيندو ته هو مايوس ٿي پوندو چوندو ته ”ادا اسان جي معاشري ۾ سٺي ڪم ڪرڻ واري جي ڪا عزت ئي ناهي“ . حالانڪه سندن اها ڳالهه ڪنهن حد تائين جائز پڻ آهي پر جيڪو اسان جو فرض آهي ان لاءِ هروڀرو اسان پنهنجي اوس پاس ڇو ڏسون ته ڪير ڪير منهنجي ڪم کي ساراهين ٿا.  منهنجي خيال ۾ اسان جي ادارن اندر به جيڪڏهن ان قسم جو ماحول جڙي پوي ته ڪيئي مسئلا خودبخود  حل ٿيندا رهن. منهنجي هنن ڳالهين لکڻ جو مقصد هي آهي ته جيڪا ڳالهه سٺي ٿي لڳي ته اها اول پنهنجو پاڻ تي لاڳو ڪجي، تبديليءَ جي شروعات پاڻ کان ئي ڪجي، جيئن لطيف سائين فرمائي ويا آهن ته


”پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،


ته نه ڪا ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،


پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هيا.



Tuesday, November 20, 2012

قوم جي تعليم ۽ تربيت ئي حقيقي سياست آهي

قوم جي تعليم ۽ تربيت ئي حقيقي سياست آهي

 

تمام گھڻو وقت ٿي ويو آهي ته مون سياست تي ناهي لکيو. مون اخبارون، رسالا به پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. منهنجي اهڙي طبيعت ڇو جڙي؟ شايد صحيح نموني مان پاڻ به ٻڌائي نه سگھان، پر يقين اٿم ته ان فيلڊ ۾ جيتري بي ايماني، ڪوڙ، منافقت، قوم ۽ عوام دشمني جا جراثيم موجود آهن ته اهڙن ڳالهين ڪري مان ان پاسي کان پاسيرو ٿيندو ويم.جڏهن اوهان کي ڪابه ڳالهه سمجھ ۾ نه اچي يا سٺي نه لڳي ۽ اوهين محسوس ڪريو ته ڳالهه اوهان جي وس کان چڙهيل آهي ته پاسيرو رهڻ ۾ ئي چڱائي آهي.  اسان جا اڪثر سياسي ڪالم نگار جيڪي ڪجھ لکن ٿا، اهو لکيل مواد سندن ذات لاءِ ته  ان نموني لاڀائتو هجي ٿو ته اهي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي هلڪا ڦلڪا ٿي وڃن ٿا ۽ سندن اندر ۾ اٿلي آيل اڌمن کي آواز ملي وڃيٿو.  ڪجھ لکڻ وري ان کي پاڻ ئي پڙهڻ ۽ دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي داد ڏيڻ ۽ پڙهندڙن جي بظاهر سرد مهريءَ تي دل ئي دل ۾ ڏک ڪرڻ سان لکاري جو من هلڪو هلڪو ٿي پوندو آهي. مون سان به اڪثر ائين ئي ٿيندو هيو. مون کي خبر ناهي ته منهنجيون لکڻيون ڪيتريون پڙهيون وينديون هيون يا پڙهيو وينديون آهن پر جڏهن مان پاڻ انهن کي پڙهندو آهيان ته اندر ۾ اطمينان جي لهر اڀري ايندي آهي. هونئن اڪثر مشاهدو ڪيو ويو آهي ته ڌرين جي منفي روين تي تي لکيو ويندو  رهيو آهي ته انهن کي اهڙين لکڻين کي پڙهڻ جو نه ته ڪو شوق آهي نه ئي وٽن ايترو فضول وقت هوندو آهي ته اهي مال ميڙڻ واري ڪم کان ٿورو پاسيرو رهي مون جهڙي ڪنهن ڪنگال جو ڪالم پڙهن.  ڪاموراشاهي، سياستدان، سرمائيدار، جاگيردار، خان،  وڏيرا، سردار، چوڌري وغيره ڪجھ اهڙا مثال آهن جن جي صحت تي اهڙين لکڻين جو ٽڪو به اثر ڪونه پوندو آهي،  ڀلي ته کڻي انهن لکڻين کي دنيا جي عظيم ادب ۾ به شمار ڇو ڪونه ڪيو وڃي. پاڪستان جي پوري تاريخ کي ڏسجي ۽ ڪالم نگارن پاران لکيل ڪروڙين لفظن جي ذخيري جو اندازو لڳائجي ته اهو ڏسي حيرت ئي ٿيندي ته جيئن ٿڌ تيئن وڌ جي مصداق جن تي تنقيدون ٿينديون رهيون آهن يا جن کي سڌارڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ چيو ويو آهي ته انهن جي منفي روين ۾ اضافو ئي ڏٺو ويو آهي.  انهن کي جيئن سمجھ ۾ آيو آهي يا ايندو آهي اهو ئي ڪندا آهن. رشوت، بدعنواني، پنهنجا نوازڻ، ميرٽ جي مليا ميٽ، ڏاڍ، ظلم، بيداد، بدمعاشي، بي شرمي، بي حيائي وغيره جا جيڪي رويا وٽن موجود هيا انهن ۾ اضافو ئي ٿيو آهي.


پر رڪارڊ جو ٻيو پاسو به آهي. اهڙيون لکڻيون صرف انهن جي پڙهڻ لاءِ ته ناهن هونديون. لکاريءَ جو مقصد اهو به هوندو آهي ته سماج جي انهن مهانڊن کي وائکو ڪري جن تي شرافت، مهذب پڻي جا ماسڪ چڙهيل آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ميڊيا جي عام ٿيڻ، سوشل ميڊيا جي ميدان ۾ اچڻ بعد عام ماڻهن جي سمجھ ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو آهي ۽ کين سياست، مذهب، حب الوطني، سماجي ڪمن جي حوالي سان ٿيندڙ انيائن جي ڀلي ڀت پروڙ سو پئجي ويئي آهي. هاڻ ستن پردن اندر ٿيندڙ بدمعاشين جهڙا واقعا به منظر عام تي اچي وڃن ٿا. جيئن ڪجھ وقت اڳ سنڌ جي سياست تي ناجائز قبضو ڪيل هڪ خاندان جي عورت پاران غريب هاريءَ  جي تذليل ڪئي ويئي هئي ۽ سندس ۽ سندس  والد کي سندن امڙ جي سامهون منهن تي ڪاروڪيو ويو هيو ته ان سڄي منظر جي وڊيو منظر عام ٿيڻ ڪري اهڙي خاندان جي بظاهر مهذب هئڻ جو ڀانڊو کلي پيو هيو. هاڻي جيڪڏهن سنڌ جا ويڪائو وڏيرا اقتدار جي حاصلات لاءِ  سنڌ جو سستو سودو سنڌ اسمبليءَ جي ايوان ۾ ڪن ٿا ته لکين لعنتن جا  ايس ايم ايس هر موبائيل جي ان باڪس ۾ پهچن ٿا جيڪي وري ٻين لکن ماڻن ڏانهن روانا ڪيا وڃن ٿا. پر اڃا تائين عوام جي ان ڄاڻ تائين رسائيءَ کي سگھ ۾ تبديل ڪري ان کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏانو ناهي آيو.  


حڪمران طبقي وٽ پئسوهئڻ سان گڏ کين رياست جي طاقت (پوليس، فوج، عدليه، جيل، ٿاڻا، ملان مولوي) به ميسر آهن ته اهي ان طاقت جي ڏڍ تي عوام جي ڄاڻ واري عمل کي سماج ۾ لاڳو ڪرائڻ واري مثبت پاسي کي به بند ڏيئي بيٺا آهن.  شايد اهڙن ڳالهين جي ڪري مون سياسي ادب سرجڻ واري ڪم کي وقتي بريڪ هڻي ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي اها منهنجي ڀاڙيائپ آهي، سمجھوتو آهي، يا غلطي آهي ته انهن ڳالهين کي مان تسليم ٿو ڪريان ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪجھ نه ڪجھ ته منهنجي من ۾ هوندو. مان هڪ عام انسان آهيان، ٻچڙيوال آهيان، نوڪري پيشه آهيان ته ظاهر آ، خوف ۽ انديشه ته منهنجي من ۾ به آهن جيڪي مون کي پورو پورو سچ لکڻ جي اجازت ڪونه ٿا ڏين ۽ اتي مان پوئتي هٽي سمجھوتو ٿو ڪريان. ٿي سگھي ٿو ته اها منهنجي غلطي به هجي! پر منهنجي هميشه ڪوشش رهي آهي ته ڪڏهن به ڄاڻي واڻي غلط بياني کان ڪم نه وٺان، جي ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا ڳري آهي، ۽ ان کي ڪرڻ جي سگھ منهنجي بزدل دل ۾ ناهي ته پوءِ مان ان کي لفظن جي هير ڦير سان ڪندو آهيان يا جيڪڏهن بيان نه ڪندو آهيان تڏهن به ڪڏهن ڀلجي غلط مؤقف جي حمايت ناهيان ڪندو.  جڏهن مون کي ڪجھ ماڻهن جا رويا ڀانءِ ناهن پوندا ۽ منهنجي ڳالهين جو انهن جي طبيعت يا مزاج شريف تي به ڪو مثبت اثر ظاهر ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي هوندو ته مان اهڙن ماڻهن کان پاسيرو ٿي ويندو آهيان. ها البت اهڙن دوستن جي همت افزائي ڪرڻ کي پنهنجو فرض شمار ڪندو آهيان جيڪي سکڻ، سيکارڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ، يا صحيح ڳالهه کي مڃڻ جي سگھ رکندا آهن ته انهن سان وڌي چڙهي ميل ملاپ ڪندو آهيان. ڪجھ سالن کان مون کي اها ڳالهه به سمجھ ۾ آئي آهي ته جيستائين اسان وٽ تعليم ۽ تربيت جو ڪو جوڳو نظام يا سرشتو قائم نه ٿو ٿئي تيستائين مثبت تبديليءَ جي خواهش ته ڪري سگھجي ٿي پر زميني حالتن ۾ ڦير ڦار جو گھٽ امڪان ٿو رهي. ان معاملي جيڪي رڪاوٽون آهن اهي به ڪي لڪل ناهن. اسان جي حڪمران طبقن جو مفاد ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اڪثريت عوام کي علم، عقل، ڏاهپ، هنر، سوچ ۽ سمجھ واري رستن کان تمام پري رکيو وڃي. هو اهو ڪم وڏي ڪاميابيءَ سان  سرانجام ڏيندا رهيا آهن. هتي تعليم اندر به تمام وڏو طبقاتي نظام قائم ڪيو ويو آهي. پئسي وارن لاءِ خانگي شعبو آهي جيڪو تمام گھڻو مؤٿر آهي پر اهو ايترو ته مهانگو آهي جو  عام ماڻهون پنهنجي ٻارن  کي اهڙن ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ جي سوچ به ڌاري نه ٿا سگھن.  ٻئي پاسي عام ماڻهون جي اولاد  لاءِ محض سرڪاري تعليمي  ادارا آهن، جتي تعليم کان سواءِ سموريون برايون موجود آهن.


  هاڻي سڌارو اچي ته ڪيئن اچي، منهنجي پنهنجي خيال مطابق ته سرڪاري ادارن ۾ تمام سٺا محنتي، جذبي وارا، ايماندار ۽ پنهنجي ڪم کي مذهبي فرض سمجھي سرانجام ڏيڻ وارا به موجود آهن ته اهڙن دوستن کي ڳولهي هٿ ڪجي، انهن جي وچ ۾ ڪو رابطي جو جهان جوڙجي، کين مدد ڏجي، همٿائجي  ۽ سندن عقل ۽ علم ۽ هنر کان پرائجي ته ان نموني ڪجھ نه ڪجھ مثبت تبديليءَ جا آثار پيدا ڪري سگھجن ٿا. اهڙي ڳالهه کي مسجهندي ۽ مڃيندي مون پنهنجو سمورو ڌيان سنڌ جي تعليم ۽ ترقيءَ ڏانهن مرڪوز ڪري رکيو آهي. تمام وڏي ڪم جي شروعات هميشهه ننڍڙن ڪمن سان ٿيندي آهي. بيٺل پاڻيءَ ۾ ننڍڙو ڀٿر حرڪت پيدا ڪري وجھندو آهي سو مان اهو ڀٿر هڻڻ ٿو چاهيان. منهنجي دلي خواهش آهي ته قوم جي تعمير ۾ تعليم ۽ تربيت واري شعبن کي وسيع ڪجي، ايترو وسيع ته جيئن هر عام خاص ان مان بنا ڪنهن رڪاوٽ يا دير جي لاڀ حاصل ڪري سگھي. ان سلسلي ۾ مون جيڪي ننڍڙيون ڪوششون ڪيون آهن انهن ۾ تعليم ۽ تربيت جي واڌاري لاءِ مضمون لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائڻ، اهڙن سمورن لکيل مضمونن کي تمام گھڻن دوستن تائين پهچائڻ لاءِ وري سوشل ميڊيا کي ان سان سلهاڙڻ ۽ اهڙيون لکڻيو پنهنجي بلاگ (www.ameergul.wordpress.com)   تي اپ لوڊ ڪري فيس بوڪ تي ان جي لنڪ ڏيڻ شامل آهي. اهوئي نه پر مان ڪوشش ڪندو آهيان ته جيڪي ٻيا دوست تعليم ۽ تربيت سان سلهاڙيل ڪنهن به قسم جو مواد لکڻي يا تصويرن، ڪارٽونن جي شڪل ۾ فيس بوڪ تي اپ لوڊ ڪندا آهن ته انهن کي وڌ کان وڌ دوستن تائين پهچائڻ کي به پنهنجو فرض منصبي سمجھندو آهيان. سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ فيس بوڪ تي هڪ پيج


(EDUCATE SINDH-SAVE SINDH)  به جوڙي رکيو اٿم جنهن ۾  هنوقت 371 ميمبر آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ خيالن جي ڏي وٺ سان گڏ ٻيو تعليمي مواد ونڊيندا رهندا آهن. سنڌ جي تعليم جي سڌري ويئي ته پوءِ اسان کي سياسي پيچيد گين کي سمجھي ان مد ۾ صحيح رخ ۾ هلڻ لاءِ روشن واٽ ملي ويندي ۽ ڪوبه اونداهي جو رکوالو يا ترقي جو دشمن پنهنجي مذموم حرڪتن  وسيلي اسان کي ان راهه تان هٽائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگھندو.   ان ڪري منهنجو ايمان آهي ته تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪيل ڪم به حقيقي قوم دوست سياست جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي.  تعليم جي سڌري پوي ته اسين بنا ڪنهن وڏي جنگ ۽ جدل جي تمام وڏا معرڪا کٽي سگھون ٿا. ان ڪري تعليم ۽ ان سان گڏ تربيت، هنرمندي، حرفت، ٽيڪنالاجي کي اچو ته قوم جي معمارن ۾ عام ڪيون. اهڙي گس وٺڻ يا اختيار ڪرڻ تي ڪابه قانوني پابندي ناهي ويتر انساني ڀلائيءَ لاءِ جيڪي جوڙيل بين الاقوامي ادارا آهن اهي به مددگار آهن. جيڪڏهن اسان انهن تائين مؤثر رسائي ۽ ڳانڊاپي وارا ٽيڪنڪ سمجھي وٺون ته اهي اسان جي نه رڳو مالي مدد ڪندا پر ان سان گڏ اهي اسان کي مهارتن سيکارڻ وارو ڪم به ڪندا. سنڌي قوم کي تعيلم يافته ڪرڻو آهي، کين هنر مند بنائڻو آهي، انهن جي ڳچين ۾ جيڪي جهالت وارا ڳٽ پيل آهن انهن کي ٽوڙڻو آهي ان ڪري اچو ته ان ميدان ۾ عملي ۽ حقيقي پيش رفت ڪريون، هاڻي ڳالهين ڪرڻ جو وقت ناهي اوهان کي جيڪي صحيح سمجھ ۾ اچي ٿو سڀ کان پهرين اوهان پاڻ ان تي عمل ڪريو ۽ پوءِ جڏهن ٻيا اوهان کي سٺو ڪم ڪندي ڏسندا ته اهي به ائين ڪرڻ لڳندا. ان ڪري سٺي ڪم ڪرڻ جي شروعات پنهنجو پاڻ کان ئي ڪرڻو آهي، ان لاءِ سڀاڻي جو انتظار اجايو آهي. جيڪا ڳالهه اوهان سمجھو ٿا ته سٺي ۽ فائدي مند آهي ان لاءِ هاڻي ئي شروعات ڪريو.

Wednesday, November 14, 2012

سنڌ جي ادبي دنيا جا خدا!

سنڌ جي ادبي دنيا جا خدا!

ڪالهه هڪ پروفيسردوست پاران فيس بوڪ تي ونڊيل سندس شاعريءَ تي ڳالهه ٻولهه پئي هلي. اهو منهنجو دوست ان معاملي ۾ لڪل لعل نڪتو. ايامن کان شاعريءَ جي ديوي مٿس مهربان ڪونه ٿي هئي پر اوچتو مٿس الهام ٿيڻ لڳو ته چار چڱا شعر لکي ورتائين. مون به حال سارو سندس اهڙي تخليق تي پنهنجي ننڍڙي عقل ۽ فهم ۽ علم مطابق تبصرو ڪيو هو. اسان جي ان شاعر کي شڪايت هئي ته اڃا تائين سندس شاعريءَ تي سندس شهر جي وڏن شاعرن پاران ڪوبه تبصرو ناهي آيو. مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون زمين جي ڌوڙ مان نڪتل ۽ هڪ گمنام شاعر آهين، تنهنجو شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪو ڌاڪو ويهاريل به ڪونهي، سو تون ڪيئن ٿو اهڙا اڻ ٿيڻا خواب ڏسين. مان پنهنجي حياتي ۾ انهن مڃيل مڃايل، اعلى درجي جي شاعرن ۽ اديبن ۽ دانشورن پاران ڪنهن چڱي ڀلي شاعر جي شاعري تي ڪو تبصرو ناهي پڙهيو،  ته تون وري ڪهڙي باغ جي موري آهين. اسان جا اهي عظيم شاعر ۽ اديب ان ڪري ئي ته آهن جو ماڻهون سندن تخليقن تي تبصرا ڪندا آهن، آرٽيڪل لکندا آهن. سندن شاعري جي تهن تائين پهچي ان ۾ لڪل موتين جي مالها کي ڳولهي تحقيق ڪندا آهن. اهي ڪڏهن ڀلجي ڪري به ڪنهن نئين ٽهي جي يا ٻئي ڪنهن ايري غيري جي شاعري يا تخليق تي ناهن ڳالهائيندا. پر جيڪڏهن مجبوري تحت ڪجھ ڳالهائڻو به پوندو اٿن ته سندن ڳالهه جو لبي لباب اهو هوندو آهي ته ”اهو فلاڻو اديب ان ڪري عظيم هو ڇوته اهو سندن يار هو دوست هو يا پيالي ڀائي هو. جيڪڏهن هو سندن صحبت ۾ نه هجي ها ته کيس ڪو سڃاڻي به نه ها!!!  اهي صرف اهڙن محفلن ۾ ويندا آهن جن ۾ هو ياته صدارتي ڪرسيءَ تي ويهاريا ويندا آهن يا مهمان خاص هوندا آهن. اعزازي مهمان طور تي به لاچار ڪڏهن ڪڏهن مجبوري ڪري ويهڻ جو جوکم کڻندا آهن. سڄي سنڌ ته سنڌ پر هند جي اديبن کي به خبر آهي ته اسان جي سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪي عظيم شاعر، اديب، دانشور به آهن ته اهي ئي آهن. ان ڪري ئي ته جڏهن هندستان يا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سنڌي اديبن، دانشورن جي ڪا گڏجاڻي ٿيندي آهي ته انهن چند ماڻهن کي ئي دعوتون ملنديون آهن. جواب ۾ جڏهن ڪو ٻاهريون ڏاهو هت ايندو آهي ته اسان جا هي ڏاها ان کي ڪُتِ اديبڙن کان لڪائي رکندا آهن يا کين ڪن مخصوص ماڻهن سان ملائيندا آهن.


ان کان سواءِ به ڪجهه ڳالهيون منهنجي نڙگھٽ ۾ ڦاسي پيون آهن. مون جهڙي منڪر کي الائي ڇو اهو بي ڪار قسم جو خيال اندر ۾ اچي پيدا ٿيو آهي ته اهڙن ا ديبن جي سموري شاعري ۽ نثر مان الائي ته ڪجھ حاصل به ٿئي ٿو يانه...؟؟!!!آخر هي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ ٿا گھرن، سندن لکڻين جو آخرڪار ڪهڙو ڪارج آهي. منهنجا ڪجھ دوست آهن جيڪي فيس بوڪ تي دل جون ڳالهيون لکندا آهن. انهن ۾ شڪارپوري مٽيءَ مان ڳوهيل حسام ميمڻ ۽ خيرپوري خمير مان اسري آيل امر فياض ٻرڙو جا ٻه نالا مثال طور تي لکان ٿو. مون کي سندن لکڻين ۾ برسات بعد مهڪيل مٽيءَ جي سڳند ته ايندي ئي آهي پر ان کان به وڌيڪ لطيف، سچل، يوناني فلسفو، صوفيت، ماديت، روحانيت، سنڌ دوستيءَ جا جيڪي سبق مون کي انهن جي گمنام لکڻين مان ملندا آهن اهي اسان جي عظيم اديبن جي ڪتابن ۾ ناپيد آهن.  ڪاش ته اسان جا اهي ادب جي دنيا جا خدا سندس ڳالهين جي اثر پذيريءَ تي ئي غور ڪن ته کين خبر پئجي ئي ويندي ته ڪيتري ويهين مان سؤ جڙندو آهي.


 مون کي ڪنهن اهڙي اديب، دانشور، ڏاهي جو نالو گھرجي جيڪو سنڌ جي آسمان تي جڳمائيندڙ عظيم تاري کان ٿورڙو مٿي هجي ۽ اسان وڏي فّخر سان سندس ڪم کي بين الاقوامي سطح تي دنيا جي وڏن ناليوارن اديبن جي آڏو پيش ڪري سگھون؟ مان اعتراف ٿو ڪريان ته مان پاڻ به ڪو وڏو پاڙهو ناهيان جنهن دنيا جي عظيم ادب جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي هجي. ها البت مون کي دنيا جي عظيم دانشورن پاران پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪيل ڪم جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي. مون کي خبر آهي ته اهي عظيم ڪو هڪ اڌ ڪتاب لکي ڪونهن ٿيا پر انهن پنهنجيون پوريون حياتيون پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون. ان کان پوءِ ئي کين مڃتا ملي هئي. پر اسان جي سنڌ جا اديب ته ڪنهن ورڪشاپ يا سيمينارلاءِ لکيل  مقالن جي ڪتاب کي ڪن ادارن پاران ڇپرائڻ ۽ انهن کي سهيڙڻ واري ڪم کي پنهنجي ذاتي تحقيق ۽ تخليق چوڻ کان ناهين ڪيٻائيندا!!!


 اسان جا سمورا اديب پنهنجي ليکي سنڌ دوست آهن. اهي شاعري توڙي نثر ۾سنڌ تان هزارين جانيون قربان ڪندڙڏٺا ويا آهن،  پر جڏهن ماحول ۾ ڪجھ تپش ايندي آهي ته اهي سياڻا اديب پنهنجا هٿ ڪوٽ جي کيسن ۾ وجھي ڇڏيندا آهن، جت سندن آڱريون جڏهن ڪڙڪيدار نوٽن کي ڇهنديون آهن ته سندن انگ انگ خوشيءَ ۾ جھومڻ لڳندو آهي.


 ها البت کين ميڊيا ۾ رهڻ جو تمام سٺو سليقو ايندو آهي. جڏهن علي قاضي صاحب کي اهو الهام ٿيو هيو ته هو سنڌ جو عظيم ڏاهو ۽ اڳواڻ آهي ۽ ان سنڌ جي شهرن جا دؤرا ڪيا هيا ته اسان جا اهڙا اديب سندس ڪنهن به محفل مان غير حاضر رهي سنڌ دشمني ڪونه ڪندا هيا. هنن سنڌ جي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ پنهنجا گروپ جوڙي رکيا آهن ۽ وقت اچڻ تي هڪ ٻئي جي شان ۾ شاندار قصيدا گوئي ڪندا آهن.   پر الائي ڇو منهنجي ان دوست کي اها ڳالهه سمجھ ۾ ڇو ڪونه پئي آئي ۽ مجبور ٿي ڪري مون کي هي چند وضاحتي سٽون لکڻيون پيون آهن ته خدا جي واسطي سنڌ جي ادب جي آسمان تي رهندڙ خدائن جي خانقائن ڏانهن ڏسڻ بدران اسان جهڙن معمولي ماڻهن جي ڪيل تبصرن تي ئي گذارو ڪري.

Monday, November 5, 2012

تعليمي ترقي جو راز

تعليمي ترقي جو راز



اسان جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ ڪي استاد ۽ پروفيسر هيڊ ٽيچر، پرنسپل، وي سي ٿيڻ جا شديد خواهش مند هوندا آهن. انهن مان اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هوندي آهي جن جو مقصد يا جن جي ترجيح اها ناهي هوندي ته ادارن اندر، تعليمي سڌارا، واڌارا آڻجن يا ترقي ماڻجي. هو اها پوزيشن ان ڪري حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن ڇوته ان سان معاشري ۾ عزت ملندي، ماڻهون جو قد وڌي ويندو آهي. اداري ۾ مٿين جاءِ ملڻ ڪري سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي تي حڪم هلندو آهي ۽ ٻيو ته پڙهائڻ واري ”جھنجھٽ“ مان جان آجي ٿي پوندي آهي.  اداري جو سربراهه ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهون کي اداري جي اڪائونٽ ۾ رکيل يا ايندڙ يا ملندڙ پئسن تي دسترس حاصل ٿي ويندي آهي، ۽ اها ئي ڳالهه اهڙن ماڻهن لاءِ سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ڪشش واري هوندي آهي. هو ان پئسي کي اداري تي خرچڻ بدران پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.   سنڌ ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهون ملي ويندا جن ٻنهي هٿن سان ادارن جي مالي ڀينگ ڪئي هوندي. سکر ۾ هڪ رٽائرڊ حاجي صاحب مشهور آهي، جيڪو آمريڪي طوفان سنڊيءَ جهڙو هو، جتي رهيو اداري جي ڀينگ ڪري ويو پر رٽائر ٿيڻ بعد به سرڪار جي جان ڪونه ڇڏيائين، هنوقت به وڏي شان ۽ شوڪت سان سرڪاري اسڪول جي عمارت تي سندس قبضو برقرار آهي۽ هو ان کي پنهنجي ذاتي نالي تي منتقل ڪرائي ٺٺ سان ويٺو آهي. اهڙا عملدار ان نيڪ ڪم ۾ ڪي اڪيلو ناهن هوندا. اهي پنهنجي ان ”پاڪ“ ڪمائي مان ”جائز“ حصو پاڻ کان مٿي عملدارن وٽ به وڏي ايمانداريءَ سان پهچائيندا آهن، جڏهن ته استادن جي يونين کي راضي رکڻ جو فن به کين ايندو آهي. مون کي ذاتي تجربو آهي ته ڪاليج سطح جي استادن جي تنظيم ڪيئن نه اهڙن ڪرپٽ پرنسپلس جي حمايت ڪندي رهي آهي.  هاڻي جڏهن حالتون ان نهج کي پهتل هجن ته ”عالم جا ابا تو ٽنگون ٽيڙيون بندا ڇا ڪندا“ ته سنڌ ۾ تعليمي سڌارو ڪيئن اچي.


ان سان گڏ هڪ تمام ننڍڙو حلقو اهڙو به آهي جيڪو ايماندار آهي، اهو سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ جو دلي خواهش مند به آهي، وٽن جذبو به آهي پر اهي ڏاڍا ڏنل آهن هو سمجھن ٿا ته ان هاٽ سيٽ تي ويهي ڪهڙي نموني تعليمي لاش مان ماس روڙي کائيندڙ ڳِجھيُن ( ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن) کي رازي ڪري سگھندا جن جو دين ايمان ڍونڍ کائڻ آهي.  اهي سمجھن ٿا هو جڏهن ان حيثيت سان چارج وٺندا ته پنهنجي لاءِ نه پر انهن ڄؤرن لاءِ کين پاڻ به بي ايمان ٿيڻو پوندو. ان ڪري هو جائز نموني سمجھن تا ته اهڙي ماحول ۾ هو ڪجھ به ڪرڻ جي قابل ناهن ان ڪري اهي ڪنڊ وٺي ويهي رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.


هن ملڪ ۾قانون، انصاف، ايماندار، سچائي، وفائي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ وارو جيڪو رواج هيو اهو ڪڏهڪو دفن ٿي چڪو آهي. جت بالا آفيسر،مٿيان ويٺل ڪامورا، وزير صاحب ۽ انهن جا واٺا ان گندي گپ ۽ گيچڙ ۾ گوڏي تائين گتل هجن ته پوءِ اهڙي معاشري ۾ مثبت تبديليءَ جي محض خواهش ئي ڪرڻ کي به گناهه شمار ڪيو ويندو آهي.


پر فطرت ڪڏهن به سنڍ ناهي رهي، گند ۾ به ڪنول گل ڦٽي نڪرندا آهن. معاشرو ڪيترو به ڪري پوي پر پوءِ به ڪي بهادر، سچار، ايماندار، ڪاريگر انسان بهرحال هوندا آهن جيڪي رسڪون کڻي به معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا آهن. اهي پنهنجي ذاتي انائن، پسند ناپسند کي پاسيرو رکي، مال مڏي ميڙڻ وارن جبلي خواهشن کي ٿڏي ڪن سنهري اصولن تي عمل کي پنهنجو ايمان سمجھندا آهن. ڳولهڻ سان پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين اسان جي تعليمي شعبي ۾ اهڙا ايماندار ماڻهون ملي ويندا جن نور نچوئي ملڪ اندر يا ٻاهر ڏيهان ڏيهه مشهور ادارن مان لاڳاپيل شعبي سان ٺهڪندڙ ڊگريون ٽريننگون حاصل ڪيون آهن. جن وٽ ادارن جي اڳواڻي وارو ادراڪ به آهي ۽ اهي ان قابل آهن ته سنڌ جي تعليمي اوج کي واپس ورائي سگھن.   ڪاش ته اسان جو معاشرو  اهڙن ماڻهن کي سڃاڻي کين سندن جائز مقام ڏئي. اسان جا سياستدان ايماندار، محنتي ۽ هنرمند ماڻهن جو قدر ڪن ۽ کين اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ هيڊ ٽيچر، پرنسپلس ۽ وي سي جي عهدن تي مقرر ڪن،  کين سمورا گھربل اختيار به ڏنا وڃن ته زوال ڏانهن سفر ڪندڙ سنڌ جو تعليمي نظام جيڪر وري نئين جوش ۽ جذبي سان زندهه ٿي وڃي ۽ اسان جي تعليمي ادارن جي شڪل ئي مٽجي وڃي.

پاڪستاني سئنيما گھرن جي رضا الاهي

Image

مان تمام ننڍي عمر جو هوم ۽ ان عمر جون تمام گھڻيون ڳالهيون هاڻي منهنجي ذهن ۾ محفوظ ناهن پر هڪ ڳالهه چڱي طرح ياد آهي ته هڪ دفعي جڏهن بابا سان خيرپورشهر ويو هوم،  شايد آچر جو ڏينهن هيو ته بابا پنج گولي چوڪ تي جڙيل ٽالپر ٽاڪيز جي مارننگ شو ۾ مون کي به فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليو هيو، پر مون کي ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه پئي آئي ۽ مون وٺي روئڻ شروع ڪيو هيو جنهن ڪري بابا کي اها فلم هاف شو ۾ ئي ڇڏڻي پئي هئي. پوءِ جڏهن ٿورڙو سمجھ ڀريو ٿيو هوم ته ان ساڳي فلمي دنيا  لاءِ منهنجي من ۾ تمام گھڻي ڪشش پيدا ٿي پئي هئي. اسان جو تمام ويجھو عزيز ۽ بابا سائينءَ جو شڪاري (شڪار ڪندڙ) دوست  مرحوم مومن جي سنگت ٽالپر سئنيما جي مالڪن سان هوندي هئي. موصوف مير صاحبان سان گڏجي شڪار وغيرهه ڪندو هيو ۽ اهي به سندس تمام گھڻي عزت ڪندا هيا. مومن اڪثر ڪري آچر واري مارننگ شو لاءِ ٻه ٽي فل فري پاسون وٺندو هيو ۽ اسان کي فلم ڏسڻ جو موقعو به ملي ويندو هيو. جڏهن عيد ايندي هئي ته اسان کي بس اها اڻ تڻ هوندي هئي ته جلدي عيد نماز پڙهي سئنيما گھر تي پهچي ٽڪيٽ وٺي فلم ڏسون ائين نه ٿئي ته رش وڌي وڃڻ ڪري يا ته ٽڪيٽ وٺي نه سگھون يا پوءِ اهي بليڪ تي خريد ڪرڻيون پون.  انوقت اسان جي سوچ ئي اها هوندي هئي ته جي فلم نه ڏٺوسين ته پوءِ عيد ئي ڪهڙي چئبي. هاف شو ٿيندي ئي مختلف شين وڪڻندڙن جا هر پاسي کان هوڪرا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا ۽ اهي وڏي ڦڙتي ۽ چالاڪي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندا هيا. نوجوانيءَ واري دؤر ۾ جڏهن منهنجو ناتو ڪراچيءَ سان جڙيو هيو ته ان وقت منهنجو فلمي شوق به عروج تي هوندو هيو. منڍ ۾ ته مون کي پاڪستاني فلمون سٺيون لڳنديون هيون پر پوءِ مان انگلش فلمن جو ديوانو هوندو هوس. خاص ڪري جيمز بانڊ سيريز جون جاسوسي فلمون،  انڊيانا جونز جون ايڊونچر موويز، جيڪي چن جون ايڪشن ۽ مزاحيه فلمون، بروس لي، بريٽ لي جون گنگ ڦو، جوڊو ڪراٽي جون فلمون، ٻي جنگ عظيم جي پس منظر ۾ جوڙيل موويز هنڊريڊ رائفلس، وان ريان ايڪسپريس، ريڊرس آف تي لاسٽ آرڪ، وغيره. ڪراچي جي خاص ڪري ٽن سئنيما هالن سان ته منهنجي جهڙوڪر ويجھي مائٽي هوندي هئي. نشاط، جنهن جي ويڪري عمارت، ان جو مڪراني بلوچ عملو، ويڪرو اسڪرين، بهترين سائونڊ سسسٽم، ٻئي نمبر تي ڪيپري سئنيما،  جنهن ۾ خاص ڪري وڏي بجيٽ واريون انگريزي معياري فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون هيون.  ٽين اسٽار سئنيما هوندي هئي، جيڪا پڻ مون کي ڪنهن نئين نويلي ڪنوار وانگر لڳندي هئي. ان کي ڊاهي شاپنگ پلازهه جوڙي ويئي آهي.انهن سئنيما هالن سان محض  منهنجي انسيت ئي نه هئي پر مون وانگر انهن جا هزارين چاهيندڙ هيا. جڏهن اسٽار سئنيما کي مسمار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هيو ته ان جو مالڪ زار و قطار روئي ويٺو هيو. کيس به پنهنجي تخليق اولاد وانگر پياري هئي.  ڪا خوبصورت تخليق ڊهڻ جو دک،درد، اذيت جو ادراڪ تخليقڪار کي ئي ٿيندو آهي.  ان کان سواءِ پاڪستاني فلمن لاءِ وري هڪ پوري گھٽي هوندي هئي جتي شايد پندرنهن سئنيما هال قطار درقطار هوندا هيا ۽ سندن وڏا وڏا پوسٽر ڪنهن ميلي جي ڏيک ڏيندا هيا. منجھند کان پوءِ رات جو ٻارهين بجي تائين اهو علائقو آباد رهندو هيو. رڪشائن، ٽانگن ۽ ٽيڪسين وارا آخري شو ڏسي نڪرندڙ ماڻهن جو انتظار ڪندا هيا ته جيئن اهي به پنهنجو آخري ٽرپ هڻي وٺن ۽ اهي ڪڏهن به مايوس نه موٽندا هيا هڪ نه ته ٻيو ماڻهون يا فيملي کين ملي ئي ويندي هئي ۽ سندن ڏهاڙيءَ ۾ ڪجھ وڌيڪ آمدني جوڙ ٿي ويندي هئي.  فلمي ناقدين جو چوڻ آهي ته سٺ وارو ڏهاڪو پاڪستاني فلمي دنيا ۽ سئنيما جو سنهري دؤر هيو. ڪراچي جي سئنيما سان پنهنجي ڪنهن پيارن وانگي چاهيندڙ ٻڌائين ٿا ته انوقت جي ناز سئنيما (بندر روڊ تي جتي هاڻي ناز پلازهه آهي) ۾ پهرين رنگين فلم ”آوارهه“ رليز ٿي هئي ته فلمي شوقين هڪ رات اڳ ئي لائين ٺاهي روڊ تي  ڪناري بسترا وڇائي سمهي پيا هيا ته جيئن هو ٻئي ڏينهن تي ٽڪيٽ کان محروم نه رهجي وڃن. ڪراچي جي قديم سئنيما هالن ۾ نشاط سئنيما جي حيثيت اڳواڻ واري رهي آهي جنهن جو افتتاح بانيءِ پاڪستان جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي هٿان 1947ع ۾ ٿيو هيو. بمبينو پاڪستان جي پهرين 70 ملي ميٽر اسڪرين رکندڙ سئينيما هئي جنهن جو افتتاح 1967ع ۾ انوقت ملڪ جي صدر ايوب خان جي هٿان ٿيو هيو.  انوقت جا ناليوارا ڳائڻا جهڙوڪر مهدي حسن، احمد رشدي، مالا، نورجهان، رونا ليلى، فلمي صنعت جي پس پردهه موسيقي جي جان بڻيل هيا ته ٻي پاسي اداڪارن ۾ نديم، وحيد مراد، محمدعلي، مصطفى قريشي، لهري، رنگليلو، سڌير،  اعجاز، اقبال حسن، ۽ ٻيا اداڪاري جي ڪري سئنيما هالن جي پرده اسڪرين جي زينت بڻيل هيا. هيروئنن جي به وڏي قطار آهي مختصرن شميم آرا بيگم، زيبا، شبنم، سنگيتا، ڪويتا، انجمن، مسرت شاهين، ديبا، روزينه، فردوس، وغيره چوٽ تي چڙهيل فنڪارائون هونديون هيون جيڪي پنهنجي ناز و انداز سان ڏسندڙن جي دل وندرائن جو ڪم وڏي مهارت سان سرانجام ڏينديون هيون. پاڪستاني فلمون گولڊن جوبلي، پلاٽينم جوبلي کان وٺي ڊائمنڊ جوبلي (هڪ سؤ هفتن) تائين بزس ڪنديون هيون. ڪيئي فلمي رسالا نڪرندا هيا جن ۾ فلمن تي تبصرا، تنقيدون، تعريفون تحرير ٿيل هونديون هيون. روزاني جنگ اخبار جا گھٽ ۾ گھٽ ٻه عدد صفحا فلمي مشهوريءَ لاءِ وقف ٿيل هوندا هيا. ريڊيو تي فلم جي مشهوري لاءِ پروگرام هلايا ويندا هيا. ننڍن ننڍن شهرن ۾ گھوڙي گاڏين تي فلمي مشهوري لاءِ لائوڊ تي اعلان ڪيا ويندا هيا. شام ٿيندي ئي سئنيما هالن جي آس پاس ماڻهن جا هشام گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا هيا ۽ مختلف شيون وڪڻندڙن جون قطارون لڳي وينديون هيون. مطلب ته سئنيما جو هڪ پورو وڻندڙ ڪلچر هوندو هيو. اڄ ڪالهه جيڪي علائقا جن نالن سان مشهور آهن اهي انهن سئنيما هالن جي ڪري آهن. جيئين سکر ۾ شاليمار، ريجنٽ، نشاط جڏهن ته ڪراچي۾ ريگل، ڪيپيٽل، جوبلي وغيره،  بس هاڻي انهن جا نالا ئي رهجي ويا آهن.


ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته وڏن شهرن جي ڪنهن وڏي سئنيما گھر تي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سؤ ماڻهن جي روزيءَ جو دارومدار هوندو هيو. هاڻي نه سي وؤئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون.....


هونئن به فلمون محض دل کي وندرائڻ جو نالو ئي ناهن پر اهو تاريخي واقعن کي هڪ مؤثر نموني محفوظ ڪرڻ، ڪروڙين عوام کي سهل نموني ڪي پيچيدهه مسئلا سمجھائڻ جو ذريعو به  آهن. هڪ آمريڪ فلم ساز جو اهو چوڻ واقعي به سچ ٿو لڳي ته ”فيچر فلم نوي منٽن ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريندي آهي جيڪو سوين ڪتاب نوي سالن ۾ به نه ڪري سگھن“. پر ان لاءِ هنرمند ماڻهون گھرجن، باصلاحيت انسان هجن جيڪي فلم جي سڀني شعبن  جا ڄاڻو هجن. پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ هونئن ته ڪيئي سٺيون فلمون جڙيون، ڪامياب ويون ۽ انهن ماڻهن جو توجه پاڻ ڏانهن ڇڪايو پر انهن ۾ چند هڪ تمام اهم آهن جن نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي سطح تي به پاڻ مڃايو. انهن فلمن ۾ رياض شاهد جي زرقا، جيڪا فلسطين جي پس منظر ۾ ٺاهي ويئي هئي جنهن ۾ هڪ گانو رقص زنجير پهن ڪر بهي کيا جاتا هي شامل هيو. اهوڪلام دلير عوامي شاعرحبيب جالب  ملڪ جي هڪ تمام ناليواري ،مشهور فنڪارهه پاران غيرملڪي سربرراهه  سامهون ڊانس ڪرڻ جي انڪار تي لکيو هيو جنهن جي فرمائش انوقت جي پاڪستاني سربراهه پاران ڪئي ويئي هئي. رياض شاهد مرحوم اهو واحد پاڪستاني هدايتڪار هيو جنهن پاڪستان ۾ ڪنهن حد تائين آرٽ موويز ٺاهڻ جون ڪوششون به ڪيون هيون جنهن ۾ يه امن به شامل هيو. ان فلم جو هڪ گانو ” ظلم رهي اور امن بهي هو ڪيا ممڪن هي تم هي ڪهو“ جهڙا حقيقت پسند ٻول به شامل هيا . ان کان پوءِ شعيب منصور جون فلمون خدا ڪي لئي،  جنهن ۾ مذهبي تشدد پسنديءَ جا وکا پڌرا ڪيا ويا هيا پاڪستان جي سئنيما کي وڏو سهارو ڏنو هيو. ان فلم نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا جي سئنيما ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڏيکاريو هيو. ان بعد هن صنفي حساسيت تي  ”بول“ جهڙي انمول فلم ٺاهي ماڻهن کي ڇرڪائي وڌو.   جاويد جبار پاران ”رامچند پاڪستاني“ به هڪ سٺي ۽ ڪارائتي ڪوشش آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ لڳايل سرحدن واري لڪير جي بنياد تي عام ماڻهون جي ڀوڳنا کي فوڪس ڪيو ويو آهي. ڪو وقت هيو ته سنڌي فلمون به پنهنجو هڪ الڳ مقام رکنديون هيو. هڪ اڌ سنڌي فلم ته سلور جوبلي به ڪئي هئي. مشتاق چنگيزي، چڪوري جي بي مثال جوڙي هوندي هئي ۽ انهن سان گڏ ملڪ انوکو مزاحيه ڪردار ادا ڪندو هيو. پاڪستاني ۽ خاص ڪري سنڌي فلم جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته اهي سنڌي فلمن جي پهرين هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو سوانحي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ضرور پڙهن. پاڪستان جي فلمي دنيا جي طلسمي رنگن، لاهين چاڙهين جو ذڪر وري علي صفيان آفاقي پنهنجن لکڻين ۾ جاندار نموني ڪيو آهي. سئنيما جي عروج وقت سکر شهر ۾ ڇهه عدد سئنيما هال؛ ريجنٽ، شاليمار، حفيظ، امپريل، نشاط ۽ پيراڊائيزهوندا هيا. انهن ۾ شالميار جو شمار جديد سئنيما هالن ۾ ٿيندو هيو جنهن ۾ ايرڪنڊيشن به لڳل هوندي هئي. هاڻي شاليمار جي جاء تي شاليمار پلازهه، حفيظ جي جاءِ تي رشنا سينٽر، (جنهن ۾ رشنا ٿيٽر اڃا به موجود آهي پر اها بند آهي)، امپريئل سئنيما جي پلاٽ تي گليمر سينٽر جوڙيو ويو آهي. امپريل سئنيما سکر جي سئنيما تاريخ ۾ هڪ تمام اهم مقام رکي ٿو.  جنهن ۾ انوقت جو شاندار ڪامياب انگريزي فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون هيون. ان سئنيما جو وڏو پردو ۽ جديد سائونڊ سسٽم ۾ فلم ڏسڻ جو جيڪو مزو هوندو هيو ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي. ائين لڳندو هيو ته فلم ڏسندڙ به فلم جو ڪو ڪردار ئي آهي.  پيرڊائيز سئنيما  هال جي جاءِ تي مارڪيٽ ۽ ان مٿان مدرسو جوڙيو ويو آهي. ريجنٽ کي ڊٿي به سال ٿي ويا آهن جنهن جي پلاٽ تي ان جو ڪاٺ ڪٻاڙ اڃا به موجود آهي.  نشاط سئنيما کي واهيات فلمن هلائڻ سان جيئري رکڻ جي ڪوشش ته ڪئي ويئي پر اها ڪامياب نه ويئي ۽ هاڻي اها به بند آهي.


پاڪستان فلم انڊسٽري جو ڏيوالو ته جنرل ضياء الحق جي دؤر ۾ نڪري چڪو هيو جڏهن هن ملڪ اندر نام نهاد اسلامائيزيشن جو تجربو ڪيو ويو هيو. ان دؤر ۾ سنسر کي تمام سخت بڻايو ويو هيو ۽ فلمن مان گليمر جو مڪمل نموني ڳلو ڪپيو ويو هيو. هيرو ۽ هيروئڻ کي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائڻ جي اجازت به نه هئي. ڪنهن گاني جي ڊراپ سين ۾ هيرو هيروئن پري کان هڪ ٻئي ڏانهن ڊوڙندا ايند هيا ۽ آخر ۾ هڪ ٻئي سان پٺي ملائي بيهي رهندا هيا.  ويتر ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ان نئين ٽرينڊ ڪيو هيو جيڪو پاڪستاني فلمن ۾ آندو ويو هيو،  جيڪو انوقت جي حاڪمن جي طبيعت سان ٺهڪندڙ به هيو.  اهو هيو مارڌاڙ سان ڀرپور فلمن جي ڀرمار، جنهن ۾ ”چار خون دي پياسي“ ۽ ”مولى جٽ“  وغيرهه قسم جي فلمن جي نمائش. اهڙن فلمن ۾ هيرو وڏو گنڊاسو (ڪهاڙو) کڻي وتندو هيو ماڻهون ماريندو. فلم جي هيرو جي ڪا ڀيڻ لنڊن ۾ ڪن غنڊن جي گھيري ۾ اچي ويندي هئي ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي سڏيندو هيو”ويراااآ“ ته جادوئي نموني مولا جٽ بمع پنهنجي غنڊاسي ۽ گھوڙي سان بنا ڪنهن دير جي اتي پهچي انهن بدمعاشن کي سبق سيکاريندو هيو. انهن فلمن جو عڪس انوقت هٿوڙا مار گروپ جي شڪل ۾ ملڪ اندر ظاهر ٿي پيو هيو. ڪي اڄاتل قاتل رات جي وڳڙي ۾ گھٽين ۾ ستل ماڻهن جي مٿن کي هٿوڙن سان چٿي گم ٿي ويندا هيا. هونئن به ڊڪٽيٽرن کي ملڪ اندر خوف و هراس، دهشت، بيگانگي ڏاڍي راس ايندي آهي.   فلمي گانن، ڊانسن، اداڪاري، هدايتڪاري، ڊبنگ، ڦوٽوگرافي جا سمورا شعبه غير معياري هئڻ ڪري فلمي شائقين ڏاڍا مايوس موٽندا هيا. ويتر ملڪ اندر وي سي آر تي پاڙيسري ملڪ ۽ پوري دنيا جي فلمي يلغار ٿي ته انهن هيرا منڊيءَ جي بروڪر نما فلمسازن جي هڪ هٽي کي ٽوڙي وڌو ۽ ماڻهن جو ڌيان وڏي اسڪرين کان ننڍي اسڪرين طرف وڌندو رهيو.   ملڪ اندر ٺهندڙ غير معياري فلمن، ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن، بجلي، مينٽيننس، پگھارن جي ادائيگي سان گڏ ڀته خورن جي فرمائشن ڪري سئنيما انڊسٽري تمام وڏي بحران جو شڪار ٿيندي رهي. رڳو گذريل ڪجھ سالن اندر ئي ڪراچي جي 31 سئنيما هالن کي ڊويلپرس خريدي انهن جي جاين تي پلازهه جوڙائي ڇڏيا آهن. پر ان هوندي به پاڪستاني سئنيما ڪنهن نه ڪنهن نموني تمام ٿورو ئي سهي پر پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي آئي. ڪڏهن هالي ووڊ ۾ ٺهندڙ فلمون هلائي ته وري ڪڏهن پاڙيسري ملڪ جي بالي ووڊ جي فلمن جي نمائش سهاري پر ان سئنيما جي ڪفن واري پيتيءَ ۾ آّخري ڪوڪو سيپٽمبر 2012 جي 21 تاريخ تي ناموس رسول صلعم جن جي نالي ۾ ڪڍيل جلوسن ۾ هنيو ويو جڏهن عقل، علم، دانش، ڏاهپ، ادب، آرٽ، موسيقي جي دشمن قوتن پاڪستان جي ڏهن سئنيما هالن جن ۾ ڪراچي جا ڇهه سئنيما گھر به شامل هيا ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيا هيا.  هاڻي نه رهي بانس نه بجي بئنسري، يا بقول لطيف سائين جي ته نه سي وؤڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون پسي بازاريون هنيون مون لوڻ ٿئي. سائين امرجليل يا انور مقصود کان ڪو اڄ سندن درد جي ڪٿا پڇي جيڪي ان سڄي دؤر جا اکين ڏٺا شاهد ئي نه پر عاشق رهيا آهن. پر اهي چند ماڻهون ئي ڇو فلمي دنيا جا ته هزارين نه پر لکين ماڻهون ديوانا رهيا آهن جن جون ڪيئي قيمتي يادون فلمن ۽ سئنيما گھرن سان وابسته رهيون آهن.  جڏهن انهن سئنيما گھرن کي باهيون ڏيئي ڀسم ڪيو ويو ته ڄڻ اهي سموريون ساروڻيون به سڙي خاڪستر ٿي ويون. خبر ناهي ڪن ماڻهن کي پنهنجن جذبن جي مجروح ٿين جي وڏي ڳڻتي رهندي آهي پر اهي ٻين جو اندر جلائي ڪوئلو ڪري الائي ڪيئن خوشي حاصل ڪندا آهن. ملڪي سئنيما گھرن کي تباهه وبرباد ڪري انهن ڪيمنن انسانن کي الائي ڪهڙو نقصان پهتوجن رسول ڪريم صلعم جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي.


هاڻي ڪراچي اها آرٽ، موسيقي، فلم، وندر، سيرتفريح واري ڪٿي رهي آهي. هڪ پاسي شهري داداگير آهن جن جي هٿن ۾ بندوقون آهن جيڪي هر چرندڙ پرندڙ ماڻهون تي اک رکيو پيا اچن ۽ کانئن ڪيئي حيلن بهانن ڀته پيا وصول ڪن ته ٻي پاسي مذهبي جنونين جا مٿي ڦريل جٿا تيار ٿي ويا آهن، جن جي خيال ۾ هنن کي ئي بس اهو حق آهي ته هو جيئن چون ماڻهن جو فرض آهي ته اکيون بند ڪري سندن پوئيواري ڪن جيڪو ائين نه ڪندو اها ڪافر ۽ زنديق هوندو. 


 فلم، موسيقي، ادب، آرٽ، ڊانس، لوڪ ناچ، ڳيچن جهڙا انڊلٺي رنگ جيڪڏهن سماج اندر نه هجن ته اهو هڪ ٻسو، بي چس، ڇسو سماج ئي هوندو جت روح جي راحت ڏيڻ لاءِ سواءِ خود ڪشيءَ جي ڪو گس ئي ناهي بچندو. هڪ اهڙو سماج جنهن ۾ هر شهر جي هر چوڪ تي ڪي خنزير نما ماڻهون بيٺل هجن جيڪي عام ماڻهن کي ڏنڊن ۽ باٺن سان هر وقت ائين ڪٽيندا رهن جيئن ڪو ڌنار پنهنجي مال جي ڌڻ کي سنئين دڳ تي هلائڻ لاءِ ڪندو آهي.