Friday, September 30, 2016

ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ رواداري ۽ امن ضروري آهي


سڀ کان پهرين ته مان رواداري تحريڪ جي دوستن کي جس ڏيندس ته جيڪي ملڪ ۾ امن، ڀائپي ۽ سهپ واري ماحول جي آبياريءَ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهن. هر سرگرمي، هر عمل ڪونه ڪو اثر ڇڏي ويندو آهي. يقينن تحريڪ جا دوست مختلف وقتن تي مختلف شهرن ۽ صوبن اندر جنهن قسم جون ڪم ڪن پيا انهن جا سٺا اثر شرڪت ڪندڙن تي ضرور پوندا هوندا. خاص ڪري مختلف مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ ڀائپي ۽ سهپ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن سي قابل ذڪر آهن. حقيقت ۾ اهو ساڳيو پيغام آهي جيڪو قائد اعظم محمد علي جناح جن پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسمبليءَ کي خطاب ڪندي ڏنو هو ته هاڻي اوهين آزاد آهيو مسجدن، مندرن، چرچن، امام بارگاهن ۾ وڃڻ لاءِ، اوهان سڀ هن ملڪ جا برابر جا شهري آهيو“ پر افسوس ته قائد اعظم محمد علي جناح جي وڃڻ کان پوءِ ڪنهن به سندس انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ يا ڪرائڻ جي ڪا به سنجيدهه ڪوشش نه ڪئي، ويتر پاڪستان ۾ قائد جي فرمان کي هرڪنهن وساري ڇڏيو. اها سڀاويڪ گائيڊ لائين هئي جنهن تي جيڪر عمل ٿئي ها ته اڄ اسان وٽ جنهن قسم جو فرقيوارانه دنگو فساد برپا آهي اهو نه هجي ها. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جن قائد اعظم تي ڪافر اعظم جون فتوائون ڏنيون هيون انهن ئي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس انهن ڳالهين جو مذاق اڏاريو ۽  ملڪي عوام اندر امن، سهپ ۽ ڀائپي واري ماحول جو ستيا ناس ڪري مخصوص مذهبي شدت پسنديءَ واري گس تي ملڪ کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو هڪ اهڙو رستو آهي جتي جيئرا جاڳندا انسان ڪباب ڪيا ويندا آهن، جتي سون جي تعداد ۾ ماڻهون ماري انهن مٿان ماتم بدران شيطاني رقص ڪيو ويندو رهيو آهي.  ان ماحول ۾ اڄ اسين سڀ مري رهيا آهيون، اسين سڀ صفا غير محفوظ ٿي چڪا آهيون. معصوم ٻارڙا جيڪي اڃا بالغ ئي ڪونه ٿا ٿين ته انهن کي 72 حورن جو چڪمو ڏئي کين انساني بم جي شڪل ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. انسانن جون منڍيون ڪپي انهن سان فوٽ بال کيڏڻ جون وڊيو به اسان سڀني ڏٺيون آهن. مسجدون، مندر، چرچ، عيدگاهون، امام بارگاهون صفا غير محفوظ ٿي چڪيون آهن. مذهبي ڏينهن جهڙوڪر عيدون، محرم، ڏياري، ڪرسمس ملهائڻ قيامت کان گھٽ ناهن رهيا. هاڻي جڏهن به ڪو مذهبي ڏڻ ايندو آهي ته ملڪي عوام جي وات ۾ آنڊا اچي ويندا آهن ۽ اهي اهڙن مذهبي ڏينهن جي خير خوبي سان گذري وڃڻ جو دعائون پيا گھرندا آهن. هنوقت حالت اها آهي ته محرم هجي يا عيدون هجن اهي سڀ فوج جي سخت نگرانيءَ ۾ منقعد ٿين پيون. 

هونئن ڪوبه مذهب، مذهبي تفاوتن ڪري ٻئي مذهب جي مڃيندڙن تي ظلم تشدد جو حامي ناهي. قرآن شريف ۾ پڻ لڪم دين ڪم واليَ دين جو واضع هدايتون مليل آهن ۽ ايتري حد تائين چيل آهي ته ”اوهان انهن جي ڪوڙن خدائن خلاف نه ڳالهيون متا اهي اوهان جي سچي خدا خلاف ڳالهائين.“  اها پرچارهر مذهب کي مڃيندڙ پنهنجي مذهب لاءِ وڏي وات ڪندو به رهندو آهي ته سندن مذهب يا مذهبي فرقو امن، سهپ ۽ انساني ڀائپي جو علمبردار آهي پر اهڙين ڳالهين تي عمل جي ڪائي سنجيدهه ڪوشش ٿيندي نظر ناهي ايندي. هونئن حقيقت ۾ هر مذهب ٻين مذهب جي پيروڪارن ساڻ رواداري سان رهڻ جي تعليم ڏئي ٿو. هر مذهب سندن مذهب کي مڃيندڙن سان گڏ ٻين مذهبي فرقن، گروپن جي جان، مال، عزت آبرو ۽ سندن ٻين حقن جي حفاظت تي زور ڏئي ٿو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي اهڙين ڳالهين تي عمل تمام گھٽ ڪيو ويندو آهي. جيئن پاڪستان اندر مسلمانن جي وڏي اڪثريت آهي ته هندو، سک، عيسائي ۽ خود مسلمانن جا ننڍا فرقا جهڙوڪر شيعه، اسماعيلي، قادياني شڪايتون ڪندا رهندا آهن ته ساڻن وڏو مٿ ڀيد رکيو پيو وڃي ۽ ائين آهي به سهي. پاڪستان اندر مٿي ٻڌايل غير مسلم مذهبي مڃيندڙن ۽ خود ننڍن فرقن جي ماڻهن تي وڏا خوني حملا ٿيندا رهيا آهن جن جي ڪري هزارين بي گناهه انسانن جو ناحق خون ٿيندو رهيو آهي.

 پر اها ڪار رڳو پاڪستان اندر ناهي. جيئن ته هندستان اندر وري هندو مذهب مڃيندڙن جي وڏي اڪثريت آهي ته اتي مسلمان، عيسائي ساڳيون دانهون هندن خلاف ڪندا رهندا آهن. ويندي هندو مذهب جو حصو سمجھيو ويندڙ سک به کانئن بلڪل خوش ناهن. ان نموني اسرائيل اندر وري يهودي مسلمانن سان ساڳيو وهنوار روا رکيو پيا اچن. يورپي ملڪن اندر عيسائين مڃيندڙن جو ساڳيو رويو مسلمانن سان هوندو آهي. 

هونئن مذهبي تڪرار ڪي ڪالهه جي پيداوار ناهن. مختلف مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ اختلافن جي وڏي تاريخ آهي جيڪا صدين تي ڦهليل آهي.

هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته مختلف مذهبن کي مڃيندڙن وچ ۾ واقعي به اها ڀائپي ڪيئن پيدا ٿئي؟ ان جي حل جا ڪيئي نسخا مختلف ماڻهون، گروهه يا نظرياتي ماڻهون ڏيندا رهيا آهن ۽ ڪوششون پڻ ڪندا رهيا آهن. رواداري تحريڪ کي پڻ ان تسلسل ۾ ڏسڻ  گھرجي. منهنجي خيال ۾ ته ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم جيڪو نقطو آهي اهو هي آهي ته رياستي وهنوار سيڪيولر بنيادن تي هلڻ گھرجي. پر افسوس سان چوڻو ته پوي ته پياري پاڪستان اندر مذهب جي نالي ۾ سياسي دڪان سجائيندڙ سموريون ڌريون سيڪيولر رياست جي معنى ڪفر ٿيون وٺن. جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان اندر جميعت علماءِ هند وارا وري هندستاني رياست جي سيڪيولر حيثيت جي تحفظ ڏيڻ لاءِ جان جي بازي لڳائڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. مذهب جي نالي ۾ سياست ڪندڙن جي ٻه چاپڙائي ته ان هڪڙي مثال مان واضع نظر پئي اچي.  ان ڪري اسان جي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيستائين اسان رياستي معاملن کي مذهبي ٻنڌڻن کان آزاد نه ڪرائينداسين تيستائين هن ملڪ اندر مختلف بين المذهبي ڀائپي ۽ دوستي قائم ٿي نه سگھندي. اهو ڪو ننڍو ڪم ڪونهي پر ناممڪن به ته ناهي.

ضيا الحق هن ملڪ جو هڪ مثالي آمر هو جنهن پاڪستان جي سمورن معاملن اندر ايترو ته بگاڙ پيدا ڪري ڇڏيو هو ته هن ملڪ جا ماڻهون انهن ڦندن ۽ ڦاهن ۾ اڄ به مڪمل نموني ڦاٿل آهن. ان مذهب کي پنهنجي ذاتي اقتدار وڌائڻ لاءِ بيدردي سان استعمال ڪيو ۽ ملڪ اندر فرقيواريت جو زهر ايترو ته پکيڙي ڇڏيو ته اسين سڀ ان زهر جي اثر هيٺ گذاريون پيا. ڊڪٽيٽر ضيا پاران اسلامائيزيشن لاءِ جيڪو نصاب جوڙيو هو اڄ اسين ان مان پيدا ٿيل فصل لڻي رهيا آهيون. ان ڪري سڀ کان اول ته پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين هڪ اهڙو نصاب جوڙڻ جي اشد ضرورت آهي جنهن ۾ ڪنهن مخصوص مذهبي پرچار بدران سهپ، رواداري، ڀائپي، امن جو پيغام هجي. ملڪي نصاب کي هر سطح تي مڪمل نموني بدلائي سيڪيولر بنيادن تي استوار ڪرڻ جي سخت ترين ضرروت آهي. مان رواداري تحريڪ جي دوستن کي گذارش ڪندس ته اهي پنهنجي پيغام ۾ اهو نقطو به شامل ڪن. هنوقت عوام کي اهو ٻڌائڻ جي سخت ترين ضرورت آهي ته مذهبن جو معاملو فرد ۽ الله جو معاملو آهي ان سلسلي ۾ فرد ڪنهن به نام نهاد عالم يا مذهبي اسڪالر وٽ جوابدر ناهي. ها هر ڪنهن کي پنهنجي مذهبي عقيدي موجب زندگي گذارڻ، مذهبي ڏينهن کي ملهائڻ، عبادتون ڪرڻ جو حق ته بلڪل هئڻ گھرجي پر ڪنهن کي به اها اجازت هرگز نه هئڻ گھرجي ته هو پنهنجي عقيدي کي ڇڏي باقي ٻين جي تذليل ڪري، ٽوڪون ۽ ڇٿرون ڪري  يا مٿن خوني تشدد وارو وايو منڊل تيار ڪري. ان سلسلي ۾ سڀ کان اول جيڪي مدرسا فرقيواريت جي فصل جون نرسريون بڻيل آهن انهن تي مڪمل نموني پابندي لڳائي وڃي. مدرسن ۾ پڙهائڻ واري نصاب تي رياست جو چڪاس سان گڏ ڪنٽرول هئڻ گھرجي. مدرسن اندر پڙهندڙ خطابين جا امتحان امتحاني بورڊ وٺن ۽ انهن جي لاءِ امتحاني سوالي پيپرماهر پروفيسرن کان جوڙايا وڃن ته جيئن مدرسن اندر پڙهندڙ خطابين جي ذهني سطح ۽ لاڙن متعلق مڪمل ڄاڻ ملي سگھي.

مذهبي رواداري، ڀائيچاري، امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾صوفياءِ ڪرام جو وڏو هٿ آهي. انهن اسان کي اهو ٻڌايو هو ته ”هڪ نقطي وچ گل مقدي اي، ڦڙهه نقطا ڇوڙ ڪتابان نون“ انهن اسان کي اهو پڻ چيو هو ته ”...مسجد ۽ مندر ۾ ٻري هڪ ڏيئو...“ انهن پکين جا مثال ڏنا هيا ته انهن کان سکڻ گھرجي جن ۾ ڪابه مذهبي شدت پسندي ناهي اهي مسجد جي درين مان اٿي مندر جي مينارن يا چرچن جي مٿان وڃي ويهندا آهن. انهن مذهبي شدت پسندن جي اهو چئي مذمت ڪئي هئي ته ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهون منجھايا، شيخيءَ، پيريءَ پنڊتيءَ بيحد ڀلايا، ڪي نوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا، اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق جي“ سو اسان کي صوفياءِ ڪرام جي وارو عاشق بڻجڻو آهي. سندن ڏسيل واٽن تي هلڻ جي جيڪا اڄ ضرورت آهي اها ڪڏهن اڳ نه هئي. لطيف سرڪار، بلا شاهه، سلطان باهو، خواجه غلام فريد، سچل سرمست، بيدل بيڪس، روحل فقير، ٻڍل فقير ۽ ٻين جيڪي امن، ڀائيچاري، سهپ، رواداري جا بي مثال سبق رقم ڪيا آهن انهن کي عام ڪرڻ، عام ماڻهن ۾ انهن جو پرچار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.

ٻول نه ٻئي ڪنهن ڀُلُ، تون ته آدم ناهين،
لِڪو ٿو لاتِيُون ڪرين، جيئن باغ اندر بُلبُل.
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو مُل!
ڪير ٽَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاهه بنا دُلدل.
 اَحد منجهارؤن عبد سڏايئي، هئين تان پاڻ اَصُل.
سچل چوي سچ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تُل.


 سچل سرمست

Thursday, September 22, 2016

ڊاڪٽر خادم منگي؛ گھڻ پاسائين شخصيت


22 سيپٽمبر 2016ع خميس جي ڏهاڙي جاڳرتا فورم سکر جي دوستن پاران سنڌ جي ڀلوڙ شاعر، نثر نويس، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن، هڪ استاد سائين خادم منگيءَ سان رهاڻ جو پروگرام سکر شهر جي جهڳمٽن ۽ جھميلن کان ٿورو پرڀرو ڳوٺ فراش ۾ رکيو ويو هو، ڳوٺ جنهن ۾ جاڳرتا فورم جو موجودهه سيڪريٽري محترم ارشاد پيرزادو جن به رهندا آهن. پيرزادن جو هڪ مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ لاڙڪاڻو به آهي جنهن ۾ انور پيرزادو، سائين قربان پيرزادو ۽ ٻيا کوڙ سارا ساڃهوند رهندا هيا يا رهندا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ فراش ڳوٺ وارا پيرزادا کڻي ايترا مشهور يا مقبول نه به هجن پر اسان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ کين نظر انداز ڪري نه سگھنداسين. فراش ڳوٺ جو سماجي، سياسي ۽ ادبي محاذن تي سرگرم ارشاد پيرزادو ته آهي ئي پنهنجو مٽ پاڻ پر مون کي ڪالهه ئي ها خبر پئي ته اتر سنڌ جي مقبول اخبار ”پاڪ سنڌ“ جا ڌڻي به هن ڳوٺ جا رهواسي آهن. پيرزادا ٻلهڙيجي جا هجن يا فراش ڳوٺ جا ڊاڪٽر خادم منگيءَ جا ٻنهي ڳوٺن جي پيرزادن سان ويجھو واسطو رهيو آهي. ڪن کان ڊاڪٽر ساڃاهه جا سبق ورتا آهن ته ڪن کي وري ڏاهپ جا ڏس ڏنا آهن.

ڊاڪٽر خادم منگي سان رهاڻ جي پروگرام ۾ مان جڏهن پهتو هوم ته مون کان اڳ ئي پروگرام شروع ٿي چڪو هو ۽ هڪ اهم مقرر سائين نياز ڀٽو ڊاڪٽر خادم منگي جي شخصيت سندس علمي، ادبي، سماجي، سياسي ڪم تي ڀرپور نموني ڳالهائي چڪا هيا جو بعد ۾ ايندڙ سڀني سندس حوالا پئي پيش ڪيا. مان به ڊاڪٽر خادم تي ڳالهائڻ پئي گھريو پر جيئن ته مقررن جي هڪ ڊگھي لسٽ هئي ۽ ان ۾ (دير سان اچڻ  ڪري شايد) منهنجو نالو درج به ٿيل نه هو ان ڪري مون کي گھرايو ئي نه ويو هو ۽ مان سمجھان ٿو ته پروگرام جي نوعيت کي ڏسندي اهو صحيح فيصلو هو. ڀلا مان ڇا ڳالهايان ها؟  جيئن ته منهنجي تياري هئي نه ئي ڪجھ لکت ۾ کڻي آيو هوس. پر جڏهن دوستن جون تقريرون پئي ڪيون، تعريفون ۽ تنقيدون پئي ڪيون، ڊاڪٽر خادم کي هي به ڪرڻ کپندو هو، کيس هو به ڪرڻ کپندو هو ته سندس شخصيت ۾ چار چنڊ لڳي وڃن ها ته انوقت منهنجي دل به اڌما پئي کاڌا ته منهنجو پرين پيارو اسٽيج سيڪريٽري سائين بشير سميجو شل مون کي به سڏائي ته مان به ڳالهايان.

 مون سوچيو هو ته مان اسٽيج تي وڃي ڀوڳ ڪندس، هونئن به منهنجي اندر ۾ ڪو مشڪرو ويٺل آهي جيڪو مون کي جتي ڪٿي خوار خراب به ڪرائيندو آهي پر ڪٿي وري عزت به ڏياريندو آهي. سو مون ان مشڪري کي اسٽيج تي چڙهي ڇوٽ ڇڏڻ پئي گھريو. مون سڀ کان اول ته اهو سوچيو هو ته ڊاڪٽر خادم منگيءَ جي ظاهري جسماني سونهن ۽ سوڀيا تي ڳالهائيندس. ڀريل بت، گورو چٽو رنگ، گول چهرو، ڳاڙها ڳٽا، ذهين اکيون، وڏو مٿو (جنهن ۾ نه ڄاڻ ڇا ڇا ته نه ڀريل آهي)، ڀريل بت جي حساب سان پورو پنو قد (سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته مڙسن جا قد ناهن ڪڇبا)، هلڻ ۾ ڦڙتي، چپن تي مرڪ، جوشيليون تقريرون، محفلن کي گرمائيندڙ ڊگھا نظم...هاڻي جنهن ماڻهون ۾ ايتري سونهن هجي، ايتريون خوبيون هجن ۽ مٿان وري نياز ۽ نوڙت وارو سڀاءُ هجي ته مون جهڙو صوفي ماڻهون اهڙي سهڻي ماڻهون مٿان عاشق ٿيڻ کان هرگز رهي ڪونه سگھندو. سو آءُ هڪ طرفو اعلان ٿو ڪريان ته ڊاڪٽر خادم منگي سان مون کي عشق آهي. هونئن مان عشق ڪرڻ لاءِ رنگ، نسل، عمر جي جھنجھٽن کي وچ ۾ ناهيان آڻيندو، مان به عاشق آهيان اهڙو ئي جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر خادم منگي پنهنجي ڊگھي نظم ”عشق لاحاصل“ ۾ ڪندو رهندو آهي. جيئن ته ڊاڪٽر خادم منگي هاڻي منهنجو محبوب آهي ته مان اهو اعلان ڪندي فخر ٿو محسوس ڪريان ته منجھس جيڪي به خاميون آهن (جن جو ذڪر اسان جي پرين پيارن ساڻس رهاڻ واري پروگرام ظاهر ڪيون هيون) سان قبول ڪيان ٿو. هو ڪهڙي سياسي، سماجي، ادبي ڌر سان لاڳاپيل آهي يا ناهي اهو منهنجي لاءِ ڪابه حيثيت نه ٿا رکن، منهنجي لاءِ سائين ڊاڪٽر خادم منگي اهم آهي. 

ڊاڪٽر خادم منگي پنهنجي پٽ تي سوڀو گيان چنداڻيءَ جو نالو رکيو آهي. سوڀو گيان چنداڻي جيڪو هن ديس جو هڪ منفرد، سچو، بهادر، بي باڪ انسان هو. جنهن سياست ۾ منافقت نه ڪئي، جنهن خانداني تحفظ ۽ خوشحالي وارن موقعن کي مڪمل نموني ٿڏي سنڌ جي مٽيءَ جي چونڊ ڪئي، اهو سوڀو سائين خادم منگي جو سياسي استاد ۽ روحاني رهبر آهي ان ڪري هن پنهنجي استاد مان مٿاهون ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو ته هو به پنهنجي گروءَ وانگر ئي اصول پسند ۽ سنڌ دوست آهي. پاڪستان ۾ رهندي جتي گام گام تي وحشي جانور مذهب جي چادر اوڍي آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندي نظر پيا اچن ان ساڳي ديس ۾ ساڳي ماحول ۾ رهندي جيڪڏهن ڊاڪٽر خادم منگي اها جرئت ڪري ٿو ته هو وڏو بهادر آهي.  ان ڳالهه مان اسان سندس پنهنجي نظرئي سان لاڳاپن (Commitment) جو اندازو لڳائي سگھون ٿا. هاڻي جيڪڏهن ڪو دوست کيس ائين چوي ته ”او فلاڻي سانچي ۾ جيئن ته توکي نه وڌو ويو هو ان ڪري تون اسان جهڙو ٿي نه سگھين، جيڪڏهن تون ان سانچي مان گذرين ها ته جيڪر اسان جهڙو هجين ها.“ مون شڪر پئي بجا آندا ته ڊاڪٽر اهڙن سانچن مان نه گذريو هو جيڪڏهن هو به انهن راهن تي اکيون ٻوٽي هلي ها ته سندس رويو ۽ وهنوار به انهن روبوٽ اسٽائيل ڪامريڊن جهڙو هجي ها جيڪي سڀ ڪجھ وڃائي، راهون گم ڪري بوڇڻ ڪلهي تي رکي اڪيلا رهجي ويا آهن ۽ حقيقت ۾ زيرو واري حيثيت ماڻي چڪا آهن. هو کيس به پاڻ جهڙو زيرو ڏسڻ جا خواهشمند آهن شايد!!!

رڳو خوبيون هجن ته اهو ماڻهون نه پر فرشتو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ۾ رڳو خرابيون هجن ته اهو به انسان نه پر شيطان هوندو آهي. انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو آهي. الاءِ ته ڇو منهنجي پيارن دوستن کي جدليات جا اها سادا اصول ۽ قانون سمجھ ۾ ڇو ڪونه ٿا اچن جن جي پرچار هو مذهبي فريضو سمجھي هر پروگرام ۾ ڪندا آهن. ڊاڪٽر خادم منگيءَ کي به انهن جدلياتي اصولن تي ماپڻ جي ضرورت آهي. مون کي پورو يقين آهي ته جڏهن تڪ تور ٿيندي ته تارازيءَ جو اهو پڙ تمام ڀاري هوندو جنهن پاسي ڊاڪٽر خادم منگيءَ جا سڀاويڪ پاسا وڌا ويندا.  

لڳ ڀڳ سڀني ڳالهائيندڙن ڊاڪٽر خادم منگي جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو صفا وساري ڇڏيو هو. سڀني ڳالهائيندڙن سندس شاعري، ادبي، سياسي، سماجي گڻن جون ڳالهيون ته ڪيون پر ڪنهن هڪ به ائين ڪونه چيو ته ڊاڪٽر خادم منگي انهن سمورن گڻن سان گڏ هڪ ڪامياب استاد پڻ آهي. هو ميڊيڪل ڪاليج اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد طب جا اصول، مول متا سيکاريندو آهي. مان جڏهن به سکر جي غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج ساڻس ملڻ ويو هوندم ته کيس شاگردن جي جھڳٽن وچ ۾ ڏٺو هوندم. ڊاڪٽر خادم منگي ان مورچي تي ڪتابن ۽ قلم وارن هٿيارن سان ليس ٿي بيٺو آهي ۽ مستقل جي معمارن جي ذهني اوسر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري پيو.


گھڻ پاسائين، گڻائتي ۽ خوبصورت ۽ خوب سيرت رکندڙ ڊاڪٽر خادم منگيءَ لاءِ دعا آهي ته شل صحت، دولت، عزت ۽ وقار سان وڏي ڄمار ماڻين.   

Friday, September 9, 2016

شاعريءَ جي طاقت.....”ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟“ پئبلو نيرودا.


گذريل ڪراچي جي ٽوئر وقت سارنگا جا هي ٻه شمارا ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ قائم سندن ڪتاب گھر تان خريد ڪيا هئم. اڃا انهن کي پڙهڻو آهي. ان سارنگا جي شماري 22-23 سال 2015ع جي شماري ۾سائين منوج ڪمار پاران پئبلو نيرودا جي ساروڻين جو جيڪو ترجمو ڇاپيو ويو آهي ان کي پڙهندي ئي دل ۾ اڌما اٿڻ شروع ٿيا ته اهو دوستن سان ونڊ ڪجي. سندس اهو ٽڪڙو پڙهندي مون کي پهريون دفعو اهو احساس ٿيو ته حساس شاعر ڇا ٿيندو آهي! شاعري ڪنهن لاءِ ڪبي آهي! شاعر جو سماج اندر ڪردار ڪهڙو هوندو آهي! پئبلو نيرودا جي ساروڻين کي سامهون رکي سندس ڪردار جي ڪٿ ڪري جڏهن پنهنجي ديس اندر شاعرن ۽ سندن تخليقن جي ڀيٽ ٿو ڪريان ته مون کي هتي ڪاري وارا ڪک ٿا نظر اچن. اسان وٽ اڪثر شاعري تڪ بند ۽ شاعرن جا خيال محبوبه جي زلفن، سندس دلربا ادائن تائين محدود آهن. الائي ته ڇو سنڌ جي حساس شاعرن جي نظر مسڪين، اٻوجھ، مظلوم، بکايل، ستايل، سور ۽ سختيون سهندڙ، پر عذاب زندگي گذاريندڙ عام لوڪ تائين ڇو ڪونه ٿي وڃي؟ ڪاش اسان جا شاعر به اهو دک، اهو درد، اها پيڙا جيڪو عام لوڪ سهي ٿو محسوس ڪن ته شايد قلم سندن هٿن مان ڇڏائجي وڃي. پئبلو نيرودا جي لفظن مطابق ته ”...ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟“

 هيٺ اهو ٽڪڙو جيئين جو تيئن نقل ٿو ڪريان. باقي فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن.

”شاعريءَ جي طاقت


منهنجو دور جيڪو انقلابن، جنگين ۽ سماجي اٿل پٿل سان ٻُريلهو، تنهن ۾ شاعريءَ جي سرجڻ جا وڌيڪ موقعا ملندا رهيا آهن. انهيءَ دور ۾ جڏهن مون پنهنجي شاعريءَ جو پهريون هيکلو ڪتاب لکيو ته اهو منهنجي تصور ۾ بلڪل نه هو ته هڪڙي ڏينهن آئون شهرن ۽ ڳوٺن جي چوڪن ۽ گھٽين، ڪارخانن، باغن، ليڪچر هالن، ٿئيٽرن ۾ شاعري پڙهندس. آءُ چليءَ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو آهيان، جتي مون پنهنجي شاعري ائين ڇٽي آهي جيئن ڪو هاري ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽيندو آهي. آئون اوهان کي ٻه ٽي واقعا ٿو ٻڌايان. هڪ ڏينهن ڪنهن دوست مون کي ڪار ۾ ڇڪي ويهاريو ۽ بنا مون کي ٻڌائڻ جي هو مون کي سانتيا گو جي مصروف ترين مارڪيٽ ۾ وٺي ويو. اها مارڪيٽ اڻ ڳڻين گھوڙي گاڏين، ڍڳي گاڏين، هٿ گاڏن، ويگنن ۽ ٽرڪن سان سٿيل هئي، جيڪي سڄي ملڪ مان آندل ڀاڄيون ۽ ميوا لاهي رهيون هيون. انهيءَ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر اڻ پڙهيل، غريب ۽ پيرن اگھاڙا مزدور هئا. اتي پهچي مون کي ٻڌايو ويو ته مون کي انهن مزدورن کي خطاب ڪرڻو هو. جيئن آئون مارڪيٽ جي هال ۾ گھڙيس ته منهنجي بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي نه رڳو انهي ڪري جو اها سخت سياري جي مند هئي پر انهي ڪري جو اتي ماحول تقرير ڪرڻ جهڙو ڪونه هو، اتي ڪاٺ جي بئنچن ۽ کوکن تي چَتين لڳل ڪپڙا پهريل مزدور ويٺا هئا، جن مان گھڻا ته گوڏيون پهريل هئا. آئون هڪڙي بئنچ تي ويهي رهيس ۽ منهنجي ملڪ جا اهي مزدور هڪ ٽِڪ ٿي مون کي ڏسڻ لڳا. مون سوچيو ته آءُ پنهنجي هنن ٻڌندڙن کي ڪيئن منهن ڏيندس؟ آئون هنن کي ڇا ٻڌايان؟ مون وٽ ڇا آهي، جيڪو هنن جي دلچسپيءَ جو سامان هجي؟ بيزار ٿي مون پنهنجي هٿ ۾ جھليل ڪتاب کوليو ۽ کين چيو ته ”آئون تازو اسپين ويل هيس جتي سخت ويڙهه هلي رهي هئي مون اتي ڪجھ لکيو آهي جيڪو آئون توهان کي ٻڌايان ٿو.“ مون سوچيو ته آئون کين پنهنجا ٻه ٽي نظم ٻڌائيندس ۽ ڪي ٻه ٽي ڳالهيون ڪندس ۽ پوءِ کانئن اجازت وٺندس، پر ائين ٿي نه سگھيو. اهي مزدور مسلسل منهنجا نظم ٻڌندا رهيا. انهن نظمن جي وچ ۾ مونکي سندن خاموشيءَ جا اهي گهَرا کوهه محسوس ٿي رهيا هيا، جن جي خاموشيءَ جي کوهن ۾ منهنجا لفظ اوتجي رهيا هيا. آئون سندن اکين ۽ ڀِرن کي ڏسي رهيو هئس، جيڪي منهنجي لفظن جو پيڇو ڪري رهيا هيا. آئون کين هڪ کان پوءِ ٻيو نظم ٻڌائيندو رهيس. آئون پنهنجي ئي آواز جي اثر ۾ قابو هئس. آءُ انهيءَ مقناطيسي ڪشش ۾ جڪڙيل هيس جيڪا ڪشش منهنجي شاعري ۽ انهن سادن سودن ماڻهن جوڙي رهي هئي. اهو سڀ ڪو ڪلاڪ تائين جاري رهيو. جڏهن آئون اجازت وٺي اٿيس ته هڪڙو ڳوڻ پاتل مزدور اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”اسين تنهنجا ٿورائتا آهيون جو تون هتي هليو آئين. اسان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ائين محسوس ڪونه ڪيو آهي جيڪو اسان تنهنجي شاعري ٻڌي محسوس ڪيو.“ اها ڳالهه پوري ڪري هن کان اهو سڏڪو رڪجي نه سگھيو ۽ هن روئي ڏنو ۽ مون ڏٺو ته ٻيا به ڪيترائي سڏڪن سان روئي رهيا هئا.  جڏهن آئون ٻاهر نڪتس منهنجي هٿن ۾ مزدور جي سخت هٿن جو ڇهاءُ هو ۽ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها. ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟