Saturday, March 26, 2011

سنڌي صحافت ۽ صحافتي اخلاقيات

سنڌي صحافت سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي مورچي تي سماج جي ٻين پرتن سان گڏجي ڪيئي فتحون حاصل ڪيون آهن. انهن جي جاکوڙ اڄ به جاري وَ ساري آهي. سنڌي صحافين جي بي باڪانه ۽ بهادرانه صحافت ڪري کين سياسي اڳواڻن توڙي ڏوهاري ماڻهن هٿان مختلف مؤقعن تي سخت تشدد جو نشانو به بڻجڻو پيو آهي. ڪن حالتن ۾ ته اهي پنهنجي جان به قربان به ڪري چڪاآهن. سنڌي صحافت ملڪ جي نام نهاد قومي زرد صحافت جي ڀيٽ ۾ پنهنجو هڪ اوچو ۽ اعى مقام رکي ٿي. پر ان هوندي به سنڌي اخبارون صحافت جي اخلاقيات کان لڳي ٿو ته تمام گھٽ واقف آهن. سنڌي ميڊيا کي ان سلسلي ۾ صحافين ۽ صحافت سان لاڳاپيل ذميوار ماڻهن کي اهي سڀ شيون سيکارڻيون پونديون.
ڪيس اسٽڊي طور هڪ خبر کي ٿا وٺون. ٿرڙيءَ ۾ هڪ نينگر کي اغوا ڪري ساڻس زيادتي ڪئي ويئي، جڏهن اها خبر سندس امڙ کي پيئي ته کيس بيهوشيءَ جا دؤرا پوڻ لڳا. لڳ ڀڳ سمورين سنڌي اخبارن ان واقعي کي ڪوريج ڏني آهي. جنهن ۾ نينگر ۽ سندس بيهوش امڙ جا ڦوٽو به خبر سان گڏ ڏنا ويا آهن. خبر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس اهڙي مجرمانه عمل جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي ته ڪي بااثر ماڻهون ان مامري کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ نينگر جي مائٽن تي دٻاءُ وجھي رهيا آهن. ان قسم جون اڪيچار خبرون روز اخبارن ۾ اينديون رهنديون آهن جنهن ۾ ڪي طاقتور، بااثر، دٻدٻي وارا ماڻهون عورتن، نينگرن ۽ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي عزتن جون دڄيون اڏاريندا رهندا آهن. ظلم ۽ زيادتيءَ وسيلي عزتون وڃايل عورتن ۽ نينگرن جون تصويرون به شايع ٿينديون رهنديون آهن.
اهڙين خبرن کي شايع ڪرڻ لاءِ انتهائي احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. خبر کي اهڙي نموني شايع ٿيڻ گھرجي جنهن سان بدمعاشي ڪندڙ ڌر خوار خراب ٿئي ۽ زيادتيءَ ٿيندڙ ڌر کي ڪو انصاف ملي، داد رسي به ٿئي ته سندس اندر ۾ نفرت، ڪروڌ کي ڪا مثبت شڪل ملي سگھي. پر اسان جي سنڌي ميڊيا ۾ ابتي گنگا ٿي وهي. جيڪي ڪرمنل آهن، جن ڏاڍائي ڪئي، يا اهي جيڪي انهن جا ساٿاري آهن، نه ته انهن جا ڦوٽو شايع ڪيا ويندا آهن، ويتر ڏوهاري ماڻهن جو پاسو کڻندڙن کي “بااثر” لکي مٿن ڪک رکيا ويندا آهن. جڏهن ته زيادتي جو شڪار ٿيل جو پورو پروفائيل ڏئي سندس زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويندو آهي. اهو معاملو صحافت جي اخلاقي اصولن سان واسطو رکي ٿو. مثال طور مٿين خبر کي ٿا وٺون ته ان ۾ بدفعليءَ جو نشانو بڻيل نينگر جو نالو، ذات، ايڊريس، سندس ۽ سندس امڙ جا ڦوٽو ته ڏناويا آهن، پر بدفعليءَ جي زيادتي ڪندڙ شيطانن جا نالا ناهن ڏناويا ۽ هيڏي وڏي جرم جي طرفداري ڪندڙ “بااثرماڻهن” جي نالن سان گڏ اهو به ناهي ڄاڻايو ويو ته ڪهڙي ٿاڻي يا ايس ايڇ او ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي. مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ اهو رويو سمجھ کان مٿي آهي. يعني ته جنهن سان ڏاڍائي ڪئي ويئي آهي ته سندس خبر سان سندس پورو تفصيل ڏئي کيس سماج ۾ تهان وڌيڪ خوار خراب ڪرڻ جا سمورا اهتمام ڪيا ويا آهن، ۽ جيڪي مجرم آهن يا سندس حمايتي آهن ته انهن جي ڪا خبر چار ناهي ته ڪير آهن. اهي جرم جو ارتڪاب ڪندي به لڪل آهن ۽ اهي ڪٿي نه ڪٿي مڇن کي پاءُ تيل جو هڻي لئي سان گھمندا هوندا ۽ ڪوبه ماڻهون کين سڃاڻي نه سگھندو ته اهي مجرم آهن جن اها زيادتي ڪئي آهي. اهڙي خبر ڏيئي مظلوم سان ڪهڙي نموني جي همدردي ڪئي پئي وڃي. اهڙي خبر ڇپجڻ کان پوءِ هو سماج ۾ اک کڻي هلڻ جهڙو به نه رهندو. مٿس تمام هاڃيڪار نفسياتي اثر پوندا ۽ هو پنهنجو پاڻ کي مجرم سمجھي پيو سڀني کان نظرون لڪائيندو. ان نموني اهو پنهنجي مٽن مائٽن، يارن دوستن، ڪلاس فيلوز کان ڪٽجي تنهائي ۾ هڪ ڌنڌلي خيالي دنيا جي تري ۾ وڃي ڪرندو. سندس ذهن ۾ ڪيئي ناڪاري خيال پيا گردش ڪندا. ياته اهو بدلي جي باهه ۾ ايترو اڳتي هليو ويندو جو پاڻ به اڳتي هلي جرم جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندو يا وري مايوسين جي ڪارن ڪڪرن کي هٽائڻ لاءِ نشي پتي جو سهارو وٺي پنهنجي صحت، جواني ۽ مستقبل قربان ڪري ڇڏيندو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته ڪنهن به خبر کي ڇاپڻ کان اڳ ۾ ان جي اثرن تي غور ڪرڻ گھرجي. جي ائين نه ڪبو ته پوءِ اها خبر ڀل ته تمام نيڪ نيتيءَ سان ئي ڇونه هلائي ويئي هجي پر ان مان ڪي به هاڪاري نتيجا ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگھبا. اسان جا سنڌي صحافي جيڪي اخبارن يا سنڌي ٽي وي چينلن تي ڪم ٿا ڪن، گھڻو ڪري انهن مان اڪثريت انهن جي آهي جيڪي صحافتي تعليم کان وانجھيل آهن. ان ڪري کين صحافتي اخلاقيات جي ڄاڻ به ٻڙي برابر آهي. کين اها ڄاڻ ڪا ورلي هوندي ته خبرون ڪيئن ٺاهجن، انهن ۾ ٻولي ڪهڙي استعمال ڪجي، پر ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ پهلو هي آهي ته اهي جيڪي اخبارن ۾ اهي خبرون وصول ڪندا آهن ۽ اهي انهن خبرن جي ٻولي ڏسي پوءِ انهن کي شايع ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ موڪليندا آهن، اهي به ڪي بنهه اڻ ڄاڻ ٿا ڏسجن جيڪي جيئن جو تيئن صحافي پاران موڪليل خبر کي شايع ڪري ڇڏيندا آهن. ان قسم جون ڳالهيون ان ڪري رونما ٿين ٿيون ڇوته سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چينل گھڻو ڪري صحافين کي سندن مناسب اجورو ڏيڻ بدران گھڻو ڪري صحافين کان ونگار وهائيندا آهن. ڪي صحافي ته ويتر اخباري مالڪن کي اشتهار وٺرائي کين ڪمرائيندا آهن. صحافت هڪ عمل آهي. سڀ کان پهرين صحافي خبرون هٿ ڪري، انهن کي لکي، ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري يا هٿ سان لکي ان کي پوسٽ وسيلي، فيڪس رستي، يا اي ميل ڪري يا ٽيلفون تي پنهنجي اخبار تائين پهچائيندا آهن. اهو سمورو عمل ظاهر آهي ته بنا پئسي ته ناهي ٿيندو. هاڻي جيڪڏهن صحافيءَ کي ان سموري عمل ۾ ايندڙ خرچ به نه ملندو، کيس پگھار به يا ته نه ملندي پر جي ملي ته اها به نالي ماتر ته ڀلا هو اهي سمورا خرچي کيسي مان ته ڪونه ڪندو. ظاهر آهي ته کيس پنهنجي ڪمائيءَ لاءِ وسيلا هٿ ڪرڻا پوندا. هاڻي مٿيون مثال ٿا وٺون ته اهڙي عمل ۾ کيس زيادتيءَ جو نشانو بڻيل غريب جو ٻار ته ظاهر آ ڪجھ ڏئي نه سگھندو ها باقي جيڪي “ٻيا” ڪردار آهن اهي سندس جيب گرم ڪرڻ کان اصل نه ڪيٻائيندا آهن ته پوءِ صحافي خبر هلائيندي به مٿن ڪک رکي ويندو آهي. ان ڪري جرم جيڪو ٿئي ٿو، ته ان کي وڌائڻ ويجھائڻ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿو ٿي وڃي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي گھرجي ته اهي هڪ ته شعبي سان وابسته تعليم ۽ تجربو رکندڙ صحافي ڀرتي ڪن، کين پنهنجي ڪم جو پورو پورو اجورو ڏين ۽ ان سان گڏ صحافين لاءِ سکيا جا پروگرام منقعد ٿيڻ گھرجن ته جيئن کين پنهنجن پيشورانه ذميوارين جي ڄاڻ مهيا ٿئي ۽ اهي صحافت جي باريڪ بينين، ۽ حساسيت کان واقفيت حاصل ڪري پنهنجو ڪم احسن طريقي سان سرانجام ڏين.