Friday, May 24, 2013

اڳواڻي متعلق ڪي چند سوال......

اڄ ڪالهه منهنجي مطالعي هيٺ ڪيري ڪوپر ۽ ويلري سٿلرلينڊ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب 30 Minutes…To Deal With Difficult People (Cary Cooper & Welerie Sutherland) آهي. ان جي صفحي نمبر17 تي Characteristics of the abrasive personality ٻڌايل آهن. سولي سنڌي ۾ انهن ماڻهن جون خصوصيتون بيان ڪيل آهن جيڪي رڳڙائو، نود، ڏکيا يا ڏنگي قسم جوهوندا آهن. ان ۾ لکارين ڄاڻايو آهي ته اهي ضدي هوندا آهن، حرفت ۽ هنر کان آجا، ٽوڪ ۽ طنز جا ماهر، ٻئي جي راءِ کي بنادير جي، ٻڌڻ بنا ئي رد ڪري ڇڏڻ وارا، ٻين جي ڪم ۾ سدائين ڪيڙا ڳولهڻ وارا، ٻين جي ڀيٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي اعلى دماغ سمجھڻ وارا، ٻين تي پنهنجي راءِ مڙهڻ ۽ کين هرحالت ۾ سندن پاران جوڙيل معيار تي هلڻ تي زور ڏيڻ وارا، پنهنجي ڳالهه کي حرف آخر سمجھڻ وارا، پنهنجي پاران ٺاهيل/جوڙيل اصولن ۽ ظابطن تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪرڻ وارا، گڏجاڻين ۾ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ وارا، سدائين ٻين کي نااهل سڏڻ وارا هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جو پارو هڪدم چڙهي ويندو آهي، جڏهن ڪوبه ساڻن اصولي اختلاف رکندو آهي ته هو انهن تي تمام زوردار نموني حملي آور ٿيندا آهن، هو هر ان ماڻهون کي دشمن سمجھندا آهن جيڪو ساڻن ڪو اختلاف رکندو آهي، اهي گھڻو تڻو الڳ ٿلڳ رهڻ پسند ڪندا آهن، کين پنهنجي طاقت، مرتبي، ڄاڻ، حيثيت تي وڏو ناز هوندو آهي. مون جڏهن ”گورن“ جا اهي خيال پئي پڙهيا ته منهنجي ذهن جي پردي تي ان قسم جي ماڻهن جا عڪس چٽا ٿيندا پئي ويا. جڏهن مون اهي سموريون خصوصيتون پڙهي پوريون ڪيون ته مونکي منهنجو سياسي استاد ياد اچي ويو. هوبهو اهڙوئي.....!!!! اسان جو استاد کلي عام اسان کي جاهل ۽ پنهنجو پاڻ کي عالم چوندو هيو، کيس ان ڳالهه جو هميشه درد ستائيندو رهندو هو ته هو اسان جهڙن گھٽ عقل ۽ علم وارن ماڻهن جواڳواڻ آهي، ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هوندو هيو ته ڪاش مون جهڙي ليڊر جا ڪارڪن به مون جهڙا هجن ها ته جيڪر اهي پنهنجي ليڊر جي دانائي، هنر ۽ حرفت کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪري ڇڏين ها. هر ميٽنگ جنهن ۾ هو شرڪت ڪندو هيو بس سندس ٻڌايل ڳالهه ئي هلندي هئي. هو موڊي هيو، هروڀرو هروقت مون جهڙي ايري غيري نٿو خيري سان ملڻ کي ٽائيم جو زيان سمجھندو هيو. هن سان جنهن به ڪو اصولي اختلاف رکيو هوندو اهو غداري جي الزام هيٺ سنگسار ڪيو ويو ۽ ان کي پنهنجي راڄ ڀاڳ مان خوار۽ خراب ڪري ڪڍيو ويو. ڪيئي مڻيادار ماڻهون صليب تي چاڙهيا ويا. سندس آڏو جيڪڏهن پارٽي جي ٻئي اڳواڻ جي ڀلجي ڪري به جي ڪنهن ڪا نيڪي ڪئي ڄڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيائين، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته جنهن پارٽي جو هو اڳواڻ هجي ان جي ٻين اڳواڻن جي نيڪي سندس سامهون بيان ٿئي. هو پنهنجي پارٽي جي انهن عظيم اڳواڻن جي توهين ائين چئي به ڪندو هيو ته ”اهي سڀ منهنجي پيداوار آهن“ يعني ته اصل محرڪ هو پاڻ آهي نه ڪي اهي ماڻهون يا سندن جدوجهد آهي. سنڌ ۾ نه سندس جهڙو ڏاهو پيدا ٿيو نه پيدا ٿيندو، بس پيدا ڪرڻ واري ان کي پيدا ڪري ان قالب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هوندو. سندس اهڙن روين ڪري ڪڏهن به ”پارٽي“ اسري ۽ نسري نه سگھي. هر ٻئي يا ٽئين سال ان پارٽيءَ مان لوڌون غدارن جون ڪڍي ان کي پاڪ ۽ صاف بڻايو ويو. هو جيئن ته اڻ ورچ، ضدي ۽ ڪم کان نه ٿڪنجندڙ هو ان ڪري هر دفعي نئين سر شروعات ڪري نوان ماڻهون پيدا ڪري کين اهو سيکاري اڳتي آندو ويو ته جيڪڏهن اسان پارٽيءَ تي ان نموني ڳجھ ڳوهه ۾ دشمن پاران دوستن جي روپ ۾ حملا نه ٿين ها ته جيڪر هو ڪڏهڪو سنڌ کي ويٽنام بڻائي ڏيکاري ها. اسان جواهو اڳواڻ ڪن ڳالهين ۾ واقعي سچو هو ته اسين جيستائين اڻ ڄاڻ هياسين ته سندس مريد بڻيل رهياسين پر جنهن ٿورو به علم پرايو ۽ ساڻس اختلاف رکيو ته يا ته کيس الزام بازي ڪري خارج ڪيو ويو يا اهو پاڻ ئي پاسيرو ٿي ويو. سنڌ ۾ عوامي سياست جي پير پختا نه هئڻ جا ڪيئي ٻيا سبب به هوندا پر سنڌ اندر جيڪي نام نهاد قومپرست ۽ نام نهاد ترقي پسند اڳواڻ هيا يا آهن انهن جي پنهنجي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، عمل، رويا سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهن. اسان جا قومپرست اڳواڻ جيڪي اليڪشن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هر هر اهو باور ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهندا آهن ته بس اهي ئي لکن ۾ هڪ آهن پر اهي اليڪشن کان اڳ يا اليڪشن کان پوءِ عام ماڻهن کان ڳولهيو به ناهن لڀندا. اهي ڪي پڪا پختا پروگرام جوڙي ماڻهن وٽ وڃڻ بدران ڪن اشوز تي سياست ڪندا آهن. جڏهن ڪو اشو اڀريو ته اهي به اڀامندا نه ته ست خير.... وقت جي اهم ضرورت آهي ته سڀني ڳالهين تي نئين سر ڇنڊ ڇاڻ ٿئي. عظيم اسان جي قوم ۽ غريب عوام آهي، مقدس اسان جي سنڌ ۽ سندس وحدت آهي، منزل اسان جي سنڌ جي خوشحالي ۽ سياسي خودمختياري آهي، باقي سڀ قصا آهن. اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ katohar@gmail.com