Friday, June 26, 2015

پاڻيءَ تي ڦوٽا (ننڍڙي ڪهاڻي)


پاڻيءَ تي ڦوٽا
نازل پنهنجي ڪوڏر کي ڪرسي بڻائي ڪسيءَ تي ويٺو هو. رات جو پهريون پهر به خاصو گذري چڪو هو، تيرهين جو چنڊ ڪانو کن مٿي اڀري آيو هو انڪري هر شيءِ واضع نظر پئي آئي. اونهاري جا ڏينهن هيا پر ڏکڻ گھلي رهيو هو ۽ ريج ٿيل زمين مان مٽيءَ جي خوشبوءِ گاڏڙ ٿڌڙي هوا وايو منڊل کي ننڊاکڙو ڪري ڇڏيو هو. سامهون ليمي جي زمين جا ٻارا پاڻيءَ جي ريج سان ڀرجي چڪا هيا، زمين ۾ پوکيل کجيءَ جي وڻن جا عڪس پاڻي جي وهڪري تي جهڙوڪر ڊانس ڪندي نظر اچي رهيا هيا جڏهن ته ڏيڏرن جي ٽان ٽان سندس ڌيان پاڻ ڏانهن پئي ڇڪايو، اوچتو سندس نظر هڪ لنڊيءَ تي پئي جيڪا پاڻي ۾ منڍي ٻاهر ڪڍي تيزيءَ سان ٻَني تي ڦٽل گاهه گند ۾ ڪٿي گم ٿي ويئي هئي. اڄ سندس من ۾ مونجھ وارا احساس اڀري رهيا هيا ۽ هو بيزاريءَ وچان سوچي رهيو هو ته پاڻيءَ جي واري ورائڻ لاءِ کيس اجايو ڪيترو نه انتظار ٿو ڪرڻو پوي،. اڃا ته سندس پاڻيءَ جي واري ۾ ڏاڍي دير آهي. سندس پاڻيءَ جو وارو رات جي ٻن پهرن کان پوءِ هو. هو سوچڻ لڳو ته آخر ڪار هردفعي کيس رات جو دير سان پاڻيءَ جو وارو ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ اهو سوال کيس پريشان ڪرڻ لڳو. بس ڏيئي وٺي کيس اها ڳالهه سمجھ ۾ آئي ته هو غريب آهي، بي پهچ آهي ۽ سندس ڪو مٽ مائٽ زميندار نه ئي ڪامورو آهي. پريشانيءَ وچان هو پنهنجي چڏن وچ ۾ زور سان کَنهَڻ لڳو. سندس ان عمل ويتر سندس خارش وڌائي ڇڏي ان مصيبت مان جان ڇڏائڻ لاءِ آڱرين تي ٿڪ هڻي خارش واري جاءِ تي مالش ڪيائين ته کيس ڪجھ سڪون مليو پر مايوسيءَ جا ڪارا بادل جن سندس دماغ جي آسمان تي پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو هو انهن وڃڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. لاشعوري طور پنهنجن سنهڙين  ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳو جن ۾ سور چقمق جيان چنبڙيل هو، سندس ٽنگو بلڪل ٽيٽهر جي ٽنگن جهڙيون ماس کان آري هيون، سندس دل ۾ آس اٿي ڪاش کيس ڪا وسند ملي ته هو پنهنجي مڙهيءَ کان پنهنجن ٽنگن تي تيل مالش ڪرائي زور ڏياري ڪو آنند وٺي پر کيس ٽائيم ئي ته ڪونه پئي مليو. کيس اڄوڪي ڏينهن ۾ ڪيل ڪم ياد اچڻ لڳا.

 صبح جو سويل ڏاندن جو جوڙو ڇوڙي هر تي بيٺو هو ته ڏپهري تائين زمين پئي کيڙيائين، زمين کيڙڻ بعد گھر پهچي لسي لپ سان ماني کائي اڃا مس ويٺو هو ته ڏاندن لاءِ گاهه پٺي ڪرڻ لاءِ ڏاٽو کڻي نڪري پيو هو. پاڙي جي زميندار جان محمد جي زمين ۾ گاهه ڪندي کيس سندس ڪمدار ڪوڙي خان جون ڇڙٻون الڳ سهڻيون پيون هيون ۽ اهو ته جهڙوڪر روز جو معمول بڻجي پيو هو. اتان واپسي بعد گاهه پٺي کي مشين تي ڪتر ڪري ٿَڪُ به ڪونه ڀڳائين ته سڀاڳي کيس سڏ ڪري ڀوتار جي اوطاق ۾ پهچڻ جو نياپو ڏنو هو.

ناري جي زمينن مان ڀوتار جي اَن جي ٽرالي ڀرجي آئي هئي ۽ هن پاڻ، کمونءَ، خميسي ۽ جکري گڏجي اهي ان جا ٻاجڪا ۽ ٻوريون لاهي ڀوتار جي ڀانڊاري ۾ سٿيا هيا. ڀانڊاري ۾ اڳ ئي جام ان پيو هو هاڻي ته اهو ڇت تائين ڀرجي چڪو هو. انوقت ئي کيس اها ڳالهه ياد آئي هئي ته سندس پنهنجي گھر ۾ ته اَن جا ڪي چند داڻا ته وڃي بچيا هيا جيڪي مهينو به شل هلن!! خبر ناهي اڳتي گذر ڪيئن ٿيندو! ڀوتار جي ونگار کان واندڪائي ملڻ تائين نما شام جو وقت اچي پهتو هو. رُکي ماني ۾ بصر ۽ ساوا مرچ وجھي کائيندو هو اچي پنهنجي زمين وٽ پهتو هو ۽ اتي ويٺي ويٺي هن اهي خيالي سور پئي پچايا. ڪوڏر تي ويٺي ويٺي هو ٿڪجي پيو هو، ڪوڏر کي پاسي ۾ رکي هاڻي ٻني تي ڦُٽي آيل گاهه تي ويهي رهيوهو، گاهه جيڪو واٽر جي پاڻيءَ ڪري پوسل وارو هو، ان کيس سڪون پهچايو ۽ هو پنهنجو پوتڙو وهاڻو ڪري ٻني تي سمهي مٿي آسمان کي تڪڻ لڳو.  چنڊ پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان آسمان تي سون وانگر جرڪي رهيو هو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ تارا پڻ کڙيل نظر پئي آيا پر چنڊ جي روشني مٿن غالب پئي لڳي ۽ اهي تارا جهڙوڪر ڌنڌلا ڌنڌلا پئي لڳا. آسمان تي انوقت چمڙيون تيزيءَ سان گھمي ڦري رهيون هيون، گھڻي دير بعد هن   پاسو ورايو ته کيس سامهون انب جي مٿئين ڏار تي اُلوءَ پکيءَ جو جوڙو ويٺل نظر آيو جيڪي کيس پنهنجي گول گول اکين سان گھوري گھوري ڏسي رهيا هئا.

هاڻي کيس ماضيءَ وارا سنهري ڏينهن ياد اچڻ لڳا هيا ۽ مرڪ سندس چهري تي پکڙجي ويئي. هن سوچيو پئي ته هو ڪيڏو نه جانٺو جوان هو، ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو هو، ڊڪ ۾ ته پوري ڳوٺ ۾ کيس ڪو مات ڏيئي نه سگھيو هو. هو هارپي جي ڪم جو انتهائي ماهر ليکيو ويندو هو ۽ هن پنهنجي سڄي ڄمار ٻني ٻاري جي ڪرت سان گذاري ڇڏي هئي. وري جڏهن هو ماضيءَ کان موٽي حال ۾ پهتو ۽ پنهنجي گھريلو صورتحال تي سوچڻ لڳو ته سندس مرڪ گم ٿي ويئي.  وٽس کائڻ لاءِ ان، پهرڻ لاءِ ڪپڙو، دوا درمل لاءِ چار ڏوڪڙ بچت ٿيل ناهن. هن جي پوري حياتي اها خواهش رهي ته جيڪر ڪو ڪچو پڪو پنهنجو گھرڙو هجي جنهن ۾ سندس گھر ڀاتي سڪون سان ساهه کڻي سگھن پر هو اهو ڪم  به ڪري نه سگھيو هو. سندس سڄي ڄمار جي ڪمائي جهڙوڪر اجائي هئي ۽ هاڻي هو پنهنجي جگر سندس نوجوان پٽ وسند متعلق سوچي رهيو هو. هو سوچڻ لڳو ته ڇا سندس مقدر ۾ به اهي ئي ڏک ڏاکڙا لکيل آهن جيڪي هن کي مليا هيا؟ هڪدم جواب به سندس ذهن تي تري آيو ته نه وسند مولا ڪندو ته سکي زندگي گذاريندو، پڙهي لکي آفيسر ٿيندو، پنهنجو گھر جوڙائيندو ۽ هو هن وانگر غلاميءَ جي زندگي نه گذاريندو. ان ئي وقت سندس نظرون ڪسيءَ جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ متواتر جڙندڙ ۽ جڙي وري ڊهندڙ پاڻي جي ڦوٽن تي پهچي پنڊ پهڻ ٿي ويون هيون ۽ سندس دل به پاڻيءَ جي ڦوٽن وانگي ڦسي پيئي هئي ۽ خبر ناهي ته الائي ڪيئن ٿر جي صحرا وانگر خشڪ ٿي ويل سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ سمورا نظارا ڌنڌلا ڌنڌلا ٿيندا پئي ويا.     


Thursday, June 25, 2015

حليم بروهي پاران لکيل سندس ننڍڙي مضمون جو مڪمل متن ۽ ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جا استعمال ڪيل ڪجھ تز سنڌي لفظ...منهنجو ننڍڙو تجزيو.


هٿ ڏسڻ

            هٿ کي ابتو ڪري ڏسجي ته وار آهن يا نه، جيڪڏهن وار آهن، ته پوءِ اهو هٿ مرد جو آهي، جيڪڏهن وار نه آهن ته پوءِ به اهو هٿ مرد جو ٿي سگھي ٿو، پامسٽري جو ڏوهه ڪونهي، مرد جنس ئي اهڙي آهي.

            جنهن نرم ۽ نازڪ هٿ جي چمڙي لڙڪيل آهي، سو غلط هٿ آهي، ڇوته اهو محبوبه جي ماءُ جو هٿ آهي، جنهن جي نرم نازڪ چمڙي لڙڪيل به آهي ۽ ان تي وار به آهن، سو خطرناڪ هٿ آهي، ڇوته اهو محبوبه جي پيءُ جو هٿ آهي. جيڪڏهن هٿ نرم لسو ۽ نازڪ آهي، ته پوءِ ان هٿ کي هوءَ پنهنجو مستقبل سمجهي ويندي ۽ پاڻيهي اچي اوهان سان اڪيلائيءَ ۾ ملندي، جيڪو هٿ آهستي آهستي ڏڪي رهيو آهي، سو اوهان جوپنهنجو هٿ آهي..

            جنهن جو هٿ اوهان ڏسي رهيا آهيو، تنهن کي برقعو پاتل آهي ته پوءِ اهو هٿ ڪنهن عورت جو هٿ آهي. جيڪڏهن اهو هٿ ڪنهن مرد جو آهي ته هن مرد جو دماغ خراب آهي. جيڪڏهن هٿ تمام نرم، تمام نازڪ ۽ تمام ننڍڙو آهي ته اوهان ڪنهن ننڍڙي ٻار جو هٿ ڏسي رهيا آهيو. جنهن جي هٿ جي ڪرائيءَ واري هنڌ آڱريون هجن ۽ آڱرين واري هنڌ ڪرائي هجي، سو هٿ ڪنهن جو به ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن وچين آڱر آڱوٺي مان نڪري چيچ مٿان ٿيندي ڏسڻي آڱر جي پاسي ۾ نمودار ٿئي ته پوءِ اوهان جي پنهنجي نظر خراب آهي پر جيڪڏهن وچين آڱر چيچ جي مٿان ٿيندي بل ڏيئي اوچتو ڪرائي ۾ گم ٿي وڃي ته پوءِ اوهان جو پنهنجو دماغ خراب آهي.

            جيڪڏهن ڪو اهڙو هٿ ڏسجي، ڪاٺ جهڙو سخت به هجي، آڱريون به نه هجن ۽ ان هٿ جي ڪرائي به ڪاٺ جهڙي سخت هجي، ته اهڙي هٿ کي غور سان ڏسجي، ڇوته اهو هٿ ڪونهي، اها ڏوئي آهي جيڪا اوهان رڌڻي مان کڻي آيا آهيو.

            هٿ جي تريءَ تي لائينون هونديون آهن، جيڪا لائين آڱوٺي وٽان نڪري سڌو چيچ ڏانهن وڃي تنهن کي دماغ جي لائين چئبو آهي. جيڪا لائين ڪرائيءَ وٽان نڪري سڌو چيچ آڱر ڏانهن وڃي تنهن کي پيسي جي لائين چئبو آهي، ۽ جيڪا لائين ڪراچي کان سڌو روهڙي وڃي تنهن کي ريلوي لائين چئبو آهي. لائينڊ چينل وري هڪڙو هٿرادو کوٽيل واهه آهي جيڪو حيدرآباد شهر جي ٻاهران وهندو آهي. جڪيا لائين وچين آڱر وٽان نڪري، سڌو چيچ ڏانهن وڃي تنهن کي چيچ ڏانهن ڪو ضروري ڪم هوندو آهي.

            هٿ ڏسڻ وقت هٿ کي ابتو سبتو ڪرڻو پوندو آهي. جھٽڪو ڏئي زور سان ابتو ڪرڻ سان گڏ سڄو ماڻهون به ابتو ٿيو پئي، تنهن ڪري هٿ کي آهستي ابتو ڪجي ته جيئن ماڻهون جيئن جو تيئن رهي. جيڪڏهن سبتو آهي ته سبتو رهي ۽ جيڪڏهن ابتو آهي ته ابتو رهي. ابتي ماڻهونءَ کي پهرين سبتو ڪجي ۽ سندس هٿ ڏسڻ کان پوءِ کيس وري ابتو ڪري ڇڏجي ته جيئن آيو هو تيئن وڃي.
             
            هو جيڪو هاڻي اسان ۾ جسماني طرح ناهي رهيو، هو جنهن کي وقت جي جيتامڙن چريائپ جا ٺپا هڻي سنڌ جي مادر علمي مان ڪڍي ڇڏيو هو، هو جيڪو ڪاوڙيل هوندو هو، سنڌين جي ڪريل سوچ تي، سندن اٻوجھائپ تي، هو جيڪو نام نهاد ڏاهن کي چئلنج ڪندو هو، کين ٻڌائيندو هو ته اوهان اصل ۾ آهيو ڇا، هو جيڪو سنڌ جي نوجوان نسل سان وڙهندو هو ته اوهان هن وقت تائين ڪيو ڇا هي، اوهان ته ايترو به ڪري نه سگھيا آهيو ته سنڌي ۾ بس لاءِ ڪو لفظ ٺاهي سگھو، هو انهن ڏاهن انسانن مان هڪ هيو جنهن چيو هو ته ”مان مري وڃان ته منهنجي قبر تي قل پڙهڻ ڀلي نه اچو پر ٻيلي منهنجي ڳالهه ٻڌو، سنڌي ٻوليءَ کي رومن اسڪرپٽ تي آڻيو“ پر اسان مٿس ٺٺوليون ڪيون ۽ اڄ جن مٿس ٺٺوليون ڪيون هيون اهي به رومن انگريزيءَ ۾ انڌي منڊي سنڌي لکڻ کان بچي نه سگھيا آهن. هو هڪ اهڙو چريو هو جيڪو اسان جي سماج اندر اڪثر ماڻهن کي چريو چوندو هو، اڄ الائي ان گذاري ويل چرئي جي ياد دل تي تري آئي سندس ڪتاب ”جيڪي مون لکيو“ کولي پڙهڻ لڳس دل ٿي گھري ته اوهان کي به ان ۾ شريڪ ڪيان.

             ڪتاب ” جي صفح نمبر155، 156 تي هي مضمون ڇپيل آهي. مان هن مضمون ۾ ڏنل ڏاهپ ڀريل گفتن، طنز و مزاح کي پاسي رکندي ان جي ٻوليءَ واري پاسي تي نظر وڌم ته  مون کي ڪيئي سنڌيءَ جا تز لفظ نظر آيا جن جي متعلق جيڪڏهن اڄ جي نوجوان نسل کان پڇا ڪجي ته شايد انهن مان گھڻا منجھي پون ۽ ڪجھ ٻڌائي به نه سگھن. مثال طور ’لسو هٿ‘، ’هٿ جي لڙڪيل چمڙي‘، ڪِرائي، آڱريون، وچين آڱر، چيچ، آڱوٺو، ڏوئي، رڌڻي/رڌڻو، ابتو سبتو وغيرهه. هن ننڍڙي مضمون پڙهڻ سان مون کي خبر پئي ته ڪيئن نه عالم اديب پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي ٻوليءَ جو تحفظ ڪري ويندا آهن. 

Sunday, June 21, 2015

I miss you my father, miss you very much....هي سٽون بابا علي گل ڪٽوهر لاهوتي جي نانو ڪيان ٿو، جنهن جي پيار ۽ شفقت صدقي مان آهيان


\
 ننڍي هوندي کان ٻڌندو پيو اچان ته هي دنيا فاني دنيا آهي ۽ مرڻ کان پوءِ واري دنيا لافاني يعني ابدي دنيا آهي، هي دنيا به ڪائنات جوڙيندڙ جي آهي ته هوءَ دنيا به سندس ملڪيت آهي، اسين سندس تخليق ڪيل آهيون. ڀلا جي ائين آهي ته پوءِ جڏهن ڪو اسان جو مٽ مائٽ يار دوست  هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ابدي دنيا ڏانهن سفر تي هليو ويندو آهي ته اسين غمگين ڇو ٿيندا آهيون، روئيندا ڇو آهيون، ان يا انهن پرين پيارن جو يادون ساري هنجو ڇو هاريندا آهيون؟
هر ڪنهن وٽ ان جو پنهنجو جواب هوندو پر مان سمجھان ٿو ته جڏهن به ڪو انسان هن دنيا کي ڇڏي اڻ ڏٺل سفر تي هميشه لاءِ روانو ٿيندو آهي ته ان سان گڏ ان انسان جا احساس، ان جا جذبات، ان جا رشتا ناتا پڻ دفن ٿي ويندا آهن.
جڏهن کان منهنجا والدين مون کي ڇڏي ويا آهن تڏهن کان منهنجي زندگيءَ جو پورو هڪ پاسو اونداهو بڻجي ويو آهي. ڪو نصيحت ڪرڻ وارو ناهي رهيو، پيار ۽ شفقت سان منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائڻ وارو ناهي رهيو. بابا سائينءَ انتهائي غربت واري زندگي گذاري پر پنهنجي پر ۾ هُن مون کي زندگيءَ جي صراط مسطقيم تي هلڻ جا جيڪي گس ٻڌايا هيا ڪاش ته جيڪر مان انهن تي عمل ڪيان ها ته جنهن منزل تي اڄ آهيان شايد ان کان ڪيئي دفعا مٿي هجان ها. بابا سائين جيڪو مون جڏهن ماريندو هو ته ڏيکاءُ اهڙو ڏيندو هو جهڙوڪر جيڪڏهن اها چماٽ مون کي لڳي ته منهنجا ڳل ئي ڦري ويندا ۽ ڏند ڀڄي پوندا پر پوءِ خبر ناهي سندس آڱريون منهنجي ڳلن تائين پهچندي ايتريون ته نرم ٿي وينديون هيون جو ڀائيندو هوم ته هو ته ڪتڪتايون پيو ڪڍي. مان نائين ڪلاس ۾ پير پائيندي ئي اردو ڊائجسٽ پڙهڻ واري بدعت مبتلا ٿي ويو هوم، اسڪول مان رسيس ۾ گوهي ڏيئي سائيڪل ڪڍي سڌو ڊويزنل پبلڪ لائبرريءَ خيرپور (جيڪا هاڻ سچل لائبرري آهي)جي هال ۾ وڃي پهچندو هوس ۽ پوءِ موڪل جي ٽائيم تائين جاسوسي، سسپنس، سب رنگ ڊائجسٽن جا پنا پيو چٽيندو هوس. ڊائجسٽ پڙهڻ به مين پڙي وارو نشو ئي ته آهي جنهن مان حاصل ته ڪجھ به ناهي ٿيندو ويتر وقت زيان ٿيندو آهي ۽ ماڻهون ڪنهن خيالي دنيا جو ٿي رهجي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڪجھ پئسه بچائيندو هوس ته بازار مان آيل ڪو نئون ڊائجسٽ خريد ڪري اچي گھر پڙهندو هوس ته بابا سائين چوندو هو ته ”بابا روزيءَ وارا ڪتاب پڙهه انهن ۾ ڇا رکيو آهي“ مان ٻاراڻي سوچ ڌاري کيس چوندو هوس ته بابا توکي ڪهڙي خبر ته هنن ۾ ڪيترو مزو آهي. بابا سائين پاڻ ته اڻ پڙهيل هو پر هو هميشهه مون کي پڙهڻ لاءِ اتساهيندو هو. هاڻي جڏهن زندگيءَ جي پوين بابن تي پوئتي نظر وجھي واجهايان ٿو ته مون کي نظر ٿو اچي ته مون ڪيترو نه بابا سائينءَ کي امڙ سانئڻ کي ڏک ڏنا هيا. مئٽرڪ کان پوءِ فرسٽ ايئر ۾ داخلا وقت مان لوفر ڇورن جي سنگت ۾ اچي مڪمل نموني زندگيءَ جو مقصد وڃائي ويٺو هوس ۽ انوقت جي هڪ جهيڙي (جنهن جي پوري نموني سان مون پڪ ئي ناهي ته اهو ڇو ٿيو هو يا ان جا محرڪ ڪهڙا هيا) ۾ ته بس معجزانه نموني مري مري بچي سگھيو هوس. ان جھيڙي کان پوءِ وڏيرن پاران ڪيل فيصلن به اندر ڀوري وڌو هيو. سوچيان پيو ته منهنجي والدين پوءِ به مون مان هٿ نه ڪڍيا بابا مون کي ننڍي وهيءَ ۾ ڪراچي موڪلي ڇڏيو اتي پهچي ان بدمعاشيءَ واري بيماري مان جان آجي ڪري وري سياست ڪرڻ واري ڪرت کنيو آيو هوم. ضياالحق جي زماني ۾ ترقي پسند، اصول پرست سياست ڪرڻ ڪا اڪ جي ماکي لاهڻي نه هئي. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ۽ پوءِ پورا ڇهه سال يونيورسٽي وارا، جلسا جلوس، بک هڙتالون، چاڪنگون، تقريرون ٿاڻا، جيل، ڇا ڇا نه ڪيو هوم پر پوءِ به بابا سائين جو سايو سلامت هو.......۽ اهي سڀ مشڪلاتون پار ڪري آيو هوم پر هاڻي جڏهن بابا سائين ناهي ته تمام ڀاڙيو ٿي پيو آهيان، ڪجھ ڪرڻ جي قابل ئي نه رهيو آهيان. دنيا وارا ته کڻي فادرس ڊي هڪ ڏينهن ملهائي ويهي رهندا آهن پر مان ته ٻارهن مهينن مان هڪ ڏينهن به بابا سائين کي وساري ناهيان سگھيو ۽ شايد پوري زندگي وساري به نه سگھندس...................
I miss you my father, miss you very much....
مان سمجھان ٿو ته ماڻهون پنهنجي پرين پيارن جي وڇڙڻ تي ان ڪري ئي ته هنجون هاريندو آهي ته اهو فطري عمل آهي ۽ .ان کي ڪير به روڪي ڪونه ٿو سگھي

Thursday, June 11, 2015

پروفيسر صغير احمد جو انٽرويو


پروفيسر صغير صاحب ۽ مان پراڻا دوست آهيون، يونيورسٽيءَ ۾ اسان جا شعبا ته کڻي الڳ الڳ هيا پر اسان جو گھڻو تڻو وقت گڏ گذرندو هو. يونيورسٽيءَ جي تعليم کان پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري صغير صاحب وڃي تعليم کاتي کي وسايو ته مون صحافت جي دنيا ۾ پير پاتا. پروفيسر صاحب کي پنهنجي مضمون تي ته مڪمل نموني عبور حاصل آهي ۽ ان سان گڏ ٻين سلهاڙيل علمن جو به کيس تمام سٺو ادراڪ آهي. پروفيسر صاحب ڏکئي قسم جا انسان آهن، تمام گھٽ سوشل آهن، الڳ تلڳ رهندا آهن، هن جي پنهنجي هڪ نرالي دنيا آهي، گھڻو وقت ڪتابن جي مطالعي يا ليپ ٽاپ تي انٽرنيٽ جي سرفنگ ۾ گذاريندا آهن. کڻي جواهي يارن دوستن سان ملڻ کي وقت جو زيان سمجھندا آهن پر پنهنجن شاگردن لاءِ اهي وڏا سخي آهن. کيس هڪ ملاقات ۾ سمجھڻ ممڪن ئي ناهي. هو ميل ملاقات وقت اجاين سجاين تڪلفات ڪرڻ بدران سچي ڳالهه منهن تي ڦهڪائي هڻندا آهن، اهي اگھاڙو سچ ڳالهائيندا آهن، سندس طنز ۾ زهر ڀريل هوندو آهي. گذريل هفتي سندس نمبر ملائي مون کانئس وقت ورتو هو.  پروگرام موجب اڄ پروفيسر صغير احمد صاحب  جي گھر (جنهن کي هو يتيم خانو به چوندو آهي) تي سندس انٽرويو لاءِ پهتم ته پروفيسر صاحب وڏي گرمجوشيءَ سان مليو ۽ ڪمري اندر پراڻي صوفي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي ئي پڇيائون ته ”چانهن پيئندين؟“ مون نيم رضامنديءَ واري انداز ۾ وراڻيو ته ”چانهن جي ڪا خاص ضرورت ته محسوس نه ٿي ٿئي پر جي.....“ ان کان اڳ جو مان پنهنجي ڳالهه پوري ڪيان پروفيسرصاحب ڪاوڙندي چيو ته ”اها منافقي پاڻ وٽ رک سڌو سنئون ’ها‘ يا ’نه‘ وارو جواب ڏيندي تپ ٿو چڙهئي!“ ان کان اڳ جو مان ڪجھ وڌيڪ ڳالهايان پروفيسر صاحب پنهنجي ڪمري جي اولهائين پاسي جڙيل بورچي خاني ۾ هليو ويو ۽ ڪجھ دير ۾ جڏهن واپس موٽيو ته سندس هٿ ۾ هڪ ٽري هئي جنهن تي ٻه عدد چانهن جا مڳ رکيل هيا جن ۾ هڪ فل سائيز جو مخصوص مڳ هو جيڪو سندس پنهنجي لاءِ مختص ٿيل آهي، جڏهن ته ٻيو مناسب سائيز وارو منهنجي لاءِ هيو. چاءِ سان گڏ زيرا پلس بسڪوٽن جو هاف رول به پيل هو. چانهن جو مڳ ٽيبل تي رکي زيرا پلس جو هاف رول کوليندي اڌ بسڪٽ منهنجي حوالي ڪيائين باقي پاڻ چانهن جي مڳ ۾ ٻوڙي کائيندي مون ڏي ڏسندي چوڻ لڳو ته ”يار چانهن ۾ ٻوڙي بسڪٽ کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، تنهنجو ڇا خيال آهي؟“  ساڻس ها ۾ ها ملائيندي کيس ياد ڏياريم ته ”پروفيسر صاحب اڄ مان اوهان جو انٽرويو وٺڻ آيو آهيان“،  ”تون به ڪمال جو صحافي آهين، مان ڪهڙو سياستدان، عالم فاضل، اديب، دانشور يا ماهر تعليم آهيان يا مان ڪهڙو سقراط، بقراط، ارسطو يا مارڪس جي اولاد مان آهيان ته توکي تعليمي سڌارن، فلسفي جي منجھيل موضوعن، سياست جي لاهين چاڙهين يا سماجيات جي پيچيدهه روين متعلق متاثر ڪندڙ جواب ڏيئي سگھندس“  ٿوري ساهي بعد دوستاڻي انداز ۾ چيائين ته ”چڱو ڀلا پڇ مون کان تون ڇا ٿو ٻڌڻ چاهين؟“. مون سندس انٽرويو کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ موبائيل جو وائيس رڪارڊر آن ڪري سندس سامهون ٽيبل تي رکندي پنهنجو پهريون سوال ڪيو؛ ”سائين ڪجھ پنهنجي ذات بابت ٻڌايو؟“ وراڻيائين ”مان ڪاليج ۾ اوڻويهين گريڊ تي ڪم ڪندڙ هڪ ٽڪي جو ماستر آهيان، مون کي منهنجا ڪليگ ٿڙيل، کسڪيل ۽ ايبنارمل سمجھندا آهن، ڪاليج اندر هڪ اڌ پيرڊ وٺڻ واري اداڪاري ڪري پوءِ پنهنجو پاڻ کي سٺو سرڪاري نوڪر ثابت ڪرڻ لاءِ باقي وقت ويهي مکيون ماريندو آهيان، بس ڏيک اهڙو ڏيندو آهيان ته جيڪر مان وڏو آڙيڪاپ هجان، ڪتابن پڙهڻ کان چڙ اٿم، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ زيرو برابر آهي، گھڻو تڻو انهن تي تنقيد ڪرڻ منهنجو محبوب مشغلو آهي جن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ چاهه هوندو آهي، بس شاگردن کي ڪوڙ بدوڙ پڙهائڻ لاءِ مجبورن ڪن ڪورس جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪندو آهيان، ۽ پنهنجي مضمون جي گائيڊن مان نوٽس ٺاهي رکيا اٿم جيڪي شاگردن کي ڊڪٽيٽ ڪرائيندو آهيان، گھڻو تڻو يارن دوستن سان ننگي قسم جا ڀوڳ ٺڪاءُ ڪري پنهنجو پاڻ کي وڏو هيومرس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، بنهه پتڪڙو، خسيس انسان آهيان پر اجايو سجايو ڏيک اهڙو ڏيندو آهيان ته جهڙوڪر مون جهڙو ٻيو هن دنيا ۾ نه پيدا ٿيو آهي نه پيدا ٿيندو، ڪلاس ۾ توڙي اسٽاف روم ۾ منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته بس صرف مان ئي ڳالهايان ۽ شاگرد ۽ منهنجا ڪليگ منهنجي ”عظيم علم“ کان فيضياب ٿين، ٻين يارن دوستن جون ڳالهيون مون کي زهر لڳنديون آهن“.  هڪ ساهيءَ ۾ بنا فل اسٽاپ جي پروفيسر صاحب مون کي پنهنجو شاگرد سمجهي پورو ليڪچر ڏئي ويو. مون نماڻائي وارو انداز اپنائيندي کيس چيو ته ”سرڪار مان اوهان کي پنهنجي تعارف لاءِ چيو هو اوهان ته پنهنجي پوري اسٽاف جي دوستن جو تعارف طنزيه انداز ۾ پيا ڪرايو ٻيو ته ڀلا جي اوهان جو لاڳاپو ڪتابن سان نه هجي ها ته اوهان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڪيئن پاس ڪيو ها؟“ منهنجي اکين ۾ اکيون ملائيندي مون کان ئي سوال ڪيائين ته ”سچ ٻڌايانءِ يا اجايو زٽ هڻان؟“. مون کيس عرض ڪيو ته ”سائين سچ ئي ٻڌايو، جيڪڏهن ڪو اهڙو سچ جيڪو نقصانڪار هوندو ته ان کي آف دي رڪارڊ ڪري ڇڏيندا سين“  ”ها ته ٻڌ، ڊوگر جي جنرل ناليج، پنهنجي مضمون جي ڊڪشنري، ڪجھ پاڪستان اسٽڊي ۽ ڪجھ اسلاميات جا مخصوص سوال رٽي، ڪميشن جو اهو ميمبر جيڪو لاڳاپيل مضمون جو ايڪسپرٽ طور تي ويهندو آهي ان تائين اپروچ ڪري ساڻس معاملا سڌا ڪري امتحان پاس ڪيو هوم“. سندس سچي ۽ کري جواب مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته ”اهي ٺوڙها انٽرويو وٺندڙ پاڻ علم، عقل، سرت ۽ ساڃاهه کان ڪوهين ڏور رهندڙ آهن، اهي طوطي قسم جي اميدوارن کي پاس ڪندا آهن، جن کي ڪتابن ۽ انهن جي ليکڪن جا نالا ياد هجن، ڪي مخصوص واقعا ڪهڙي سن ۾ رونما ٿيا هيا انهن تي رٽو لڳل هجي، سندن نظرن ۾ اهي وڏا ڄاڻو هوندا آهن. گھڻو تڻو مقابلي وارا امتحان ڪنڊڪٽ ڪرڻ وارا نام نهاد ماهر ’تنقيدي سوچ رکي، تخليقي انداز ۾ سوچيندڙ ۽ مختلف لقائن ۽ واقعن جا تجزيا ڪري انهن مان صحيح نتيجا ڪڍندڙن کي ته گاهه ئي ناهن وجھندا“. منهنجو ٻيو سوال هو ته: ”سائين پاڪستان جي تعليمي ڪريڪيولم لاءِ اوهان ڇا چوندا؟“ سندس جواب هو ته ”اهو سڄو جو سڄو ڪوڙ بدوڙ تي جڙيل آهي، جنهن ۾ تاريخي واقعن جو ڪنڌ مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. تاريخ اندر ڪيئي واقعا اختلافي به هوندا آهن، پر جيئن ته انهن ڳالهين تي ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪي ڪندڙ ڪجھ ماڻهن ۽ ادارن جو مخصوص مؤقف آهي ته جيڪڏهن اوهان ان کان اختلاف رکيو ته جهڙوڪر پنهنجي پير تي ڪهاڙو هنيو“ مون کيس عرض ڪيو ته ”پروفيسر صاحب اوهان جي ڳالهه وضاحت طلب آهي؟“ وراڻيائين ته ”مثال طور تي پاڪستان ۽ هندستان ساڳي تاريخ، ساڳي وقت تي آزاد ٿيا هيا ته پوءِ اسان هڪ ڏينهن اڳ آزاد ڪيئن ٿياسين؟ پاڪستان جي آزاديءَ کان ترت پوءِ ڏهاڪن تائين ڪتابن ۾ اهو پڙهايو ويندو رهيو آهي ته قائد اعظم جھرڪ ۾ ڄائو هيو ۽ هاڻي؟ ٻيو ته ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪنهن ڀلجي ڪري به اهو لکيو آهي ته قائد اعظم اسمائيلي شيعو هيو، مسلم ليگ جي پاڪستان لاءِ هلايل تحريڪ ۾ احمدي فرقي سان تعلق رکندڙ اڳواڻ پڻ تمام گھڻو سرگرم هيا، اسان جي ڪنهن ڪتاب ۾ هن ملڪ جي عظيم سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو ڪٿي ذڪر ٿيل آهي،  اڄوڪي نسل کي اها خبر آهي ته بنگله ديش به هن ملڪ جو حصو هيو جنهن کي انوقت اوڀر پاڪستان چوندا هيا؟ هي جيڪو وفاق جو بي سرو رينگٽ ٿا هلائين جڏهن ته پاڪستان جي قرارداد جيڪا اڃا تائين مينار پاڪستان تي اڪريل آهي جنهن ۾ واضع لکيل آهي ته پاڪستان پنجن خودمختيار وحدتن جو ملڪ آهي ان تي ڪيترو عمل ٿيو آهي ۽ اهڙن سوالن اٿارڻ وارن کي غدار ڪوٺيو پيو وڃي!“ ٿوري ساهي پٽي وري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته ”اوهان مون کي ڪنهن به ڪريڪيولم جي ڪتاب ۾ اهو هڪڙو جملو ڏيکاري سگھو ٿا ته پاڪستان ۽ هندستان جي آزاديءَ بعد جيڪي فساد ٿيا هيا ته انهن ۾ جيڪي لکين انسان قتل ٿيا هيا ته اهي رڳو مسلمان نه هيا، انهن ۾ هندو ۽ سک به هيا! ٿوري ساهي بعد پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته  ”اوهان ڪنهن به مقابلي جي امتحان ۾ اهو لکي يا جواب ڏئي پاس ٿي ڏيکاريو ته محمد بن قاسم هڪ جارح هيو، جيڪو هڪ ظالم حڪمران جو سپهه سالار هيو ۽ هتي مذهب جي آڙ وٺي ڦرلٽ ڪرڻ جي نيت ۽ ارادي سان آيل هو“ هاڻي سندس پارو چڙهندو پئي ويو مون موضوع کي مٽائيندي کانئس ٻيو سوال ڪيو ته ”سائين اوهان ماشاءَ الله اوڻويهن گريڊ ۾ پهتا آهيو، ان لاءِ اوهان کي وڏي جهد ڪرڻي پئي هوندي؟“ ٽيبل تي رکيل ٽسو پيپر سان پنهنجو منهن ۽ مٿو صاف ڪندي جواب ڏنائين ته؛ ”سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ بعد صرف بيوقوف انسان ڪم ڪندا آهن، سياڻا ماڻهون بس پنهنجي ڪرنٽ باس سان تعلقات سٺا رکندا آهن ۽ مون کي اهو فن بخوبي ايندو آهي“. اهو چئي ٽنگ ٽنگ تي رکي بچيل چاءِ جون سرڪيون ڀرڻ لڳو. سندس ان منجھائيندڙ جواب کان مان مطمئين ٿي نه سگھيو هوم کيس ان جي وضاحب لاءِ عرض رکيم، وراڻيائين ته ”ائين سمجھو ته ڪنهن سرڪاري محڪمي ۾ ڪو گڏهه ڀرتي ٿيو آهي، ڪجھ عرصو گذرڻ کان پوءِ اهو سينئر گڏهه ليکبو، ٿورو وڌيڪ وقت گذارڻ بعد اهو معزز گڏهه ٿي پوندو، هوريان هوريان سندس گريڊ پنهنجو پاڻ مٿي طرف سفر ڪندو رهندو ۽ سندس ذهني حالت ته اها ساڳي ڀرتي ٿيڻ واري وقت واري رهندي پر يار هڪ ڏينهن ويهين گريڊ تي وڃي دنگ ڪندو!“  کانئس نئون سوال ڪيم ”سائين اوهان پنهنجي ڪرنٽ باس سان سٺا تعلقات رکي ڄاڻو ٿا ته ان جي معرفت بورڊ ۾ ڊپوٽيشن ڪرائي اتي ڪا سڻڀي سيٽ ڇو ڪونه ٿا وٺو؟“  ”اهو ڪم منهنجي ڪرنٽ باس کان چڙهيل آهي ۽ ٻيو ته منهنجو ڪوبه ڀاءُ صوبائي يا وفاقي منسٽر ناهي“ سندس مختصرجواب هو. ” ڀلا کڻي ڪنهن ڪاليج جا پرنسپل ئي ٿيو؟“ مان صلاح واري انداز ۾ کانئس سوال ڪيو. ”مون وٽ لک روپيه بچت ناهي ان ڪري منهنجو اهو خواب به پورو نه ٿو ٿي سگھي“ وري الٽو جواب ڏنائين. سندس جوابن مان مون کي به مزو اچي رهيو هو کيس وڌيڪ ڇيڙڻ لاءِ ساڳي قسم جو ٻيو سوال به  پڇيم ”سائين ڀلا کڻي اي ڊي او يا ريجنل ڊائريڪٽر جي ڪرسي ئي سنڀاريو ها؟“ منهنجي سوال تي منهنجي اکين ۾ چتائي ڏسندي وراڻيائين ”مان اڃا تائين ذهني طرح ايترو ڪري نه سگھيو آهيان“. عجيب انسان هو مون کانئس ڇا پئي پڇيو ۽ هن وري ڪهڙا جواب پئي ڏنا. مون کي ته سندس ڏنل جوابن مان ڪوبه منطقي نه پئي لڳو. بهرحال پوءِ به مون دل نه هاري کانئس ٻيو سوال ڪيم ”ڀلا ڏيو خبر اوهان کي بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ته ڪمائي وارا سٺا ڪم ملندا هوندا؟“ ”يار توکي ڪو ٻيو سوال ڪرڻ ڪونه ٿو سجھي!“ مون تي ڪاوڙندي چوڻ لڳو ”ها ٻڌ اڃا منهنجو ضمير ۽ عزتِ نفس زندهه آهن ۽ جيستائين اهي نه مرندا مون کي بورڊ يا يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪيئن ملندا“  ”سائين مان اوهان کي سالن کان سڃاڻا اوهان کي ڪڏهن به پنهنجي استادن جي ايسوسئيشن جو عهديدار ڪونه ٿيندي ڏٺو اٿم ان جو ڪو خاص سبب؟“ منهنجو کانئس ٻيوسوال هو. پروفيسر صغير صاحب وري به پنهنجي مخصوص انداز ۾ وراڻيو ته ”ڇو ته مان علم دشمن ناهيان“. مون پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ هر شعبي سان واڳيل سوين انٽرويو ڪيا هيا پر پروفيسر صغير انهن سڀني کان الڳ ٿلڳ هو. هاڻي مان موضوع کي مٽائيندي کانئس پڇيم ته ”سائين اوهان هن سرڪاري ڪوارٽر ۾ سالن کان رهائش پذير آهيو، اوهان کي هتي پاڻي، بجلي ۽ گئس جون سهولتون ته مهيا آهن؟“ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين ته ”بلڪل سهولتون آهن، نساسڪ وارا نلڪن ۾ پاڻيءَ بدران ماڻهن جو مٽ موڪليندا آهن، اهو پيئندو آهيان، بجلي جي ته خبر ناهي ته اها آهي به ناهي پر ان جا بل ڀرڻ ڪڏهن به ناهيان وساريندو، باقي رهي ڳالهه گئس جي ته جيتري گئس چلهي ۾ ايندي آهي ان کان ڪيئي دفعا وڌيڪ ڏهين روپين جا پڪوڙا کائي مان پاڻ پيدا ڪندو آهيان“ سندس هن جواب ته صفا حد ڪري ڇڏي هئي دل پئي چاهيو ته اٿي ڀڄي وڃان پر دل جھلي وري به کانئس سوال ڪيم ته ”اوهان کي ڪهڙو مشروب وڻندو آهي؟“ وراڻيائين ”بليڪ ليبل“،  ”سائين اهو شربت ڪٿي آهي اهو ته شراب آهي ۽ اهو اسان مسلمانن تي حرام آهي“ مان به ڪجھ ترش ٿي کيس تنبيهه ڪئي. ساڳي انداز ۾ وارڻيائين ”هونئن حرام...“ٿورو ساهي پٽي وري شروع ٿيو ”اهو جيڪو گٽرن جو پاڻي اسان کي پيئڻ لاءِ ملي ٿو اهو حلال آهي، هو جيڪي پئسه وٺي ڊگريون ڏيندا آهن، پوزيشنون ڏيندا آهن ۽ انهن پئسن مان حج ڪري ايندا آهن اهي حلال آهن، رشوت جا پئسا کيسي ۾ وجھي جاءِ نماز خريد ڪندا آهن اهو حلال آهي، هي جيڪو نياڻين جو وڪرو پيو ٿئي اهو حلال آهي، سرڪار پلاٽن تي قبضا ڪري انهن تي بنگلا جوڙائي انهن تي لکرايو ٿا ته هذا من فضل ربي اهو حلال آهي، رشوت تي نوڪريون ۽ پوسٽنگس پيون ٿين اهي سڀ حلال آهن، بس بليڪ ليبل حرام آهي؟ اهي افلاطوني ڳالهيون پاڻ وٽ رک“ ڇڙٻ ڏيندي وراڻيائين.
”پروفيسر صاحب اوهان ايترو تلخ ڇو آهيو؟“ وراڻيائين ”پنجهٺ سالن کان وٺي مون کي زهر پياريو اٿو ۽ هاڻي پڇو ٿا ته مان تلخ ڇو آهيان، ڪمال آهي“ سندس وري به ابتو جواب مليو هو.

”سنڌ جي استادن لاءِ ڪو پيغام“ منهنجو کانئس ٻيو سوال هو ”استادن کي گھرجي ته اهي استادي واري ڪرت ڇڏي ماسٽري ڪن“ مون حيرت مان سندس اکين ۾ نهاريندي کيس چيو ته ”گھٽ ۾ گھٽ اوهان ته استادن جي عزت ڪريو، دنيا وارا ته کين ماستر چئي سندن توهين ڪندا رهندا آهن پر مون کي اوهان مان اهڙي اميد صفا ڪونه هئي، ڀلا جي استاد استادي وارو ڪم نه ڪندا ته اسان جهڙا صحافي اچي ڪندا“ ساڳي ئي لهجي ۾ وراڻيائين ته ”مون توکي پهرين ئي چيو هو ته مون جهڙي ٿڙيل کان انٽرويو نه ڪر پر لڳي ٿو ته اڄ توکي ڪو ٻيو گراهڪ ڪونه پئي سجھيو ان ڪري مون وٽ هليو آئين، مون کي افسوس آهي ته تنهنجي سمجھ داني به دنيا وارن وانگي سوڙهي آهي ۽ منجھس سوچڻ سمجھڻ جا گڻ ڪجھ گھٽ ٿا نظر اچن، مان دعوا سان چوان ٿو ته منهنجي ڪيل ڳالهه کي تون سمجھي ئي نه سگھيو آهين“ مون تي ڊگھي تنقيد ڪرڻ بعد موضوع تي موٽندي وراڻيائين. ”مون چيو هو ته استادن کي استادي ڇڏي ماسٽري ڪرڻ گھرجي، هتي استادي معنى ٺڳي، ڪوڙ، فريب کان ڪم وٺڻ، پنهنجي فرضن کان نٽائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل کان پري رهڻ جا جواز گھڙڻ، ٻين تي الزام ڌري پنهنجو دفاع ڪرڻ وغيرهه ۽  مون انگريزيءَ واري ماسٽري (Mastery) جي ڳالهه ڪئي هئم، جنهن مان مراد اها آهي ته کيس پنهنجي ڪم تي پوري نموني دسترس حاصل هجي، هو پنهنجو پاڻ کي پڙهڻ پڙهائڻ، سکڻ سيکارڻ واري عمل سان سلهاڙي رکي ۽ تون منهنجي لفظ ماسٽريءَ کي پنهنجي عقل مطابق ماستري سمجھي ويٺين ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه“ .  

”بس ٿي ويو انٽرويو پورو يا اڃا ڪي سوال رهيل اٿئي؟ هاڻي ته شام به ٿي چڪي آهي ۽ چُڪيءَ کي چکڻ جي ويل اچي پهتي آهي، ڏي خبر ٿي وڃي هڪ اڌ دؤر“ منهنجي اکين ۾ اکيون ملائيندي شرارتي انداز ۾ پروفيسر صاحب صلاح ڪئي. مون سندس ٿورا مڃيندي کانئس موڪلائڻ لاءِ اٿي بيٺس، واپسيءَ ۾ پنهنجي گھر کان ٻاهر روڊ تائين الوداع چوڻ لاءِ مون سان گڏ هليو آيو. پريان هڪ سمارٽ نوجوان جي جڏهن مٿس نظر پئي ته هو تڪڙو تڪڙو اسان جي طرف آيو، اچڻ سان ئي مٺائيءَ جو دٻو پروفيسر صاحب جي هٿ ۾ ڏئي سندس هٿ چميندي چوڻ لڳو ته ”سائين اوهان جي گائيڊ لائين، ايسي رائٽنگ جا گُر، انٽرويو ڏيڻ جو هنر ايترو ته ڪم آيا جو پهرين ئي اٽيمپٽ ۾ مون سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي ۽ مون کي پوليس وارو کاتو مليو آهي“ پروفيسر سندس پٺي ٺپيريندي چيو ته ”اهو سڀ ڪجھ تو پاڻ ڪيو آهي، ان ۾ منهنجي ڪابه ڪرامت شرامت ناهي، ها ٻڌ ايس ايس پي ٿي ڪري ائين نه ڪجانءِ ته سڀ کان پهرين مون کي اچي ٻڌين“ سندس چيل ڳالهه تي اسان ٽنهي گڏجي ٽهڪ ڏنو ۽ مان پروفيسر صاحب ۽ سندس شاگرد کي اتي ڇڏي پنهنجي اخباري دفتر طرف تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳس. 

Wednesday, June 10, 2015

کاهوڙي انسان هادي بخش ڀٽ


محض جسماني بيهڪ، رنگ، قد ڪاٺ کي پيمانو بڻائي دنيا اندر سونهن جو جو ڪاٿو لڳائينداسين ته تمام ٿورا حسين انسان ئي اسان کي ملي سگھندا. حقيقت ۾ سونهن جي پرک جا ڪيئي اهڃاڻ آهن: لکاري، سريلي آواز جو مالڪ، دل کي ڇهندڙ شاعري ڪندڙ، ڊانسر، اداڪار ۽ اداڪارائون، مصور، عالم، ڏاها، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي عبور رکندڙ، سماجي ۽ سياسي پرچارڪ، فلسفي وغيره کي دنيا جي حسين انسانن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. منهنجي خيال ۾ حسين ماڻهن جي پرک جو هڪ اهم اهڃاڻ هي به آهي ته اهو ماڻهون جيڪو ٻين پاڻ جهڙن انسانن سان پنهنجائپ وارا، رواداريءَ وارا، برابريءَ وارا رويا رکي ٿو، اهو جيڪو ٻين جي تڪليفن تي پاڻ تڙپي اٿي ٿو ، اهو جيڪو چاهي ٿو ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪوبه بکيو، ڏکيو نه رهي، فطرت پاران مليل سمورن وسيلن تي سڀني ساهوارن جو حق آهي ۽ کين اهو ملڻ گھرجي ۽ پنهنجن اهڙن سوچن تي پاڻ عملي نموني هلندي ٻين کي پڻ ساڳين گسن تي هلڻ جا ڏس پتا ڏئي ٿو.

غريب گھراڻي ۾ جنم ورتل سائين هادي بخش ڀٽ اهڙن انسانن منجھاران هڪ آهن. شاگرديءَ واري دؤر کان وٺي وڪالت جي اوج وارن ڏهاڙن تائين هو جهيڙيندو رهيو آهي، ڪڏهن ڀلجي به ورچي ناهي ويٺو. جو دم غافل سو دم ڪافر جيان هاديءَ پنهنجي زندگيءَ جي هر گھڙي کي ڪو نانءُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، لاشڪ هي شخص پوري ڄمار سنڌ وطن ۽ پوري دنيا جي مظلوم ماڻهن لاءِ بنا ساهيءَ جي وڙهندو رهيو آهي. مون اڪثر مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جا ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهون چڱائيءَ جي ڪمن کان پري رهڻ جا ڪيئي سبب گھڙي دوستن کي مطمئين ڪرڻ ۽ پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ جون ڪوڙيون ڪوششون ڪندا رهندا آهن: مثال طور غربت، اڻهوند، مثبت ماحول جونه هئڻ وغيره. ان قسم جي يارن جو خيال هوندو آهي ته کين کارائي پياري، مچي مواڙ ڪرائي اسٽيج سينگاري، وڏي پروٽوڪول ۽ عزت وَ احترام سان عرض ڪجي ته بابلا هاڻ اچي وارو وڄاءِ!   انهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي اندران ۽ ٻاهريان سچا انسان هوندا آهن اهي ڪو جواز گھڙڻ بنا خاموشيءَ سان ظلم خلاف پنهنجي وس ۽ وت آهر دونهڙيون دکايو پيا هلندا آهن. جيڪڏهن غربت جي ڳالهه ڪجي ته پوءِ اسان جي سٿ ۾ هادي بخش ڀٽ کان وڌيڪ غريب ڪير هوندو؟ مان ڪنهن حد تائين هادي بخش ڀٽ جي زندگيءَ ۾ مليل دکن دردن جو ساکي آهيان. هڪ غريب گڏهه گاڏو هلائيندڙ مذدور جي گھر ۾ پيدا ٿي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي، پوري ايمانداري ۽ سچائيءَ سان اڳتي وڌڻ ڪا مشڪري ناهي هوندي. پري کان بيهي تماشو ڏسڻ ۽ ڪمينٽري ڪرڻ سولي ڳالهه آهي پر آرهڙ جي ڏينهن ۾ ڏامر هاريل روڊن تي ننگي پير هلڻ جي سنگيني جو ادارڪ ته صرف ۽ صرف راهي کي هوندو آهي ۽ هادي جي گھر کان جيڪي به چارا نڪرن ٿا ان قسم جا ئي آهن. جيڪڏهن ڪنهن به يار دوست کي هن کاهوڙي ۽ جاکوڙيءَ دوست جي جدوجهد جي ساک وٺڻي هجي ته هو سکر جي روڊن، رستن، چوراهن، ايرڪنڊيشن هوٽلن جي هلندڙ چويارين کان وٺي سينٽرل جيل جي اونداهين ڪال ڪوٺڙين کان وڃي پڇي کيس وافر انداز ۾ جواب ملي ويندا. زماني جي ستم ظريفين، غربت جي اوکين راهن تي هلندي به هو شانت رهيو آهي ۽ چاليهن سالن جي رفاقت ۾ مون ڪڏهن به سائين هادي بخش ڀٽ کي شڪايت ڪندي نه ٻڌو آهي. ڪڏهن ڀلجي به هُن دوستن يا نجي محفلن ۾ ان قسم جو ذڪر ناهي ڪيو. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽ جهڙي محبتي انسان جي وڇوڙي کيس ڪيترو تڙپايو هوندو اها خبر ته کيس ئي هوندي، مٽن مائٽن، ڀائرن ۽ پٽن جي اجاين سجاين ڦڏن ڦرڙن کي جنهن نموني هاديءَ منهن ڏنو آهي اهو ڪنهن مون جهڙي عام ماڻهون جي وس جي ڳالهه ناهي. هادي ٻاهريون جيترو شانت نظر ايندو آهي اندر سندس اوتروئي زّخمي آهي. ڳوڙها اکين جا هجن يا دل مان ڳڙندڙ رت ڦڙا، هادي ڀٽ انهن کي پنهنجي وجود جو حصو سمجھي پنهنجي سيني تي ئي سٺو آهي، کيس دل جو دؤرا ۽ شگر جي بيماري ڪا هروڀرو ته ناهي لڳي! پر سمورين بيمارين، اهنجاين، مشڪلاتن، رڪاوٽن هوندي به هادي بخش ڀٽ جيڪو وچن ويڙهيچن سان ڪيو هو، پنهنجي نينهن جو ناتو پنهنجي ماروئڙن سان جوڙيو هو ته انهن ڪنڊن ڀريل رستي تي هلندو رهي ٿو، پير پٿون، دامن تار تار ٿيندي ڪڏهن به پنهنجي ان فيصلي تي پڇتايو نه ئي ڪا شڪايت ڪئي اٿس. هو سدائين چوندو رهندو آهي ته؛
جي لوڻ لڱين لاهين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳ نه ڪيو اهڙو ڪوجھو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوارن سين.

 هادي بخش ڀٽ ۾ جيڪي انيڪ خوبيون آهن انهن مان هڪ هيءَ به آهي ته هو ڪوشش ڪري هردوست جي ڏک يا سک، خوشي توڙي غمي وارن ساعتن ۾ ساڻن ساٿ نڀائيندو رهندو آهي. عوامي ڀلائي جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ۾ ڪوبه عار محسوس ناهي ڪندو. هادي پنهنجي حياتي ۾ذاتي لالچ، لوڀ کي پاسيرو رکي سچائيءَ ۽ خلوص سان سنڌي ماڻهن ۽ سڄي انسانذات سان محبت جا هوڪا ڏيندو رهيو آهي. ڪي خوبيون ماڻهون عالم قسم جي انسانن سان گڏ رهڻ ڪري اپنائيندو آهي. ان معاملي ۾ هادي بخش ڀٽ وڏو خوشنصيب انسان رهيو آهي. سکر ۾ رهندي سندس لاڳاپا عظيم ڪوي شيخ اياز سان رهيا، رشيد ڀٽيءَ جي ته هو جهڙوڪر گھر جو ڀاتي هيو، نظام بلوچ جهڙي ارڏي انسان ۽ ڪامياب وڪيل جو هو اسسٽنٽ ٿي رهيو، محترم رسول بخش پليجي صاحب سان نه رڳو سندس سياسي وابستگيون رهيون پر وڪالت جا پهريان سبق به هادي سائين پليجي صاحب کان سکيا، حيدرآباد ۾ رهندي هادي سنڌ جي وڏي ڏاهي ۽ استاد سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي انتهائي ويجھو رهيو.

هادي بخش ڀٽ اسان جي سماج اندر هڪ مثالي ماڻهون آهي، جنهن تي دوستن کي ڳالهائڻ گھرجي ته جيئن هِن جهڙن ٻين غريبيءَ ۽ مسڪينيءَ جي ڀنور ۾ ڦاٿل نوجوانن کي اتساهه ملي سگھي ۽ اهي سمجھي سگھن ته: جيڪڏهن جذبو ۽ جنون هجي ته ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي، انسان پنهنجي تي اچي ته هر ڪم سرانجام ڏئي سگھي ٿو. ائين نه هجي ها ته گڏهه گاڏي کان ڪوري ڪار تائين، نئين پنڊ جي ڳلين کان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي صدارت تائين وارو سفر ممڪن ئي نه هجي ها.

منهنجو سکر سان ناتو چاليهارو سالن کان مٿي تي محيط آهي، هي هڪ بي وفا شهر آهي، جتي ماڻهن جو ڪال آهي. سائين حڪيم زنگيجو سنڌ جي ڪن شهرن لاءَ چوندو آهي ته اهي ڪوفي جا شهر آهن، جت مظلومن جي داد رسي لاءِ ڪوبه ناهي ايندو، گھڻا تڻا ٻين جي دانهن ڪوڪن کي ٻڌڻ بدران ڪنن ۾ چيچون وجھي منهن ٻئي پاسي ڪري رمندا رهندا آهن. هو سکر کي به انهن ۾ ڳڻائيندو آهي. منهنجا ڪيئي ڏسڻا واسڻا ڪليگ آهن، جن سان ڏهاڪن کان گڏ ڪم پيو ڪيان، مون ڪيئي قربانيون انهن جي لاءِ ڏنيون هونديون پر افسوس ته انهن مان چند محبوب دوستن کي ڇڏي باقي جيڪي مليا سي سڀ واپاري هيا نج پچ، اندران ٻاهران بي حس، خود غرض واپاري، پنهنجي ذات لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ. ها اهڙي شهر جي انهن گندگين وچ ۾ ڪنول گل جهڙو پاڪ، معصوم، بي ضرر ۽ دوستيءَ جي ناتي کي پنهنجو ايمان سمجھي نڀائيندڙ هادي بخش جو ملڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هيو. اسان جي دوستي جو ڪچو ڌاڳو ته کڻي سياسي راهن تي هلڻ واري ساڳي قافلي ۾ رهندي جڙيو هو پر اڳتي هلي ڪري اهو اهڙن سڀني مامرن کان مٿاهين سطح تائين پهچي ويو جنهن ڪري اسان جي ناتن ۾ جيڪا سڳند ڀري سرهاڻ آهي اها اڄ به سلامت آهي ۽ اميد ته اها تا حياتي قائم رهندي.


هادي بخش جي زندگيءَ جو مون مٿي رڳو هڪ پهلو بيان ڪيو آهي ته هُن ڪيئن نه جهد ڪري پنهنجي لاءِ هڪ عزت ڀريو مقام جوڙيو آهي پر حقيقت ۾ هادي بخش جي زندگيءَ جا ڪيئي انڊلٺي رنگ آهن جن کي ڪنهن هڪ اڌ مقالي ۾ سمائڻ ممڪن ئي ناهي. هادي بخش ڀٽ سکر جي پهرين صف ۾ ويٺل بهترين وڪيل آهي، هو هڪ ڪامياب سياستدان آهي، تمام سٺو مقرر، بهترين لکاري ۽ ترجمي نگار، سماجي ڪم ڪندڙ انسان آهي، سول سوسائٽيءَ جو پرچارڪ آهي. هو ڇا ڇا نه آهي؟ هڪ پوري انجمن آهي. بهتر ته ائين ٿيندو ته هادي پنهنجي زندگيءَ جي انهن لاهين چاڙهين تي پاڻ به قلم کڻي ته جيئن تاريخي حقيقتون هميشهه لاءِ تاريخ جو حصو بڻجي سگھن. 

Sunday, June 7, 2015

ڪتاب جي حرمت ۽ اسان سنڌي؟؟!!




مان ڪراچي جڏهن به ويندو آهيان ته ڪوشش ڪري ٻن جاين تي چڪر ضرور هڻندو آهيان. ڊفينس جي آچر بازار ۽ صدر ۾ آچر ڏينهن پراڻن ڪتابن جي لڳندڙ مارڪيٽ. انهن جاين تي ٿوري خريداري سان گڏ تمام گھڻو گھمندو آهيان ۽ اتي مون کي دلي سڪون ملندو آهي. دل چاهيندي آهي ته بس اهو سڄو ڏينهن اتي گذاري ڇڏجي.

آچر بازار ۾ اولهه جي ملڪن مان گھرايل انيڪ قسم جون شيون رکيو وينديون آهن جن ۾ پراڻا جوتا، پراڻا ڪوپ ساسر، ڪاٺ جو ٺهيل مورتيون، ڪپڙا، ٿيلها، اليڪٽرانڪ جو وکر، ڇا ڇا نه هوندو آهي اتي ۽ صدر جي آچر بازار جي ڊگھي گھٽي جي ٻنهي پاسن تي سٿيل قسمين قسمين ڪتاب، رسالا انهن ڪتابن جي ورق گرداني ڪندڙ ڪتابن جهڙا پوڙها ڪتابن جا شوقين ۽ پوءَ جڏهن ٿڪجي پوندو آهيان ته پرئين ڇيڙي تي پٺاڻ جي هوٽل جي کير پتي چانهن وٺي وري واپسي ساڳي گھٽيءَ مان ئي ڪندو آهيان. گھڻو گھڻو اڳ ان ماڳ تي منهنجون نظرون سوشلسٽ لٽريچر کي ڳولهيندي نه ٿڪبيون  هيون، ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست جي ڀڃ ڊاهه ڪري اهو سياسي ماحول ئي نه رهيو ۽ هاڻي اهو ادب جهڙوڪر ڪٻاڙخاني جي زينت بڻجي ويو آهي ۽ منهنجو پڙهڻ وارو شوق به ڦيرو کائي چڪو آهي. هاڻي به ادبي، سياسي ڪتاب پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن پر خاص ڪري 2004ع کان پوءَ جيئن ئي تعليم جي شعبي ۾ سکيا ڏيندر استاد وارو گس ورتو اٿم ته هاڻي تعليمي ادب سان واڳيل ڪتاب وڻندا اٿم .

سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته صدر بازار جي ان پراڻي ڪتابن واري آچر بازار ۾ گھمي رهيو هوس ته منهنجي نظر شيخ اياز جي لکيل ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڇبو ٿڪ مسافر“ تي پيئي. ڪتاب جو پهريون پنو اٿلايم ته سفيد خالي پني ته شيخ اياز جا هٿ اکر لکيل هيا ”خلوص ۽ محبت سان يوسف شاهين لاءِ. شيخ اياز. 6 اپريل 95ع“ مٿان پين سان بدر ابڙو به لکيل هو. يوسف شاهين سنڌ جو اهو ساڃهوند رهيو آهي جنهن روزانه ”برسات“ اخبار ڪڍي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي گذارش ڪئي هئي ته سندس ان اخبار جو ايڊيٽر ٿين. سائين شيخ اياز سندس ان آڇ کي قبول ڪندي برسات لاءِ ڪيئي ايڊيٽوريل لکيا هيا جيڪي پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هيا. شيخ اياز انهن اصول پرست انسانن منجهاران هڪ هيو ته جڏهن اخبار لاءِ ايڊيٽوريل لکندو هو ته ان جي آخر ۾ پنهنجي نالي جا پهريان اکر به لکي ڇڏيندو هو. اهو ته ڄڻ ائين هو ته شيخ اياز انهن لکيل لفظن، راين، تنقيدن يا گفتن جي ذميواري اخبار جي مالڪ تي رکڻ بدران پاڻ کڻندو هو. اخبار جي مالڪ ۽ اخبار جو ايڊيٽر ٿيڻ ساکي آهي ته يوسف شاهين ۽ شيخ اياز ۾ ڪيتري نه ويجھڙائي هئ. پر جڏهن شيخ اياز جو پنهنجي هٿ اکرن سان ارپيل ڪتاب روڊ تي پيل ڏٺم ته سوچن جي صحرا ۾ ڪٿي وڃائجي ويس. سوچيم ته يا خدا هي ڇا مامرو آهي. سنڌ جي يگاني شاعر جو ڪتاب ۽ اهو پنهنجي پرين پياري دوست کي هٿ اکرن سان ارپيل ۽ اهو ڪتاب پراڻن ڪتابن جي هن مارڪيٽ تائين ڪيئن پهتو؟ ڇا يوسف شاهين انهن ڪتابن کي پنهنجي گھر ۾ اجايو سمجھي گھٽين ۾ هوڪا ڏيندڙ گھورڙين کي وڪڻي ڇڏيو يا هي ڪتاب يوسف شاهين جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ائين هِتي هُتي رُلي اچي ڪتابن جي ڪٻاڙخاني پهتو؟  مون کي انهن سوالن مان ڪوبه جواب سمجھ ۾ ڪونه پئي آيو ۽ مون اهو ڪتاب بنا ڪنهن ڇڏ ڇوٽ جي ڪتاب وڪڻندڙ کان خريد ڪري پنهنجي ننڍڙي لئبرريءَ ۾ اڳ خريد ڪيل ان ساڳي ڪتاب جي ڀرسان رکي ڇڏيم ۽ سوچيم ته جيڪا بي حرمتي اسان جي عظيم شاعر جي هٿ اکر لکيل ڪتاب جي مان محسوس ڪيان ٿو ته اهو ڪو ٻيو نه ڪري سگھي.