Wednesday, April 29, 2015

اندر جا احساس شاعريءَ جي روپ ۾.


نرواڻ جي ڪندي ڳولها،
مليا، سوين هادي ڪيئي مولا.

سفر صدين جي ۾ مون،
لتاڙيون، سوين لُنڊيون ڪيئي لوڙها.

ملاقاتون ٿيون محبوبن سان،
مليا، سوين جوان ڪيئي پوڙها.

جوانيون قيد ۾ گذريون،
سوچن، تي سوين نيئر ڪيئي لوڙها.

بازن جو گھيرو جھرڪين تي،
ڦٽي، سوين ڪبوتر ڪيئي هيڙها.

حاڪم جي گدي تي ويٺل،

آهن، سوين گنجا ڪيئي ٺوڙها. 

Professional Teacher’s Development Network (PTDN) Workshop on Educational Leadership and Management 29 April 2015



اڄ 29 اپريل 2015ع  اربع جي ڏينهن تي مين پرائمري اسڪول سکر اندر ٽيچرس ريسورس سينٽر (TRC)  ۾ سکر جي   هيڊ ٽيچرس سان ’تعليمي اڳواڻي ۽ انتظام ڪاري‘ متعلق هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ پروفيشنل ٽيچرس ڊويلپمنٽ نيٽورڪ (PTDN) سلهاڙيل آغا خان يونيورسٽي- انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊيويلپمنٽ  (AKU-IED)پاران رکيل هو. هن هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ سکر جي چاليهن اسڪولن جي مرد ۽ عورت هيڊ ٽيچرس شرڪت ڪئي. هن ورڪشاپ کي مون (امير گل ڪٽوهر)، ميڊم دريا خاتون ۽ حنيف صاحب گڏيل نموني هلايو. اسان جي ورڪشاپ جو فوڪس تعليمي اڳواڻي هو. تعليمي اڳواڻ ۽ مينجر، تعليمي اڳواڻ ۽ باس ۾ فرق کي واضع ڪرڻ سان گڏ اسان کين ڪامياب اڳواڻيءَ جا گڻ ڪرڪيٽ راند مان چونڊ تصويرن ذريعي پڻ سمجھائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اسان جي پاور پوائنٽ پريزنٽيشن ۾ ڪامياب اڳواڻيءَ لاءِ جيڪي خصوصيتون بيان ڪيون ويون هيون انهن ۾ گروپ ۾ ڪم ڪرڻ، ڏکيا ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ، تخليقي انداز ۾ پيچيدهه مسئلن کي سولي ۽ سلوڻي نموني سرانجام ڏيڻ وارا گُر سکڻ، صلاح مصلحت جي اهميت، هڪ ٻئي سان سهڪار، پنهنجي ڪم ڪار کي سرانجام ڏيڻ لاءِ پوري طرح ان جو حصو بڻجي وڃڻ، ڏکين گھڙين ۾ همٿ نه هارڻ، پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول رکڻ، تضادن جو حل ڳولهڻ، ٻئي جو مان رکڻ، گھڻي ۽ اجائي ڪاوڙ ۽ وڏائيءَ کان پاسو ڪرڻ، مليل ڪاميابين جو جشن ملهائڻ وغيره ٻڌايل هيا.  اسان جي ان پرزنٽيشن ۾ سڀئي شرڪت ڪندڙن مڪمل نموني سلهاڙيل رهيا. اسان جي پيش ڪش جو انداز ڳالهه ٻولهه وارو هيو ۽ سڀني کي ان ڳالهه تي همٿايو پئي ويو ته هو به پنهنجي راءِ کي شامل ڪن. اسان جي ان پريزنٽيشن جو آخري ۽ اهم اسم اسڪول ڊويلپمنٽ پلان (SDP) هو. سائين حنيف صاحب شرڪت ڪندڙن کي واضع نموني اهو ٻڌايو ته اسڪول ڊويلپمنٽ پلان ۾ ڇا ڇا شامل هئڻ گھرجي، اهو ڪيئن جوڙجي وغيرهه. اسان کين چيو ته اسڪول ڊويلپمنٽ پلان ٺاهڻ کان اڳ پنهنجي اسڪول جي SWOT Analysis ڪيو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته اوهان ڪهڙي مد ۾ سگھارا آهيو، اوهان جون ڪهڙيون ڪمزوريون آهن، ۽ اوهان کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن ۽ مستقبل ۾ ڪهڙيون متوقع ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جا موقعا پڻ پيدا ٿي سگھن ٿا. ان بعد سمورن شرڪت ڪندڙن کي گروپن ۾ ويهاري کانئن اهو پلان جوڙايو ويو.

مجموعي طرح اسان جو اهو ورڪشاپ سٺو هيو ۽ مان سمجھان ٿو ته جيڪو پيغام اسان هيڊ ٽيچرس تائين پهچائڻ پئي گھريو اهو ڪنهن حد تائين انهن تائين پهچايو ويو هو. اسان هن ورڪشاپ ۾ ملٽي ميڊيا، ليپ ٽاپ ۽ وائيٽ بورڊ کي استعمال ڪيو، جڏهن ته آخر ۾ گروپ ورڪ ڪرائي اسڪول ڊيويلپمنٽ جا چارٽ جوڙايا جڏهن ته وچ ۾ جيڪا ريفريشمنٽ ڪرائي ويئي اها به ٺيڪ هئي.

 مون جيڪا ٿوري گھڻي تعليمي اڳواڻيءَ تي ريسرچ ڪئي آهي ۽ تعليمي ادارن ۾ زندگي جو ڳچ عرصو گذاريو آهي ۽ مشاهدو ڪيو آهي ته سنڌ اندر پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين اسين تعليمي اڳواڻي جي شديد ترين بحران ۾ ڦاٿل آهيون. جيڪي ڪنهن به ڪم جا ناهن، يا جن جو پري پري تائين تعليمي اڳواڻيءَ  سان ڪو رشتو ناتو ناهي يا اهي جن کي ادارن جي هلائڻ جو ڪو ٿورو گھڻو ڏانو به ناهي ته اهي سڀ جا سڀ سنڌ جي تعليمي ادارن جا سربراهه بڻيل آهن. پرائمري کان وٺي سڪينڊري، هائر سيڪنڊري، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تائين عجيب غريب مخلوق جي هڪ وڏي لانڍ آهي جن جو هر انتظامي عهدي تي قبضو ٿيل آهي. هي اسان جا مهندار اهڙا آهن جيڪي نه ته پاڻ ڪجھ پير سوري ڪو سُر جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي منجي خالي ڪري ٻين کي جاءِ ڏيڻ سندن منشا آهي.

 اهو حشر رڳو پرائمري سطح تي ناهي، پر مٿين سطح تي معاملا تهان وڌيڪ ڳنڀير آهن. ڀلي ته تعليمي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ اڪيچار پراجيڪٽ اچن، ڪروڙين روپيه لڳايا وڃن، ڀلي ته هر سطح تي سکيا جا عمل به منقعد ٿين پر جيستائين ادارن جا سربراهه ايماندار، محنتي، هنرمند، سرگرم، دوستاڻا رويا رکندڙ، پنهنجي ڪم کي عبادت سمجھي سرانجام ڏيندڙ نه هوندا ته مثبت تبديلي ڪونه اچي سگھندي. مان ذاتي طور تي ڪجھ انتهائي ڪرپٽ قسم جي عملدارن کي سڃاڻا جن کي مون هر دؤر ۾ سڻڀين سيٽن تي سيٽيل ويٺل ڏٺوآهي، انهن جي بادشاهي کي ڪو لهر نه ڪو لوڏو آيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر مختلف اين جي اوز پاران تعليمي ترقيءَ متعلق منقعد ٿيندڙ ورڪشاپس ۽ سيمنارن ۾ مهمان خاص واري سيٽ والاري  ڀاشن پڻ ڏيندا آهن. منهنجو ايمان آهي ته تعليمي ترقي تيستائين ممڪن ناهي جيستائين سياسي قيادت پنهنجو قبلو درست نه ڪندي ۽ ٻيو ته تعليمي ادارن کي سچا پچا تعليمي اڳواڻ جيڪي ايماندار هجن مهيا نه ٿيندا.  

Thursday, April 16, 2015

سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ارٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر...ماضي حال ۽ مستقبل



سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر سائين پروفيسر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ سندس دوستن تمام آڳاٽو قائم ڪئي هئي. اهو دؤر هو جڏهن ادب ۾ ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جون ٻه الڳ ڌارائون ڪم ڪنديون هيون. کاٻي ڌر وارن تي ڪفر، ملڪ دشمنيءَ جا الزام لڳندا هيا ته ساڄي ڌر وارن کي رجعت پرست ڪري پيش ڪيو ويندو هو. ترقي پسند ادب جي فروغ لاءِ اردو دانن انجمن ترقي پسند مصنفين قائم ڪئي هئي جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت تي گھڻو اثر سنڌي ترقي پسند اديبن جو هوندو هيو. سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر تي ساڄي ڌر جون سوچون رکندڙ دوستن جو اثر هيو. انهن جھيڙن يا اختلافن کي پاسيرو رکي جيڪڏهن حقيقت پسنديءَ واري اک سان ڏسنداسين ته ٻنهي پاسي مڻيادار انسان هوندا هيا جن سنڌي ادب جي آبياريءَ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پاران پڻ ڪيئي پروگرام ٿيا هيا ۽ ان جي پليٽ فارم تان ڪاليج جي اديب پروفيسرس جا ڪتاٻ پڻ شايع ڪيا ويا هيا. پوءِ زمانا بدليا، اهي جھونا جوڳي رٽائر ٿي ويا، پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽي هن دنيا کي تياڳ ڏيئي ويا ۽ اهو جيڪي ادبي سلسلا هلندا هيا اهي به ماٺا ٿيندا ويا ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو ته صفا موت واري خاموشي ڇانئجي ويئي. تمام گھڻو پوءِ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ جڏهن ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو شاگرد سائين اسرار احمد علوي صاحب ان ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي ان جو سينگار بڻيو جنهن تي سندس عالم ۽ فاضل استاد ويهندو هيو ته ساڳي وقت ڪاليج جو پرنسپل به سائين لعل محمد سولنگي جهڙو انمول انسان هيو ۽ خوشقسمتيءِ سان مان به اتي اسلاميه ڪاليج اندر پاڙهيندو هوس ته اسان سڀني گڏجي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي هڪ دفعو وري نئين سر جياريو هو. سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي سيڪريٽريءَ واريون ذميواريون دوستن مون تي رکيون هيون. سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي جيارڻ وارو سڀاويڪ ڪم لطيف سائينءَ جي مختلف سرن تي ليڪچرن منقعد ڪرائڻ سان شروع ڪيوهوسين. سائين اسرار احمد علوي صاحب لطيف جي مختلف سُرن تي ليڪچر ڏيندا هيا ۽ اسان ڪجھ دوست باقي انتظام ڪندا هياسين. 

ڪنهن به ادبي فورم کي سرگرم ڪرڻ، ان جا پروگرام منقعد ڪرڻ ڪا اڪ جي ماکي لاهڻي ناهي هوندي، ان لاءِ تمام گھڻو پاڻ پتوڙڻو پوندو آهي. پروگرامن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جيڪي رڪاوٽون، تڪليفون يا قرباني ڏيڻي پوندي آهي اها ته ان ماڻهونءَ کي خبر هوندي جنهن اهي پروگرام منقعد ڪيا هوندا. اسان جڏهن سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو ته ان دؤر ۾ اڃا موبائيل فون جو نالو نشان به نه هيو.  يارن دوستن کي اطلاع ڏيڻ لاءِ سندن درن تي وڃڻو پوندو هو، کين وري وري پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ يادگيريون ڏيارڻيون پونديون هيون، پروگرام جي مشهوريءَ لاءِ خيرپور ريڊيو تي مقامي خبرن ۾ اعلان ڪرائڻا پوندا هيا ۽ اخبارن ۾ خبرون ڇپائڻ لاءِ صحافي دوستن جون فرمائشون به پوريون ڪرڻيون پونديون هيون بعد ۾ وري پروگرامن جون رپورٽون تيار ڪري اخبارن يا ميگزين کي موڪلڻ وارا ڪم ڪرڻا پوندا هيا. اهي سڀ ڪم اسان ڪجھ دوست گڏجي سرانجام ڏيندا هياسين پر ان معاملي ۾ گھڻي ڀڄ ڊڪ مون کي اڪيلي سر ئي ڪرڻي پوندي هئي. بهرحال اسان جي ڪوششن رنگ لاتو هيو ۽ پروگرام تمام سٺا ڪامياب ٿيڻ لڳا هيا. اسان جي انهن پروگرامن ۾ گمبٽ کان سائين پروفيسر علي رضا شاهه صاحب به اچي شرڪت ڪندو هو ۽ گھڻو ڪري ڪونه ڪو راڳي به ساڻ ورتيون ايندو هو جيڪو پروگرام کان پوءِ محفل موسيقي جو رنگ رچائيندو هو. سائين عزيز ميتلي جي اها يادگار محفل مان ڪيئن ٿو وساري سگھان جنهن ۾ سائين عزيز ميتلي پورو سُر رامڪلي ڳائي ٻڌايو هو. خيرپور کان مرحوم پروفيسر عبدالرزاق سولنگي صاحب جن وڏا وڙ ڪري پهچندا هيا، پني عاقل کان سائين سرور سيف لازمي شرڪت ڪندو هو ته چڪ جو دوست سائين محمد حسن مهر صاحب پنهنجي دوستن سان اچي محفل کي رنگ بخشيندا هيا. سکر مان هادي بخش ڀٽ ايڊوڪيٽ صاحب، نعيم شيخ صاحب، ضيا ڀٽي صاحب، سچل ڀٽي صاحب، ظهور ابڙو، محمد بخش ڪلادي، فيض سومرو ته ڪجھ دوستن جا نالا آهن جيڪي هر پروگرام جي زينت هوندا هيا پر ٻيا تمام گھڻا دوست هوندا هيا جن جا نالا هنوقت منهنجي ذهن تي ڪونه پيا اچن جيڪي اسان جي انهن پروگرامن ۾ شرڪت ڪندا هيا.



 اسان جي انهن پروگرامن ۾ منهنجي پنهنجي ڪاليج جي ڪجھ علم دوست استادن کان سواءِ اڪثريت نه صرف شرڪت نه ڪندي هئي ويتر پرپٺ هو اسان تي (حقيقت ۾مون تي) ڏند ڪرٽي تنقيدون ڪندا هيا ته اسان ۽ خاص ڪري مان مڙوئي شهرت جو بکيو آهيان ان لاءِ هن قسم جا پروگرام پيو ڪرايان.  ڪن دوستن ته مونکي اهو به چيو هوته ”چريا تون ته ڪامرس جو استاد آهين تنهنجو ڇا وڃي انهن جھميلن ۾، اڪائونٽنگ جو ڪو ڪتاب کڻ، ان تي مهارت حاصل ڪر، تنهنجو ڇا وڃي ادب سان!“

 بهرحال اهو سلسو ايترو ته ڪامياب هلي پيو هو ته يارن دوستن کي پروگرامن جو جهڙوڪر انتظار رهندو هو.  جيڪڏهن ڪو پروگرام رٿبو هو ۽ ڪن سببن ڪري ڪنهن يار دوست کي اطلاع ڪري نه سگھبو هو ته اهو ميارون موڪليندو هو. اڳتي هلي سائين اسرار احمد علوي کان سواءِ اسان ڪجھ ٻين دوستن کي به ساڳي پليٽ فارم تان ليڪچر پروگرامن لاءِ مدعو ڪيو هو. نوجوان اديب سائين جهانگير عباسيءَ جو هڪ پروگرام جيڪو هن شيخ اياز جي اردو شاعريءَ تي ڪيو هو ٻيو جيڪو پروگرام سائين سليم ڀٽو لطيفي جو هڪ تنقيدي ليڪچر پروگرام رٿيو هوسين جنهن ۾ سليم ڀٽو لطيفيءَ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي لطيف سائين تي ڪيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو هو. اهو پروگرام، سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي ڪن دوستن کي هضم ٿي نه سگھيو هو، جنهن جو اظهار انهن پروگرام جي پڄاڻيءَ بعد ئي ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ٻيو جيڪو پروگرام ترقي پسند اديب ۽ سنڌ جي گھڻ پڙهئي سائين حفيظ ڪنڀر جو ”جديد تعليم جو تصور ۽ رياست“ جو اهتمام 16 مارچ 2007 جي ڏينهن ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ ڪرايو هوسين ته ان تي منهنجا ڪي پرين پيارا تمام گھڻا ڪاوڙجي پيا هيا ۽ مون کي تمام تز ۽ ترش لفظن ۾ اهو باور ڪرايو هئائون ته ”مان ڪو سنڌي ادبي سوسائٽي جو مالڪ ناهيان ته جنهن کي وڻا ان کان وتان پروگرام ڪرائيندو“. ان سمي منهنجي دل ڇت تان هيٺ فرش تي ڪريل بلب جيان ڀور ڀور ٿي پئي هئي. ان ڏينهن ئي مون کي اهو احساس ٿيو هو ته کاٻي ۽ ساڄي ڌر جو پراڻو تصور اڃا ختم ناهي ٿيو. اهي منهنجا اڳوڻا سُرخا دوست جيڪي هاڻي انتهائي نيڪ نمازيءَ جو روپ ڌاري چڪا هيا انهن کان حفيظ ڪنڀر جو پروگرام هضم ٿي نه سگھيو هو ۽ انهن جي خواهش هئي ته هنوقت بدليل موسم ۾ پڻ سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي ساڳي ساڄي پاسي واري واٽ تي هلڻ گھرجي. ان قسم جي ڳالهه مون لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هئي ۽ مون ان ڏينهن تي ئي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ مان پنهنجو هٿ ڪڍي ورتو هو!

 اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اها ساڳي سنڌي ادبي سوسائٽي (جنهن کي هاڻي سنڌي/اردو ادبي سوسائٽيءَ جو نالو دوستن ڏنو آهي) وري واپس تاريخ جي قبرستان ۾ جو دفن ٿي آهي ته ڪنهن به الله جي بندي ان ۾ ساهه ڦوڪڻ جي ڪا ڪوشش ناهي ڪئي.  الله الله خير سلا الله.


Saturday, April 11, 2015

اچو ته سچ ڳالهايون


2014-08-19 جي ڊائري جيڪا مون ڪامرس ڊپارٽمنٽ جي ڪمري ۾ 5.20 شام جو لکي هئي

ڪالهه ڪو ڪريڪيولر ايڪٽيوٽيز ڪاميٽيءَ جي روائتي ميٽنگ بعد غير رسمي ڪچهري ۾ ڪاليج جي پرنسپل صاحب روائتي ڀاشن ڏيندي چيو ته ”بابا ڪلاسن جي معاملي ۾ مان ڪابه ڪوتاهي قبول نه ڪندس ڀلي کڻي اهو ڪير به هجي“.  سڀ ڪنهن کي منهن تي سچي ڳالهه چئي ڏيندڙ، اسٽاف روم جي سيڪريٽري کيس عرض ڪيو ته ”قبلا جي اوهان واقعي اهو چاهيو ٿا ته پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هڪ هفتو اسان کي ڏيو“ (سندس مطلب هو ته هڪ هفتي تائين هو پاڻ اچي ڪلاس روم پرئڪٽس جي نگراني ڪري) تنهن تي صاحب وراڻيو ته ”اوهين ڏسو ٿا ته مان ڪيترو نه مصروف آهيان، مون کي ٽائيم ڪٿي آهي ته اهو ڪم ڪري سگھان“. سندس ان ڳالهه کي هڪ اڌ ٻئي پروفيسر به هي چئي سُر وٺرايو ته ”يار پرنسپل صاحب کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو پاڻ سڀ باقي ڇا ڪنداسين“.

مون کي حيرت آهي ته جيڪو ماڻهون ڪلاس روم پرئڪٽس تي ڪابه ڪوتاهي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اهو صرف هڪ هفتو به ڪلاسن جي نگراني واري  ڪم کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي....ڪڇان تان ڪافر ٿيان ماٺ ڪيان ته مشرڪ واري ڪار آهي.

پرنسپل صاحب پنهنجو هڪ ڪارنامو بيان ڪندي ٻڌايو ته ڪالهه هو جنهن وقت ڪاليج اندر ٽرانسفارمر لاءِ لڳندڙ ٿنڀي کي انسٽال ڪرڻ واري ڪم جي پاڻ مٿان بيهي نگراني ڪري رهيو هو ته کيس چار شاگرد وقت کان اڳ ڪاليج کان واپس ويندي نظر آيا، مون کانئن سڏي حال احوال ورتا، خبر پيئي ته ڪنهن پروفيسر کين اهو چئي گھر واپس اماڻي ڇڏيو هو ته واسطيدار پروفيسر موڪل تي آهي انڪري اوهين ڀلي واپس هليا وڃون. وڌيڪ سندس چوڻ هو ته هن ان ڳالهه جو هڪدم نوٽس ورتو ۽ ان پروفيسر سان جيڪا ويڌن ڪئي کيس ئي خبر هوندي.
هتي هڪ سوال ٿو اٿي ته جي پرنسپل صاحب ٿنڀي جي لڳائڻ واري انتهائي ”حساس ۽ اهم“ ڪم جي نگراني بدران پاڻ ڪلاس روم ۾ هلندڙ پرئڪٽس جي ڪم تي نظر رکندڙ هجن ها ته اها بي ضابطگي سرانجام ٿي سگھي ها!!!؟؟؟

ڪاليج اندر ريگيولر داخلا وٺندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کان هڪ قسم نامون ورتو ويندو آهي ته جيڪڏهن سندن حاضري 75 سيڪڙو نه هوندي ته هو امتحاني فارم ڀرڻ جي قابل نه رهندا. موجودهه پرنسپل صاحب شاگردن جي حاضريءَ جي سلسلي ۾ هڪ مربوط پروگرام تي عمل ڪرائي رهيو آهي. ڏينهن ۾ هر ڪلاس ۾ پنج پيرڊ ٿيندا آهن. هرهڪ استاد کي حاضري بوڪ مهيا ڪري ڏنل آهي ته اهي سندس ڪلاس ۾ حاضر شاگردن يا شاگردياڻين جي حاضري وٺي رکن ۽ هر مهيني پرنسپل صاحب کي سندن سراسري حاضريءَ جو ريڪارڊ پيش ڪن. ان کان سواءِ هڪ سينئر پروفيسر جي ڊيوٽي لڳائي ويئي آهي ته هو هلندڙ ڪلاسن ۾ رينڊ ملي وڃي ڪلاس ۾ موجود ٻارن جي حاضري وٺي روزانه بنياد تي پرنسپل صاحب جن کي رپورٽ ڪن. ٻارن جي حاضري ريڪارڊ جو اهو فول پروف انتظام ڪيل آهي ۽ پرنسپل صاحب کي هاڻي خبر هئڻ گھرجي ته ڪهڙي ڪلاس جي سراسري حاضري ڇا رهي، ڪهڙي شاگرد يا شاگردياڻي ڪيترا ڪلاس اٽينڊ ڪيا يا صفا غير حاضر رهيا/رهيون...وغيره. پر اهڙن سڀني انتظامن ڪرڻ بعد به جيڪڏهن امتحاني فارمن ڀرجڻ وقت پرنسپل صاحب اهو چئي ته ”اوهان ڀلي هرڪنهن کي 75 سيڪڙو حاضري ڏئي ڇڏيو ته جيئن ڪنهن جو فارم رد نه ٿئي“ ته ماڻهون مٿي ته هٿ رکي ويهي ٿو رهي ته يا خدا يه ماجرا ڪيا هي...

اڃا ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. ڪاليجن ۾ جيڪا انڌا ڌنڌ داخلا پاليسي آهي، اها سراسر غلط آهي. اسين داخلا ڏيڻ وقت ئي شاگردن جي غير حاضري کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهيون ڇڏيندا. مثال طور جيڪڏهن اداري ۾ هڪ ڪلاس ۾ هڪ سؤ ٻارن کي پڙهائڻ جا انتظام آهي ۽ اوترا ئي استاد به آهن جيڪي سندن وقت سر ڪلاس وٺي سگھن ٿا. پر جي ان جي جاءِ تي اسان پنج سؤ داخلائون ڪيون ٿا ۽ اداري ۾ ايترا نه ته ڪلاس روم آهن، نه فرنيچر آهي نه استاد آهن ته کين پڙهائي سگھن پوءِ ٻارن کي پڙهائڻ وارو ڪم ته علاءُ الدين جي ڏيئي واري جن کان به نه ٿي ڪونه سگھندو. ان سڄي قصي مان جيڪا ڳالهه عيان آهي اها هي آهي ته اسان پهرين ڏينهن تي ئي ٻارن جي غير حاضر رهڻ واري عمل کي يقيني بڻائڻ جا سمورا سبب پيدا ڪري ڇڏيندا آهيون.  ٿيڻ ته ائين گھرجي ته انفرا اسٽڪچر ۽ هيومن ريسورس کي نظر ۾ رکي داخلائون ڪرڻ گھرجن. داخلائن ڏيڻ وقت هرهڪ داخلا وٺندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيءَ جي ڪا انٽري ٽيسٽ بعد ذاتي انٽرويو ڪيو وڃي ۽ سندس حاضر رهڻ يا نه رهڻ متعلق ڪي رايا قائم ڪري کين داخلا ڏيڻ گھرجي جيئن  يونيورسٽين وارا پنهنجي اداري ۾ داخلا وقت ڪندا آهن. اهي داخلائون ڪلاس روم جي گنجائش ۽ پاڙهيندڙن جي نمبر کي ڏسي ڏيندا آهن.  هاڻي ته سٺين يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ مختلف سبجيڪٽس ۾ داخلائن لاءِ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ يا ادار پاران انٽري ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.  

اهي ڳالهيون مون جيئن مٿي لکيون اٿم تيئن ئي ڪالهه ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ بيان ڪيم. منهنجي ان ڳالهه ڪرڻ تي منهنجو هڪ مهربان سائين مون تي صفا ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. مون جهڙوڪر ککر ۾ کڙو هنيو هو. سائين جن وڏي جذباتي انداز ۾ مون کي تنبيهه ڪئي ته منهنجو دماغ خراب آهي، مان جيڪي ڪجھ چاهيان ٿو اهو ممڪن ئي ناهي. جيڪڏهن ڪاليج وارن داخلائون گھٽائي ڇڏيون يا ڪاپي ڪلچر ختم ڪري ڇڏيو ته پوءِ يونيورسٽي اسان جي ڪاليج جي افيليشن ئي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ ان جي معنى ته اسان جو روزگار به متاثر ٿيندو.

مون کي ڳڻتي آهي ۽ مان ڏسان ٿو ته سنڌ جا ڪاليج ۽ سنڌ جون يونيورسٽيون هر سال هزارين جاهلن جي لوڌو پيدا ڪري رهيا آهن. ملڪي ۽ غير ملڪي مارڪيٽ ۾ ڪهڙي قسم جا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ گھربل آهن ۽ سندن ڊمانڊ ڪهڙي آهي، انهن منجھ ڪهڙا هنر هجن ...انهن سڀني ڳاليهن کان بي نياز اسين ريگيولر، پرائيويٽ هزارين شاگردن کي سيميسٽر ۽ خاص ڪري اينوئل سسٽم داخلا ان ڪري نه ٿا ڏيون ته مارڪيٽ کي سندن گھرج آهي پر ان ڪري ٿا ڏيون ته جيئن يونيورسٽيز جي بجيٽ ۾ ڪابه گھٽتائي نه ٿي. انهن جا خرچ ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون پگھارون وقت سر کين ملنديون رهن. هاڻي جيڪڏهن مان اهو چوندس ته ٿي سگھي ٿو منهنجا گھڻا ٻيا به يار چڙي سگھن ٿا ته انڌا ڌنڌ داخلا پاليسي، داخلا ۽ امتحاني فيس، امتحاني ڊيوٽين وارو معاوضو، اسيسمنٽ واري ڊرامي جو معاوضو ملندو رهي، ٻار ڪلاس مان گم آهن ته وڃي ڌوڙ پائين ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟!


جي اسان نام نهاد پڙهيل لکيل پروفيسرن جي سوچ ايتري پتڪڙي آهي ته پوءِ اڻ پڙهيل يا گھٽ پڙهيل شهرين تي ڪهڙي ميار رکجي ته اهي تعليم تي ڌيان نه پيا ڏين.  انهن کي ته شايد تعليم جي افاديت جي اوتري خبر ئي ناهي جيتري گھٽ ۾ گھٽ اسان کي آهي. هاڻي جيڪي ڄاڻندي به قوم جو ٻيڙو غرق ڪرڻ واري عمل ۾ ڀائيوار هئڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا ته باقي ٻين تي ڪهڙو ڏوهه رکجي.  

Thursday, April 9, 2015

سائين عبدالقادر منگي سان رهاڻ





ڪالهه رات يعني 08/04/2015 بروز اربع جيمخانه ڪلب خيرپور جي نئين جڙيل عمارت ۾ جناب عبدالقادر منگي صاحب سان پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي قربان منگي ۽ سرگرم سماجي اڳواڻ ۽ ساڃهوند ضمير لاشاري پاران هڪ رهاڻ رچائي ويئي هئي، جنهن ۾ منگي صاحب پاران ٿر تي مرتب ڪيل ڪتاب (ٿر) جي مهورت به ڪئي ويئي هئي.  سائين جن اڄ ڪلهه رٽائرڊ زندگي پيا گذارين جڏهن ته ماضيءَ ۾ موصوف سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايس ڊيم ايم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر جي عهدن تي ڪم ڪندا رهيا آهن. ڪتاب پوپٽ پبلشنگ اداري پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ اهو هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن آهي.

تقريب ۾ زندگيءَ جي مختلف پرتن سان تعلق رکندڙ ساڃهوند صحافين، اديبن، دانشورن، ڪامورن، پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽي سطح جي استادن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندڙن مان محض هڪ ٻن دوستن منگي صاحب جي مرتب ڪيل ڪتاب تي تبصرو ڪيو نه ته گھڻائيءَ منگي صاحب سان گذاريل خوشگوار گھڙين جو ذڪر خير ڪيو.

نوجوان ايس ڊيم جناب احرار يوسف شيخ اهي واحد نوجوان هيا جن ڪتاب تي جامع تبصرو ڪيو. موصوف ڪتاب مان حوالي طور ”لڪڙ تار“ جو ذڪر ڪيو. اها ڳالهه مون لا ءِ بنهه نئين هئي. ٿر ۾ لڪڙ تاران کي چيو ويندو هو ته ڪوبه ماڻهون جڏهن ڪا اهم معلومات حاصل ڪندو هو يا ڪو واقعو ٿيندي ڏسندو هو ته اها معلومات ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ٽن ٻين کي ضرور پهچائيندو هو ۽ بعد ۾ هرهڪ وري ٽن ٻين تائين اها معلومات پهچائيندا هيا ۽ ائين هڪ وڏي زنجير جڙي پوندي هئي ۽ گھربل معلومات سگھوئي پوري علائقي جي ماڻهن تائين پهچي ويندي هئي. ياد رهي ته ٿر ۾ انوقت روڊ رستا ناپيد هيا، موبائيل فون ته ڪجھ سالن کان ڪم پيا ڪن، جڏهن ته ٽي وي، ريڊيو يا اخبار وغيره به اتي مهيا نه هئي. مون کي اها ڳالهه ٻڌي انگريزي فلم  Pay it Forward ياد اچي ويئي هئي، جنهن جي ٿيم به بلڪل ساڳي آهي. احرار يوسف جي ڪيل تقرير تمام متاثر ڪن هئي. اڃا ته هو بلڪل نوجوان آهي پر سندس ڳالهين ۾ گھرائي هئي جنهن مان سندس وسيع مطالعي جا عڪس ۽ اولڙا واضع نطر اچي رهيا هيا. ياد رهي ته هن نوجوان پائلو ڪوهلو جي جڳ مشهور ڪتاب The Chemist جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيو آهي ۽ اهو ڪتاب پڻ پوپٽ پبلشنگ اداري پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. مون کي يقين آهي ته هي نوجوان اڳتي هلي ادب توڙي خدمت جي ميدان ۾ ضرور پنهنجي مانائتي جاءِ والاريندو.

ٻين ڳالهائيندڙن جناب عبدالقادر منگي صاحب لاءِ ٻڌايو ته جڏهن سندس پوسٽنگ ايس ڊيم ايم، ڊپٽي ڪمشنر يا ڊي سي او طور سندن علائقن ۾ هئي ته موصوف ڪيئن نه سندن هڙان ۽ وڙان مدد ڪئي، کين سٺن ڪمن لاءِ همٿايو ۽ سندن رهنمائي ڪئي. انهن مطابق ته منگي صاحب جي رهنمائي ۽ مدد جو نتيجو آهي ته اڄ هو ان جو ڦل کائي رهيا آهن. اهڙن روين جي جيڪڏهن ويهي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته واضع نظر ايندو ته واقعي اهو عمل ڪنهن معصوم دل رکندڙ ڏاهي انسان جو ئي ٿي سگھي ٿو ته هو هر جاءِ تي اهل علم، اهل دانش کي ڳولهي ڦولهي هٿ ٿو ڪري ۽ سندن هرطرح جي دلجوئي سان گڏ مدد به ڪري ٿو. دوستن جي ڪيل تقريرن مان واضع نظر آيو ته جناب عبدالقادر منگي صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ ۾ جت به رهيا ته انهن ڪونه ڪو ادبي، علمي، سماجي ڪارنامو ضرور سرانجام ڏنو. جڏهن ضلع ٺٽي جي تعلقه گھاري ۾ ايس ڊيم ايم هيا ته ان زماني ۾ اتي ”ڀنڀور فيسٽويل“ جو اهتمام ڪيو هيائون، وري جڏهن ٽنڊو الهيار جا وڻ وسايائون ته اتي سنڌ جي يگاني فلسفي ۽ عالم وتائي فقير تي هڪ شاندار پروگرام مرتب ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو هيائون، ۽ ان تقريب ۾ پڙهيل مقالن کي مرتب ڪري تاريخ ۾ پهريون دفعو وتائي فقير تي ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو هئائون. وتايو فقير پنهنجي نوع جو هڪ اهڙو انسان رهيا آهن جيڪي تمام ڳوڙهيون ڳالهيون مزاح واري انداز ۾ ڪرڻ جو فن رکندا هيا. ان کان پوءِ واريءَ ۽ ڀِٽَن جي ديس ٿر جا وڻ وسايائون ته اتي پڻ خاموش ڪونه ويٺا ۽ اتي بين الاقوامي سطح جا پروگرام منقعد ڪيائون ۽ اڄ جنهن ڪتاب جي مهورت هئي اهو پڻ انهن تقريبن ۾ عالمن پاران پڙهيل مقالن تي مشتمل هو. ان بعد وري جڏهن خيرپور جا آيا ته جهڙوڪر کين پنهنجي باقي زندگي گذارڻ جو وٿاڻ ملي ويو. موصوف خيرپور ۾ جشن خيرپور نالي جيڪو پروگرام ڪرايو هو اهو پورا 18 ڏينهن هليو هو.  

تقريب خيرپور جيمخانه ۾ رکي ويئي هئي. جيمخانه جي جڙيل عمارت تمام شاندار نظر آئي، هڪ پاسي ننڍڙا ٻارڙا جوڊو ڪراٽي جي پرئڪٽس ڪري رهيا هيا ته ٻئي پاسي انڊور گيمس لاءِ جڙيل هال نوجوان رانديگرن سان ڀريو پيو هو جيڪي اتي ٽيبل ٽينس جهڙين راندين ۾ رڌل هيا. تقريب جيمخاني جي وسيع ڇٻراٺي ميدان تي هلي رهي هئي. مهمان خاني وارو هال به ڪنهن محلات جهڙو ڏک ڏئي رهيو هيو، گول دائري واري ڪمري ۾ چوڌاري صوفا سيٽ رکيل هيا جڏهن ته عورتن ۽ مردن لاءِ جديد نوع جا باٿ روم به ان جو حصو هيا. مان پنهنجي جنم ڀومي خيرپور جي ڪنهن اهڙي ادبي، سماجي تقريب ۾ سالن پڄاڻا شرڪت ڪئي هئي ان ڪري مان پنهنجن ۾ جهڙوڪر اوپرو لڳي رهيو هوس. (يا گھٽ ۾ گھٽ منهنجا احساس اهي هيا) جيتوڻيڪ اتي سڀ جو سڀ ڄاتل سڃاتل دوست احباب هيا. منهنجو استاد سائين شاهه محمد لهراڻي صاحب، پروفيسر امان ڀٽي صاحب، حزب آءِ سومرو، انور چنو، امر اقبال، ساهه شيخ، فياض عباسي، سائين محمد علي شاهه، گل بهار ڪٽوهر، ميزبان قربان منگي، سائين ضمير لاشاري کان سواءِ ادي رخسانه ميراڻي جن به تقريب ۾ پنهنجي ٻن ٻين ساهيڙين سان گڏ شريڪ هيون.

پروگرام جي پڄاڻي تي ماني کان پوءِ موسيقيءَ جو اسم به رکيل هو پر ڪجھ ٻين اهم ڪمن ڪري مان موسيقيءَ واري حصي ۾ ويهي نه سگھيو هوم.