Saturday, July 29, 2017





ڪشمور کان ڪوهستان تائين
ويٺلن تان واري وري
سڄو سال ساڳي قسم جي حياتي گذارڻ بلڪل ائين آهي جيئن اٺ چيچڙي ۾ هڪ مخصوص دائري ۾ ڦرندو رهي. ڪوڪم کڻي ڪيترو به دل پسند ڇونه هجي پر صبح شام ۽ روزانه سالن تائين اهو ڪرڻ بيزار ڪري وجھندو آهي. اهو بلڪل ائين هوندو آهي ته اوهان ڪنهن اهڙي ڪمري ۾ بند آهيو جتي دونهون پيو ڀرجندو وڃي ۽ هڪ وقت اهڙو ايندو ته اوهان جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو. ٻوساٽجي مرڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ڪمري جي ڪا دري، ڪو دروازو ڪو ڄارو کلي ته جيئن ڪمري اندر موجود دونهي کي ٻاهر وڃڻ ۽ ٻاهرين تازي هوا کي اندر اچڻ جو موقعو ملي. زندگي نار جي ڍڳي وانگر ساڳين گسن تي گذارڻ جو نالو ناهي، زندگي ۾ ماڻهون کي هلندڙ وهنوار کان هٽي ڪري اهڙين جاين تي وڃڻ جي دل به چاهيندي آهي جيڪي اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل هجن، ڪا نواڻ هجي. اهي احساس انوقت تهان وڌي ويندا آهن جڏهن اوهان کي رواجي ڪمن ڪار واري وهنوار کان مڪتي مليل هجي خاص ڪري تعليمي شعبي ۾ جڏهن سياري يا خاص ڪري اونهاري جي وئڪيشن هوندي آهي ته من ۾ اهي خيال وڏي ولولي سان جاڳي پوندا ته ڪنهن نئين جهان ڏانهن نڪرجي. هر سال وانگر هن سال به منهنجي خواهش هئي ته پنهنجي پروفيسر دوستن سان يونيورسٽي جي بس ۾ سير لاءِ نڪرجي جنهن لاءِ دوستن سان پروگرام به جوڙيو هيوسين. ان وچ ۾ پرين پيار پروفيسر غلام مرتضى لانگاهه ۽ پروفيسر نورمحمد ملڪ مون کي هج ڪري کين به ساڻ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪئي. جڏهن ساڳي ڳالهه مون سنگت سان سلي ته انهن گنجائش نه هئڻ ڪري معذرت ڏيکاري، هوڏانهن هنن دوستن وري اصرار ڪيو ته جيڪڏهن بس ۾ گنجائش ناهي ته پاڻ پنهنجي سر ٿا پروگرام جوڙيون. ان نموني مون يارن جي صلاح کي مان ڏيندي الڳ پروگرام جوڙيو هوسين. ان لاءِ صلاح اها بيٺي ته ٽيئي ڄڻا منجهند جو لانگاهه صاحب وٽ ڪشمور ۾ گڏ ٿينداسين ۽ ٽڪيٽون لانگاهه صاحب بوڪ ڪرائي ڇڏيندو. اهو 17 جولاءِ 17ع ڇنڇر جي گرم شام هئي جڏهن مرتضى پاران پرتڪلف ۽ مزيدار لنچ کان پوءِ اسان سوهان ايڪسپريس جي ٿڌڙي ماحول واري بس ۾ اچي سيٽون والاريون هيون سين. اها بس لاڙڪاڻي کان هلي هئي ۽ ان جو ۽ اسان جو آخري اسٽاپ پنڊي هو. تمام نئين بس هئي ان جو سيٽون ڏاڍيون آرام ڏيندڙ هيون. جيتوڻيڪ اسان کي پوئين پاسي سيٽون مليل هيون پر پوءِ به روائتي جھاڪا ڪونه پئي سهڻا پيا. ان هوندي ته بس ۾ واءِ فاءِ جي سهولت هئي پر بس ڪنڊڪٽر جي چوڻ مطابق ته اها سهولت مسافرن لاءِ ناهي پر اها اهي حفاظتي طور تي اهي استعمال ڪندا آهن. بس ۾ ڊي وي ڊي لڳل هئي جنهن ۾ پهريون انڊين سيڪسي گانا پئي هليا جنهن بعد ٻه عدد هندي فلمون هلائي اها بند ڪئي ويئي هئي. جڏهن بس جي انتظار ۾ انهن جي اڏي تي ويٺا هياسين ته بس جو مالڪ ۽ سندس نوجوان پٽ به اتي اچي پهتا هيا. خبر پئي ته اهي بسون ڪشمور جي ڪنهن ڊومڪي جون آهن. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ته سنڌ جا ماڻهون هاڻي اهڙي ڌنڌن ۾ پڻ سيڙپ ڪاري ڪري رهيا آهن. مسافرن ۾ پڻ اڪثريت سنڌي ماڻهن جي هئي جيڪي عيد ملهائي پنهنجن خاندانن سان گڏ واپس اسلام آباد پنهنجي نوڪرين تي واپس پئي ٿيا. اسان ڪشمور کي ڇهين وڳي کن الوداع ڪيو هو ۽ جلدي ئي اسان واري سواري پنجاب جي روڊن تي ڊوڙي رهي هئي. هاڻي اها ته سڀني کي خبر آهي ۽ اهو چوڻ بس وڌاءَ ئي ٿيندو ته پنجاب جا روڊ هر حساب سان سنڌ جي روڊن کان بهتر هيا. اسان جو گھڻو تڻو سفر رات وڳڙي ۾ ئي ٿيو هو. سفر ڪندي اسان اسلام آباد ۾ رهندڙ پنهنجي پياري دوست شاهنواز چاچڙ سان رابطو ڪري کيس پنهنجي سفر جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ اسان جي هن پياري دوست خلوص دل سان دعوت ڏني هئي ته اسان سڌا وٽس هليا اچون. صبح جو جڏهن پير وڌائي جي بس اسٽاپ تي پهتا هياسين ته ان کان اڳ مون پاڻ واري موبائيل تي اوبر ۽ ڪريم ڪار سروس جون ايپ اول ئي انسٽال ڪري ڇڏيون هيون پر جيئن ته مان پهريون دفعو اهو استعمال پئي ڪيم ان ڪري ڪري سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ان کي صحيح نموني ڪيئين استعمال ڪريان. نيٺ اسان هڪ پرائيويٽ ٽيڪسي ڪري بارهه کوهه کان ٿيندي ڪورنگ روڊ وٺي وڃي بني گالا وٽ رسيا هياسين. (جاري).









  

Friday, July 21, 2017

سا جوءِ ڏوري آيا


پاڻ جنهن دنيا جا رهواسي آهيون اتي تعليمي ميدان ۾ مثبت تبديلي آڻي لاڳو ڪرڻ ماڪوڙيءَ کي مساڳ هڻڻ جهڙو دقيق ڪم آهي. وسيلن جي کوٽ، سياسي دٻاءُ، غير اتساهي ماحول، قدم قدم تي رڪاوٽون، هر ڳالهه تي اعتراض، ڪامورڪا رويا، غير هنر مند انساني وسيلا سڀ گڏجي اوهان کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪندا ته تعليمي عمل ۾ سڌاري جي ڳالهه کي ڇڏي معاملن کي جيئن جوي تيئن هلڻ ڏنو وڃي. اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ اعلى عهدن تي پهتل ماڻهون جڏهن نوان نوان ايندا آهن ته انهن جي مغز ۾ ڪيئي رٿائون هونديون آهن ۽ سندن من ۾ هلچل مچيل هوندي آهي ته بس عهدي تي پهچان ته اصل واهڙ وهائي ڇڏيندس. پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو رهندو آهي، ڀانت ڀانت جا ماڻهون کيس ملندا آهن ۽ اهي کيس ان قسم جي چريائي کان پري رهڻ جون صلاحون ڏيندا آهن ۽ کيس انهن ماڻهن جا مثال ڏيندا آهن جن اهڙي ڪم جون ڪوششون ڪيون هيون ۽ پوءِ کين ان جي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي هئي. ان نموني اهي هوريان هوريان قائل ٿي هڪ ڏينهن هڪ روايتي عملدار بڻجي ويندا آهن. اهڙن ورائتي عملدارن کان ڪنهن کي به ڪا شڪايت ناهي هوندي ڇوته اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني هر ڪنهن جو ڪونه ڪو جائز يا ناجائز ڪم يا مطالبو پورو ڪندا رهندا آهن. ڪو دير سان آيو ته خير آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو پيرڊ ڪونه ورتو ته ڪو آسمان ته ڪري ڪونه پوندو، جيڪڏهن هڪ غير حاِضر استاد جي جاءِ تي ٻئي سندس دوست صحيح ڪري ڇڏي ته ان کي به نظر انداز ڪبو، مالهي، پٽيوالا، چوڪيدار ٿوري گھڻي خوشامند ڪري پنهنجو الو سڌو ڪرائي ويندا آهن، ڪلرڪ، اسٽنٽ، سپرينٽينڊنٽ وغيرهه جيڪڏهن ڪو ٽڪو پيسو شاگردن کان وڌيڪ اڳاڙي ڪندا آهن ته انهن تي به ڪک رکبا ۽ امتحانن ۾ استادن جون ڊيوٽيون سندن من پسند بلاڪن ۾ لڳرائڻ تي ڪو اعتراض نه ڪبو. اهي عملدار استاد تنظيمن جي خوشامند ڪرڻ سان گڏ مٿين عملدارن کي به راضي رکي ڄاڻندا آهن.

پر ائين به ناهي ته سڀ اهڙا آهن، اڃا به ڪي آهين ڪلڃڳ ۾ ڪاپڙي، جيڪي انهن سمورن رڪاوٽن کي ٿڏي پنهنجو گس جوڙي وٺندا آهن. جنهن به چيو آهي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته هن دنيا کي ڪن مٿي ڦرين ئي تبديل ڪيو آهي، اهي مٿي ڦريا دنيا وارن جي وهنوارن کان ابتو هلندا آهن، ساڳي ڳالهه لطيف سرڪار پڻ ڪئي آهي ته؛

  اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سين؛
جي لَهوارو لوڪَ وَهي، تُون اوچو وَههُ اوڀار؛
مَنجھان نَوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

اڄ اسان جي تعليمي ادارن کي اهڙا وي سي، اهڙا پرنسپل ۽ اهڙا هيڊ ٽيچر گھربل آهن. اوهان پنهنجي آس پاس ۾ نهاري ڏسو جيڪڏهن اوهان کي ڪو اسڪول ڪوڪاليج، ڪو تعليمي ادارو سٺو نظر اچي ته يقين ڄاڻو ته اتي ڪو اهڙوئي انسان ويٺو هوندو جنهن جي اک الٽي هوندي هو عام کان الٽو وهنوار ڪندو هوندو. يقين ڄاڻو ته تعليمي سڌاري ۾ تعليمي اڳواڻي جو وڏو عمل دخل آهي. حقيقي تعليمي اڳواڻ اهو آهي جيڪو ڪين مان ڪجھ ۽ ڪجھ مان سڀ ڪجھ ڪري ڏيکاري. جيئين ته مان پاڻ هڪ اداري جو پرنسپل آهيان ۽ پوري ايمانداري سان اهو چوان ٿو ته ڀلي اجگر جيڏيون رڪاوٽون به ڇونه هجن پر جيڪڏهن پرنسپل جي نيت صحيح آهي، وٽس جذبي سان گڏ حوصلو آهي، کيس اڳواڻي وارا گُر به اچن ٿا ته اهو سمورن رڪاوٽن کي لنگھي پار پوندو ۽ اداري کي چار چنڊ لڳائي ڏيکاريندو.