Friday, June 9, 2017

جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستون مست مدام



جڏهن ملڪ ۾ گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول هجي، جتي سمورا معاملا ميمبر تي ويٺل نيم ملان خطره ايمان جهڙا ماڻهون سرانجام ڏيندا هجن، جتي مذهبن ۽ فرقن جي نالي ۾ انسانن وچ ۾ ورهاست جو عمل جاري هجي، جتي حڪمران به اهڙي عمل جي يا ته پٺڀرائي ڪندا هجن يا اهي اهڙين قوتن کان ڪئو کائيندا هجن، اهڙي تمام مربوط ۽ مظبوط، اونداهي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو بهار جي مند ۾ تازي هوا جي جھوٽي جي گھر ڪري، ته مٿس تعزيرون هڻي سر عام سنگسار ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ٿيڻ معمول جو ڪم هجي، ته ڪير هوندو جيڪووقت جي فرعون بڻيل ماڻهن کي سرعام للڪار ڪري سندن ڀاري برجن کي ريزا ريزا ڪرڻ وارو ڪارنامو سرانجام ڏيندو؟ منهنجي خيال ۾ جان جوکي ۾ وجھي اهڙا ڪم ماضيءَ ۾ صوفي ۽ حال ۾ سائنسي تعليم واري هٿيار سان ليس انقلابي پارٽيون، توڙي فلاسافر، شاعر سرانجام ڏيندا رهيا آهن. جيئن هن دئور جي عظيم شاعر شيخ اياز جو ڪلام آهي ته؛

مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-

 سنڌ جو سرموڙ، بي باڪ، سچ جو ساٿاري شاعر صوفي سچل سرمست اهڙن شاعرن ۽ صوفين جو سرواڻ شاعر رهيا آهن. حق ۽ سچ جي ڳالهه سچل سائين بنا ڪنهن هٻڪ جي وڏي بي باڪي، للڪار ۽ جرئت سان ڪئي آهي جيڪو مثالي آهي.

اول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛
 تَنهِن پڄاڻان وَڃُ، حلا جي حيرت ۾.

سچل سائين جي رسالي جي پهرين باب ”توحيد“ جو پهريون شعر ئي اسان کي سوچڻ سمجھڻ جا نوان گس ٿو ڏئي. اها سوچ ڪا عام سوچ ناهي، هي اونهي ۽ زماني وارن کان ابتي سوچ آهي. اوهان جي دماغ ۾ اڳواٽ جيڪي نظريا  سوچون، خيال زبردستي وڌل آهن اول انهن کي ڀڃو، ڇوته اهي بند خيالات آهن ۽ پوءِ پنهنجي منزل طرف رڙهه. انگريزي ۾ اهڙي نموني جي سوچ کي Thinking out of Box چيو ويندو آهي. معنى ته انا، سماج، نظرين جي دائرن مان نڪري ڪري سوچڻ اهو هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪي ڪي ماڻهون هوندا آهن جيڪي بقول لطيف سائين جي ته الٽي اک رکندا آهن جڏهن عام لهوارو وهندو آهي ته اهي اوچي ڏانهن سفر ڪندا آهن؛

 ”اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي.“

اهڙي سوچ جا ڪيئي عڪس ۽ اولڙا اسان کي سچل جي فڪر ۾ ملن ٿا. ڀڳت ڪبير جو شعر آهي ته؛

حد حد جائے ہرکوئی، لاحد گیا نہ کوئے،
حد لاحد کے بیچ میں کھڑا کبیرا  روئے۔

ڀڳت ڪبير حد ۽ لاحد وچ تائين ته پهتو آهي پر هاڻي کيس خبر نه ٿي پوي ته اڳتي ڇا آهي. سچل کيس جواب ٿو ڏئي ته؛

حد حد وڃي هرڪوئي، لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير جيڪو حد لاحد لنگهي وڃي.

سچل زماني وارن پاران ٺاهيل انهن دائرن کي ٽوڙيو، کين للڪاريو، مٿن ڇٿرون ڪيون ۽ پنهنجي قول ۽ پنهنجي فعل جي سچائي سان زندگي گذاري. وقت جي عالمن پاران مٿس فتوائون جاري ڪيون ويون، کيس قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر سچل پنهنجي نالي جي لڄ رکندي هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. هن پنهجي للڪار کي سرعام ورنايو، ورجايو؛

ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورئون مسلمان،
نه ڪي احمد موڪليو عرب کان اسلام،
سچل آهي سبحان پر آدم ليکي آدمي.

اها بي باڪي ۽ اها جرئت شايد ئي ڪنهن شاعر ۾ هجي ته هو ان نموني ان الحق جو نعرو هڻي پڙ ۾ لهي پوي؛
 
نه مان مريد نه مان پير، ساري فقرَ جو فقير.
نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آھيان اَمُن جو امير.
نه مان طاعَتَ نه مان تقويٰ، آھيان ورہَ جو وزير.
نه مان گھُمڻ نه مان گھَتڻ، آھيان عِشق جو اسير.
نه مان ڪُڇَڻ نه مان پُڇَڻُ، آھيان دوست لئه دلگِير.
سچوءَ“ ٻَڌ محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.
مٿي بيان ڪيل شعر ۾ سچل مريد ۽ پير، حاڪم ۽ظالم، طاعت ۽ تقوى، گھمڻ ۽ گھتڻ، ڪڇڻ ۽ پڇڻ کي رد ڪري ساري 
فقر جو فقير، امن جو امير، ورهه جو وزير، عشق جو اسير ۽ دوست لئه دلگير ٿيڻ کي ترجيح ڏيندي نظر اچي ٿو. هڪ پاسي سچل حاڪمن کي ظالم سان گڏي ٿو ته ٻئي پاسي فقر جو فقير سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري ۽  هونئن ته سچل آزاديءَ جو علمبردار آهي پر جڏهن ڳالهه عشق جي اچي ٿي ته رضاڪاراڻه طور تي ان جو اسير ٿيڻ ۽ محبت جو مندير سر 
تي ٻڌي نڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري.

هاڻي مان اوهان کي مٿي ٻڌايل پنهنجي خيال ڏانهن وٺي وڃڻ ٿو چاهيان. ڏسو منهنجي خيال ۾ ته اهي صوفي پنهنجي وقت جا عظيم انقلابي رهنما ئي ته هيا جن پنهنجي معروضي حالتن کي سامهون رکي پنهنجي قول ۽ فعل جي سچائيءَ سان سندن مقابلي ۾ سئو دفعا وڌيڪ طاقتور ڌرين کي شڪستون ڏنيون ۽ نتيجي ۾ لکين انسان سندن پوئلڳ ٿيا ۽ سندن واٽن تي هلندي زندگين کي سڦل بڻايو. پر افسوس ته وقت گذرڻ سان اسان ماڻهن سندن ڄاڻايل گسن کي ڇڏي ڏنو، سندن ٻڌايل سبقن کي وساري ڇڏيو ۽ اسان وري انهن واٽن جا راهي ٿياسون جن جي اهي مذمت ڪري ويا هيا. هنوقت حالت اها آهي ته انهن عظيم صوفي اڳواڻن جا بظاهر وارث گھڻا تڻا اهڙا پيدا ٿي پيا آهن جيڪي هاڻي انهن صوفين پاران انسانن جي هڪ جهڙائيءَ جي سبقن کي وساري ويٺا آهن ۽ پيري مريديءَ جا سلسلا شروع ڪري ڏنا اٿن. اهڙا عمل جن جي سندن وڏڙا منع ڪري ويا هيا. ”نه مان مريد نه مان پير، ساري فقر جو فقير“ جهڙن موتي جڙيل لفظن کي پٺي ڏيئي روشني ڦهلائڻ بدران انسانن کي وري پيري مريدي جي غلاظت واري غلاميءَ جي بدترين راهن ڏانهن وٺي وڃڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.


وقت جي گھرج آهي ته اسان پنهنجي صوفين جي ڏسيل واٽن تي هلون. پنهنجي اکين تي چڙهيل عينڪن پٽاندڙ انهن کي هروڀرو شيعو، سني، وهابي، پڪو مسلمان، ڪٽر انقلابي ڪري پيش ڪرڻ بدران اهي جيئن هيا تيئن پيش ڪريون.