Tuesday, January 19, 2016

ڪامريڊ ڊائري (2002) جا ٻه ورق.....From my sweat Diary 2002




ڊائريءَ مان ٻه ورق
ورق پهريون
30 آڪٽوبر 2002ع اربع جو ڏينهن وقت 8 بجه رات. هنڌ ڳوٺ پنواڙي
گذريل رات يارهين وڳي.................هن فاني جهان مان موڪلائي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ ۽ اصلي ماڳ تي پهتو، سندس نوجوان پٽ به ڪجھ عرصو اڳ فوت ٿي چڪو آهي. ... بس هڪ عام موالي مڙس هو، زندگيءَ ۾ ڪوبه ڌنڌو نه ڪيائين، سڄي ڄمار نشي پتي حوالي ڪري ڇڏي هئائين، گھر جو وهنوار سندس گھرواريءَ حوالي آهي، جڏهن ته سنديس هٿ ونڊائڻ وارا سندس پٽ آهن، جن مان هڪ ته الله کي پيارو ٿي چڪو آهي. مرحوم کي ست نياڻيون آهن جن مان ٽن جي شادي ته ٿيل اٿس جڏهن ته اڃا چار ويٺيون آهن. جڏهن ڪو انسان ڪو به ڪم ڪار نه ڪري، ويتر نشو پتو ڪري ۽ وس پڄندي گھر به ڦوڪي ته ان گھر ۾ خوشحالي ۽ خوشحاليءَ جي ڪري ايندڙ خوشي ڪهڙي هوندي! بس سندس گھر جو حال به اهوئي آهي. الله پاڪ شل سندس مغفرت ڪري ۽ مٿس فرمائي سڻائي ڪري.  

ڊائريءَ جو ٻيو ورق
22 نومبر 2002 جمع جو ڏينهن


ڪامريڊ حق موجود

گذريل ٽن چئن ڏينهن دؤران اڌم سلطان، سچل سائينءَ جا ميلا گھمي چڪو آهيان. اڌم سلطان جي ميلي ۾ ڏاڍو مزو آيو. چانڊوڪي رات، هلڪڙي ٿڌ، جابلو علائقو، مٿاهيون چاڙهيون ۽ پيچرا ڏاڍا موهيندڙ هيا ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ چارچنڊ وري تڏهن لڳا جڏهن جابلو ڇپرن جي ڇانو ۾ ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ۽ صوفي رنگ ۾ ايڪو سائونڊ سسٽم تي فنڪارن پنهنجا سر وکيريا هيا. اهو جيئن ته هڪ مڪمل عوامي ميڙ هو ان ڪري اتي چرس جي سلفيءَ جو دونهون به دکندو رهيو ته ڀنگ جي پسائيءَ لاءِ ڪونڍي ۾ ڏنڊي جو رڳڙو به متواتر جاري رهيو ۽ ڀنگ جا موالي جام تي جام چاڙهي سلفيءَ جا سوٽا ڀري، اکيون ڳاڙهيون ڪيو پئي گھميا. ننگر نياز به عام جام هو. هيٺ ماٿريءَ ۾ ناچو ڇوڪرن جو ناچ به پئي هليو جت انهن ڪبوترن جا شوقين پنهنجا کيسا خالي ڪري رهيا هيا. راڳ رنگ جو محفلون هڪ کان وڌيڪ جاين تي جاري هيون. هت فقير نذير بهلڪاڻي، حسن پنهيار فقير ۽ لالا حقه جو سهڻو ساٿ هو. لالا حقه سان پهريون دفعو ايتري ويجھڙائي ٿي آهي ڏاڍو خوبصورت خيالن وارو عملي انسان آهي. ان کان پوءِ سچل سائينءَ جي درگاهه تي حسن فقير سان وڃڻ ٿيو. جت ادبي مشاعري ۾ حسن پنهيار پنهنجو ڪلام ترنم سان ٻڌايو. ان کان اڳ ساڳي پنڊال ۾ صوفين جي سرمستيءَ ۾ چيل عارفانه ڪلامن کي ٻڌي اندر اجاريو هوسين. خاص ڪري سائين شيرشاهه جو رنگ ئي نرالو هو. موٽڻ شاهه ۽ غلام حسين فقير، شمن فقير به پاڻ نڀاهيو جڏهن ته موٽڻ شاهه ۽ غلام حسين فقير ڪجھ بيمار هيا ان ڪري اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪلام پيش نه ڪري سگھيا هيا پر اها ڳالهه تمام سٺي هئي ته هن دفعي سهراب فقير جي طبيعت خاصي بهتر هئي ۽ ان پنهنجي ٽولي سان هڪ من موهيندڙ ڪلام ٻڌايو هو. دل ته چئي پئي ته رات جو رٿيل پروگرام به ڏسجي ۽ پسجي پر پوئتي بابا سائينءَ جي بگڙيل طبيعت جو اونو هو ۽ ٻيو ته اوڄاڳو ۽ ٿڪاوٽ پڻ هو ۽ پاتل ڪپڙا به ڌوڙ ۾ رهڻ ڪري صفا ميرا ٿي چڪا هيا. سائين حسن پنهيار اتي ترسي پيو هو جڏهن ته مان سکر هليو آيو هوس. ڪالهه رات (نومبر 21) وري سچل آڊيٽوريم ۾ ادبي محفل ۽ مشاعرو رکيل هوجت زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون به پنهنجو شعر ”اي ڪاش تون مان هڪ هجون...“ ٻڌايو هو. ڪجھ ڪنفيوز ته هئم پر ڪم ٽپائي ويم. مسٽر خادم ڪلهوڙي چيو ته آءُ بهتر هوس هوشوءَ به ساراهه ڪئي پر مون کي مزو نه آيو. اهڙي محفل ۾ عشقيه ڪلام بدران ڪو مزاحمتي، قومي يا صوفياڻو گيت، غزل يا نظم چئجي ها ته بهتر هو. بهرحال ان منهنجي ڪارنامي عيوض سائين ايازگل کان ٻه سؤ روپيه مليا، هاڻي ايندڙ سال تائين ڪونه ڪو چڱو شعر سرجي ئي ويندو. بهرحال پاڻ به هاڻي شاعرن جي ٽولي جا ماڻهون ٿي پيا آهيون.