Thursday, July 25, 2013

ڪاليج پرنسپل مقرري_هڪ مطالعو


مون سال 2011 ۾ ايڊوڪيشن ۾ ماسٽر جي ڊگري لاءِ هڪ تحقيق ڪئي هئي. منهنجي تحقيق سنڌ اندر ڊگري ڪاليجن جي پرنسپلس جي پنهنجن ڪاليجن ۾ اڳواڻي متعلق سندن سوچن ۽ انهن جي عملن جي پرک متعلق هئي. مان پاڻ ساڳي فيلڊ سان واڳيل آهيان ۽ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ٻن ڏهاڪن کان ڪم پيو ڪريان. ان ڪري گھڻن ڳالهين کان واقفيت آهي. پر هن دفعي جڏهن مان پنهنجي ساڳي فيلڊ ۾ ويو هوم ته مون وٽ هڪ تحقيق ڪندڙ واري اک هئي. اهڙي اک جنهن وٽ زيرِ زَبر کي جانچڻ لاءِ پنهنجا طور طريقا ۽ ماپا هيا. ان ڪري مون جڏهن هڪ تحقيق ڪندڙ جي حيثيت سان ڪاليجن اندر پرنسپلس جي سوچن کي پرکڻ، انهن جي عملي نموني ڪم ڪار ڪرڻ متعلق ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ته ڪيئي نيون ڳالهيون سامهون آيون. سنڌ اندر هي پنهنجي نوعيت جي پهرين تحقيق هئي، ڇوته هن کان اڳ ڪنهن به محقق ڪاليج سائيڊ تي اڳواڻي متعلق ڪا تحقيق نه ڪئي آهي. مان تمام گھڻن ڪتابن، ريسرچ آرٽيڪلس ۽ مضمونن ۾ پڙهيو آهي ته دنيا اندر استادي پيشو وڏي جفاڪشيءَ وارو آهي ۽ کين پنهنجي ڪم کي ڪارائتي نموني سرانجام ڏيڻ لاءِ پنهنجي اداري اندر ۽ گھر ۾ ويهي وڏي تياري ڪرڻي پوندي آهي ۽ انهن استادن کان ڪيئي دفعا وڌيڪ ڪم اداري جي پرنسپل کي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ان سخت ڊيوٽي ڪري اولهه جي ملڪن اندر اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ پرنسپلس هٿ ڪرڻ وڏو مٿي جو سور بڻيل آهي. پر هت پنهنجي ماحول ۾ الٽي گنگا پئي وهي. سرڪاري تعيلي ادارن اندر استادي جي پيشي سان تعلق رکندڙ بادشاهه آهن ته پرنسپل وري وڏو شهنشاهه آهي. افسوس ته ڪوبه مؤثر مانيٽرنگ جو سسسٽم موجود ناهي، ڪنهن به قسم جي اسيسمنٽ ڪونه پئي ٿئي ۽ نه ئي ڪا اپريزل ڪئي ويندي آهي ته ڪير ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهن يا سندن ڪيل ڪم جا نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن. پرنسپلس جي پوسٽنگ ياته سينارٽي يا وري سياسي لڳ لاڳاپن جي ڪري ڪئي ويندي آهي. جيڪي اهڙين پوسٽنگس ڪرڻ جا مجاز آهن، اهي اهڙن پوسٽن جي اميدوارن پاران پيش ڪيل سفارشي ماڻهن جي اثررسوخ جي تڪ تور ته ڪندا آهن پر ڀلجي ڪڏهن انهن اميدوارن جي مهارتن جي پڇا ناهن ڪندا.ا هي اهو ناهن ڏسندا ته موصوف ان اهم پوسٽ تي ويهي اداري کي چار چنڊ لڳائيندو يا مورڳو اها ٻيڙي ئي ٻوڙي ڇڏيندو. اوڻٽيهه سال ست مهينا ڪو مضمون پڙهائي ويهي گريڊ جي ترقي ماڻي پرنسپلشپ جي چارج وٺندڙ کي ان عمر ۾ ڪاليج اندر تعليمي ترقي بدران رٽائرمنٽ وارن ڪاغر پٽن جي ڳڻتي ڳاراڻو وڌيڪ هوندو آهي. کيس ڪاليج جي فنڊن جي صورت ۾ سڄي عمر جي محرومين جي ازالي ڪرڻ وارا سنهرا سپنا ساڀيان ٿيندي نظرا يندا آهن. اهڙي ذهني سوچ جي مالڪ پرنسپلس کان اسان تعليمي سڌارن جي ڪهڙي اميد ڪري سگھون ٿا! ان کان سواءِ تحيقيق ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪنهن تعليمي ادارن اندر شاگردن کي پڙهائڻ وارو تجربو ضروري ناهي ته اهو استادن يا پروفيسر کي ان ڳالهه جي قابل نه ٿو بڻائي ته هو تعليمي اداري اندر سڀ کان اهم اڳواڻيءَ واري سيٽ يعني پرنسپلشپ جون ذميواريون احسن طريقي سان سنڀاري سگھن. پرنسپلشپ وارين ذميوارين کي هلائڻ لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي هئڻ وارو معاملو به الجھيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن انٽرنيشنل افيرس يا اسلاميات ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي ان اعلى ڊگري جي ڪري جلد پروموشن وٺي سينئرس جي لسٽ ۾ پهچي پرنسپل جي ڪرسي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ته اسي فيصد امڪان اهي آهن ته اهو اداري کي هلائي ڪونه سگھندو. سڀ کان اول ته اسان کي اهو سمجھڻو پوندو ته پڙهائڻ ۽ اداري جي اڳواڻي ڪرڻ ٻه مختلف ڪم آهن. هڪ تمام سٺو استاد به بدترين پرنسپل ٿي سگھي ٿو. ان ڪري پرنسپل جي چونڊ لاءِ اسان کي ڪي ماپا ٺاهڻ گھرجن. انهن ماپن ۾ لاڳاپيل فيلڊ ۾ حاصل ڪيل اعلى ڊگري، رجحان، اڳواڻي ڪرڻ وارن وارن گڻن جي هئڻ کي لازمي شامل ڪرڻ گھرجي. انهن ڳالهين کي چٽي نموني سمجھڻ لاءَ اچو ته هڪ ڪيس اسٽڊي جو مطالعو ڪيون. تازو اتر سنڌ جي هڪ ڪاليج اندر ايم فل جي اعلى ڊگري جي آڌار تي تڪڙي ترقي ماڻي هڪ پروفيسر پرنسپل جي سيٽ هٿ ڪري ورتي هئي، ايم فل جي ڊگري کيس هڪ ئي جمپ ۾ سترهين کان اوڻويهين گريڊ تائين پهچايو هيو ۽ تازو جيڪي اوڻويهين گريڊ کان ويهين گريڊ ۾ ترقيون عمل ۾ آيون آهن ته سندس نالو به ان ۾ شامل هيو. ايم فل جي ڊگريءَ سندس پروموشن واري عمل ۾ ته معجزانه ڪم ڪري ڏيکاريو هو پر افسوس ته سندس ان ڊگريءَ کيس بطور پرنسپل جي ڪابه مدد نه ڪئي. ان جو سبب اهو هيو ته اها بلڪل اڻ لاڳاپيل هئي. اڻ لاڳاپيل مان منهنجي مراد هي آهي ته ان جو واسطو ڪاليج سطح تي ايڊمنسٽريشن، پرنسپلشپ (اڳواڻي) واري پاسي سان نه هيو. پرنسپل صاحب جو پنهنجي سائي تي به اعتبار نه هيو. هو پنهنجي ذات پاڪ کان سواءِ ڪنهن جي مفادن جي ڳالهه ڪرڻ کي گناهه ڪبيرا تصور ڪندو هو. پرنسپل صاحب هڪ اهڙي فوج جو سربراهه بڻجي رهجي ويو هيو جنهن جو سپاهي به هو پاڻ هيو ته سپهه سالار پڻ! نتيجو اهو نڪتو ته ڪاليج اندر افرا تفري جو ماحول پيدا ٿي پيو. ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن الهيار جي مصداق ڪاليج جا پروفيسر هڪ پاسي ته پرنسپل ٻئي پاسي ٿي بيهي رهيو. ڪاليج اندر پاڙهيندڙ پروفيسر پنهنجو پاڻ کي بلڪل غير محفوظ سمجھڻ لڳا. ان ”باس“ نما پرنسپل صاحب ثابت ڪيو آهي ته هو باس ناهي پر بگ باس آهي. هو فيصلا رڳو پريشر ۾ اچي ڪندو هو، فيصلا ڪري پوءِ انهن تي هڪ سؤ اسي ڊگري تي قلابازي کائي ڦري ويندو هو. ڪجھ عرصو اڳ ويهن کان مٿي حاضر پروفيسرس کي غير حاضر ڄاڻائي رپورٽ تي پاڻ ئي پاڻي ڦيري ڇڏيائين. ڪجھ عرصو اڳ ڪجھ استادن کي دير سان اچڻ ڪري انهن جي صحيحن مٿان ڳاڙهي پين سان مانڌيئڙا ڏيڻ جو ڪارنامو ته ڪيائين پر زور بار پوڻ ڪري بعد ۾ مسٽر رول مان انهن مانڌيئڙا پاتل پنن کي ڦاڙي انهن جي جاءِ تي سڀني کي ٻيهر صحيحيون وٺڻ جي اجازت به پاڻ ئي ڏنائين. ڪاليج ۾ پڙهائي جي سيشن جي پوري ٿيڻ تائين ڪلاسن هلائڻ لاءِ ٽائيم ٽيبل روز جي بنياد تي تيار ٿيندو هيو. ڪجھ پروفيسر مشڪريءَ ۾ ان ٽائيم ٽيبل کي ڪمپيوٽر جي اهڙي سافٽ ويئر سان تشبيهه ڏيندا هيا جيڪا روز روز اپ ڊيٽ ٿيندي هجي. اهڙي ماحول ۾ ٻرنديءَ تي تيل تڏهن پيو جڏهن پرنسپل واري سيٽ جي آڌار تي پاڻ کي ڪامورو سمجھندڙ ان دوست ڪاليج جي ڪجھ عزتوارن پروفيسرن سان تمام بد شدڳالهايو ۽ کين حسب روايت شوڪاز نوٽيس جار ڪيا. پرنسپل ۽ ڪاليج جا پروفيسر ڪنهن اوائلي لڙائين ۾ آمهون سامهون بيٺل فوجن وانگر هڪ ٻئي خلاف صف آرا ٿي بيهي رهيا. اهڙي ماحول ڪري ڪاليج اندر پڙهائي واري وهنوار تي تمام خراب اثر پيا ۽ تعليمي اداري جو تقدس پائمال ٿيڻ لڳو. هونئن پرنسپل ان ڪري مقرر ڪيا ويندا رهيا آهن ته اهي اداري اندر ڪم ڪندڙ سمورن ڌرين وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندي اهڙو ماحول پيدا ڪن ته استاد پنهنجي پڙهائڻ واري فن ۾ مهارت جي معراج کي ڇهن ته جيئن اتي داخل شاگردن جي وڌ کان وڌ سکيا وارو عمل ممڪن ٿي سگھي. اڄ ڪالهه منهنجي مطالعي هيٺ ڪيري ڪوپر ۽ ويلري سٿلرلينڊ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب 30 Minutes…To Deal With Difficult People (Cary Cooper & Welerie Sutherland) آهي. ان جي صفحي نمبر17 تي Characteristics of the abrasive personality ٻڌايل آهن. سولي سنڌي ۾ انهن ماڻهن جون خصوصيتون بيان ڪيل آهن جيڪي رڳڙائو، نود، ڏکيا يا ڏنگي قسم جوهوندا آهن. ان ۾ لکارين ڄاڻايو آهي ته اهي ضدي هوندا آهن، حرفت ۽ هنر کان آجا، ٽوڪ ۽ طنز جا ماهر، ٻئي جي راءِ کي بنادير جي، ٻڌڻ بنا ئي رد ڪري ڇڏڻ وارا، ٻين جي ڪم ۾ سدائين ڪيڙا ڳولهڻ وارا، ٻين جي ڀيٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي اعلى دماغ سمجھڻ وارا، ٻين تي پنهنجي راءِ مڙهڻ ۽ کين هرحالت ۾ سندن پاران جوڙيل معيار تي هلڻ تي زور ڏيڻ وارا، پنهنجي ڳالهه کي حرف آخر سمجھڻ وارا، پنهنجي پاران ٺاهيل/جوڙيل اصولن ۽ ظابطن تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪرڻ وارا، گڏجاڻين ۾ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ وارا، سدائين ٻين کي نااهل سڏڻ وارا هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جو پارو هڪدم چڙهي ويندو آهي، جڏهن ڪوبه ساڻن اصولي اختلاف رکندو آهي ته هو انهن تي تمام زوردار نموني حملي آور ٿيندا آهن، هو هر ان ماڻهون کي دشمن سمجھندا آهن جيڪو ساڻن ڪو اختلاف رکندو آهي، اهي گھڻو تڻو الڳ ٿلڳ رهڻ پسند ڪندا آهن، کين پنهنجي طاقت، مرتبي، ڄاڻ، حيثيت تي وڏو ناز هوندو آهي. مون جڏهن ”گورن“ جا اهي خيال پئي پڙهيا ته منهنجي ذهن جي پردي تي ان قسم جي ماڻهن جا عڪس چٽا ٿيندا پئي ويا. جڏهن مون اهي سموريون خصوصيتون پڙهي پوريون ڪيون ته مونکي هڪ هڪ ٿي اهي سمورا پرنسپل ياد اچڻ لڳا جن سان مون کي گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو. انهن مان اڪثريت جا رويا اهڙا ئي هيا جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. اهي پنهنجو پاڻ کي عالم ۽ باقي سموري استاد برادري کي جاهل چوندا هيا. کين ان ڳالهه جو هميشه درد ستائيندو رهندو هو ته کين گھٽ عقل ۽ علم وارن ماڻهن جي اڳواڻي وارو ڏکيو ڪم سونپيو ويو آهي. هر ميٽنگ جنهن ۾ اهي شرڪت ڪندا هيا ته بس سندن هدايتون ئي هلنديون هيون. اسان جن پرنسپلس ۾ اڪثريت موڊي ماڻهن جي رهي آهي جيڪي پنهنجي ذاتي محرومين جو ازالو به پنهنجي اسٽاف وارن کان وٺندا آهن. ساڻن جنهن به ڪو اصولي اختلاف رکيو هوندو ڄڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙو وهايو هوندو. پوءِ اهڙن استادن کي اي سي آر واري مار اهڙي ته ملي هوندي ته سندن ست پيڙهيون به ياد رکنديون. ڪيئي مڻيادار استاد صليب تي چاڙهيا ويا. سندس آڏو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پرنسپل جي ڀلجي ڪري به جي ڪنهن ڪا نيڪي بيان ڪئي ڄڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيائين، ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هِن جي هوندي ڪو ٻيو اهل پرنسپل پيدا ٿي سگھي! بس پيدا ڪرڻ واري ان کي پيدا ڪري ان قالب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هوندو. سندن اهڙن روين ڪري اڪثر ڪاليجن اندر گھربل تعليمي ماحول جڙي نه سگھيو آهي. ڪاليج سطح جي تعليم کي تمام گھڻي اهميت حاصل آهي. ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري شاگرد يا ته عملي زندگي جي چئلنجن کي منهن مقابل ٿيندا آهن يا وري ڪي وڌيڪ اعلى تعليم جي حاصلات لاءِ يونيورسٽين ڏانهن رخ رکندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ ڪاليج جي تعليم شاگردن کي سنوارڻ يا بگاڙڻ ۾ اهم ڪردار ڪندي آهي. ڪاليج هجي يا اسڪول ان ۾ وري تعليم جي واڌاري، سڌاري جو سمورو دارو مدار انهن ادارن ۾ اڳواڻي واري حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ پرنسپلس، هيڊ ٽيچر جو هوندو آهي. اهي پرنسپال ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪندا آهن، جنهن وسيلي ڄاڻ، هنر، علم، عقل، ڏاهپ جا سرچشما شاگردن جي ذهنن جي آبياري ڪندا آهن. اهي سماج لاءِ هڪ وڏي وٿ جي حيثيت سان نڪري نمودار ٿيندا آهن. دنيا اندر تعليمي اڳواڻي متعلق تحقيق جا جيڪي گرو آهن انهن جو چوڻ آهي ته جتي به ڪو سٺو اسڪول، يا ڪاليج ڏسو ته پڪ ڄاڻو اتي سٺو پرنسپل موجود هوندو. ڊيوس ۽ ٿامس جن جو چوڻ آهي ته انهن اڻ ڪامياب اسڪولن کي ڪاميابيون ۽ ڪامياب اسڪولن کي تيزيءَ سان پوئتي ڍرندي ڏٺو، جن جو سڌو سنئون تعلق انهن ادارن ۾ پرنسپلس جي معيار سان واڳيل هيو. ليٿووڊ ۽ ريحل پنهنجي تحيقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو ته ڪنهن به سٺي اسڪول جي اونهي جانچ ڪريو ته اوهان کي اتي هڪ بهترين پرنسپل ملندو. پر افسوس ته سنڌ اندر گھٽ ۾ گھٽ ڪاليج ليول جي تعليم سڀني پاليسي ساز ادارن، وس وارن عملدارن ۽ سياستدانن کان ان نموني وسريل آهي ته اهي ڪاليجن اندر پرنسپلس جي اڳواڻي واري حيثيت کي ثانوي درجو ڏيندا رهيا آهن. انهن پنهنجن سياسي يا گروهي مفادن کي سامهون رکندي اهڙا ماڻهون پرنسسپلس جي ڪرسيءَ تي براجمان ڪرايا جن جو ڪاليجن جي سڌاري يا واڌاري سان يا ته ڪوبه واسطو نه رهيو آهي يا انهن جي ڄاڻ انتهائي معمولي رهي آهي. ان ڪري چاهيندي به اهي ڪاليجن اندر گھربل معيار جي تعليم کي متعارف ڪرائڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ويا آهن. سنڌ اندر اسان کي اهڙي بين الاقوامي معيار وارا تعليمي ادارا گھربل آهن، جيڪي هر سال معياري تعليم جي زيور مالا مال، قابل، لائق، هنرمند شاگردن جا جٿا تيار ڪن جيڪي ملڪي توڙي غيرملڪي مارڪيٽ ۾ پنهنجي اعلى تعليم ۽ صلاحيتن جي آڌار تي عزت ڀريو مقام حاصل ڪري سگھن. ان نيڪ ڪم جي سرانجامي لاءِ اسان جي ادارن کي پنهنجي تعليمي معيار کي وڌائڻو پوندو. معيار سٺن گڻن ۽ قابل استادن جي بدولت ئي وڌائي سگھجي ٿو ۽ اهڙن استادن کي گھربل سهولتون ۽ ماحول مهيا ڪري ڏيڻ وارو ڪم ڪاليج جي پرنسپلس جو آهي ته اهي بنا ڪنهن خوف، انديشي، پريشاني جي پنهنجي صلاحيتن کي تمام سهڻي نموني سرانجام ڏيئي سگھن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاليج سطح تي اهڙا پرنسپل مقرر ڪيا وڃن جن کي لاڳاپيل ڊگريون هجن، سندن طبيعت ۾ تعليمي اڳواڻي واري صلاحيت اتم نموني سان موجود هجي، اهي تعليم جي ڀلائي کي پنهنجي ايمان جو جز سمجھندا هجن، جيڪي ادارن اندر موجود سمورين وسيلن کي احسن طريقي سان اداري جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم آڻين. اهي گڏيل اڳواڻي واري اصول تي ڪاربند هجن، جيڪي پاڻ کي باس، ڪامورو سمجھڻ بدران تعليمي اداري اندر ڪم ڪندڙ استادن ۽ غير تدريسي عملي جو پاڻ کي به هڪ رڪن سمجھن، جن ۾ لچڪ هجي، اهي سٺا ٻڌندڙ هجن، جن وٽ عزت ڏيڻ ۽ عزت وٺڻ جو مادو هجي اهي انهن سڀني ڪمن کي اهڙي نموني سان ڳنڍي هلائين ته جيئن وڌ کان وڌ تعليمي ماحول ٺهي سگھي جتي شاگردن جي پڙهائي جو معيار تمام گھڻو بلند ٿئي ۽ اهي دنيا جي ڪنهن به تعليمي اداري کان پِڙهي نڪتل شاگردن سان مهارتن جو مقابلو ڪري سگھن.

Wednesday, July 3, 2013

خيرپور جتي امن سوليءَ تي لٽڪيل آهي


برادرين جي جھيڙي ڪري ڪافي وقت کان وٺي جھنگل جو ڏيک ڏيندڙ شهر ٺري ميرواهه اڃا تائين تپيل آهي، ڪنب ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال آهي، جتي ماڻهون گھرن تائين محدود ٿي رهجي ويا آهن، سمورو شهري وهنوار بند آهي، اسڪولن کي تالا لڳايا ويا آهن، ڪنب ۾ هر هفتي لڳندڙ مال پڙي جنهن ۾ ڪروڙن روپين جي ڏيتي ليتي ٿيندي آهي، اها به لڳڻ بند ٿي ويئي آهي. اليڪشن جي مند ۾ ٿيل جھيڙن جھٽن وارن واقعن ڪري خيرپور شهر پڻ ڳچ وقت کان هڙتالن ۽ سياسي دنگلن جي ور چڙهيل آهي. خيرپور جتي خير ناهي ۽ اها ميرن جي دؤر واري خوشحال رياست به ناهي رهي. خيرپور ضلع جيڪو بادشاهه گر آهي، جتي جيلاني خاندان جي حڪمراني آهي، جتي پاڳارو خاندان رهندو آهي، جتي راڻيپور ۽ گمبٽ جا پير صاحبان آهن، غوث علي شاهه صاحب به اتان جا ئي آهن، هي ضلع وساڻ خاندان جو مسڪن آهي، سڀ آهن پر امن ڪونهي، شهرين ۾ سڪون ڪونهي، ڪوبه انسان پنهنجو پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجھي. جھنگل جو قانون لاڳو آهي، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ته ڪنهن پوئين صدي ۾ هوندا هاڻي سندن لٺين کي سؤ مٿا ڦٽي پيا آهن. جيڪي شرافت جي سياست ڪندا هيا هاڻي انهن به ان کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي. جيڪو هِن جو يا هُن جو واٺو آهي، سنهي ڪندو آهي، سندن درن تي مٽيون ڀري گيسيون ڪندو آهي بس اهو ئي نور نظر ۽ ڪل عقل آهن ۽ عزتدار آهي. باقي خانداني ماڻهن کي جي انهن واٺن هٿان ڌڪا کائڻا هوندا آهن ته اهي به ڀلجي ڪڏهن هِن ته ڪڏهن هُن هائوس تي چڪر ڪاٽي ايندا آهن ۽ پوءِ موٽندي شرمندگيءَ کان سواءِ کين ڪجھ به پلئه ناهي پوندو. خيرپور جتي لوفرن کي آزادي مليل آهي. جتي چور چوڪيدار آهن. جتي اڳواڻ پاٿاريداري جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. شهر جي اندر ڦر ۽ اغوا جون ڪيئي وارڌاتون ٿيون آهن ۽ اهو عمل مڪمل نموني هڪ فائدي مند ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هڪ منهنجي دوست جي موٽر سائيڪل ڦر ٿي ويئي هئي، ٻيو ڪجھ ڇوڪرا ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا هيا، ان منهنجي دوست وڏي رقم ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل موٽرائي ۽ منهنجي اسرار تي مون کي اهو به ٻڌايو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو هيو. جن به اهي وارڌتون ڪيون هيون اهي وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان سر عام بازارن ۾ گھمي ڦري رهيا آهن. جڏهن ان قسم جي معلومات مون جهڙي عام ماڻهونءَ تائين پهچي سگھي ٿي ته ڇا اها پوليس وارن کان ڳجھي هوندي؟؟؟!!! خيرپور جتي رڪارڊ ترقياتي ڪم گذريل پنجن سالن ۾ ٿيا پر افسوس جو پهلو هي آهي ته ڪروڙن ۽ اربن روپين جو اهو ڪم عوام جي ڀلائيءَ ۾ گھٽ پر ڪن مخصوص ماڻهن کي ورسائڻ لاءِ وڌيڪ استعمال ٿيو. شهرين کي پاڻي جي بهتر سهولت ڏيڻ لاءِ 77 ڪروڙ روپين جي تمام وڏي رقم جو ڪم ٿيو هيو اهو پهرين ئي برسات ۾ پورو ٿي ويو هيو. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته جيڪي به فرد ان ايڏي وڏي رقم کي زيان ڪرڻ جا ذميوار هيا انهن کي وائکو ڪري، کين بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ها پر ان جي ابتڙ ساڳين ماڻهن کي ان ساڳي ڪم جي مرمت جي بهاني هڪ دفعو ٻيهر وڏي رقم هٿ تي رکي ويئي آهي!!!