Monday, June 30, 2014

ڪتاب”زندگي جو ساٿ“ تي هڪ مٿاڇري نظر



 ...ان وقت اسڪول پڙهائيءَ جو عجيب طريقو هيو هيٺ زمين> تي الف ب لکندا هياسون ڇوته سليٽون گھٽ هيون اگر ڪا سليٽ ملندي به هئي ته اها پٿر جي هوندي هئي نازڪ هئڻ سبب جلد ڀڄي پوندي هئي وسائل به گھٽ هيا تنهن ڪري اڪثر زمين تي لکندا هئاسون ۽ گھڻي دير بعد استاد اچي ڏسندا هيا ۽ غلط برابر سمجهائيندا هيا جيستائين استاد ڏسندو هيو اوستائين ان اکرن جي سنڀال ڪندا هئاسون، آهستي آهستي سمجھ ايندي هئي
 پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ جو هي احوال سنڌ جي هڪ قابل استاد سائين عطامحمد جسڪاڻيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”زندگيءَ جو ساٿ“ ۾ لکيو آهي.  غربت ۾ پڙهڻ ڪيڏو نه اڻانگهو، ڏکيو ۽ ڪنهن حد تائين ناممڪن لڳندو آهي پر اهي سڀ ڏکيائيون، رڪاوٽون، معاشي مجبوريون، اڻ موافق حالتون انسان جي قوت ارادي ۽ پختي عزم آڏو وقت گذرڻ سان ڪک پن ٿي اڏامي ويندا آهن ۽ مضبوط ۽ اٽل انسان هڪ مثالي تاريخ رقم ڪري ڇڏيندا آهن. اسڪولي عمارتون، عمارتن اندر تعليمي ۽ انساني سهولتون معياري تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ فائدي مند آهن. جيئن اسين اڄ ڏسون ٿا ته گھر گھر اسڪول آهن، انهن مان ڪن ۾ بجلي، پاڻي، لئبري، ليٽرين ۽ فرسٽ ايڊ جون سهولتون به موجود آهن، پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين نه صرف تعليم مفت آهي پر ان سان گڏ شاگردن کي ڪتاب پڻ مفت ۾ ڏنا پيا وڃن ۽ ڇوڪرين کي تعليمي وظيفو پڻ ڏنو پيو وڃي. پر باوجود انهن سڀني سهولتن جي به اڪثر سرڪاري اسڪول نه صرف ڀڙڀانگ ۽ ڀوت ننگر بڻيا پيا آهن يا جيڪڏهن آباد به آهن ته اتي تعليم نالي ڪا شيءِ ناهي. منهنجي ناقص راءِ مطابق ان جو سبب اهو آهي ته اتي قابل، لائق، پنهنجي ڪرت سان عشق رکندڙ، پنهنجي ڪم کي عبادت سمجهي پڙهائيندڙ استاد ناهن. استادن ۽ انهن کان مٿي سپروائزرس ۽ ٻين عملدارن کان ڀڇاڻي جو ڪو طريقي ڪار لاڳو ڪيل ناهي. ان ڪري سهولتن هوندي به تعليم نالي ڪا شيءِ نظر نه ٿي اچي. هرهڪ تعليمي اداري لاءِ ذميوار، لائق استاد هئڻ تمام ضروري آهن. جيڪڏهن استاد لائق هوندا ۽ پنهنجي شاگردن کي ڪجھ ڏيڻ جي نيت رکندڙ هوندا ته پوءِ پٽي سليٽ، قلم يا ڪاغذ جيڪڏهن مهيا نه به هوندو ته هو زمين تي اکر لکي به پنهنجي شاگردن کي سيکارڻ وارو نيڪ ڪم جاري رکندا. پر افسوس ته اڄ جي دور ۾ استادن جو اهو نسل صفا ناپيد ٿي چڪو آهي.
   ”مان جنهن استاد متعلق لکي رهيو آهيان اڄ کان تقريباً 58 سال اڳ ضلعي خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواهه جي هڪ پٺتي پيل ڏورانهي ڳوٺ دٻي ۾ حاجي عبدالله جسڪاڻي جي گھر اک کولي، جيتوڻيڪ سندن نظرن جي سامهون صرف واريءَ جا وڏا وڏا دڙا، ڪکاوان گھر، پٺتي پيل ڳوٺ ۽ تعليم جي زيور کان وانجھيل معاشرو هو، ليڪن هي سندس حوصلو هو جو پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنجن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي چيچ پڪڙي روزانو 8 ڪلوميٽر  هڪ طرفو پنڌ ڪري سڀ کان ننڍڙو عطامحمد جسڪاڻي پوري علائقي جي وڏن توڙي ننڍن مردن ۽ عورتن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو.“ دوست محمد جسڪاڻي سندس هڪ قابل شاگرد ڪتاب تي ”ٻه اکر“ ۾ لکي ٿو.  ”اٺين جماعت پاس ڪرڻ بعد هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه ۾ داخلا ورتم سائيڪل وٺڻ جيترا پيسا نه هجڻ ڪري روزانو پيادل ٺري ميرواهه ويندو هيس“ (سندس چوڻ جو مطلب ته ايندو ۽ ويندو هوس). هن کاهوڙي انسان کي اٺين ۽ مئٽرڪ جا امتحان ڏيڻ لاءِ گمبٽ وڃڻو پيو هو. انٽر ۽ بي اي جي امتحانن لاءِ کيس خيرپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جا وڻ ڏسڻا پيا، بي ايڊ لاءِ سکر ۾ رهڻو پيو، مئٽرڪ کان بي اي ۽ ايم اي تائين تن تنها، بنا ڪنهن يار دوست سنگتي ساٿي جي کيس وقت ڪٽڻو پيو ۽ پنهنجي تعليم کي جاري رکڻو پيو. (جنهن جو سربستو احوال سندس ڪتاب جي صفحي نمبر 22، 23 ۽ 24 تي پڙهي سگهجي ٿو). پنهنجن مان شادي ڪرڻ ڪري کيس جيڪا اولاد نصيب ٿي اهي موروثي بيماريون به پاڻ سان گڏ کڻي آيا.  پوليو ۽ ٿيلسيما ۾ ورتل ٻارڙن جو علاج ۽ ٽهل ۽ ٽڪور جي خبر انهن کي هوندي جيڪي ان ايذائيندڙ عمل مان گذريا هوندا. اسان جو هي سٻاجھڙو انسان اٺن سالن تائين پنهنجي بيمار اولاد جي رت بدلائڻ لاءِ فاطميه فائونڊيشن ڪراچيءَ جا چڪر به ڪاٽيندو رهيو ته پنهنجي استادي پيشي کي پورو پورو ٽائيم به ڏيندو رهيو.  ڀلا ايترن ڪشٽن ڪٽڻ جو ڪهڙو فاعدو، نوڪري ۽ پگھار؟  ها کيس پرائمري استاد جي نوڪري ملي ۽ سندس نوڪري جي پهرين پگھار 150 روپيه هئي. سندس نوڪريءَ سندس معاشي پاسي کي ٽيڪ ڏني پر سندس اصل ڪم جي اپٽار دوست محمد جسڪاڻي هنن لفطن ۾ ڪئي آهي. ”استاد محترم پنهنجي 40 ساله نوڪري جي دوران هزارين شاگردن کي تعليم جي روشني سان منور ڪيو آهي.“  ڀلا هن هيتري ساري ڊيگھ ۽ حوالن ڏيڻ مان منهنجي مراد ڇا آهي. چوڻ مان اهو ٿو چاهيان جڏهن هڪ انسان ايترا سارا ڪشالا ڪٽي ٿو هو پچي راس ٿئي ٿو، علم، تجربي جي گھاڻي ۾ پيسجي ٿو ته پوءِ ئي ان قابل ٿو بڻجي ته هو هزارين انسانن کي فيضياب ڪري سگھي ۽ سندن اندر اجاري کين سلڇڻو بڻائي سندن تن من کي علم جي روشنيءُ سان ٽمٽار ڪري سگھي.

استاد عطامحمد جسڪاڻي هاڻي رٽائر ٿي خيرپور ۾ جوڙايل گھرڙي ۾ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي. منهنجي هن عظيم استاد سان صرف هڪ ڊگھي ۽ تفصيلي ڪچهري ٿي آهي جڏهن ته ساڻس واقفيت کان ڪيئي سال اڳ سندس ٻن لائق شاگردن محي الدين جسڪاڻي ۽ سائين دوست محمد جسڪاڻي سان منهنجي چار چشمي ٿيل آهي.  سندس سادي، صاف ۽ سچي تحرير تي مهاڳ ۾ لطيف جي نگري هالا ۾ جنم وٺي پوري دنيا کي پنهنجي تحريرن جي سحر ۾ قيد ڪري رکندڙ سائين الطاف شيخ  لکي ٿو ته ”ان ۾ ڪوبه شق ناهي ته سائين عطا محمد جسڪاڻي صاحب پنهنجي زندگي جي ڏکن سکن جو احوال بيحد اثرائتي ۽ دلچسپ نموني سان لکيو آهي پر اهو آهي ته اڌ صدي جو احوال هن بيحد مختصر بيان ڪيو آهي. هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪرڻ کان بعد دل ان کي ڇڏڻ تي نه ٿي چوي، مون به هڪ ئي (Sitting)  ۾ سڄو ڪتاب پڙهي پورو ڪري ورتو.“ مان سائين الطاف شيخ صاحب سان متفق ٿيندي لکاريءَ کي اهو عرض ڪندس ته هي سندس جيڪا ڪٿا آهي اهوته جهڙوڪر ماخذ آهي ۽ ان کي بنياد بڻائي تفصيلوار کيس زندگي جي ڏکن سکن، اهنجن، تڪليفن، خوشين خريدارين کي تحرير هيٺ آڻڻ گھرجي. تمام خوشي جي ڳالهه آهي ته سندس ٻيو ڪتاب ”منهنجو ماڳ، منهنجون يادون“ پڻ چپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. مان آخر ۾ سندس صحت، درازئي عمر سان گڏ فرمانبردا اولاد جي دعا ٿو ڪريان ته شل سدائين سکي رهن.