Sunday, May 31, 2015

۽ هاڻي بائيو ميٽرڪ ٽيڪنالاجي شاگردن جي حاضري لاءِ


دوستو اوهان کي ياد هوندو ته ڪجھ عرصو اڳ مون ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته اسان کي پنهنجن ادارن اندر داخلائون انساني وسيلن (Human Resource)  ۽ مادي وسيلن (Infrastructure)  کي ڏسي ڪرڻ گھرجن. صرف اهي شاگرد ڇنڊي ڇاڻي داخلا لاءِ اهل قرار ڏجن جيڪي واقعي به علم جي حاصلات جو حقيقي درد رکندڙ هجن. انڌا ڌند داخلا پاليسي سمجھ کان بنهه ٻاهر آهي. جڏهن شاگرد اکين سان ڏسندا آهن ته هي جيڪي ٿورا شاگرد  پڙهڻ لاءِ ڪلاس وٺن ٿا ۽ باقي تمام وڏي اڪثريت گھر ويٺي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن جوبه امتحاني فارم رد ٿيو ناهي ٿيو ته اهي به گھر ويهي رهندا آهن. جڏهن اسان وٽ ٻه سؤ شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ استاد ۽ ڪلاس روم آهن ته پوءِ ان جي جاءِ تي اسان پندرهن سؤ داخلائون آخر ڪار ڇو ٿا ڪيون ۽ سون تي سهاڳ اهو ته داخلا فارم تي کانئن قسم نامون به وٺندا آهيون ته جيڪڏهن سندن ڪلاس روم جي حاضري 75 سيڪڙو نه هوندي ته سندن امتحاني فارم ڀرجي نه سگھندا. مون اڳ به عرض ڪيو هو هاڻي به چوان ٿو ته ڪو مهربان دوست مون کي گذريل پنجن سالن جا انگ اکر ڏيندو ته ڪيترن شاگردن جي حاضري گھٽ هئڻ ڪري سندن فارم نه ڀريا ويا؟ افسوس ته منهنجي اهڙي راءِ تي منهنجا ڪجھ پرين پيارا تمام گھڻو ڏمرجي پيا هيا ۽ مون کي گھٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ فرمايو هو ته منهنجو دماغ خراب آهي ۽ جي اسان جي ڪاليجن اندر ائين ڪيو ته پوءِ ڪاليج ئي بند ٿي ويندا ۽ اسان جون نوڪريون تيل ٿي وينديون! هاڻي جڏهن حڪومت بائيو ميٽرڪ واري ٽيڪنالاجيءَ کي شاگردن جي حاضريءَ لاءِ به استعمال ڪرڻ جو پئي سوچي ته منهنجي انهن دوستن جي راءِ ڪهڙي آهي؟ ساڳي نموني جيڪي به اچن، جيترا به اچن کين داخلا ڏئي ڇڏجي؟ يا داخلائن لاءِ به ڪا پاليسي جوڙجي؟


ان معاملي ۾ حڪومت کي به سوچڻ جي ضرورت آهي ته اها زميني حالتن کي مد نظر رکي ڪري فيصلا ڪري، هروڀرو جي سختي، دڙڪي دهمان سان ڪجھ سڌارو ته ٿي سگھي ٿو پر ان عمل سان ڪي تمام سٺا نتيجا حاصل ٿي نه سگھندا. مثال طور جيڪڏهن ڪاليج پنهنجي انفرا اسٽڪچر ۽ هيومن ريسورس کي سامهون رکي داخلائون کڻي ڏين ته پوءِ تمام وڏي اڪثريت داخلائن کان محروم رهجي ويندي. ان لاءِ ضروري آهي ته يا ته نوان تعليمي اداري کولجن جيئن سڀني پڙهڻ واري خواهش رکندڙن کي داخلا ملي سگھي يا وري جيڪي ادارا اڳ ئي ڪم ڪن پيا ته انهن جي مادي ۽ انساني وسيلن کي وڌائجي. بنا اڳوٽ تياري، سوچ ويچار، زميني حالتن جي چڪاس جي خالي بائيو ميٽرڪ ٽيڪنالاجي کي ٿاڦڻ سان ويتر افراتفري جو ماحول پيدا ٿيندو. سنڌ جي تعليم اڳ ئي تمام گھڻي پوئتي پيل آهي ۽ گھڻو تڻو ان جو هيڻو حال حڪومتي پاليسين ڪري ٿيو آهي، اهي پاليسيون جيڪي ڪن سياسي ماڻهن يا ڪامورن پاران پوائنٽون اسڪور ڪرڻ لاءِ نافذ ڪيون ويون هيون. 

Friday, May 29, 2015

اسلام آباد سفر جي ڊائريءَ جو ٻيو پنو (27 ڊسمبر 2013)


هيئنر صبح جو سج نڪتو آهي باٿ روم مان ٿي آيو آهيان ۽ چاءِ به پيتي اٿم. رات آرام سان گذري. منڍ ۾ ڪجھ ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي جو اسان واري ڪوپي جي اي سي هلي رهي هئي، بعد ۾ جڏهن اي سي بند ڪري هيٽر کي هلايو ويو ته جان تي پاتل ڪپڙا به بار محسوس ٿيڻ لڳا. مون کي سمهڻ لاءِ جيئن ته مٿيون برٿ الاٽ ٿيل هيو ۽ روهڙيءَ کان جيئن ئي ريل اڳتي لاءِ سفر جي شروعات ڪئي هئي ته برٿ تي ليٽي پيو هوم ۽ جلد ئي ننڊ جي ديوي مهربان ٿي ويئي هئي. ڪالهه رات جو جيئن ڪوپي ۾ داخل ٿيو هوم ته منهنجي هٿ ۾ ڪتاب، ڪاپي ۽ قلم ڏسي ساڳي ڪوپي ۾ گڏ سفر ڪندڙ هڪ مسافر پڇيو هو ته ڇا پيا لکو؟  مون وراڻيو هو ته ناول پيو پڙهان ۽ ان ۾ جيڪي اهم ڳالهيون سمجھان پيو ته انهن کي انڊر لائين پيو ڪريان” عليڪ سليڪ بعد ڳالهيون ڦري گھري سياسي ۽ سماجي روين تي هلڻ لڳيون. هو هڪ خالص پنجابي هو منهن مهانڊي به ته اندريان پڻ..سندس چوڻ هو ته سنڌي، بلوچ ۽ سرائيڪي انتهائي سست، نڪما، تعليم کان پري رهندڙ، ڏوهاري ذهنيت رکندڙ آهن. مان سمجھي ويو هوس ته اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا، ڪن نام نهاد قومي حساس ادارن جو اهو ڪارنامو آهي ته انهن مختلف صوبن جي ماڻهن لاءِ عجيب قسم جون ڳالهيون عام ڪري رکيون آهن.

بزنس ڪلاس جون بوگيون سٺيون ٺاهيل آهن، باٿ روم به سٺا آهن پر جتي لکيل هو ته ٽشو پيپر ته اهي اکر ئي لکيل ها، ٽشو پيپر جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ڪونه هو. فليش سسٽم ناڪارهه هيو پاڻيءَ جي نلڪيءَ تي اصلي ٽوٽين جي جاءِ تي جڳاڙ سڳاڙ واريون پلاسٽڪ ٽوٽيون لڳل هيون، پاڻيءَ جي گيج معلوم ڪرڻ وارو خانو به خالي هيو ان تي پلاسٽڪ جي ڳوٿري لڳل هئي. “پاني زيان نه ڪرنا” واري هدايت مان “نه” کي ڊاٿو ويو هو، هاڻي جيڪڏهن پڙهبو ته لکيل هو “براءِ مهرباني پاني زيان ڪرنا” ٽپيڪل پاڪستاني ذهنيت..بوگين ۾ اصل نمبرن جي جاءِ تي مارڪرن سان لکيل نمبرن تي بوڪنگ ڪيل هئي، جڏهن ته اصلي نمبر به چٽي نموني سان لکيل هيا،  شيشن تي لڳل اڪثر پردا به گم هيا. اي سي ۽ هيٽنگ جوسسٽم سلامت هو. خانيوال ڪراس ڪرڻ بعد سائين طارق عزيز ڪولاچي صاحب سان رابطو ڪري کيس ريلوي جو ڪمرو بوڪ ڪرائي ڏيڻ جي گذارش ڪيم. ريل جي پٽڙي سان لڳولڳ روڊ به هلي پيو، ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي پاسي، هتي وؤئڻن جو فصل اڃا هلي پيو. ميان چنو ۾ ساڳ جي پليِ ۽ گھر جي پڪل مانيءَ سان لنچ ڪيوسين. نالو ته ريل جو تيز رو يعني تيز رفتار سان هلندڙ آهي پر اها ڪا ايتري تيز به ناهي، ڪا ننڍي يا وڏي اسٽيشن نه ٿي ڇڏي ٻيو ته ٺهيو چيچه وطنيءَ تي به اچي بيهي رهي آهي.

هاڻي شام جا چار لڳي ٽيهه منٽ ٿيا آهن ۽ اسان واري ريل اچي گوجرانوالا پهتي آهي. جيئن ئي ريل شهر ۾ داخل ٿي هئي ته پٽڙي جي ٻنهي پاسي ميلن تائين گھرن مان ڪڍي اڇلايل گند ڪچري جا ڍير نظر پيا اچن ۽ گڏو گڏ گندي پاڻيءَ جا تلاءُ پڻ! اها ڪار رڳو هن شهر سان ناهي پر لڳ ڀڳ سمورن شهرن ۾ ريل جي پٽڙين سان گند ڪچرو اڇلايو ويندو آهي. ڪراچي ۾ ريل جيئن ئي داخل ٿيندي آهي ته خاص ڪري ڪينٽ اسٽيشن کان اڳيان ميلن تائين ساڳيو نظارو نظر پيو ايندو آهي. دل ۾ سوچيان پيو ته جيڪڏهن ڪو غير ملڪي ريل ۾ سفر ڪندو هوندو ته يقينن هو اسان کي گندو، صفائي ۽ سٿرائيءَ کان وانجھيل قوم سمجھندو!!

ريل جو سفر ڪرڻ معنى ڪڏهن ڪڏهن واقفڪارن نه ته اڪثر ڪري غير واقف ماڻهن سان ملڻ جلڻ جا سؤ فيصد امڪان هوندا آهن. لاهور کان هڪ پوڙهو شخص اسان واري بوگي ۾ اچي ويٺو هو. ان سان دعا سلام ٿي جي يار ريلوي جو رٽائرڊ ملازم آهي. 41 سال پنهنجي زندگيءَ جا ريلوي ملازمت کي ارپيندڙ دوست پنهنجي ملازمت جو گھڻو تڻو وقت روهڙيءَ ۾ گذاريو هو. هو روهڙي اسٽيشن جي ڀرسان لوڪوشيڊ ڏانهن ويندڙ پٽڙين ڀرسان جبل جي ڪناري جڙيل ريلوي جي ان ڪوارٽر ۾ رهيو هو جنهن ۾ ڪنهن وقت سنڌ جو دانشور ۽ شاعر حبيب ساجد به رهي چڪو هو. هاڻي سندس پٽ ريلوي ۾ گارڊ آهي جيڪو مختلف ٽرينن سان گڏ روهڙيءَ تائين ايندو ۽ ويندو آهي. هو روهڙي کي ياد ڪري اڄ به ٿڌا ساهه ڀري رهيو هو، کيس روهڙيءَ ۾ گذاريل وقت اڄ به تمام گھڻو ياد ايندو آهي. گوجرانوالا ۾ لهندي هن وڏي اڪير ۽ دل گھراين سان اسان کي وٽس ترسڻ جي دعوت ڏني. مون سندس تمام گھڻا ٿورا بجا آندا ۽ کيس پنهنجي مجبوري بيان ڪيم ته ڇوڪرين جي اسلام آباد ٽيسٽ رکيل آهي. ريل جي جهان ۾ جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته ڪيئي مهانڊا اهڙا به نظر ايندا آهن جيڪي من کي موهي وجھندا آهن. اهڙن مهانڊن کي ڏسي دل ئي دل ۾ سندن لاءِ دعائون ڪندو رهندو آهيان ته شل پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي سان خوش باش رهن.

اڪيلائيءَ جا سؤ سال جا ٻه باب اجھو پڙهي پورا ڪيا اٿم، هاڻي ٽيون باب پڙهان پيو. هن ناول جو انداز به عجب آهي. ناول جي ڪهاڻي اڳتي وڌڻ بدران پٺيان طرف سفر پئي ڪري!


اڄ سائين علي حسين قاضي، سائين عجيب جان، عزيز جويو جن جا ايس ايم ايس پهتا. ڪو مدن مهاراج آهي ان جو ايس ايم ايس به پهتو ته مان کيس ڪيب نيٽ Cab Net (ياهو انٽرنيٽ گروپ) جي ميمبرشپ ڏيان. جيئن ته ڪيب نيٽ جو ايڊمن سائين گل مستوئي آهي ته گھڻا دوست مون کي به گل مستوئي سمجھي اي ميل ڪندا آهن ۽ پوءِ آءَ به سائين گل مستوئيءَ کي اي ميل ڪري عرض رکندو آهيان ۽ اهي ان جا ميمبر ٿي ويندا آهن. پر هاڻي جيئن ته مان سفر ۾ هوس ان ڪري پنهنجي پٽ هوش محمد کي سندس اي ميل موڪلي کيس چيم ته سندس ريڪئيسٽ ايڊمن ڏانهن موڪلي ڇڏي.  

Wednesday, May 27, 2015

اسلام آباد سفر جي ڊائري (پهريون پنو) 2013-12-26/27

/
شايد تيرنهن سال اڳ جو قصو آهي ته مون روهڙي ريلوي اسٽيشن کان هڪ سفر شروع ڪيو هو ۽ ان جو سربستو احوال سفرنامي جي صورت ۾ لکيو هو. اڄ وري به ان ئي اسٽيشن تي بيٺو آهيان. اڳئين دفعي سخت گرمي هئي، هن دفعي سخت سردي آهي. سفر هن دفعي به اسلام آباد ڏانهن آهي. تيرنهن سالن جي وڏي عرصي گذرڻ باوجود اسٽيشن اها ئي ساڳي آهي، ڪا خاص تبديلي نظر ڪونه ٿي اچي. حقيقت ۾ اهائي سموري سنڌ جي صورتحال آهي. هر شيءِ منجمند/پنڊ پاهڻ ٿي پيئي آهي. ساڳيا برباد شهر، اڊڙيل روڊ، بي روزگاري، بدامني جيڪا اڳ هئي اڄ به ساڳي ڪار آهي. حڪومتون فوجي هجن يا نام نهاد عوامي، سنڌ جي ماڻهن لاءِ جهڙي ڇالي تهڙي پنڊي!!! روهڙي ريلوي اسٽيشن تي پڻ ساڳي گندگي جا ڍير آهن، ساڳيا وينڊر ۽ ساڳيا ماڻهون نظر پيا اچن.

ملت ايڪسپريس رواني ٿي چڪي آهي ۽ اسان کي انتظار آهي تيزگام جو جنهن ۾ اسان جون برٿون بوڪ ٿيل آهن. هن دفعي اسين ڪل چار مسافر آهيون، مان منهنجي نياڻي ناديه ۽ سائين طالب سهاڳ ۽ سندس نياڻي...اسان هي سفر پنهنجين ڇوڪرين جي قائد اعظم يونيورسٽي ۾ داخلا جي سلسلي ۾ پيا ڪريون. اڳيان سفر يارن دوستن سان گڏ ڪيا هياسين هن دفعي وارو سفر فيملي سفر آهي. اڳ جا گھڻو تڻو سفر اڪنامي ڪلاس ۾ ڪيا هياسين جڏهن ته هن دفعي اڪنامي ڪلاس ۾ رش هئڻ ڪري بزنس ڪلاس ۾ برٿون بوڪ ڪرايون هئم.

ڪاليج ۾ سياري جي موڪل آهي پر 30 ڊسمبر 2013 کان ڪاليج اندر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ليڪچررس جا لکتي امتحان ٿيڻا آهن، جن جي انويجيليشن جي ڊيوٽيءَ لاءِ ڪاليج جي پرنسپل صاحب پابند بڻايو آهي ته اسان مان هرهڪ کي اهو ڪم هرصورت ۾ ڪرڻو آهي ڇوته اهو مٿيان حڪم آيل آهي. مون کيس SMS ڪري ٻڌايو به هيو ته سائين مون کي پنهنجي نياڻي جي داخلا جي سلسلي ۾ اسلام آباد وڃڻو آهي، ان ڪري مان ان پوزيشن ۾ ناهيان ته اها ڊيوٽي سرانجام ڪري سگھان. جواب ۾ پرنسپل صاحب لکيو هو ته هو مون کي SPARE ڪندو پر جيئن ته اهو مٿيان آيل حڪم آهي ان ڪري ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لازمي آهي. ان کان بعد هڪ دفعو وري سندس سنديسو آيو ته مان موڪل جي درخواست سان گڏ ڇوڪري جي انٽري ٽيسٽ لاءِ مليل سلپ گڏائي موڪلي ڏيان. هاڻي مون لاءِ مسئلو هي هو ته انٽري ٽيسٽ واري سلپ ته پياري دوست سائين مورخان مهر جي فرزند مسٽر جميل مهر (جميل اتي لسانيات ۾ ماسٽرس پيو ڪري)  قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد وارن کان وٺي ڇڏي هئي.  هاڻي سوچيان پيو ته اسلام آباد پهچي اها سلپ وصول ڪري بمع درخواست جي صاحب موصوف کي TCS ڪري موڪلي ڏيندس، ڇوته اسان جو پرنسپل صاحب نام نهاد قاعدن قانونن جي سخت پوئيواري ڪندڙ آفيسرن منجھان هڪ آهن. جن کي مان وري لڪير جو فقير سمجھندو آهيان. سندس رويو اهڙو آهي جهڙوڪر اسين سندس ذاتي ملازم هجون. سرڪاري محڪمن ۾ گھڻو تڻو اهڙا عملدار ئي مقرر آهن جن جو سمورو وقت ۽ سڄي توانائي ڪاغذن جي پيٽ ڀرڻ ۾ زيان ٿي ويندي آهي ۽ عملي نموني جيڪو ڪم واقعي به سرانجام ٿيڻ گھرجي ان جو ڪو نالو نشان به ناهي ملندو. ساڳيو حال اسان جي پرنسپل صاحب جو آهي هو پنهنجي اصلي ڪم يعني شاگرن جي سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل کان ڪوهين پري/ٿڙيل ۽ پاسيرو آهي. سندس سڄو وقت هِن يا هُن فائيل، فيون اڳاڙڻ، داخلا يا امتحاني ڪاپين تي صحيح ڪرڻ، واسطيدار يا غير واسطيدار شاگردن ۽ ماڻهن جي فون ڪالن کي اٽينڊ ڪرڻ جهڙن ڪلرڪي ٽائيپ ڪمن ۾ گذري ويندو آهي. ڪاش اسان جا پرنسپل اهو ڪم ڪلرڪن جي حوالي ڪري پنهنجي توانائين کي انهن Non Productive engagements  مان ڇڏائي سمورو ڌيان ڪلاسن، شاگردن جي حاضري وڌائڻ، کين سکڻ ۽ سيکارڻ واري پاسي تي لڳائين ته اسان جي ادارن کي چارچنڊ لڳي پون...پر الائي ڇو جڏهن به ڪو پروفيسر پرنسپل جي ڪرسي تي ويهندو آهي ته بس هو پنهنجو پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجھڻ جي غلط فهميءَ واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪرائڻ لڳندو آهي. ۽ ان جو سمورو نزلو وري ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين تي ڪرندو آهي.  بس اسان جهڙن لاءِ اهو محاورو برمحل آهي ته “نوڪري ڪي تي نخرا ڪي”.

اسان جي پرنسپل صاحبان جن کي اهو احساس هئڻ گھرجي ته ادارن ۾ وئڪيشن ڪو فيشن ناهي هوندو. اهو موسمي حالتن کان بچڻ سان گڏ استادن کي ريڪريئيشن (تازو توانو ٿيڻ جو موقعو) ڏيڻ جو بهانو به هوندو آهي. استاد جيڪي سڄو سال ساڳيو ڪم ڪندي ڪندي بور ٿي پوندا آهن، ٿڪجي پوندا آهن ته اهي انهن مليل موڪلن ۾ سيرتفريح ڪري وري نئين سر تازا توانا بڻجي پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. هاڻي جڏهن سياري جون موڪلون آهن جيڪي مان ڪنهن به ٽئين اداري جي چاڪري ڪندي زيان ڪرڻ نه ٿو چاهيان ته ان ۾ ڪهڙي اربع خطا ٿي ٿئي؟؟!!! افسوس ته سڄي ڪيريئر ۾ هڪ به پرنسپل اهڙو ڪونه مليو جيڪو وزنري هجي، جيڪو حقيقي معنى ۾ تعليمي اڳوڻيءَ واريون خصوصيتيون رکندڙ هجي، هاڻي ڪاليجي تعليم سڌري به ته ڌوڙ سڌري؟؟؟!!!

اسٽيشن تي بيٺي بيٺي هڪ همراهه گڏيو جنهن پنجابڪي لهجي ۾ اردو ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته “هاڻي پاڪستان ريلوي جو نظام تمام گھڻو درست ٿي ويو آهي” روهڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي بيٺل هڪ ريل ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته “هو ڏسو ملت ايڪسپريس پنهنجي پوري پوري ٽائيم تي پهتي آهي”. مون کيس وراڻيو ته تون سؤ سيڪڙو سچو آهين ريلن جو ٽائيم ته بلڪل ٺيڪ ٿي ويو آهي پر اسان واري تيزگام ليٽ آهي، جنهن جو رائيٽ ٽائيم ته رات جا ساڍا ٻارنهن هيو پر اجھو اها هاڻي ڏيڍ وڳي پئي اچي. مون کيس خاطري ڪرائي ته ان ۾ ريلوي جي نظام جو ڪو قصور نه آهي دراصل اهو منهنجي قسمت جو چڪر آهي، مان جنهن به ٽرين ۾ سفر ڪندو آهيان ته اها دير سان ايندي آهي” جڏهن ڳالهه مون پوري ڪئي ته يار حيران نگاهن سان مون کي تڪيندي پري هليو ويو، شايد سمجھيو هوندائين ته مان صفا ڪو ٿڙيل قسم جو انسان آهيان.

هاڻي اسين پنهنجين بوگين ۾ اچي ويٺا آهيون. گاڏيءَ کان ٻاهر ٿڌ ناقابل برداشت آهي اندر موسم انتهائي خوشگوار لڳي پئي آهي. مان هي سٽون لکندي سمجھان پيو ته اميد ته اسان جو هي سفر آرام سان گذري ويندو  ۽ ٿڌ اسان کي تنگ ڪري نه سگھندي. مون دل ئي دل ۾ نعرو لڳايو “ٽيڪنالوجي زندهه آباد”. ڪاش اسان جي ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جو نظام درست هجي ته ٿڌ يا گرمي اسان جو ڇا بگاڙي سگھنديون!!! نظام جي درستگيءَ جي شرط تي اسين هزارين ڪم ڪري وٺنداسين، جيڪي موسمن جي سختي ڪري، سرانجام ڏيڻ کان قاصر آهيون. ڪاش اسان جا حڪمران به ائين ئي مون وانگي سوچين ته ملڪ تڪڙو ترقيءَ جي پٽڙيءَ تي تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳي....پر زميني حقيقتون هي آهن ته گھرن ۾ ايندڙ گئس جي نڙگھٽ ٿيل آهي جڏهن ته بجلي جهڙي آهي تهڙي ناهي، ها بس گاٽي ڀڳا بل آهن جيڪي گرمين ۽ سردين کان بچيل ماڻهن جي رهيل سهيل ساهه کي ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهن.

هن دفعي سفر ۾ لطيفي روايت کي برقرار رکندي گئبريل گارشيا مارڪيز جو ڪتاب “اڪيلائيءَ جا سؤ سال” ساڻ کنيو آيو آهيان. هن ڪتاب جو ترجمو مراد علي مرزا جو ڪيل آهي. 

Tuesday, May 26, 2015

ڪڙو سچ


”اوهان منهنجي هنن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ مون تي چٿر ۽ ٽوڪ نه ڪجو.يقين ڪريو ته اهي ڳالهيون سورهن آنا سچيون آهن ته (سنڌي) ماڻهون اٻوجھ ٿيندا آهن. جيڪڏهن کين ڳڙ کسي ڇيڻا ڏيئي ڇڏبا ته به ويچارا خوش ٿي ويندا“.
:
:
:
:
:
:
هي مان نه ٿو چوان هي انگريز لکاري رچرڊ ايف برٽن پنهنجي ڪتاب  Sindh Re Visited” 1877ع ۾ لکي ويو آهي. چون ٿا ته هو ڏاڍو بدتميز هو ۽ سچ کي لکڻ مهل ڪنهن به اخلاقي اصول جي ڪا پرواهه نه ڪندو هو. سندس هي جملو ان جو پڪو ۽ پختو ثبوت ئي ته آهي.  ها مون هن جملي ۾ هڪ بي ايماني سو ڪئي آهي ته رچرڊ ايف برٽن ’ڪارا ماڻهون‘ لکيو هو مون ’سنڌي ماڻهون‘ لکيو آهي. پر ڪهڙو ٿو فرق پوي اهي گورا ديس واسين کي نفرت وچان ڪارا ماڻهون ئي ته سڏيندا هيا. پر ڇا به هجي سندس مشاهدو ڪيڏو نه گهرو ۽  وسيع هيو. انهن گورن اسان تي سئو سال کن حڪومت ڪئي ۽ پوءِ هو واپس هليا ويا سندن وڃڻ بعد اسان جي وڏڙن اسان کي ٻڌايو هو ته هاڻي اسان کي آزادي ملي آهي! پر جي حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ۽ سوچ ويچار ڪجي ته اسان کي ڇا مليو هو/مليوآهي؟ بس اهوئي نه ته ڳڙ جي عيوض جيڪي ڇيڻا مليا هيا هاڻي ته اهي به کسجي رهيا آهن! ۽ اسان جو پوءِ به اهو ئي اصرار آهي ته اسين دنيا جي عظيم ترين قوم آهيون؟! دليل هي آهي ته اسين موهن جي دڙي جي وارثي ڪندڙ جو آهيون، اسان عظيم آهيون ڇوته هي پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري آهي جت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل، شيخ اياز، استاد بخاري پيدا ٿيا هيا، پر اها خود فريبي ڪيستائين هلي سگھندي؟ اسين ڀلي اٺ پکيءَ وانگر واريءَ ۾ منهن لڪائي وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان وڏيون دعوائون ڪيون حقيقتن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿو پئي، دنيا وارن جو انهن سان ڪو ڏيڻ نه وٺڻ، هو جيڪو صديون اڳ سچ چئي ويو هو، اهو بدتميز سچ، اسان نه ته انوقت قبول ڪيو هو ۽ نه هاڻي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،  ڇوته مڙس ماڻهونءَ جي زبان هڪ هوندي آهي، اسين پنهنجو پاڻ کي گھٽ ڏسڻ وارن مان ٿوروئي آهيون. ها اسان جي ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته ”گھٽ معني بي عزتي، شو معني تباهي“ سو اسين تباهه ٿيڻ پسند ڪندا آهيون بي عزتي ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگھندا آهيون.........ڇتي ڪوريءَ واري گھڻي ڊيگھ ٿي ويئي مان پنهنجي هن بلاگ جي پچاڻي به رچرڊ برٽن جي لفظن سان ڪيان ٿو بنا تبصري سنڌ متعلق ڪيل سندس ڳالهه تي اوهان تبصرو ڪيو ته بهتر ٿيندو.

”اوهان ممبئي جي بهترين دل وندرائڻ وارين جڳهن کان تنگ اچي گھمڻ جي مقصد سان سنڌ ڏانهن رخ ڪيو آهي جيڪا هڪ ڏکويل ماٿري آهي.مان کيس هن نالي سان ان ڪري سڏيان ٿو جو دنيا اعلان ڪيو آهي ته هن علائقي جو سج دوزخ اوڳاڇيندو آهي ۽ اتان جي ڌرتي ٽپي ٽامون ٿي ويندي آهي ۽ اتت اڦٽ مار هوندي آهي. هتي وڏي ماتا ۽ ڪالرا ماڻهن کي مارڻ ۾ گوءِ رکنديون آهن. پليگ،ايراني نار کان هلي هتي پڄندي آهي.يعني اوهان سنڌ ۾ بي ڪفن ۽ بي دفن ٿي مرڻ جو پڪو پهه ڪري چڪا آهيو“. 

Sunday, May 24, 2015

ڄؤرون



ضياالحق واري زماني کان اسلامائيزيشن جو جيڪو عمل شروع ڪيو ويو هيو، اهو هاڻي چوٽ تي چڙهيل ٿو ڏسجي ۽ مذهبي جنونيت هر ماڻهون کي وڻ ويڙهي جيان ويڙهي چڪي آهي. ان سڄي معاملي ۾ فوج، ملان، سعودي، آمريڪا، اسرائيل تمام گھڻو خوش ۽ مطمئين نظر پيا اچن. فوج جي اهميت ئي تڏهن هوندي آهي جڏهن ملڪ کي ٿريٽ هجن، پاڙيسري ”دشمن ملڪن“ کان، ”اندروني خلفشار“ مان، سو ان ڪري اهي ادارا اهڙن مامرن کي ٿڌو ٿيڻ ڏيندا ئي ناهن. جيترو پاڙيسري ملڪن ۽ گھر ۾ ٻڙڌڪ وڌيڪ هوندو اوتروئي سندن اهميت ٺهيل رهندي. ٻڙڌڪ مچائڻ ۾وري ڪليدي ڪردار ملن مولوين جو هوندو آهي. اهي علم، منطق، سائنس، عقل، فلسفي جا ويري هوندا آهن، کين هر وقت لٺ ڪلهي تي هوندي آهي، بس ڪا ڳالهه ٿي ناهي، فتوا پهچي ويندي ۽ خونا ريزي شروع...ڪڏهن ڏسو ته اهي آمريڪي ڊالرن، سکيا، ان جي ڏڍ تي جهاد جو نعرو هڻي پنهنجو جهڳو ته جھڻ ڪندا ئي رهيا آهن ته پاڙيسري ملڪن جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو سبب بنجندا رهيا آهن.  سعودي ريال جي جادوگري سان ملڪ اندر مدرسن جو ڄار وڇائي جاهلن جون فوجون تيار ڪيون ويون آهن. ملان ملٽري اتحاد جنهن وقت به چاهي، جتي به چاهي مدرسن مان پڙهيل جاهلن جي فوجن کي چيچ جي هڪ اشاري سان پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿي ۽ ڪري پئي.  اهڙو جي ماحول هوندو ته ملڪ اندر گھرو ويڙهه جهڙو ماحول هوندو ۽ ان قسم جو ماحول دنيا جي داداگير ملڪن جهڙوڪر آمريڪا، اسرائيل، برطانيه، سعوديه لاءِ تمام سازگار هوندو آهي.

اسان جا عام، گھٽ سمجھ وارا، مذهب سان دلي لڳاءُ رکندڙ اٻوجھ انسان سمجھندا آهن ته اهي اسلام جا سچا سپاهي آهن ۽ هو جهاد پيا ڪن پر حقيقت ۾ اهي استعمال ٿيندا آهن. هي جهاد ناهي پراربين ڊالرن جو ڪاروبار آهي، جنهن مان مٿي ٻڌايل سمورا ڪردار پنهنجو پورو پورو حصو وصول ڪندا آهن.


لبرل، آزاد خيال، ترقي پسند ۽ سيڪيولر سوچن وارا ماڻهون وڏي خوف ۾ ورتل آهن ۽ اهي ڊڄي ڊڄي ڳالهائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڀري محفل ۾ اهي ڪا منطقي، سائنسي سوچ پيش به ڪندا آهن ته مٿن چئني پاسن کان بگھڙن وانگر رومڙون ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ سندن ڳالهين کي مذهب تي وار سمجھي مٿن فتوائن جا تير وسايا ويندا آهن. هنوقت پياري پاڪستان جا ماڻهون جنهن انڌ جي گھوڙي تي چڙهي تمام تيزيءَ سان اجتمائي خود ڪشيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن، ان کي ڏسي ڪو عقل جو انڌو به اندازو لڳائي ويندو ته هاڻي اسان جي تباهي ۽ برباديءَ ۾ ڪي گھڻا ڏينهن ناهن بچيا.     

Sunday, May 17, 2015

بول ڪي لب آزاد هين تيري

اسين سهڻي سنڌ ۾ رهون ٿا. سنڌ جيڪا هنوقت علم جي حوالي سان بدترين بحران جو شڪار آهي. پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح جي تعليم تي ڪيئي سواليه نشان لڳل آهن. اسڪول يا ته بند آهن يا جي نالي ماتر هلن به ٿا ته اتي ڪا معياري تعليم نه ٿي ڏني وڃي. ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح جي تعليم مان عقل، دانش، ڏاهپ، کوجنا وارا عنصر گم آهن. اهوئي سبب آهي ته اسان جي استادن، شاگردن، عام ماڻهون وٽ تنقيدي سوچڻ جو عمل ڏينهنو ڏينهن گھٽبو پيو وڃي. ان جو فائدو علم، عقل، منطق، دليل، سائنس جا دشمن وڏي ڪاريگريءَ سان وٺي رهيا آهن. سنڌ جي اسڪولن جا ويران ورانڊا ۽ سنڌ جي هر روڊ تي جڙيل يا جڙندڙ مدرسا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن.

پر افسوس ته سوچڻ سمجھڻ، دليل ڏئي ڳالهائڻ، تحمل سان ٻئي کي ٻڌڻ جو عمل رڳو اسان جي اڻ پڙهيل يا سماجي طور پوئتي رهجي ويل عام ماڻهونءَ جي ئي ناهي پر مون مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جا بظاهر تمام وڏا پڙهيل لکيل، استاد، پروفيسر، اديب، قومي ڪارڪن سڏائيندڙ، ٽرينر پڻ ان جو شڪار آهن. جڏهن معاشرو سڌو سنئون اهڙي اونداهي کوهه ۾ سفر ڪندڙ هجي ته ان مان ڀلائيءَ جا ڪهڙا اهڃاڻ نڪري سگھن ٿا؟؟!!.

اسان وٽ معتبر صرف سرڪاري عملدار جهڙوڪر ڊائريڪٽر، پرنسپل، ڊي او، اي سي، ڊي سي، ڪمشنر آهن، يا اهي آهن جيڪي مختلف تنظيمن  جا عهديدار آهن. اهڙا سڀ پڇاڻي کان مٿي آهن، انهن کان اوهان ڪوبه سوال نه ٿا ڪري سگھو، سندن فرضن متعلق اوهان انهن سان ڳالهائي به نه ٿا سگھو يا جيڪڏهن نڪ جي پڪائي سان اهي پنهنجو پاڻ کي دنيا جو ايماندار انسان ڪري پيش ڪن ته اوهان سندن ان ڪوڙ بدوڙ تي محض ڪنڌ لوڏي سندن تائيد ڪري سگھو ٿا. ڪالهه جو قصو آهي هڪ محفل ۾ ويٺو هوس جنهن ۾ هڪ تنظيم جو اڳوڻو عهديدار ڀريل هال اندر اعلان ڪري رهيو هيو ته سندس تنظيم جا عهديدار ڪڏهن به پنهنجي تدريسي ڪم کان ناهن گسائيندا ۽ انوقت مان ان ئي تنظيم جي هڪ تمام وڏي عهديدار جي اکين ۾ ڏسي سچ کي ڳولهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هوس پر مون سميت ڪنهن کي به اها جرئت نه هئي ته اهو ڪجھ ڪڇي سگھي يا سوال اٿاري سگھي! ان جي ابتڙ باقي سموري مخلوق جيڪا ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل ڪم ۾ رڌل آهي اهي سڀ نام نهاد آفيسرن ۽ نام نهاد تنظيمي عهديدارن وٽ جوابدار آهن.

منهنجو هڪ پرين پيارو آهي جيڪو هر شي جو ماهر ۽ ڄاڻو آهي. قومي ڪارڪن، سماجي ورڪر، تعليم دان، صحافي، ڦوٽوگرافر، صوفي، تاريخدان، تجزيه نگار ۽ ٽرينر. اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته مون سندس فيس بوڪ وال تي هڪ سوال کانئس ڪيو هو. سائين جن سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي افاديت ۽ اهميت تي ڪو ورڪشاپ منقعد ڪري رهيا هيا. مون کانئس صرف اهو پڇيو هو ته ”قبلا مون کي ڪير ٻڌائي سگھي ٿو ته سنڌ اندر مڪاني ادارن ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن؟“ ان ۾ مون به پنهنجو رايو شامل ڪار ڪيو هو ته ” سنڌ جي مڪاني ادارن جي تاريخ تي اتاڇري نظر به ڪبي ته صاف نظر ايندو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو ڪم منفي ئي رهيو آهي انهن سنڌ جي ورهاست وارو ڪڌو ڪم ڪيو، سنڌ جا ضلعا وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن کي الاٽ ڪيا ويا، ڪروڙين روپين جي بجيٽ انهن پنهنجي ذاتي مفادن ۾ هڙپ ڪئي، مڪاني ادارن کان مختلف وقتن تي ملڪ مٿان مڙهيل بدترين آمرن جي حمايت ڪرائي ويئي يا انهن آمرن مڪاني ادارن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو“ پر منهنجي پرين پياري کي منهنجو تبصور اُگرو لڳو ۽ ان بنادير جي اهو ميساري ڇڏيو.

مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته جنهن معاشري ۾ سوال ڪرڻ، سوال اٿارڻ، ڪنهن ڏند ڪٿا يا غير سائنسي افواهه کي چئلينج ڪرڻ جو رواج نه هوندو ته اتي ڏاهپ جي آبياري ڪيئن ٿيندي؟


مان پنهنجي استادن، پروفيسرن، اديبن، دانشورن، سياستدانن، عالمن کي عرض ڪندس ته اهي سڀ هڪ اهڙي معاشري جي لاءِ پنهنجون توانايون صرف ڪن جنهن ۾ هر ماڻهون هر ڳالهه تي جائز شڪ ڪري سگھي، سوال اٿاري سگھي، ڳالهائي سگھي، پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪري سگھي، پنهنجا ڏک سور بيان ڪري سگھي، مختلف مامرن تي پنهنجي دلي راءِ ڏئي سگھي.     

Friday, May 8, 2015

سائين نور احمد کهڙو؛ بهترين استاد ۽ ڪامياب تعليمي اڳواڻ Professor NOOR AHMMED KHUHARO: Great teacher and successful Principal



Afzal Hassan Danwar wrote on his Timeline.
Love you Sir Noor Ahmed Khuhro Sahib. You have ignited the torch of literacy in the dark district of our province. Me & whole nation is very thankful to you
My Sir! you taught us (Installed like a software program in our brains) Physics in a Pre-Admission test session at Victor Public school in year 1999
Unfortunately, We had a teacher for physics, who only discuss the love stories, movies in his class at Government Degree college Pir Jo Goth.
I was so poor those days that I used to walk from Luqman Railway Gate to Khaki Shah Bridge in the scorching summer, by foot to attend pre-admission classes at Victor public school, b/c my father "a retired primary teacher" was unable to pay me the rickshaw expenses.
Now, thanks to Allah Almighty, my Parents & You worthy teachers I own a Chevrolet Tahoe Jeep in Riyadh-Saudi Arabia.
I think often If I were not be an educated OR an Engineer, I would be a worthless bacteria of my ill society.
Really, the future of a nation lies in the hands of its educators.
My aim behind this script is to define the power of knowledge to my youths.
that education is the only tool of survival in today's competitive world
Long live Sir Noor Ahmed.
مٿيون تبصرو مان سائين نوراحمد کهڙو جي فيس بوڪ وال تان کنيو آهي. اهو ڪو تبصرو ناهي اها هڪ ثابتي آهي ته هڪ استاد ڪيئن نه پنهنجي شاگردن جي زندگيءَ ۾ خوشيون، آرام، آسائشون پيدا ڪري ڏيڻ جو سبب بڻجي ٿو. سائين نوراحمد کهڙو صاحب فزڪس جو استاد هيو ۽ هڪ ٻيو به فزڪس جو استاد هيو جيڪو ساڳي شاگرد کي سندس ڪاليج ۾ فزڪس پڙهائڻ تي مامور هيو، تبصرو پڙهڻ بعد اوهان بخوبي اندازو لڳائي ويندا ته ڪير ڪامياب ۽ ڪير ناڪام استاد هوندو آهي. حقيقت ۾ استاد وٽ اها طاقت، اها شڪتي هوندي آهي ته اهو ٻار (سندس شاگرد) کي ٺاهي يا بگاڙي! اسان کي پڻ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته اسين ڪهڙي ڌر سان تعلق رکون ٿا. سائين کهڙو صاحب بلاشڪ جوڙڻ، سنوارڻ، منزل تائين پهچائڻ وارن استادن ۾ هڪ هو. مان سائين نوراحمد کهڙي صاحب لاءِ مرحوم جو لفظ استعمال ڪونه ڪندس، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ سچو پچو استاد، هڪ باعمل انسان، هڪ اهڙو ماڻهون جيڪو ڪجھ ڏيڻ، ٻين کي سنوارڻ وارن مان هجي اهو مري وڃي...نه هرگز نه، سائين کهڙو صاحب زندهه سلامت آهن،  پنهنجي نيڪ اولاد جي روپ ۾، پنهنجي هزارين شاگردن جي روپ ۾ جيڪي سندس رهنمائي حاصل ڪري سڪون واري زندگي گذاري رهيا آهن، سائين زندهه آهي ۽ رهندو. منهنجي سائين جن سان نياز ۽ نوڙت وارو رشتو ته ڪيئي ڏهاڪن تي محيط آهي. گھڻو ڪمپيوٽر تي ويهي وقت گذارڻ ۽ لکڻ پڙهڻ ڪري منهنجي ياداشت کي سخت ڌڪ رسيو آهي ۽ ماضيءَ جون گھڻيون ڳالهيون ۽ ڪيئي قصا مون کان صفا وسري ويا آهن. ان ڪري پوريءَ پڪ ته ناهي پر لڳي ٿو ته سائين نوراحمد کهڙي سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ضرور ٿي هوندي جڏهن اهي اتي پڙهندا هيا ۽ سائين ڏاڏا سليمان ڏاهريءَ جا ڪلاس فيلو ۽ دوست هيا، پر اهو ڪو ايڏو وڏو معاملو به نه آهي، دوستيون پراڻيون هجن يا نيون انهن ۾ رس ۽ چس تڏهن رهندو آهي جڏهن ٻنهي پاسن کان اعتماد، ڀروسي، پنهنجائپ وارا نيڪ جذبا ڪار فرما هجن، ۽ مان پوري يقين سان چوان ٿو ته سائين کهڙي صاحب جو مون ڏانهن ان قسم جو رويو هوندو هو.
پر ٿورو ترسو کهڙو صاحب محض هڪ ڪامياب استاد ئي نه پر ان سان گڏ هو مڪمل نموني هڪ ڪامياب تعليمي اڳواڻ به هو. سائين نوراحمد کهڙو صاحب تمام ٿورڙو عرصو سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور جو پرنسپل رهيو، سندس بيماري کيس وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي جهڙوڪر پابندي هڻي ڇڏي هئي. ها پر ڪم ڪرڻ واري ماڻهونءَ لاءِ وقت به ڪا وڏي شيءِ ناهي هوندو، سائين تمام ٿورڙي وقت اندر پنهنجي ڪاليج کي ممڪن حد تائين بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ادارن جي پهرين صف تائين وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ويو هو. 2013ع ۾ جڏهن ڪاليج اندر ڪجھ ڏينهن پڙهائيءَ کي بريڪ لڳو ته سائين نوراحمد کهڙي ۽ سائين غلام حضور جلباڻي جهڙن انمول تعليمي اڳواڻن کي خيال آيو ته ڇونه ڀلا ڪاليج سطح تي استادن جي تربيت وارو سڀاويڪ ڪم ڪجي. سو انهن پورا چوڏنهن ڏينهن لڳاتار هڪ ٻئي کي پئي پڙهايو ۽ سيکاريو. مون جڏهن سندن سرگرميون فيس بوڪ تي ڏٺيون ته مون کي به خيال آيو ته مان به سندن حصو بڻجان ۽ منهنجي عرض کي اگهايو ويو هو ۽ مون به پنهنجي هڪ پرزنٽيشن (Critical thinking through pictures) پيش ڪئي هئي. ان پروگرام جون تصويرون سائين نوراحمد کهڙو پنهنجي فيس بوڪ جي وال تي ونڊيو هيون ۽ انهن ڦوٽن کي مون به پنهنجي وال تي شيعر ڪيو هو. انوقت مون جيڪي محسوس ڪيو هو اهو به پنهنجي وال تي ونڊي ڇڏيو هوم؛


https://fbcdn-profile-a.akamaihd.net/hprofile-ak-xfa1/v/t1.0-1/p50x50/11059252_10153317641108919_1142323127833850196_n.jpg?oh=99d2cb75e0f4c6e24cee3bcc711674cc&oe=560B040D&__gda__=1443735684_30dfb6abfd3b2d799b9d6ab96928fa2a
I honestly believe that there is crisis of Leadership in our public sector colleges. At a moment many colleges are facing enormous problems, difficulties and hurdles only because of their respective Principals. Unfortunately Government College Principals prefer to be bureaucrats, Bosses, Dictators instead of Leaders, facilitators. Thanks God among all those evil characters still there are few Angles. I know one Angle; his name is Noor Ahmed Khuhro Principal Government Superior Science College Khairpur. Mr Khuhro Sahib and his team successfully conducted the exams by not allowing any one to cheat, provide undue favor, or indulge in malpractice. He always tried his level best to provide help and support, guidance and resources to his college professors/teachers to make their classroom practices effective to achieve excellent results from students. Now a day’s Mr Khuhro and his team is busy in professional development of teachers. Fortunately Khuro Sahib and other friends make space for me also to share my ideas with them. I lead the session titled "Critical Thinking through Pictures" Those were great moments for me as teacher educator and as learner also. I learned a lot from Professor Waliullah Mahesar's innovative session also. In last I say Thank you very much...God bless you...

اڄ جڏهن مون هڪ دفعو وري سائين نوراحمد کهڙي جي فيس بوڪ وال جي وزٽ ڪيم ته مون کي خبر پئي ته سائين کهڙي صاحب پنهنجي وال تي گھڻو تڻو پنهنجي ڪاليج جي شاگردن، تعليمي سرگرمين متعلق مواد يا تصويرون رکيون آهن. هو پنهنجي زندگي جي آخري گھڙين تائين مسڪرائيندو رهيو آهي ۽ هن پل پل پنهنجي زندگيءَ کي سڦلتا سان گذاريو آهي. سندس لازوال مرڪ ڪا ڏيکاءُ واري نه هئي اها مرڪ ته سندس اندر ۾ ويٺل عظيم انسان جو عڪس ۽ اولڙو هو. ٽيچنگ، نان ٽيچنگ اسٽاف، شاگردن کان وٺي ڪميونٽي ۽ آفيسرن ۾ سندس ڪارنامن جي هاڪ هئي. هڪ عملدار جيڪو جنهن ڪاليج ۾ ويندو هو ته سڀ کان پهرين پرنسپل جي کيسي ۾ هٿ وجھندو هو ۽ اهو جڏهن سندس ڪاليج وزٽ تي آيو ته کيس به اها جرئت ٿي نه سگھي ته کانئس ڪو مطالبو ڪري يا ڏوڪڙ گھري. سائين کهڙي صاحب ڪاليج اندر ڊسپلن سان پڙهائي جو رواج ڏنڊي جي زور تي نه پر محبت، پنهنجائپ ۽ ڀروسي جي طاقتور هٿيار سان قائم ڪري ڏيکاريو هو. مون کي هڪ دفعو رازداري واري انداز سان قصو بيان ڪندي ٻڌايو هئائين ته ”هڪ دفعي هڪ پٽيوالي هڪ انتهائي خراب جملو مون کي ڀري محفل ۾ چئي ڏنو، مان سندس ڳالهه تي انوقت ڪوبه تبصرو نه ڪيو ۽ پوءِ اڪيلائيءَ ۾ کيس گھرائي کانئس ان جي وضاحت پڇيم ته همراهه چيو ته سائين واقعي مون ائين چيو هو؟“ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پٽيوالي اها ڳالهه ته ڪري ڇڏي هئي پر کيس ان جي معنى يا مفهوم جي حقيقت معلوم ئي نه هئي ۽ بعد ۾ ان کانئس معافي گھري ۽ آئندهه اهڙي ڪنهن ڳالهه ڪرڻ کان توبهه ڪيائون. سندس ان ڳالهه مان اوهان اندازو لڳائي سگھو ته منجھس ڪيتري نه قوت برداشت هئي. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڪاليج ۾ پنهنجو پاڻ کي ايماندار سڏائيندڙ پرنسپل صاحب هيا جيڪي پنهنجي ايمانداري واري چهبڪ سان اداري اندر ڪم ڪندڙ هر ماڻهونءَ تي تشدد ڪندا هيا. مان هڪ ڳالهه جي وضاحت کي ضروري ٿو سمجھان ته ايم فل، پي ايڇ ڊي جون ڊگريون يا اوڻويهون، ويهون يا ايڪويهون گريڊ يا ستاويهه اٺاويهه سال تعليمي ادارن ۾ رهڻ، پڙهائڻ وارا ڪم ان ڳالهه جي هرگز ضمانت نه آهن ته ماڻهونءَ ۾ تعليمي اڳواڻي وارا گڻ پيدا ٿي پوندا آهن. اسان جي هڪ ڪاليج ۾ هڪ ڪامريڊ پرنسپل ٿيو هو، رٽائر ٿيڻ بعد وري ڪامريڊن جي ڪڇ ۾ ويٺو آهي، ان يار پنهنجي ٿورڙي عرصي اندر ڪاليج ۾ جيڪي ڪلور ڪيا بس ڇا ڳالهه ڪجي؟ هڪ ماڻهون جيڪو اديب آهي، جيڪو قوم ۽ عوام جون ڳالهيون ڪندي پنهنجو ڳلو سڪائي ٿو ڇڏي، جيڪو سنڌ جي تمام وڏن دانشور ٽائيپ سياسي اڳواڻن سان شام جو ويهي پيئڻ ۽ پيارڻ جو محفلون مچائيندو آهي، جڏهن کيس موقعو ملي ٿو ته ٻنهي هٿن سان بس اداري ۽ شاگردن جو ماس روڙي مال ٺاهڻ جي ڪرت ۾ لڳي ٿو وڃي...افسوس صد افسوس... مون کي ڇويهه سال کن ڪاليج سطح تي رهندي ٿيا آهن ۽ اتي ڪجھ مڻيادار ماڻهن کي ڇڏي باقي جيڪا مخلوق پرنسپل ۽ ان کان مٿي آفيسرن جي ڪرسين کي سيڙايون ويٺي آهي...الامان والحفيظ،  بس لطيف سائين سچ ئي ته چيو هو ته؛
ويا مور مري هنج نه رهيو هڪڙو،
 انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئرن جو. 
اهي ڪانگ رڳو ماٺ ڪري ڪرسيءَ تي ويهي رهن ۽ اجايو ڪنهن شريف ماڻهونءُ جي ڪڍ نه لڳن تڏهن به ڪا ڳالهه ٺهي اچي، پر کهڙي صاحب جهڙن بهترين انسانن کي سندن آڏو جڏهن وضاحتون ڪندي ڏسجي ٿو ته اندر صفا سڙي ناس ٿيو وڃي. اسان جي تعليمي ادارن اندر ڪجھ نام نهاد پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل ڊگريون رکندڙ جاهل گھڙي آيل آهن، جن ڏيتيون ليتيون ڪري تعليمي ادارن جي سڻڀين پوسٽن تي قبضو ڄمائي رکيو آهي، انهن جيڪا ڀينگ ادارن ۾ ڪئي آهي شل ڪنهن ساڃهوند کي ڪا سمڪ ملي ۽ هو سندن چهرن تي لڳل انهن اعلى ڊگرين جو نقاب لاهي سندن اصل قد ڪاٺ دنيا جهان کي ڏيکاري سگھي. مون وٽ ڪجھ اهڙيون تصويرون به آهن جيڪي مون سائين کهڙي صاحب جي فيس بوڪ وال تان ڊائون لوڊ ڪيون آهن، اهي اوهان کي ڏيکارڻ پئي گھريون (افسوس ته ڀاڙيائپ ڪري انهن کي هتي اپ لوڊ نه ٿو ڪريان) ته ڪٿي نوراحمد کهڙو ڪٿي سفارش ۽ ڪرپشن وسيلي تعليمي عملداري جي ڪرسي سيڙايل جاهل ڪامورو! پر اسان جو معاشرو ئي اهڙو آهي جتي ڪيڙا مڪوڙا ڪرسين تي ويٺا آهن ۽ اهي اڏوهي جيان هر شيءِ کي چٽ پيا ڪن پر ڪڇي ڪير...ڪڇان تان ڪافر ٿيان ماٺ ڪيان تان مشرڪ... جڏهن به چڱائي ۽ لڱائي، وفاداري ۽ ڌوڪي جي ڳالهه ٿيندي، تعليم سان ڀلائي ۽ سڌاري جي ڳالهه ٿيندي، دوستن يارن سان نڀائڻ جي ڳالهه ٿيندي، ادارن جي بحالي، ترقي يا تنزلي جي ڳالهه ٿيندي ته پروفيسر نوراحمد کهڙو پنهنجي لازوال مرڪ سان نيڪي واري پاسي وڏي اطمينان سان بيٺل نظر ايندو. مان شيخ اياز جي هن بيت سان کيس ڀيٽا پيش ڪري پنهنجي هن محفل کي وقتي بريڪ ٿو هڻان.
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ دود دُکائي ويا.
 .
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.

هو پيار ـ پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دور اُڏامي ويا،
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هو پنهنجي جوت سمائي ويا .