Saturday, March 26, 2016

امڙ جون ساروڻيون



منهنجي امان جنهن جو نالو ”ٿڌي“ هو. هوا واقعي به برف وانگي ٿڌي هئي. سج اڀرڻ کان وٺي سڀني جي سمهي پوڻ تائين بنا وقفي جي، بنا ڪنهن شڪايت ڪرڻ جي، بنا ڪنهن جي چوڻ آکڻ جي ڪم ڪندي رهندي هئي. جيڪا چڱي چوکي شيءِ هوندي هئي اُها اسان کي ڏيندي هئي ۽ پاڻ ساڳ، مريڙو، لسي ۽ سکڻي مانيءَ ڳڀي تي گذران ڪندي هئي. امان سانئڻ بابا سائين جي شوخ طبيعت، گار گند ۽ تشدد هوندي به ڪڏهن پنهنجي زبان تي شڪايت جو لفظ نه آندو. ويتر امان ڪيئي دفعا مون کي چيو هو ته ”بابهئين ٻاهريون سخت طبيعت جو آهي پر دل جو خراب ناهي“. امان طبيعت ۾ ته کڻي ٿڌي هئي پر سندس سڀاءُ مکڻ ۽ ملائي جهڙو نرم، ملائم هوندو هو. مان جڏهن بيمار ٿيندو هوس ته امان صلوات پڙهي منهنجي نرڙ تي زور ڏيندي هئي. يقين ڪريو ته مون کي جيڪو سڪون، جيڪو آنند سندس ان مسيحائي مان حاصل ٿيندو هو هو اڄ ڏينهن تائين ڪا دوا درمل واپرائڻ مان ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگھيو آهيان. 

(اُس نے جلتی ہُوئی پیشانی پہ جب ہاتھ رکھا...رُوح تک آ گئی تاثیر مسیحائی کی).

 اسان جڏهن پيدا ٿيا هيا سي ته رک (ڪِري) طور تي امان کٽو، مٺو يا اهڙي ڪا ٻي شي نه واپرائيندي هئي ته مبادا اسان تي ان جو اثر ٿئي. منهنجي امان جو وڏي ۾ وڏو ڏک منهنجو ننڍو ڀاءُ سندس ٻيو نمبر نوجوان پٽ ئي هيو جيڪو هيروئن جي نشي جو عادي بڻجي پنهنجي ۽ پوري گھر جي سڪون کي غارت ڪري چڪو هو. امان اڪثر ڪري مون کي چوندي هئي ته ”بابلا مون کي انب (اسان پيار وچان پنهنجي ڀاءُ کي انب چوندا هياسين) جي اولاد جي ڳڻتي آهي ته سندن ڇا ٿيندو. واقعي سندس انومان صحيح هيا. اڄ جڏهن امان سانئڻ، بابا سائين ۽ احمد بخش (انب) هن دنيا اندر ناهن رهيا ته احمد بخش جا چارئي پٽ ڪنهن حد تائين ان نموني جي زندگي گذارڻ کان ڪجھ پاسيرا آهن جيڪا کين ملڻ گھربي هئي. سچ چوندا آهن ته جيستائين پيءُ ماءُ زندهه آهن ته ماڻهون ٻار ئي آهي. مان جڏهن به گھر پهچڻ ۾ دير ڪندو هوس ته امڙ کي پنهنجي انتظار ۾ ڏسندو هوس ۽ امان وڏي نماڻائي سان چوندي هئي ته ”بابا ايڏي دير ڪري نه اچو زمانو خراب آهي“ انوقت مان پنهنجي بيوقوفي ۽ اڻ ڄاڻائي جي اثر هيٺ چوندو هوس ته ”امان تون فڪر ڇوٿي ڪرين هاڻي مان ڪو ٻار ته ناهيان اڇي ڏاڙهي ٿي وئي اٿم“ پر امان منهنجي اهڙي ڪنهن به جواب کان مطمئين ڪونه ٿيندي هئي. منهنجي امان مڪمل نموني مولائڻ هئي. شهيد ڪربلا جي پوئلڳ. هوءَ فوت به محرم مهيني جي نائين تاريخ تي ٿي هئي. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته رات جو جڏهن گل بهار، مجيب، هوشو، ڪاشو وغيرهه پاڙي واري امام بارگاهه جي پڙ تي ماتم لاءِ ويل هيا ته امان رات جو ٻي وڳي اٿي ڪري چيو هو ته ”پٽ ٻار اڃا تائين ناهن آيا...؟“ اڄ جڏهن امان سانئڻ کي وڇڙي ڪيئي سال ٿي ويا آهن ۽ بظاهر پوري گھراڻي جو وڏو مان ئي وڃي رهيو آهيان ته پنهنجو پاڻ ۾ ذري برابر به اها ٿوم نه ٿو ڀانيان جيڪا منهنجي وڏڙن امان سانئڻ، بابا لاهوتي علي گل، چاچا سائين قلندربخش، ماما ولي محمد وٽ هوندي هئي.  اهي سڀ مڻيا دار ماڻهون هيا، وڏي جگر، وڏي دل گردي، وڏي سهپ وارا ها. 

افسوس ته اڄ جڏهن گھر پهچندو آهيان ته ڪير به منهنجي انتظار ۾ ناهي هوندو، اڄ جڏهن بيمار ٿيندو آهيان ته اهو مسيحائي هٿ به ڪٿي ناهي هوندو، اڄ بس سندن يادن جي سهاري پيو جيان.

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ دود دُکائي ويا.

Friday, March 4, 2016

”وڃان ٿو ڌوڙ پائڻ“ (ننڍي ڪهاڻي)



جاويد علي منهنجو يونيورسٽيءَ جي وقت کان وٺي تمام ويجھو دوست آهي. جاويد علي ۽ مون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ گڏجي ايم بي اي ڪئي هئي. اسان ٻئي يونيورسٽي هاسٽل جي ساڳي ڪمري ۾گڏ رهيا هياسين. گڏجي سڏجي موج مستيون، خريداريون، رولهڙا ڪندا هياسين.

جاويد علي فائنل ييئر ۾ اڃا انٽرنشپ پئي ڪئي ته کيس سرڪاري کاتي ۾ سترهين گريڊ جي آفيسري جو آفر مليو هو. جلدي ئي سندس شادي به ٿي ويئي هئي ۽ شاديءَ جي ستن سالن ۾ ئي کيس ٽي ٻار ٿي چڪا هيا. يونيورسٽيءَ واري دؤر ۾ جاويد علي سنهڙو پر ڪسرتي بدن وارو چست نوجوان هوندو هو ۽ سندس خوش مزاجي ۽ دوستيءَ جا چرچا هر زبان تي هوندا هيا. هن دفعي جڏهن ساڻس سندس گھر ۾ ملاقات ٿي ته سندس ڳاڙهيون اکيون، وڏو پيٽ، وکريل وار، وڌيل شيو، ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ پاتل منڊيون ڏسي مون کي گھڻي حيراني ٿي ۽ ٻيو ته هو حد کان وڌيڪ ٿلهو ٿي ويو هو. سندس ڊرائنگ روم ۾ پڻ ڪا شيءِ سيبتي نموني نظر آئي: ڪتاب هت هت کنڊڙيا پيا هيا، ٽيبل تي رکيل چادر ميري ٿي چڪي هئي،  ليپ ٽاپ کي سندس ٻار هلائي رهيا هيا ۽ هر ٻار جي اها ڪوشش هئي ته ليپ ٽاپ هو هلائي ۽ باربار پنهنجي پيءَ کي دانهون به ڏئي رهيا هيا پر جاويد علي ته جهڙوڪر ٻوڙو هيو ٻارڙن جي گوڙ شور، هڪ ٻئي سان جهيڙي جهٽي جو سندس طبعيت تي ڪوبه اثر نظر نه پئي آيو. ويتر وچ وچ ۾ وڏي آواز سان کين داٻا ڏيئي خاموش رهڻ جو پئي چيائين. يونيورسٽيءَ واري جاويد علي ۽ اڄوڪي جاويد علي ۾ زمين آسمان جو فرق نمايان هو. مان تمام ڳچ عرصي کان پوءِ سندس اڱڻ تي آيو هوس ان هوندي به مون سان گڏ ويهي حالي احوالي ٿيڻ بدران هوگھر جي اڱڻ ۾ هيڏي هوڏي گھمي ڦري رهيو هو. ڪنهن هلڪي کڙڪي تي بنا دير جي در کولي ٻاهر پئي نهاريائين، سندس بي چيني ڏسڻ وٽان هئي، سگريٽ مٿان سگريٽ پئي ڦوڪيائين، صاف نظر پئي آيو ته کيس ڪنهن جو شديد انتظار آهي.  منهنجي اندر ۾ اها ڳالهه اک ۾ پيل ڪک وانگر چڀي رهي هئي ته اڄ مان وٽس غلط ۽ اويلي وقت تي آيو آهيان. نيٺ مون کان به رهيو نه ٿيو ۽ کانئس پڇي ورتم ته ”ڏي خبر سڀ خير ته آهي ني؟“  باهڙجي مون ڏانهن نهاريائين، کيس مون وٽان اهڙي اوچتي سوال جي شايد توقع نه هئي ”ها ها سڀ خير آهي يار، بس چاچا سائين موٽر سائيڪل ڪاهي ويو آهي، ان جي واٽ پيو ڏسان“.  ٿورو ساهي پٽي وري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ۽ پنهنجي پنجن سالن جي ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته؛ ”سنڌوءَ لاءِ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته کيس رت جي کوٽ آهي ۽ سندس رت جو گروپ پاڙي ۾ رهندڙ نوجوان عاصم سان ملي ٿو، عاصم سان گڏجي ستين وڳي بلڊ بئنڪ وڃڻو آهي پر بائيڪ اچي ته نڪران، ان جو انتظار آهي“. مان سنڌوءَ ڏانهن پيار ڀريل نظرن سان ڏسندي سندس اڻ تڻ سمجهي ويس. مون کي پنهنجو پاڻ تي شرمساري ٿيڻ لڳي ته سندس بي چينيءَ متعلق اجايو منفي سوچي رهيو هوس.  مون گھڙيءَ ۾ نهاريندي کيس آٿت ڏني ”پر يار اڃا ته ڇهه به ناهن ٿيا، اميد ته چاچو سائين ان کان اڳ ئي موٽي ايندو“. بي اعتباريءَ وارن نظرن سان مون ڏانهن نهاريائين جهڙوڪر منهنجي ڪيل ڳالهه جي سچائيءَ تي پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هجي. ليپ ٽاپ جي بيٽري ختم ٿي چڪي هئي ۽ ٻارڙا گھر جي ٻي ڪمري ۾ هليا ويا هيا ته انوقت سندس موبائيل تي ڪال آئي ۽ سندس موبائيل ٽيون تي خانصاحب نصرت فتح عليءَ خان جو ڳاتل ڪلام ”چل ميري دل کُلا هي ميخانه...“ ڪمري ۾ گونجڻ لڳو. ڪال اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪمري کان نڪري اڱڻ ۾ هليو ويو ٿوري دير کان پوءِ سندس آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”يار مڙهي به بيزار ڪري وڌو آهي، بائيڪ ڪاهي ويو آهي ته جهڙوڪر کيس واپسيءَ وارو رستو ئي وسري ويو آهي، بس جيئن ئي پوڙهو پهچي ته مان نڪران ٿو اوهان اسٽاڪ پورو پورو رکجو“. ”الله اڪبر“  منهنجي دل ۾ هڪ ٻوڙي پر گهري دانهن اٿي! جاويد علي پنهنجي يارن سان ڳالهائيندي پنهنجي پيءُ وانگر کيس پاليندڙ پنهنجي چاچي لاءِ ڪيتري نه غيرمناسب ٻولي ڳالهائي رهيو هو، ان چاچي لاءِ جنهن کيس هن منزل تي پهچايو هو. مان منجھي پيس ۽ سوچڻ لڳم؛ هڪ پاسي ته هو سنڌوءَ کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو جڏهن ته ٻئي پاسي يارن سان ڪمپني جو ٽائيم رکيل اٿس!  چاءِ بسڪٽ واپرائي لڳ ڀڳ ساڍي ڇهين وڳي مون کانئس موڪلائڻ جي ڪئي، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته منهنجو اتي وڌيڪ ويهڻ مناسب ناهي.  جاويد علي مون کي ڇڏڻ لاءِ گھر جي ٻاهرين در تائين هلي آيو. عين انوقت سندس پوڙهو چاچو به پهچي ويو هو، سندس ٻارڙا ڊوڙندي سندس چاچي سان چنبڙي ويا. چاچو خداڏنو مون کي به سڃاڻندو هو ۽ وڏي اڪير سان ملندي رات جي ماني کائي پوءِ واپسي جي ڳالهه ڪيائين پر مون بهانو ڪري کانئس به موڪلايو. ايتري ۾جاويد علي موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي چالو ڪري هلڻ واري ڪئي ته سندس ننڍڙي نياڻي سنڌوءَ سندس قميص کي ڇڪيندي چيو ته ”بابا ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ کيس دڙڪو ڏيئي کانئس قميص ڇڏائيندي موٽر سائيڪل جو گيئر وجھي چيائين ته ”پري ٿي ته هڻانءِ نه چماٽ، ڏاڍي آئي آ ماڻس وانگي پڇاڻا ڪرڻ واري ته ڪاڏي پيو وڃان، وڃان ٿو ڌوڙ پائڻ“!!