Saturday, February 20, 2016

”مون کي سٺو اسڪول ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو هيڊ ٽيچر ڏيکاريندس“؛ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خيرمحمد ڪٽوهر خيرپور جو احوال




اسان ماڻهون اڌ خالي گلاس ڏسڻ جا ايترا ته عادي ٿي ويا آهيون ته اسان کي اڌ ڀريل گلاس صفا نظر ئي نه ٿو اچي. ساڃهوند، تنقيد نگار، لکاري، صحافي ۽ علم سان واڳيل جيڪي ماڻهون آهن اهي هر وقت گوسڙو استادن، بند اسڪولن، غير معياري تعليم، سهولتن جي کوٽ، اڻ وڻندڙ سياسي هٿ چراند تي تنقيد ڪندي نظر ايندا آهن. هونئن اها ڳالهه ڪا خراب به ناهي ته غلط ڪارين جي نندا ڪجي پر اهڙو ڪم ڪندي اسان اهو بنهه وساري ويهندا آهيون ته ان ساڳي گندي سماج اندر ڪي ڪنول جا گل به پنهنجي پوري خوبصورتي سان جڳمائين ٿا، يا خوشبو پکيڙين پيا. اچو ته پهرين پاسي کي ڇڏي اڌ ڀريل گلاس جي ڳالهه ڪريون. سٺائي، چڱائي، خوشبوءِ، سونهن جي ڳالهه ڪريون.

18 فيبروري 2016ع جي ڏينهن تي مون کي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خيرمحمد ڪٽوهر خيرپور کي ڏسڻ جو موقعو مليو. اهو اسڪول خيرپور کان ٽن ڪلوميٽرن  جي مفاصلي تي شادي شهيد روڊ ڀرسان آهي. مون زندگيءَ جون ڪي چند حسين ۽ ڪارائتيون گھڙيون اتي استادن ۽ سندن شاگردن سان گڏ گذاريون هيون.

مون انهن سڀاويڪ ساعتن ۾ ڪيئي ڪم جون ڳالهيون سکيون هيون. سڀ کان پهرين ته جيڪڏهن اسان جا استاد چاهين ته ڪٿي به معياري تعليم ڏيڻ وارو انتهائي وقتائتو ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا. معياري تعليم لاءِ شهري، ٻهراڙي، سرڪاري يا غيرسرڪاري اسڪول جو هئڻ ڪا معنى نه ٿو رک. معياري تعلمي لاءِ بس هڪ ڳالهه گھربل آهي ته اسڪول جو هيڊ ماسٽر ۽ استاد پنهنجي پيشي سان سچا هجن، منجھن پاڙهڻ جو جذبو هجي، ڳوٺاڻن جو ساٿ هجي ته سڀ ڪجھ ممڪن ٿي سگھي ٿو. هن اسڪول جي آس پاس ڪيئي اسڪولي عمارتون استادن ۽ شاگردن لاءِ سڪن ٿيون پيون پر هي اسڪول گلن جهڙن ٻارڙن سان ٽٻ ڀريل هو، جتي جڏهن ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي ويهڻ لاءِ ڪا بئنچ نه پئي ملي ته اهي پٽ تي ويهي به پڙهن پيون.

مٿي ٻڌايل اسڪول ۾ چار محنتي استاد هيڊ ٽيچر سائين گھنور خان ڪٽوهر، ساڳي ڳوٺ جو سائين غلام شبير ڪٽوهر، استاد خدا بخش نوناري، استاد ذاڪر حسين ملاح مقرر ٿيل آهن. سائين گهنور خان ڪٽوهر پنهنجي پوري ڪيريئر ۾ جنهن به اسڪول ۾ رهيو ته ان اسڪول جا جهڙوڪر ڀاڳ کلي ويندا آهن. پرائمري اسڪول جو مون کي هي واحد استاد نظر آيو آهي جيڪو جڏهن به ڪلاس وٺندو آهي يا اسڪول ۾ ايندو آهي ته سائي رنگ جو گائون پائي ايندو آهي.

سندس ان ننڍڙي عمل سان ئي سندس پنهنجي شعبي سان وابستگيءَ جي خبر پئجي ويندي آهي. سماجي، ادبي، علمي ۽ تعليمي سوچ رکندڙ سائين گهنور خان ڪٽوهر جي چپن تي هروقت مرڪ سجايل هوندي آهي، جيڪا چاپوئين ڏاڙهي رکيل سندس مک کي ويتر سهڻو بڻائي ڇڏيندي آهي. گهنور خان ڪٽوهر آغا خان يونيورسٽي مان ٽريننگون ڪيون هيون، جنهن سندس پڙهائڻ واري هنر کي چار چنڊ لڳائڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ڪنهن تعليمي ماهر ڪيترو نه سچ چيو هو ته ”مون کي سٺو اسڪول ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو هيڊ ٽيچر ڏيکاريندس“. مون جڏهن گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خيرمحمد ڪٽوهر جي اسڪول ۾ پڙهائي لکائي ۾ ڀڙ شاگرد ڏٺا ته منهنجي نظر گهنور خان ڪٽوهر ڏانهن هلي ويئي.  گلن ٻوٽن سان سنواريل هن اسڪول ۾ ٻارڙن جي رش ڏسڻ وٽان آهي.

اسڪول جا ٻه ڪمرا ٻارن جي ويهڻ لاءِ صفا اڻ پورا آهن. پهرين کان پنجين درجي جا ڪلاس ٻن تعمير ٿيل ڪمرن سان گڏ اسڪول جي دالان ۽ اسڪول کان ٻاهر اڱڻ ۾ پٽ تي هلايا ويندا آهن. آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سڀني والدين جي خواهش آهي ته سندن ٻارڙن کي ان اسڪول ۾ داخلا ملي. ان مان اها ڳالهه بلڪل واضع آهي ته عام ماڻهون معياري تعليم جي اهميت کان واقف آهن ۽ اهي چاهين ٿا ته سندن ٻار اهڙن اسڪولن ۾ پڙهن جتي سٺا استاد هجن ۽ جتي معياري تعليم ڏني ٿي وڃي.  

مون جڏهن مختلف ڪلاسن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان سندن مختلف مضمونن متعلق سوال ڪيا ته ڪو هڪ ٻار به اهڙو نه مليو جنهن کي ان جو جواب نه ايندو هجي. انگريزي جي ڏکين لفظن وارا ورڊ بوڪ هر شاگرد وٽ مڪمل نموني اپ ٽو ڊيٽ هيا ۽ هر ٻار کي هر لفظ جي معنى آئي پئي.


اسڪول جي دالان ۾ کاٻي پاسي ٽين درجي وارن جو ڪلاس هو. ان جي بورڊ تي ميٿ جا ڪي حساب لکيل هيا جيڪي استاد کين پاڙهيا هيا. ايمانداري جي ڳالهه اها آهي ته اهي مئٿ جا حساب شايد مون کان به حل ٿي نه سگھن ها!

 هتي ٻارڙن تي ڪابه سختي ڏسڻ ۾ نه آئي. ڪنهن به استاد جي هٿ ۾ ڪوبه رول نه هو. ٻارن ۽ استادن وچ ۾ دوستي وارو ماحول هيو. هڪ اهڙو ماحول جنهن ۾ ٻار بنا ڪنهن هٻڪ يا خدشي جي ڪوبه سوال پنهنجي استاد کان پڇي سگھيا پئي. ڪنهن به اسڪول جي ڪاميابي جو اهو پهريون اصول هئڻ گھرجي ته استادن ۽ شاگردن وچ ۾ ڪي ويڇا ڪي خدشا نه هجن. ٻار استادن سان پنهنجي ڏکيائين، تڪليفن يا خدشن کي بيان ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪن.  مون کي اهو ڏسي بي انتها خوشي ٿي ته ان قسم جو ماحول هن اسڪول ۾ هو. ٻار خوشي خوشي اسڪول ايندا آهن ۽ جيترو به وقت اسڪول ۾ گذاريندا آهن ته پورو وقت وڏي چاهه سان پنهنجي تعليمي عمل سان جٽيل رهندا آهن. اسڪول ۾ مون کي ننڍڙي مسڪان ڪٽوهر نعت ٻڌايو، ٻين ٻارن بيت ٻڌايا ۽ هر ٻار جي اها خواهش هئي ته مان کانئس ڪجھ پڇان. موڪل وقت عمران علي ڪٽوهر جيڪو مولود ”منهنجو مصطفى آ پڌرو لکن ۾ جيئن گل گلابي آ سهڻو لکن ۾...“  (https://www.facebook.com/amir.gul.14/videos/vb.798883918/10153988087598919/?type=2&theater) ٻڌايو ته ان کي ٻڌي مان سندس آواز، سندس ٽيلنٽ تي دنگ رهجي ويس. ڪاش ڪو جوهري عمران علي کي ملي وڃي، سندس مدد ڪري ته هي مستقبل جو سٺو، سريلو فنڪار، راڳي، مولودي يا نعت خوان ٿي سگھي ٿو. ٽيلنٽ سنڌ ڌرتيءَ جي ذري پرزي تي پکڙيل آهي، بس رڳو ان کي ڳولهڻ، کين مدد ڏيڻ، پالش ڪرڻ، سهولتون پهچائڻ، سهڪار ڪرڻ، همٿائڻ جي ضرورت آهي.

انگريزيءَ جي هڪ محاوري مطابق ته ڪارڪردگي لفظن کان تمام وڏي آواز ۾ ڳالهائيندي آهي. گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول خيرمحمد ڪٽوهر تعلقه خيرپور ان جو هڪ چٽو پٽو مثال آهي. هن اسڪول جي هاڪ پنهنجي ڳوٺ کان، شهر کان نڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ تائين وڃي پهتي آهي. مٿي ويٺل عملدارن کي پڻ استادن پاران ڪيل محنتن جي ڄاڻ ملي ويئي آهي ۽ واسطيدار عملدارن اسڪول جي مشڪلن جو ادراڪ ٿي ويو آهي. انهن پاران اسڪول کي سڀ سهولتون ڏيڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. اسڪول جا چار نوان ڪمرا منظور ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي جڙت جو ڪم بس شروع ٿيڻ وارو آهي. اميد ته ڪجھ مهينن ۾ ئي اسڪول جا اهي ٻار جيڪي هاڻ اڱڻ تي ويهي پڙهن ٿا اهي مانائتي نموني ڪرسين يا بئنچن تي ويهي پنهنجي علم جي اڃ اجھا.ئيندا.  منهنجي خيال ۾ ته اهو تمام گھڻو ساراهڻ جوڳو عمل آهي. ٿيڻ به ائين گھرجي ته اسڪولن جي سهائتا انهن جي ڪارڪردگيءَ جي بنيادن تي ٿيڻ گھرجي. سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسڪولن کي نه رڳو اپ گريڊ ڪيو وڃي پر ان سان گڏ جديد تعليمي سهولتن سان آراسته پڻ ڪيو وڃي. سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن جي همٿ افزائي طور کين ضلع، صوبائي، ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي پروگرامن ۾ گھرائي کين طمغن سان گڏ روڪ انعام اڪرام ڏنا وڃن. استادن جون ترقيون سندن ڪارڪردگيءَ جي بنيادن تي ڪيون وڃن. ان نموني صحت مند چٽا ڀيٽيءَ جو ماحول جڙندو جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي گھٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسڪول يا سستيءَ کان ڪم وٺندڙ استاد هوندا ته کين پڻ ان قسم جي ڪم ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو.

انڊس ريسورس سينٽر (IRC) سنڌ اندر اين جي او جي دنيا ۾ هڪ منفرد نالو آهي. محترمه صادقه صلاح الدين جي سرواڻيءَ ۾ هلندڙ اهو ادارو تعليم جي شعبي ۾ نمايان ڪم سرانجام ڏنا آهن ۽ ڏيئي پئي. خيرپور جي ڳاڙهي بنگلي ۾ سندن هيڊ ڪواٽر قائم آهي ۽ ان جو انچارج دلبر دوست، شاعر ۽ اديب سائين نويد خيال جن آهن ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ وارن دوستن ۾ ڪيئي ماهر دوست شامل آهن جن ۾ ادي ناهيد اختر ۽ سائين ذين سولنگي به اچي وڃن ٿا. اهي يونيسيف پاران مختلف جاين تي اسڪول هلائي رهيا آهن. جڏهن پياري ذين سولنگي گورنمنٽ پرائمري اسڪول خيرمحمد ڪٽوهر جو معيار، استادن جي شاندار ڪارڪردگي ڏٺي ته سندن ڪم کي همٿائڻ لاءِ کين پنهنجي اداري پاران هزارين روپين جي قيمت واريون ٻه تعليمي پيٽيون جن ۾ ڪتاب، راندين جو سامان ۽ ٻيو تعليمي مواد شامل آهي تحفي طور ڏنيون. مٿي ٻڌايل مثالن مان چٽيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته روئڻ پٽڻ، واويلا ڪرڻ بدران جيڪڏهن اسان پنهنجو فرض پوري ايمانداريءَ سان ادا ڪيون ته نه رڳو سرڪار اسان سهڪار ڪندي پر جيڪي غير سرڪاري ادارا آهن اهي پڻ اڳتي وڌي واهر ڪندا.

شل هن اسڪول جي آس پاس ٻيا اسڪول، انهن ۾ پاڙهيندڙ استاد هن اسڪول جي ڪارڪردگي کي ڏسي پاڻ به اهڙو ڪم ڪن ۽ قوم جي ٻارڙن جي مستقبل سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيڪو سندن فرضن ۾ به شمار آهي. حقيقت ۾ استادن جي محنت، شاندار ڪارڪردگي، شاگردن جي تعليمي معيار کي ڏسي مون کي دلي سڪون مليو ۽ مون کي خبر پئي ته ”اڃا ڪي آهين جوڳيئڙا جهان ۾“. اچو ته پنهنجا اسڪول آباد ڪريون، اچو ته انهن اسڪولن جي ساراهه ڪريون جيڪي هن گندي انڌي سماج اندر ڪنول گل جيان ٽڙيل آهن. اچو ته اهڙن اسڪولن جي هيڊ ماسٽرس ۽ استادن جي همٿ افزائي ڪريون جيڪي پنهنجون سموريون توانايون صرف ڪري قوم جي ٻچڙن جو مستقبل سنوارڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مان اهڙن سمورن استادن کي سلام ٿو پيش ڪريان.