Saturday, April 30, 2016

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر تي لکيل تاثر










سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر تي لکيل تاثر
30 اپريل 2016 ٽائيم 9.45 رات جا
گل ڪٽوهر
سنڌ جي معيشت جو گھڻو تڻو مدار زرعي شعبي تي آهي ۽ زرعي شعبي لاءِ سنڌوءَ تي اڏيل ٽي بئريج هرهڪ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئريج ڪرنگهي جي هڏيءَ جيان آهن. لائيڊ بئريج سکر مان ڪل ست نديون نڪرن ٿيون انهن مان کير ٿر به هڪ آهي. سنڌوءَ وٽان جتان کير ٿر نڪري ٿو ان جي بلڪل ڪنڊ ۾ هڪ خوبصورت ڪنارا هوٽل جڙيل آهي. کير ٿر جي اوڀارين پاسي واري ڪناري تي ڪجھ بئنچون ۽ ٽيبلون فرش سان فڪسڊ ٿيل آهن. هي اها جاءِ آهي جتي سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون گڏجاڻيون تڏهن کان شروع ٿيون آهن جڏهن کان ان جو سيڪريٽري سيد ڪاشف بخاري کي چونڊيو ويو آهي. جڏهن شاخ جو سيڪريٽري پيارو بشير منگي هيو ته گڏجاڻيون سندس آفيس اندر ئي ٿينديون هيون. ان کان گھڻو اڳ جڏهن اسان سڀني جو پيارو، مٺڙو، سٻاجھڙو دلبر دوست سائين پروفيسر منظور اڄڻ حال حيات هيا ته سنگت جون دستوري گڏجاڻيون بئريج ڪالوني واري علائقي ۾ بلائينڊ اسڪول جي پرنسپل آفيس يا ان جي ڪنهن ڪلاس ۾ ٿينديون هيون جو سائين منظور اڄڻ ان اداري جا پرنسپل هوندا هيا. جيڪڏهن ڪو ڏهاڙو ملهائڻو هوندو هو ته اسڪول جو وڏو حال به سنگت حوالي هوندو هو پر جيڪڏهن معاملو تهان وڌيڪ ڪنهن صوفياڻي راڳ رنگ جي پروگرام جو  هوندو هو ته اسڪول جو ويڪرو ورانڊو استعمال ڪيو ويندو هو.  جيستائين سائين منظور اڄڻ جن جيئرا هيا سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جا سرپرست رهيا ۽ شاخ کي ڪڏهن به دستوري گڏجاڻين يا ٻين پروگرامن جي سلسلي ۾ جڳهه جون ڪي به ڏکيائيون ڏسڻ ۾ نه آيون. جڏهن کان ڪاشف بخاري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪنارا هوٽل تي گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون آهن مان پهريون دفعو 29 اپريل 2016ع تي ان ۾ شريڪ ٿي سگھيو هوم.

مٿي ٻڌايل تاريخ تي صبح جو گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گھوٽڪي وڃي سکر بورڊ پاران امتحانن ۾ ايڪسٽرنل جي ڊيوٽي سرانجام ڏيئي منجھند جو سخت گرميءَ ۾ واپس گھر پهچندي صفا اکڙي پيو هوم ۽ بستري تي آهلجي اڃا آرس به نه ڀڳو هوم ته گھر جي عورتن ڳوٺ پهچائڻ جو حڪم صادر فرمايو هو. سخت ٿڪاوٽ هوندي سکر کان ڳوٺ ۽ وري واپسي وارو خوفناڪ خيال ئي دل کي ڏهڪاءُ ڏيندڙ هو پر اڳين کي ڪهڙي خبر ته منهنجي سرير ۾ ساهه به آهي يا نه کين ته بس پنهنجو ڪم ڪڍڻو هو. مون زندگيءَ ۾ دل جون ڳالهيون مڃي پنهنجي جسم جا تمام وڏا ڏوهه ڪيا آهن سوچيم ته هڪ گناهه ٻيو به ڪيان ٿو پوءِ جيڪي چار آنا بچيا!

اڃا گھر ڀاتين کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ پنواڙي ضلع خيرپور ۾ پهچائڻ وارو هوم ته شاخ جي سيڪريٽري ڪاشف بخاري پاران ڪال آئي ۽ بنا ڪنهن تمهيد جي سندس آواز منهنجي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو ”سائين ڪٿي آهيون گڏجاڻيءَ ۾ جلدي پهچو اسين سڀ اوهان جي انتظار ۾ آهيون“. گھر ڀاتين کي ڳوٺ ٻاهران ڇڏي اتان ئي پنهنجي مهراڻ کي طوفان ميل جي رفتار ڏيئي سکر طرف موڙي ڇڏيو هوم ۽ پوءِ جڏهن ڪنارا هوٽل جي گيٽ وٽ پهتو هوم ته پيارو بشير منگي پڻ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت لاءِ موٽر سائيڪل تان لهي رهيو هو. گيٽ وٽان ئي پياري شاعر دوست مقيم ناز بلوچ جي رهنمائيءَ سان جڏهن منزل مقصود تي پهتا هياسين ته گڏجاڻي اڳ ئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ ڪاشف بخاري محترم رشيد ڀٽيءَ جي تازي ڇپيل ڪتاب تي لکي کڻي آيل تبصور پڙهي رهيو هو.

انوقت رات مڪمل نموني پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي، گڏجاڻيءَ واري جاءِ تي بجلي جي اڻ هوند ڪري شريڪ دوست موبائيل جو فليش ٽارچ ٻاري پنهنجون لکڻيون پڙهي رهيا هيا. سامهون لائيڊ بئراج تي لڳل بلبن جي روشني کيرٿر جي پاڻيءَ ۾ نچندي ڪڏندي نظر اچي رهي هئي، کير ٿر ۾ دريا جو پاڻي گجگوڙون ڪري وهي رهيو هو جڏهن ته بئريج واري پل تان گاڏين جي اچ وڃ به متواتر جاري هئي. اهڙي رومانٽڪ ماحول ۾ سکر جا ڪجھ ڪهنه مشق اديب جهڙوڪر سچل ڀٽي ۽ بشير منگي، نواز مغل، ساجد شاهه، مقيم ناز بلوچ، ڪاشف بخاريءَ ساند گڏ اويس ساگر سومري سميت ڪجھ نوان نوجوان دوست مٿو مٿي ۾ ملائي وڏي غور فڪر سان هڪ ٻئي جي لکڻين کي ٻڌي انهن تي تنقيدون ۽ تبصرا ڪري رهيا هيا ۽ مون کي تاريخ جا اهي ورق ذهن تي ڦري رهيا هيا جڏهن يونان جا فلسفي روزانه شهر جي چوڪن تي بيهي علم، عقل، منطق جون ڳالهيون ڪندا هيا.  

مون کي سائين بشير منگي ۽ سائين سچل ڀٽيءَ سان کوڙ سارين ڳالهين تي اختلاف آهن. سندن ڪن خيالن کان منهنجا خيال مختلف به هوندا آهن. درحقيقت مان اختلافي خيالن کي خراب به ناهيان سمجھندو. مان، مون سان اختلاف رکندڙ دوستن کي تمام وڏي عزت واري نظرن سان ڏسندو آهيان ان جو ڪارڻ هي به آهي ته منهنجا اهي پرين پيارا رڳو مون سان اختلاف نه ٿا رکن پر مان به ته ساڻن سڀني ڳالهين تي سهمت ناهيان. جهڙا هو مون لئه آهن ته اهڙوئي مان انهن لئه آهيان. پر ان ڳالهه کان ڪهڙو ”ڪافر“ انڪار ڪندو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون سموريون رونقون، ادبي محفلون، گڏجاڻيون، پروگرام ۽ پروگرامن جو تسلسل، خاص ڪري سيکڙاٽ نون اديبن، شاعرن، نثر نگارن جي سکيا جو سمورو سڀاويڪ عمل مڪمل نموني سائين سچل ڀٽي ۽ سائين بشير منگي جي مرهون منٿ آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي هن گڏجاڻيءَ ۾ مون کي ٽي عدد بلڪل نوان نوجوان نظر آيا. کين جڏهن گڏجاڻيءَ ۾ پيش ڪيل ڪنهن اسم تي تبصري ڪرڻ جو چيو پئي ويو ته شرمائجي پئي ويا ۽ ڪاغذ اڳتي پئي وڌائي ڇڏيائون. کين ڏسي مان ماضيءَ جي انهن ڏهاڙن ۾ واپس هليو ويو هوم جڏهن منهنجي عمر به انهن جيتري ئي هئي. اهي 1970ع واري ڏهاڪي جا آخري سال هيا جڏهن فيڊرل ڪيپٽل ايريا ڪراچي جي ڪنهن فليٽ ۾ رکيل سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هوم. اها منهنجي زندگيءَ جي پهرين ادبي گڏجاڻي هئي جنهن ۾ منهنجو ڳلو مڪمل نموني سڪي ويو هو ۽ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيل ڪنهن به اسم تي ڳالهائي نه سگھيو هوم. سائين ملڪ نديم سان منهنجي پهرين ملاقات به ان گڏجاڻيءَ ۾ ئي ٿي هئي. سائين ملڪ نديم انوقت روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندا هيا.
اڄ جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي گڏجاڻيءَ ۾ چند نون ۽ شرميلن نوجوانن کي ڏٺم ۽ سوچيم ته جي اهي تواتر سان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا رهيا ته يقينن انهن مان ڪي مستقبل جا نالي وارا اديب اسري ۽ نسري نروار ٿيندا.

هن گڏجاڻي ۾ سائين نواز مغل جي ڪيل ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي جنهن ۾ هن چيو ته کيس صاف سٿرا پنا، قيمتي پينون ۽ خوبصورت ٽيبلون وڻنديون آهن ۽ جڏهن به جتي به ڪنهن وٽ اهڙيون شيون ڏسندو آهيان ته دل چاهيندي آهي اهي کانئن کسي وٺان.

سکڻ سيکارڻ جا ادارا جيترا به وڌيڪ هوندا معياري هوندا اوتري انسان سازي ٿي سگھندي. سنڌ کي اهڙا تعليمي، ادبي، فني، صحافتي ادارا وڌ کان وڌ گھربل آهن جتي نوجوان نسل جي سکيا وارو عمل ٿي سگھي.
سنڌي ادبي سنگت به هڪ اهڙو ئي ادارو آهي، جتي علم، ادب جي آبياري ٿئي پئي. جتي ڪهاڻيون پڙهيون ويندو آهن، گيت، غزل، نظم وايون پيش ڪيون وينديون آهن جتي امن جو درس ملندو آهي، جتي سهپ، پيار محبت جهڙن اهم موضوعن تي بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سموري سٿ کي تواتر سان پنهنجين گڏجاڻين کي هلائڻ تي جس هجي ۽ اميد ته مستقبل ۾ مستقل اهو عمل جاري رهندو.  


Wednesday, April 20, 2016

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!




اپريل 20، 2016

پنج وڳا شام جا. ڪامرس ڊپارٽمنٽ

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!

لڳي ٿو ته هاڻي صفا ٿڪجي پيو آهيان. آرام ڪرڻ ٿو گھران. آرام مان منهنجي مراد کٽ جا پاوا پڃڻ واري ناهي، پر اهي ڪم جيڪي اڃا تائين ڪري نه سگھيو آهيان اهي ڪرڻ جون خواهشون ڪر ڀڃي جاڳي پيون آهن. ڦوٽو گرافي، دنيا جو سير، سمنڊ، پهاڙ، ريگستان، واديون، جھنگل، ميدان، محفلون، راڳ رنگ، ساز سروند، اڪيلائي، خريداريون، بي فڪري، عشق، ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن جي ڇپائي، وغيرهه وغيرهه خبر ناهي الائي ڇو جسم ته پوڙهو ٿيندو پيو وڃي پر خواهشون ته ساڳي نموني جوان ٿيون لڳن ۽ ها ڪي خواهشون ته بنهه ٻاراڻي وهي واريون به آهن. خبر ناهي اهو انڪري پيو ٿئي جو زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪڏهن ساهي پٽي ويهڻ جو موقعو ئي نصيب نه ٿيو هو ته پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي 
سگھان ها ۽ دل اندر دٻيل انهن اڌمن کي ڪا معنى ڏئي سگھان ها.
ڪو وقت هو ته اخبارن ۾ ڪالم لکندو هوس، روزانه ڊائريءَ جا پنا ڪارا ڪندو هوس، جڏهن به ڪنهن 
سفر تي نڪرندو هوس ته ان متعلق سفرنامو لکي پوءِ ئي ساهي پٽيندو هوس ۽ هاڻي ته صفا ويهجي ويو آهيان...افسوس صد افسوس...ڪجھ وقت اڳ تائين ليپ ٽاپ تي ويهي اليڪٽرانڪ ڊائري پڻ تحرير ڪندو هوس پر هاڻي اهو ڪم به گھٽائي ڇڏيو اٿم، ناول جو ڪم اڌ ۾ رليو پيو آهي. ڪجھ لکڻ جا اڌورا پراجيڪٽ پورا ڪرڻا آهن ته وري اهو تحرير ٿيل مواد ڇپائڻ جو جنون به سر تي سوار آهي. انهن سڀني ڪمن لاءِ هڪ ته يڪسوئي گھرجي ۽ ٻيو ته سرمايو پڻ کپي. بنا خزاني جي سلطان ٿيڻ مشڪل آهي ۽ پنهنجي حالت رٽائرمنٽ جي ويجھو پهچڻ تائين آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا واري آهي. 

هونئن به مان هڪ ايوريج صلاحيتن وارو انسان رهيو آهيان. نه ڪو هنر ٿو اچي، نه ڪا وڏي ڊگري آهي، نه زماني سازيءَ ۾ ڀڙ آهيان، بس هڪ عام انسان جيان روزاني وهنوار وارن ڪمن ۾ جٽيل رهيو آهيان. نوڪري، ٻار پالڻ، گھر، دوستن جو ننڍڙو هلڪو ۽ بس....

سوچيو هوم ته ٻارڙا وڏا ٿيندا، معياري تعليم حاصل ڪري مون کي به ڪو رليف ڏيندا پر هاءِ ڙي قسمت سمورا خواب اڌرورا ئي رهيا. ٻارڙن کي پنهنجي پر ۾ معياري اعلى تعليم ڏيارڻ ۾ مون ته وسان ڪين گھٽايو پر سندن حالت ۾ ڪو غير معمولي ڦيرو نه آيو اهي به بس مون جهڙا ئي ايوريج انسان نڪتا.
 

جڏهن اولاد جي حالت ان نموني جي هجي ته لاابالي ۽ پنهنجي پسند واري حياتي گذارڻ جي محض خواهش ئي ڪري سگھجي ٿي باقي عملي نموني ته اهو ممڪن ڪونه پيو ڀانئجي...پر چري دل کي ڪير سمجهائي، خواهشن جي لهرن کي ڪير بند ٻڌي، اڌمن ۽ آسن کي ڪير سنڀاري.....

گھڻو اڳ سائين عبدالرحمان نقاش هڪ شعر سرجيو هو ته؛

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو
ڏکن جي، جي نه ٿي پڄاڻي ته ڇا ٿيو