Tuesday, September 29, 2015

رقص مين هي سارا جهان







ڪجھ ڏينهن اڳ سائين علي حسين قاضي صاحب سان گڏجي سنڌ جي هڪ وڏي صوفياڻي درگاهه تي محفل سماع جو مزو وٺڻ ويو هوم، جتي سائين ارشاد سومرو، سائين صوفي عبدالحميد سومرو به مليا هيا. اسان جو سماج جيڪو نيم ملان خطره ايمان جهڙن ماڻهن جي ور چڙهيل آهي، اتي ضروري آهي ته ماڻهن جي روح کي راحت ڏيندڙ، دل ۾ محبت، رحم  جا جذبا اڀاريندڙ  اهڙيون محفلون مچن. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ته درگاهه جي نوجوان متولي هر مهيني (اسلامي ڪيلينڊر)  جي پهرين خميس جي شام (جمع جي رات) تي اهڙي محفل جو اهتمام ڪيو آهي. جڙيل پنڊال پوري نموني ماڻهن سان ڀريل هو، پبڊال ۾ ويٺل  ماڻهن ۾ رنگ، مذهب، ذات، پات، ننڍ وڏائي جو ڪو مامرو نه هيو. سڀ محبت ۽ امن جا پانڌيئڙا هيا.  محفل جي ڪمپيرنگ اسان جو تمام پيارو دوست سائين منظور اڄڻ ڪري رهيو هو. راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي راڳين تمام خوبصورت صوفياڻا ڪلام ڳائي ٻڌندڙن کي خوب محظوظ ڪيو ۽ ماڻهون جھومي پيا. ان راڳ رنگ دؤران ڪي ملنگ گيڙو ۽ ساوا ڪپڙا پهري رقص ڪري رهيا هيا. سندن رقص وجدان وارو هيو، کين خبر ئي نه پي پئي ته سندن پورو جسم پگھر ۾ شم ٿي ويو آهي يا اتي ڪي ٻيا ماڻهون به آهن. مون کي ڪنهن ڪلام جو مصرعو ياد اچي ويو هو ته "رقص میں ہے سارا جہاں". 

پر انهن ڳالهين کان هٽي ڪري ڪي ڳالهيون مون محسوس ڪيون جيڪي هت پيش پيو ڪريان.
راڳ رنگ جي لاءِ مخصوص پنڊال ۾ اڻ ڳڻيا گارڊ پنڊال جي چوڌاري، پنڊال جي ڀرسان جڙيل عمارتن جي ڇتن تي بيٺا هيا. صوفين جي درگاهن تي وزيرن، پيرن، ميرن وارو پروٽوڪل ڏسي مون کي حيرت ٿي. مون سوچيو پئي ته درگاهه جو متولي انهن سڀني پرائيوٽ گارڊن کي پگھارون به ڏيندو هوندو؟ جيڪڏهن واقعي به اهي سڀ پگهاردار اسان جي نوجوان متوليءَ جي حفاظت لاءِ ڀرتي ٿيل آهن ته پوءِ ته کيس لکين روپيه ته محض پگھارن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا هوندا. پر جيڪڏهن انهن کان ونگار پئي وهائي ويئي ته اها به صوفياڻي روح جي خلاف ڳالهه آهي!

مون ٻي ڳالهه به نوٽ ڪئي ته اسان جي ان محفل ۾ نوجوان متولي اهو واحد ماڻهون هيو جنهن تي صوفياڻي راڳ جو ڪوبه اثر ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. سندس منهن مبارڪ تي جيڪا سختي منڍ ۾ هئي اها آخر تائين قائم رهي، راڳي ويچاري ڪلام ڳائيندي، دوهيڙا هڻندي ڪيئي دفعه سائين جن ڏانهن داد لاءِ نهاريو پئي پر هو ته پنڊ پاهڻ ٿي ويٺل نظر اچي رهيو هو.

ٽين ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته غلاميءَ جي حد تائين ڪريل پيري مريدي وارو رنگ اتي به نظر آيو. ڪيئي ماڻهون نوجوان متولي جي پيرن تي هٿ رکي رهيا هيا، ڪي سندس هٿن کي چميون ڏئي رهيا هيا، هڪ نوجوان ته راڳين کي هزار هزار جا نوٽ متوليءَ جي پيرن کي ڇهي پوءِ ڏئي رهيو هيو.  اسان جي صوفي عالمن پيري مريدي، بزرگي کي ننديو آهي ۽ ان کي انسانيت جي توهين قرار ڏنو آهي پر صد افسوس ته سندن اولاد سندن ئي ٻڌايل اصولن جون ڌڄيون اڏاري رهيا آهن.  مون کي هڪ سٽ سائين بيدل جي ياد پئي اچي ته ”بزرگيءَ کان ڀڄي بيدل رنديءَ جا رنگ رچايا سي“ يا سچل سائين چئي ويو آهي ته ”نه مان مير، نه مان پير، سڄي فقر جو فقير“.


اسان جي صوفي بزرگن پنهنجي شعر و شاعريءَ ۾ جنهن ڳالهه جي تبليغ ڪئي آهي ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف هجي يا سچل، بيدل هجي يا روحل فقير، ٻڍل سائين هجي يا انور سائين، خوش خيرمحمد هيسباڻي هجي يا حمل انهن سڀني محبت، امن، ڀائيچاري، سک، شانتي، پيار ۽ پنهجائپ جا درس ڏنا آهن. اچو ته سندن پيغام کي پاڻ به پڙهون، پنهنجن پيارن کي به پڙهايون ۽ اهو آواز پوري ڌرتيءَ جي گولي تي ڦهلايون. انهن جي پيغام تي عمل ڪرڻ ۾ اسان سڀني جي ڀلائي آهي. امن هوندو، محبت هوندي، ايڪو هوندو، سهپ هوندي، هڪ ٻئي جو احترام هوندو ته اسين ترقي ڪنداسين ۽ سک جي زندگي گذارينداسين جيڪا اسان صوفين جي منشا به هئي. 

Monday, September 7, 2015

خالد بروهي، گمنام تاريخ نويس ۽ اديب

هُن سان منهنجي واقفيت ته تمام پراڻي آهي پر ساڻس دل کولي ڪچهري مون ڪالهه ئي ڪئي هئي. زيرو پوائنٽ سکر جي ڀرسان هڪ اين جي او جي اورينٽيشن پروگرام جي دوستن پروگرام جي پڄاڻيءَ تي بريانيءَ جو هڪ عدد پيڪٽ ڏنو هو مون سوچيو هو ته اهو ساڻس گڏجي کائيندس پر هن يار ته ٻه چمچا کائي معذرت ڪئي ته سندس معدي جي خرابي ڪري هو ان ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏئي نه ٿو سگھي ۽ اها سڄي پليٽ مون کي کائڻي پئي. پر ان کان پوءِ چانهن جي ڪپ تي 2 ڪلاڪ کن جيڪا ڪچهري مون دلبر خالد بروهيءَ سان ڪئي اها يادگار هئي/آهي. خالد بروهي سنڌ جي يگاني تاريخ نويس مولائي شيدائيءَ جي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ هي بذات خود تاريخ جو تمام وڏو ڄاڻو آهي. جڏهن خالد تاريخ تي ڳالهائي رهيو هو ته مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ يار بوسڪيءَ جي ڪپڙي جي ٿانن جا تهه پيو کولي...خالد بروهي محض تاريخ تي ڳالهائي نه پيو پر هو انهن تاريخي واقعن جي ڀرپور ڇنڊڇاڻ ڪندو به پئي هليو. ڪيئي داستان هيا جن کٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. سعادت حسين منٽو جي افسانن کان وٺي مٿس هلايل ڪيس جا احوال انهن ۾ فيِض احمد فيض جي شاهدي، امرتا پريتم جا ڪتاب، اردو غزل، تاريخ جا مستند ڪتاب وغيرهه...پر ڪالهه ئي مون کي خبر پئي ته خالد بروهي جي اندر ۾ هڪ انتهائي معصوم ٻار به ويٺل آهي جيڪو ماضيءَ جا قصا بيان ڪندي نه رڳو پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگھندو آهي پر ٻڌندڙ جون اکيون به آليون ڪري وجھندو آهي. سکر جي البيلي انسان سائين شوڪت خواجائي کان پوءِ مون کي هي ٻيو انتهائي ڄاڻو دوست مليو آهي جيڪو سکر، سنڌ، پاڪستان ۽ پوري دنيا جي تاريخ تي دليلن سان ڳالهائڻ ۾ ڪا هٻڪ يا هٽڪ محسوس ناهي ڪندو. خالد بروهي کي مون عرض ڪيو ته مالڪ پنهنجي ڳالهين کي تحرير جي شڪل ۾ آڻي ۽ هو اهو ڪم ڪري به رهيو آهي پر سندس ان شڪايت جو ازالو ڪير ڪندو ته ”يار مولائي شيدائي جو تاريخ تي تمام گھڻو ڪم ته اڃا تائين ڇپيو ئي ناهي ته منهنجي لکڻين کي ڪير لفٽ ڪرائيندو“...
سنڌ اندر علم، ادب، تاريخ، سياست، تهذيب، ڪلچر، موسيقي، دانش ۽ ڏاهپ رکندڙ ڪيئي گمنام انسان رهن ٿا پر انهن ۾ هڪ ”خرابي“ آهي ته اهي پنهنجي مارڪيٽنگ نه ٿا ڪن، سندن ميڊيا يا ادب جي ميدان ۾ ڪي لابيون به ناهن ۽ ”منڊيءَ ۾ ٽڪ“ اهو ته اُهي نه ته ڪامورا آهن نه وٽن پئسو آهي ته پوءِ ڀلا کين ڪير لفٽ ڪرائيندو. ؟؟؟!!! هي اسان وارو يار به انهن مان هڪڙو آهي