Wednesday, July 31, 2019

Bhao Dur Mohd Buriro, Nisar Buriro, Bibi Baghri, Hakeem Zangejo and me




Bibi Baghri, one of brave daughter of Sindh




تمام گهٽ انسان هوندا آهن جيڪي زميني حالتن ۾ حقيقي تبديليءَ جا محرڪ بڻبا آهن. مون جهڙا ڪيترائي ئي سڌڙيا، ۽ واتڙيا ته بس زباني چسڪن، واهه واهه ۽ تاڙين ٻڌڻ واري چرس جي نشي ۾ ڌت رهندا آهن.
سنڌ جا ڪجهه لاڏائو قبيلا آهن، جن جو ڪوبه گهر ڪوبه ڳوٺ، ڪوبه شهر ناهي هوندو پر سنڌ جا سمورا ڳوٺ ۽ شهر سندن هوندا آهن. انهن قديم سنڌي قبيلن ۾ باگڙي قبيلو به هڪ آهي. ننگر ننگر وڃي پکڙا اڏي ويهڻ، مختلف ڌنڌا جهڙوڪر واڙيون پوکڻ، سبزيون ۽ فروٽ وڪڻڻ وارا ڪم سندن مرد ڪندا آهن جڏهن ته انهن جون گهڻيون تڻيون عورتون وري پنڻ، چوريون ڪرڻ، ٺڳي ۽ بشني گيريءَ سان گڏ جسم فروشي تائين ملوث رهنديون آهن. باگڙي قبيلو جيئن ته هروقت راهي رڻ جا رهيا آهن ان ڪري سندن ٻارن جي تمام وڏي اڪثريت تعليم جي زيور کان محروم رهندي آئي آهي.
جيئن زمين چويهه ئي ڪلاڪ گردش ۾ آهي، ساڳي نموني انسان به گردش ۾ رهندي، ڌڪا ٿاٻا کائيندي هروقت ڪنهن نه ڪنهن نموني، سڌي توڙي اڻ سڌي طرح، تجربن کان يا وقت جي جبر کان مجبور ٿي سکندو رهيو آهي. ساڳيو مامرو اسان جي باگڙي قبيلي سان پڻ آهي. هو هاڻي مستقبل بنيادن تي ڪن شهرن ۾ رهڻ شروع ٿيا آهن. ٻن شهرن جي ته مون کي پڪي ڄاڻ آهي جنهن ۾ پنوعاقل ۽ قمبر اچي وڃن ٿا. پني عاقل ۾ باگڙي قبيلي جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پڙهڻ لڳا آهن. ڪيتريون ئي باگڙي قبيلي جون نياڻيون ليڊي هيلٿ ورڪر طور ڪم به ڪنديون آهن.
قمبر شهر ۾ منهنجي ڀيڻ بيبي باگڙي جيڪو ڪم پنهنجي قبيلي وارن لاءِ شروع ڪيو آهي اهو واقعي به هڪ وڏو سماجي انقلاب آهي. بيبي باگڙي زماني جي ڌڪن ٿاٻن ۾ رهندي پنهنجي امڙ جي ٻڌايل واٽ تي هلندي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي قبيلي جي ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي هڪ انوکو مثال ته قائم ڪيو آهي پر سندس ان ڪم جا مستقبل ۾ ايترا ته شاندار نتيجا سندس قبيلي وارن ملندا ته هڪ ڏينهن اها بيبي باگڙي پنهنجي قبيلي جي مذهبي طور ديوي طور سڃاتي ويندي.
لاشڪ هوءَ اهو ڪم اڪيلي سر متان نه ڪري سگهي ها جيڪڏهن لطيف سائين جي سر کاهوڙي واريون سموريون خوبيون رکندڙ پيارو نثار ٻرڙو سندس ساٿ نه ڏي ها ته... ڇوته اسان جو سماج اجگر جيترن واڳوئن جي هٿ وس آهي، اهي ڪوبه چڱو ڪم ٿيندي ڏسي ناهن سگهندا، سندن خونخور ڏندن کي هر ڏينهن ۽ هر پلڪ مظلوم، مسڪين، بي وس، ڌڪاڻن انسانن جو ماس ۽ رت گهرجي.
منهنجي ڪيتري وقت کان وٺي دلي خواهش هئي ته بيبي باگڙي جهڙي سورمي سان ملان پر جاگرافي دورين، غم روزگار جي ڏچن ڪڏهن اهڙو موقعو ئي نه پئي ڏنو پر نيٺ ڪالهه اهو موقعو مليو.
هاڻي مان مطمئين آهيان جيڪڏهن مان تبديليءَ جو محرڪ کڻي نه بڻجي سگهيو آهيان پر جيڪي ان جنگ جي پهرين محاذ تي مورچا کوڙيون ويٺا آهن انهن سان مليو ته آهيان، ها ساڻن ملي مان سون ٿيڻ لڳو آهيان.

Memorable Reunion



پراڻي دوستي به پراڻي شراب وانگي چس ۽ رس واري ٿيندي آهي. سالن جا سال گڏ رهڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڪا جدوجهد هجي، ڪو ڏک هجي يا خوشيءَ سڀ مشترڪه مليڪيت هجن ۽ پوءِ مختلف وائن لڳڻ ڪري، طوفانن اچڻ ڪري، غم روزگار ڪري، زماني جي جبر ڪري يا ڪن به مجبورين ڪري اهي دوست ٽٽل تسبيءَ جي داڻن وکري وڃن
ته گهڻي وقت تائين ماڻهو اهڙن اڻ رٿيل اڻ سوچيل وارتائن تي وائڙو ٿي رهجي ويندو آهي پر وقت هر زخم کي لٽي ڇڏيندو آهي ۽ انسان وري نئين ماحول ۾ نوان دوست جوڙي زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ شروع ٿي ويندو آهي پر پهرين پيار وانگي زندگيءَ جي نوجوانيءَ واريون پهريون دوستيون تمغن وانگي سجائي رکندو آهي.
سالن پڄاڻا پهرين پيار جهڙن پرين پيارن سائين شاهنواز راڄپر، سائين ستار مهر، سائين لطف الله ڦلپوٽو سان ڳاڙهي (ڳاڙهي موري) ۾ ستار مهر جي سدا آباد اوتاري ۾ محفل متي هئي. يادون، ٽهڪ، مرڪ، تبصرا، تذڪرا، ماضي، حال ۽ مستقبل سڀ وسيع اوطاق جي ننڍڙي ڪمري ۾ گڏوگڏ گهري آيا هيا.
هڪ يادگار ڪچهري
؛

kashmore to kohistan



و هو.
پر اهو روائتي سفر به ڪو گهٽ مذيدار نه هيو، ان سفر جا ۾ ڪيئي پربهار لمحا آيا هيا جن جا ڌنڌلا عڪس اڄ به منهنجي دماغ جي پردي تي ظاهر ٿين ٿا ۽ مون کي پنهنجي سحر ۾ گم ڪري ٿا ڇڏين.
هي سيلفي گلگت جي هڪ هوٽل تي نيرن ڪندي ورتي هئم. چئني پاسي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ وڏا وڏا پهاڙ هيا، روشن ڏينهن هيو ۽ اسان هنزه وادي ڏانهن وڃڻ جي رٿا تي ڳالهائي رهيا هياسين. منهنجي خيال مطابق اسان جي ان سفر جا خوبصورت لمحا اسلام آباد وارا هيا جتي بني گاله جي هڪ فليٽ ۾ اسين هڪ غيرروايتي دوست شاهنواز چاچڙ جا مهمان هياسين. فليٽ جتي مذيدار سوم رس جا ٽي مٽ مختلف فليورس جا ڀريا پيا هيا ۽ جتي شام ٿيندي ئي خبر ناهي ڪٿان ڪٿان جا ڪيئي انمول انسان اچي گڏ ٿيندا هيا. جن ۾ ڪيئي صحافي، فلم ميڪر، ڊويلپمينٽ سيڪٽر جا ماهر، تعليم دان ۽ سنڌ کان آيل مهمان گڏ ٿيندا هيا جيڪي ڀريل سگريٽن جا ڪش هڻي عجيب غريب اسٽوريون بيان ڪندا هيا. خبر ناهي اهي سمهندا به هيا الائي نه ڇوته فليٽ جي ڪمرن ۽ ڪاريڊورس تي ۽ سندن هنڌن بسترن تي ته اسان جو قبضو ڄمايل هو. اهي چند ڏينهن ايترا ته وسيع هيا جن تي جيڪر ڪو لکاري پورو ناول لکي پئي سگهيو. بني گاله انوقت اڃا اسلام آباد جو مالڪ ته ڪونه بڻيو هو پر پوءِ به رات ڏينهن وڏين ۽ قيمتي گاڏين جا قافلا مٿي پهاڙي جي چوٽيء تي ويندي فليٽ جي دريءَ کان اسان ڏسندا هياسين. اسان سنڌ جي گرميءَ کان ڀڄي اتي پهتا هياسين پر گرمي بني گاله کان گلگت تائين اسان ساڻ گڏ گڏ هلي آئي هئي ٿوري گهڻي ٿڌڪار ۽ برسات جو مزو بس هنزه ۾ ورتو هيوسين جتي اسان صرف ٻه ٽي ڪلاڪ ئي رهيا هياسين. مون هن سفر جون ڪجهه ساروڻيون لکيون هيون ۽ هاڻي ڪوشش ڪندس ته ان ۾ ڪجهه واڌارا ڪيان.

Kashmore to kohistan




اسان گلگت جي جنهن هوٽل ۾ رهيا هياسين ان جو مالڪ آغا خان ڪميونٽي وارو هو ۽ اها ته مون کي دير سان خبر پئي هئي ته اهو هوٽل اسان دلبر دوست رحيم خان جي ڀاءُ جي ملڪيت هو. رحيم خان منهنجو ۽ مرتضي جو ايم ايڊ جي ڊگري وقت جو ڪلاس فيلو هو. اها ڊگري اسان 2009 کان 2011 واري عرصي ۾ آغاخان يونيورسٽي-انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊويلپمنٽ (AKU-IED) ڪراچي مان حاصل ڪئي هئي. جيڪڏهن اها ڄاڻ اسان کي بروقت ملي وڃي ها ته شايد اسان جي اتي رهائش مفت ۾ ٿي وڃي ها. ڀلي کڻي اسان جي رهائش مفت ۾ نه هئي پر ان ۾ 25 سيڪڙو هوٽل جي مالڪن پنهنجو پاڻ رعايت ڏئي ڇڏي هئي جو اهي ڏينهن هيا جڏهن هز هاءِ نيس آغا خان جي اهي گولڊن جوبلي سالگرہ (پنجاهه ساله) ملهائي رهيا هيا. اسان اتي ٻه راتيون ٽڪيا هياسين. اسان جو هوٽل شهر جي ٻاهريان بس اسٽينڊ تي جڙيل هو ۽ اسين شهر وڃڻ يا واپس اچڻ لاءِ لوڪل سوزوڪي وين جي سواري کي ترجيح ڏيندا هياسين. هوٽل جي پهرين رات اسان موسيقيءَ جي رات ڪري ملهائي هئي ۽ اسان ٽنهي ڄڻن پنهنجي جهڙي تهڙي آوازن ۽ سرن سان ڪي گيت ڪي غزل ڪي لوڪ گيت چيا هيا. نورمحمد ملڪ منهنجي ڊائري کان وڏي ڪاريگريءَ سان طبلي وارو ڪم ورتو ۽ اسان پنهنجي ڌن ۾ مگن ٿي دير تائين ڪمري جي ماحول کي مهڪائيندا رهيا هياسين. ان محفل موسيقيءَ جا ڪجهه اسم جيڪي پڪچرائيز ٿي سگهيا هيا اهي هتي هن فائيل ۾ پيش خدمت آهن.



اسان اسلام آباد کان گلگت تائين نیڪٽو Northern Areas Transport Corporations جي بس ۾ چڙهي ايا هياسين. هي بس سروس به (مرحومه) سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن SRTC وانگر ئي آهي فرق بس هي آهي ته اسان ان اداري کي تهس نهس ڪري تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ ڪڏهن جو ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي پر اترين علائقن ۾ انهن جي سروس پنهنجي پوري جوڀن سان جاري آهي. اسلام آباد ۾ نيٽڪو جو پنهنجو بس اڏو آهي جتان ملڪ جي هر پاسي ڪراچيءَ سميت سندن بسون، ڪوچ، ويگنون هلنديون آهن. نيٽڪو وارن جي ٽن ڪيٽيگرين ۾ بسون اسلام آباد کان گلگت لاءِ هلنديون آهن. هڪ فل ايرڪنڊيشن، لگزري نان اسٽاپ، ٻيون ايرڪنڊيشن پر وچٿريون بسون ۽ ٽيون نان اي سي عوامي لوڪل بسون. اسان وچٿري بس جي چونڊ ڪئي هئي ۽ مناسب ڀاڙي تي سڪون سان گلگت وڃي پهتا هياسين. جيئن ته اها سيلانين جي گهمڻ واري سيزن هئي ان ڪري پاڪستان جي هر پاسي جا مسافر سفر ڪري رهيا هيا. هڪ متعصب قسم جو پنجابي اسان سنڌين تي زرداري جهڙي ڪرپٽ ماڻهوءَ جي چونڊ تي جنرلائيز ڪري ٽوڪون به ڪري رهيو هيو جنهن جو وات مرتضي لانگهاهه اهو چئي بند ڪرائي ڇڏيو هو ته "اهي پنجابي ئي آهن جيڪي عورتن کي اگهاڙو ڪري بازارن ۾ گهمائيندا رهيا آهن ۽ پوري خلق وات پٽي تماشو ڏسندي آهي گهٽ ۾ گهٽ پوري پاڪستان جي باقي ٽنهي صوبن ۾ اهڙي بي غيرٿائي ناهي ٿيندي". سفر ۾ نه رڳو ان قسم جا انسان ملي سگهن ٿا پر ڪي تمام ڀلا ماڻهو به مليو وڃن. اتي ئي هڪ ٻيو پنجابي به هيو جيڪو تمام ڳچ عرصو سنڌ ۾ نوڪري ڪري چڪو هيو ته ان وري سنڌي ماڻهن جي دل کولي تعريف پئي ڪئي. هونئن مون ۽ مرتضي سائين نورمحمد ملڪ کي ڏاڍو ستايو هو پر ملڪ صاحب به چيڪي مٽيءَ جو جڙيل هو جڪ کائيندي به صبر ڪري ويندو هو. اسان هن سفر لاءِ ٽرائوزر ۽ ٽي شرٽس ۽ سج کان بچاءُ جا ڪارا چشما اسلام آباد جي آچر بازار کان اڳواٽ وٺي ڇڏيا هيا.

Kashmore to Kohistan


2017 جي سال جولائي ۾ اسان اهو سفر ڪيو ھو. مصيبت اها هئي ته ڦوٽو گرافي جو سمورو وزن مون تي هيو ۽ مان پنهنجي سفر جي ساٿين جا بهترين ڦوٽوز پئي ورتا پر باقي منهنجي ٻنهي يارن جو ان سلسلي ۾ ڪو خاص چاڙهو نه هيو. سائين ملڪ صاحب کي سٺي معيار جا ڦوٽو نه وٺڻ ڪري هڪ ولگر لطيفي جي ڪلائمڪس واري سٽ ته. "توکي ته ڪيمرا جهلڻ ئي نه ٿي اچي" چئي وڏا ٽهڪ ڏيندا هياسين. هڪ دل جي ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته مان پاڻ دل ئي دل ۾ يارن جي ڦوٽوگرافيءَ جي فن ۾ مهارت نه هئڻ ڪري ان ڪري به ڪڙهندو رهندو هوس ته مان ته سندن تمام بهترين ڦوٽو وٺان ٿو جڏهن ته مان پاڻ اهڙن معياري ڦوٽوئن کان محروم رهجيو وڃان. ڦوٽوگرافي يا وڊيو ڪلپس ڀرڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه به ناهي. ان لاءِ ڪجهه باريڪ بينين جو خيال رکڻو پوندو آهي. خالي ڪلڪ ته هرڪو ڪري سگهي ٿو پر ڪن انمول لمحن کي قيد ڪرڻ جو فن ڪنهن ڪنهن وٽ هوندو آهي.

Thought for while

 مون کي گيت
"اڙي شهر جانان هي تنهنجو پڪارون..."
کي ڪڏهن به پسند جي نگاهن سان ناهي ڏٺو.
اسان پنهنجين نياڻين کي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ، سکڻ، علم پرائڻ، هنرمند ٿيڻ لاءِ داخل ڪندا آهيون. مون کي ڪو هڪ پيءُ يا ڪا هڪ ماءُ ٻڌايو جيڪا پنهنجي نياڻيءَ کي علم جي اڪابر ٿيڻ بدران "شهر جانان" جهڙي ڏسڻ گهرندي هجي.
سنڌ يونيورسٽي يا ڪابه ٻي يونيورسٽي هجي اتي عشق، فلرٽ، داداگيري، ڀتاخوري، ٽرڙائپ، شوبازي، قومي سياست جي نالي ۾ بدمعاشي کي ڪنهن به صورت ۾ گليمرائيز نه ڪرڻ گهرجي. تعليمي ادارا جستجو، کوجنا، محنت، جفاڪشي، ماهرن جي افزائش جون نرسريون هئڻ گهرجن، جتي تحفظ هجي، جتي ڀروسي وارو ماحول هجي، جتي آرٽ جا سموارا رنگ (موسيقي، مصوري، مجسماسازي، لوڪ رقص، ثقافتي پروگرام ) عام جام هجن. جتي شاگردن ۽ استادن وچ ۾ گهڻي ڳالھ ٻولهه نون خوابن، نون خيالن تي ٿيڻ گهرجي.
خبر ناهي ڪهڙن عقل جي اڪابرن "اڙي شهرن جانان..." کي قومي گيت جو درجو ڏيئي پيش ڪيو هو! جنهن سنڌ يونيورسٽي جي اميج کي هڪ عظيم تعليمي درسگاهه بدران عشق جي اوتار جو تاثر ڏنو هو.
اسان سنڌي قوم جا فرد سَسِتِيُن ڳالهين پوءِ اها شاعري هجي، قومپرستي هجي يا مذهب هجي تي هرکجي جهٽ پلڪ ۾ هڪ اميج پنهنجي دماغ ۾ جوڙي پوءِ اکيون پوري پوري ڄمار ان جي پوڄا ڪندا آهيون.
窗体顶端

窗体底端



ننڊ ڪرڻ نه ٿو ڏئي
هڪ خواب
مهمان ٿي آيو آهي

***********
***********
***********
ننڊ وارا توڙي جاڳ وارا
ڏينهن وارا توڙي رات وارا
توکي ارپيم، توکي ارپيم
خواب سارا خواب سارا

My Poetry



چئوڏس خوب انڌارو آهي
خوابن جو لابارو آهي!
ڏيل ڏٻرو، پيٽ پٺيءَ سان
نانءُ سندس متارو آهي!
ڀل تون روڪ سڀ رستا 
پوءِ به هڪڙو چارو آهي!
صابڻ شيمپو سان نه لهندو
داغ جيڪو هو ڪارو آهي!
سچ سنڌ سونهن جون ڳالهيون،
جوبه ڪري سو پيارو آهي.
فرقابندي ۽ ذات پرستي
ڏينڀن جو ته مانارو آهي

***************
***************
ننڊ ڪرڻ نه ٿو ڏي
خواب جيڪو
مهمان بڻجي پهتو آهي

Desert Wonders




ٿيندي. اهو راڪاس جو روڻو منهنجو اڳ گهميل آهي. پٿرائن ۽ واريءَ جي اڻانگن گسن، پيچرن کي پار ڪندي جبل جي دامن ۾ اونهي کوهه وٽ پهتاسين جتي هڪ مقامي بلوچ نوجوان صمد ڦسڪاڻي سان ملاقات ٿي جيڪو اتي پاڻي ڀرڻ آيو هو. سندس چونئري نما گهر کوهه کان لڳ ڀڳ ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هيو. کوهه جو پاڻي انتهائي مٺو ۽ ٿڌو هيو. کوهه کان ٿورو اڳ حڪومت هڪ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ته برساتي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ننڍو ڊيم جوڙيو ويو آهي. اهڙو ٻيو ڊيم ناري ويندڙ روڊ تي پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي. صمد بلوچ ٻڌايو پئي ته اهڙا ٽي ڊيم تعمير ڪيا ويا آهن. ٻه ته اسان اکين سان ڏسي آيا آهيون ٽيون جي هوندو ته ان کي به ڳولي هٿ ڪبو. جبل جي اندر برساتي نالن وارا سمورا روٽ لکين وٽن ٽڻن سان جهنجهيل آهن ۽ خوبصورت منظر پيش ڪندا آھن. صبح جو سج ڪڪرن جي چادر ۾ ويڙهيل هو ۽ هوا به گهلي پئي پر پوءِ ڏينهن گرم ٿيندو رهيو. اسان پنهنجي سفر جا ٿڪ لونگ فقير جي اسٽاپ تي ڀڳا، ٻه ٻه چانهه جا ڪٽ ۽ ڪيڪ رس سان وٺي وري واپس ماڳ تي آياسين.

Diary of Gypsy





رستا ئي اسان جا رهنما آهن...
منزل سيلانين جو موت هوندو آهي
خوبصورتيون محبوبائون آهن
واريءَ جا ذرڙا، وڻن جا پن، رستي ۾ پيل پٿر، واري جي دڙن ۽ جابلو علائقن ۾ رهندڙ جيت جڻيا، پکي پکڻ هروقت استقبال لاءِ تيار رهندا آهن.
سيلانين پاران اڻانگن راهن تي وهايل پگهر ۾ وڏي مهڪ هوندي آهي.
سيلاني ڳولهيان ڳولهيان مَه لهان شال مَه ملان هوت جو ثبوت آهن.
گهرن اندر قيد مڄو ڇا ڄاڻن سفر جي عياشين کي....

SUPPER 30 Film review



Just Finished Hrithik Roshan's Fabulous Hindi Educational Movie SUPPER 30. The film which released recently in July 2019 in Indian Theaters.
Film exposing: how people of upper class stealing grades, admissions, scholarships from voice less class and demolishing merit.
I am suggesting every teacher of all levels and all mature students must watch this movie. If possible arrange show in class room as learning activity.

واٺو

پوري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ هزارين ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ڪن پيرن، ميرن، سردارن، جاگيردارن، مولوين، سياستدانن، فوجي جنرلن جا ماڻهو هوندا آهن. سندن آقا ڪنهن پارٽي کي ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شموليت ڪندو ته انهن جو قبلو پڻ ان مطابق مٽجي ويندو آهي. سندن ڪو پنهنجو ذهن، مئوقف، رايو، نظريو بلڪل به ناهي هوندو ڇوته اهي ذهن هئڻ بدران پڇ هوندا آهن. سولي سنڌيءَ ۾ کين واٺا جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. پر مون مشاهدو ڪيو آهي ته اهي واٺا اهڙا ته جاٺا هڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جهڙوڪر اهي پنهنجي آقا يا پنهنجي آقا جي پارٽيءَ جا پاليسي ميڪر هجن.
۽ مون کي اهڙن پتلين تي تهان وڌيڪ ڪاوڙ تڏهن ايندي آهي جڏهن اهي فلاسافر، پاليسي ميڪر، سياسي اڪابر، مذهبي اسڪالر بڻجي اسان کي ڀاشن ڏيندا آهن.
او منهنجا پيارو پهريون پنهنجن ڳچين ۾ پيل غلاميءَ وارا ڳٽ لاهيو، جن جي اشارن تي نچو ڪڏو ٿا انهن مان جان آجي ڪيو پوءِ اچو ته سڀني مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين.

Voice of Poor Fisher Man



منهنجو ڪهڙو واسطو ته ڪهڙو سردار ٿو کٽي، دعا ڪيو ته ڪو ڪُرڙُو ڦاسي ته رات جي ماني بکايل ٻچڙن سان کائي سگهون.
خوشحال سنڌ جا بدحال مهاڻا... سڪل ڪاٺي جهڙا، پيٽ پٺيءَ سان لڳل، اسان لاءِ هي شام جو درياءُ جي پيٽ ۾ اهو خوبصورت سين آهي پر افسوس اسان کي درياهه جو ڀريل پيٽ ته نظر اچي ٿو مهاڻي جي خالي پيٽ تي نظر ئي نه ٿي پوي.
ڪهڙو ته قحط جو وقت اچي ويو آهي پيسيل، نپوڙيل، طبقاتي جبر جي گهاڻي ۾ هڏ گڏ ڀڃائيندڙ مظلوم، مسڪين هاري، مزدور پورهيت طبقي جهڙوڪر هار مڃي ورتي آهي، ڪا مزاحمت ناهي، ڪا ڪاوڙ ناهي، ڪو جلوس ناهي ڪا جدوجهد ناهي.
ڪو وقت هو ته مظلوم محروم هوندي به منظم هيا، سندن هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ سندن اکين ۾ مستقبل جا خواب هيا لڳي ٿو خوابن جو ئي قتلام ڪيو ويو آهي هاڻي ته شيخ اياز جي اها سٽ به ڪير نه ٿو جهونگاري ته
خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي...

Award




ایوارڊ
جيئن ته منهنجو ڪنهن ادبي گروهه يا ٽولي سان ڪو خاص واسطو ناهي ان ڪري ايوارڊ ته رهيا پري جي ڳالھ انهن پاران پروگرامن جا دعوت ناما ئي ناهن ملندا ۽ يار دوست اها وضاحت ڪندا آهن ته "ادا پروگرام جي ته عام دعوت هئي" جڏهن ته سندن هٿن ۾ خوبصورت ۽ قيمتي دعوتنامن وارا ڪارڊ باقي سنگت ساٿ لاءِ موجود هوندا آهن.
پر صفا ڀينگ به ناهي ڪي يار دوست ايوارڊ ڏيندي ڪابه اگر مگر ناهن ڪندا. 
سائين حبيب ساجد پاران مليل ايوارڊ، جنهن جي خبر بس کيس ۽ مون کي هئي، مون اها سانڍي رکي ھئي ته جڏهن پنهنجا ۽ پراوا مون کي پٿر هڻندا ته کين ڏيکاريندس پر افسوس ته اسان ٻنهي کان اها بنهه وسري به ويئي هئي،
اڄ جڏهن 2006ع جي پراڻي ڊائريءَ جي ورق گرداني پئي ڪيم ته ان تي نظر پئجي ويئي، (ان ٻه هزار ڇهه جي ڊائري جو پهريون پيج ڊسمبر 31 جو ڏنل هو) اڄ جڏهن واقعي به مان ڪن يارن دوستن جي حملن جي زد ۾ آهيان ته مناسب سمجهيم ته کين ڊائريءَ جو اهو پهريون پنو پڙهايان، مون خبر آهي ته هو بي اعتباريا اعتبار نه ڪندا ان ڪري ئي ته حبيب ساجد جي هٿ اکرن سان لکيل اهو پورو نظم ڦوٽو ڪري پيو رکان.
/
سائين حبيب ساجد جو نوٽ
(سائين اميرگل سکر ۾ مون لاءِ ايئن آهي جيئن ٿر وارن لاءِ ڪڪر ۽ مينهن هوندو آهي، هزار دفعا من ڪندو آهي ته سائين امير جي زندگيءَ تي ناول لکان... هڪ عظيم ناول لکڻ لاءِ جيڪي لوازمات ۽ هنگامن جي گهرج هوندي آهي اهي سڀ سائين جي زندگيءَ ۾ موجود آهن... سائين سکر جو سچو پچو ابن بطوطہ آهي، ابن بطوطہ غرناطہ کان نڪرندو هو ۽ منهنجو سائين سکر مان... جڏهن سائين گهمي ڦري واپس سکر ايندو آهي ته اوڀر پاسي جي هوا مون کي ضرور اطلاع ڪندي آهي...ته سائين اميرگل هاڻ سکر۾ موجود آهن )

Film Review



Just finished watching this fantastic movie WORDS AND PICTURES 2013. I am feeling shorts of words to describe this marvelous picture and curse my self why I not seen it before.
I watched FREEDOM WRITERS, DEAD POETS SOCIETY, STAND N DELIVER such fantastic educational movies which put great impact upon me and my way of teaching.
This is story of two teachers one is English literature teacher and other is Art teacher, I am recommending it with confidence for all teachers especially teachers of literature and art and students as well they must watch it.
Worth watching

My Dear Diary



ڊائريءَ جو ورق جيڪو تمام آڳاٽو لکيو هوم
منهنجا ڪيئي اهڙا تقرير باز دوست آهن جيڪي نصيحتن ڪرڻ، تنقيدن جا ڌوڙيا لائڻ، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ انقلاب برپا ڪڍي ڇڏڻ جا ماهر آهن پر افسوس ته وٽن عمل بدران رڳو ڳالهيون ۽ تنقيدون آهن! اهي ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ، پنهنجي مؤقف کي حقي مڃائڻ تي زور ڏيندا آهن. 
منهنجو کانئن سوال آهي ته آخر ڪيستائين اسان پنهنجون توانايون اهڙن بي لاڀ مامرن تي خرچ ڪندا رهنداسين؟ آخر ڪيستائين؟
آخر ڪار اسان پنهنجون توانايون نون خوابن، نون خيالن، نوجوان نسل جي سياسي، سماجي، اخلاقي، هنري تعليم ۽ تربيت تي ڇو ڪو نه ٿا سيڙايون؟
اسان سنڌي ماڻهون خرچ ڪرڻ جا ماهر آهيون، ڪنهن جي تريءَ تي لک روپيا رکو ته اهو ان ايڏي وڏي رقم کي چند ڪلاڪن ۾ ڦوڪي ڏيکاريندو پر جڏهن ساڳي ماڻهون کي هڪ هزار روپيه ڪمائڻ جي ڳالهه ڪبي ته منهن سڄائي ويهي رهندو! اسان جو ساڳيو حال سياست ۾ پڻ آهي اسين سياسي سيڙپ ڪاري ڪرڻ بدران سياسي ميدان مان لاڀ حاصل ڪرڻ جا اجايا جتن پيا ڪريون! هاڻي سادي پاڻي جي مڳ کي کڻي ڪيترو به ولوڙجي ان مان مکڻ ته ڪونه ٺهندو ني!!!
سنڌ سنڌ، عوام عوام، قوم قوم، انقلاب انقلاب، جمهوريت جمهوريت، ظلم ظلم، ناحق ناحق جي هاءِ گھوڙا به کڻي ڪجي پر جي انهن نعرن کي لڳائڻ سان گڏ ماڻهن وٽ وڃڻ گھرجي عوام سان رابطو ڪرڻ گھرجي، عوام سان لاڳاپن ۽ ڳانڊاپن جا گس ڳولهڻ گھرجن. سنڌ جا ماڻهون ڪنهن ٻي گرهه جا رهاڪو ته نه آهن، اهي به هن ساڳي گولي تي رهن ٿا جنهن کي اسين سڀ ڌرتي ماتا چوندا آهيون. ڌرتي ماتا جي مختلف خطن، علائقن ۾ رهندڙ، وسندڙ قومن جا مسئلا، مونجھارا بنهه اسان جهڙا آهن جيڪي انهن پنهنجي عمل، حرفت، محنت ۽ حڪمت عمليءَ سان حل ڪيا آهن جيڪڏهن اُهي اهڙا ڪم ڪري سگھن ٿا ته اسين به ڪري سگھون ٿا ۽ اها ڳالهه به بنهه فطري آهي ته ٻين قومن ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن ۾ هڪجهڙائيءَ سان گڏ ڪيئي اسان جا ڪيئي منفرد ۽ نرالا مسئلا به آهن. جتي مسئلا هوندا آهن ته حل به هوندا آهن.
جيڪڏهن اسان جي پارٽي کان علاوهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ جو ڍينگو مٽيرو، ڌڱاڻو، ڏاهو، رهبر اهي مسئلا سمجھي ۽ حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ته اسان کي ڪنهن روڪيو آهي ته اڳتي اچي اهي مامرا حل ڪيون!
منهنجي خيال ۾ ته جيڪي پنهنجو پاڻ کي سڀ کان اتم، اعلى، اصلي، نج، ڏاهو، صراط مستقيم تي هلندڙ ٿا سمجھن ته کين بنا دير ميدان ۾ ڪاهي پوڻ گھرجي ڪنهن جي انتظار ڪرڻ بدران.....




هڙوڪر شهر جو حصو بڻچي چڪو آهي. جڏهن ته بني گالا جي مشهوريءَ جو سبب تحريڪ انصاف جو عمران خان آهي جنهن جو بني گالا واري علائقي ۾ هڪ جبل جي چوٽيءَ تي وسيع ايريا ۾ ڦهليل فارم هائوس آهي. بني گالا وارو علائقو راول ڊيم جي اوڀارين طرف کان آهي. رات جي وڳڙي ۾ ليڪ ويو (Lake View) واري پاسي کان بني گالا جو بتيون آسمان تي ستارن وانگي چمڪندي نظر اينديون آهن. اسان جي مهربان ميزبان شاهنواز چاچڙ جو فليٽ به ان علائقي ۾ ئي آهي. اسان واري ٽيڪسي جڏهن ڀارا ڪهو جي مين روڊ کان ڪورنگ روڊ کي ڪراس ڪري جھنگ جھر طئي ڪندو هڪ ندي جي پل کي ڪراس پئي ڪيو ته مون شاهنواز جو نمبر ملائي آن ڪري ڇڏيو هو ۽ جيئن ئي اسان جي ٽيڪسي سندس فليٽ هيٺيان پهتي ته شاهنواز مون کي موبائيل تي چيو ”مان پلازا جي ڇت تي بيٺو آهيان ۽ اوهان کي ڏسان پيو بس اوهان اتي ئي ٽيڪسي کي روڪرايو“. اسان اڃا ٽيڪسي واري کي پئسه ئي نه ڏنا هيا ته شاهنواز به اچي پهتو هو. سندس فليٽ پلازهه جي ٽين ماڙي (سيڪنڊ فلور) تي هو. ٻه ڪمرا ڪوريڊور ٻه اٽيچڊ باٿ روم ۽ پلازهه جي سموري ڇت اسان جي حوالي هئي. فليٽ تي پهچندي ئي شاهنواز اسان جي ناشتي پاڻي جو بندوبست ڪري رکيو هو.
شاهنواز چاچڙ سان منهنجي دوستي فيس بوڪ تي ٿي هئي. ٿيو هيئن هيو ته شاهنواز چاچڙ ۽ سندس دوستن پاران سيوهڻ شريف کان لاهوت لامڪان تائين موٽر سائيڪل تي سفر متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري جو ٽريلر فيس بوڪ تي جاري ڪيو ويو هو. سندن ان ڊاڪيومينٽري مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو هو ۽ مون دل کولي ان جي تعريف ڪئي هئي ۽ پوءِ هڪ ٻه دفعه فيس بوڪ تي چيٽ روم ۾ ڪچهري ٿي هئي. هڪي دفعي جڏهن مان دوستن سان سول اسپتال واري علائقي ۾ ايراني پير جي جوڙايل مصطفائيه اسپتال ڀرسان چاچڙ جي هوٽل تي ويٺو هوس ته منهنجي نظر شاهنواز تي پئي هئي مون اڳتي وڌي کيس کيڪاريو هو ۽ ان کان پوءِ اسان جو ملاقاتون ٿينديون رهيون. نه رڳو ملاقاتون پر محفلون، سفر، اين جي او جي پروگرامن ۾ گڏجي سڏجي شرڪتون ڪندا رهيا سين. مان شاهنواز چاچڙ جو شمار سنڌ جي انهن چند نوجوانن ۾ ڪندو آهيان جيڪي لوڪ سان لهنوارو لڙهڻ بدران اوچو ٿي اوڀارو هلندا آهن. شاهنواز طرحين طرحين ڪم ڪندو رهيو آهي، هو هڪ بي چين روح آهي، سندس اندر ۾ تڙپ، جسجتو ۽ تجسس اردو محاوري مثل ته ڪوٽ ڪوٽ ڀريل آهي. فلمون، ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ کي هو پنهنجو شوق به ته ڪم به ڄاڻائيندو آهي. تازو ئي آمريڪا مان جونيئر فلم ميڪنگ جو ڪورس پڻ ڪري آيو آهي ۽ سندن ئي گرانٽ تي سندن ٽيم ڪراچي جي سامونڊي مهاڻن متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ انهن جي ڏکن ڏولاون ۽ خاص ڪري سامونڊي سرحدن کي ڪراس ڪرڻ تي هندستان ۾ قيد ٿيڻ بعد سندن خاندانن جي اذيت ڀريل زندگين کي فوڪس ڪيو ويو آهي. سندن ان فلم جي نمائش سيپٽمبر ۾ ڪينڊا ۾ ٿيندي. ان کان سواءِ هي يار مون وانگر جابلو علائقن، پراڻن تڙن سان انسيت رکندو آهي. هو پنهنجو پاڻ کي جپسي سڏائيندو آهي جڏهن ته مان کيس مائوٽينيس مين سڏيندو رهيو آهيان. کليل ذهن وارو، ترقي پسند سوچ رکندڙ، باصلاحيت، پراعتماد يار اسان جو ميزبان هو. شاهنواز متعلق ۽ سندس فليٽ تي جوڙيل نون دوستن متعلق اڳتي هلي ڪري لکندس، بس ايترو لکندو هلان ته اتي پهچي ائين لڳو هو ته پنهنجي ئي گھر ۾ ويٺا هجون.(جاري)




هي 2017ع جو نڪتل ڦوٽو آهي جيڪو اسان جي ڪشمور کان ڪوهستان سفر جو هڪ يادگار آهي. مون پنهنجي اڳئين پوسٽ ۾ سگريٽ واري پياري شاهنواز چاچڙ متعلق ٿورو گهڻو لکيو هو هن ۾ ٻيو جيڪو منهنجو يار ڀت کي ٽيڪ ڏنيون مزا پيو وٺي اهو غلام مرتضي لانگاهه آهي جنهن کي اسين پيار مان جي ايم لانگاهه به چوندا آهيون آهي. جيئن ۾ اڳ بيان ڪري آيو آهيان هي ڦوٽو پاڪستان آرٽس ڪائونسل اسلام آباد ۾ ورتل آهي.
جي ايم سان منهنجي واقفيت آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊولپمينٽ ڪراچيءَ ۾ 2009ع واري سال ۾ ٿي هئي جتي اسان ٻئي ڄڻا ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ داخل ٿيا هياسين ۽ پوءِ پورا ٻه سال دوستيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ان کي محبت جو سيمنٽ هڻندا رهياهياسين. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اسان جي پريم ڪهاڻيءَ ۾ ڪو فرق ناهي آيو. جي ايم هڪ انتهائي باصلاحيت نوجوان آهي جيڪو ڏکيا ڪم تمام آسانيءَ سان ڪرڻ جو ماهر آهي. ڪڏهن به مون سندس مهانڊي تي مايوسي نه ڏٺي، هر وقت چپن تي مرڪ سجائي هلندڙ اسان وارو يار ڏاڍو رومانٽڪ پڻ آهي ۽ کيس صنف مخالف کي متاثر ڪرڻ جو ڏانو به ايندو آهي.
ايم ايڊ ڪرڻ کان پوءِ ٻين يارن جيان کيس به پر لڳي ويا هيا پهريون ليڪچرر ان ايڊيوڪيشن ٿيو، وري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ليڪچرر جي امتحان ۾ ٽاپ ڪيائين، سفارشي ڪلچر ڪري کيس مين ڪيمپس ۾ پوسٽنگ نه ڏني ويئي احتجاجن هن شڪارپور جي ڪيمپس ۾ مليل آرڊر کين منهن ۾ هنيو، فيڊرل گورنمنٽ ۾ ارڙهين گريڊ جي پوسٽ لاءِ ڪوالفائي ڪيائين ۽ انهن به کيس آفر آرڊر اهو چئي نه ڏنو ته تنهنجو تجربو گهٽ آهي.
پر جي ايم اهڙين ڳالهين کي تڏو وهائي ڪڍندو آهي کيس انهن ڳالهين جو نه ته ڪو ارمان آهي نه الڪو.
اسان جي هن سفر ۾ جي ايم اسان جو مينيجر هيو مون ۽ ملڪ صاحب کيس پنهنجي حصي جا پئسا ڏيئي ڇڏيا هيا ۽ پوءِ پوري ڏيتي ليتي سندس حوالي هئي. جي ايم کي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ تي ته عبور آهي پر ان سان گڏ سرائيڪي سندس مادري ٻولي آهي ۽ بلوچن جي شهر ۽ پاڙي ۾ رهڻ ڪري بلوچي به روانيءَ سان ڳالهائي ويندو آهي. جي ايم کي ڪيئي سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، اردو ڪلام، گيت ۽ غزل به ياد آهن ۽ هو انهن کي جهونگاريندي ڪابه هٻڪ محسوس ناهي ڪندو. گلگت جي هوٽل ۾ اسان هڪ ميوزيڪل رات ملهائي هئي مون ته جهڙو تهڙو هڪ غزل چيو هو پر ملڪ صاحب ۽ لانگاهه صاحب ان رات کي ڳائي وڄائي يادگار بڻائي ڇڏيو هو.
گهڻن خوبين سان گڏ سندس هڪ ڪمزوري به آهي؛ پنهنجي گهر کان ٻاهر گهڻو عرصو رهي نه سگهندو آهي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس گهر جي ياد ستائڻ لڳندي آهي. شايد اهوئي سبب هو ته هنزا جي چڪر بعد اسلام آباد پهچي پهرين ڪوچ ۾ ڪشمور واپس هليو ويو هو جڏهن ته مان ۽ نورمحمد ملڪ ڪجهه وڌيڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ رهي پيا هياسين. کيس اهي پور آغا خان واري دئور ۾ پڻ ايندا هيا. ڪمپيوٽر ليب ۾ ويٺي ويٺي اوچتو اعلان ڪندو هو ته هو واپس ڪشمور پيو وڃي.
مان خوشنصيب آهيان ته جي ايم، ملڪ ۽ چاچڙ جهڙا منهنجا دوست آهن. سچ چوندا آهن ته اهو وڏو مالدار آهي جنهن کي پرخلوص دوست هجن ۽ مون هڪ ٻه نه پر تمام گهڻا پرين پيارا آهن.