Sunday, November 2, 2014

مون سي ڏٺا ماءُ

مون سي ڏٺا ماءُ


اوهان مان گھڻن دوستن هن خطي جي عظيم ڪوي، فلمساز، هدايتڪار ۽ ميوزڪ جي ڄاڻو انسان گلزار جي فلم ”ڪوشش“ ڏٺي آهي؟ جي اوهان اها فلم ڏسي چڪا آهيو ته منهنجي خيال ۾ اوهان سٺين، صاف سٿرين ۽ سبق آموز فلمن جا ڳولائو ۽ پارکو پڻ آهيو. جي اڃا تائين ڏسي نه سگھيا آهيو ته منهنجي صلاح اها آهي ته اهڙي سٺي فلم کي جيترو جلد ڏسي سگھو ڏسي وٺو.  مون اها فلم ڪيئي دفعا ڏٺي آهي ۽ ان فلم کي پنهنجي ٽريننگن جو حصو پڻ بنايو آهي. فلم جا ٻئي مرڪزي ڪردار (مان ڄاڻي واڻي هيرو ۽ هيروئن نه ٿو لکان ڇوته فلم جي ڪهاڻي بلڪل مختلف ۽ ڪا خاص رومانٽڪ ناهي) ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان لاچار آهن. منهنجي چوڻ جو مطلب ته مڙس گونگو ته زال گونگي آهي. اهي ٻئي ڀاڳوند ڏاڍا ايماندار، مخلص، محنتي ۽ جاکوڙي ڪردار آهن. فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ دوست سائيڪل تي اخبارون وڪڻي گھر جو وهنوار هلائڻ وارو ڏيکاريو ويو آهي. عجب آهي ته انهن ٻنهي ڪردارن جو جيڪو هڪ عدد دوست آهي اهو وري اکين کان انڌو آهي. هاڻي اوهان تصور ڪيو ته هڪ ٻوڙو ۽ گونگو ڪنهن انڌي کي پنهنجي ڳالهه ڪيئن سمجهائيندو يا هڪ انڌو گونگن ۽ ٻوڙن انسانن سان ڪهڙي نموني ڪميونيڪيشن ڪري سگھي ٿو؟! ڪمال آهي!! منهنجي خيال ۾ ته اهڙا خيال ۽ اهڙيون ڪارائتيون فلمون بس گلزار ئي ٺاهي سگھي ٿو.  فلم جو هڪ ٻيو مک ڪردار مائيءَ جو هڪ مسٽنڊو ڀاءُ آهي جيڪو هر طرح فٽ فاٽ ۽ هٽو ڪٽو آهي، پر سندس پير صحيح ناهن. جوا کيڏندڙ، رنڊي بازي ڪندڙ، شراب پيئندڙ ۽ چوري چڪاري وارا ڪم ڪندڙ آهي. بظاهر پوئين ڪردار لاءِ زندگي گذارڻ آسان آهي ۽ مک ڪردارن کي تمام وڏا چئلينج آهن.  ان مسٽنڊي پاران پنهنجي ڀيڻ جي گھران سائيڪل چوري ڪرڻ واري وارڌات ۾ انهن جو ننڍڙو پٽ اجل جو شڪار ٿي پوندو آهي ۽ سندس ڀيڻوئي کي سائيڪل جي نه هئڻ ڪري ڏيهاڙي ڪم کان به جواب ملي ويندو آهي. پر پوءِ به اهي دل ناهن هاريندا ۽ زندگيءَ جي ڏکيائين کي چئلينج سمجھي منهن مقابل ٿيندا آهن. نيٺ سندن همٿ، بهادري ۽ ايمانداري رنگ لائيندي آهي ۽ اهي خوشحال زندگي گذارڻ جي لائق ٿي ويندا آهن. کين ٻيو پٽ ڄمندو آهي ۽ اهي سندس تمام سٺي پالنا ڪندا آهن ۽ کيس سٺي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪندا آهن. جڏهن ته جيڪو مسٽنڊو هيو اهو پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ٽنگ ٽوڙائي ويهندو آهي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن شهر جي چوڪ تي بيهي پنڻ شروع ڪندو آهي.
هن فلم مان منهنجي خيال ۾ جيڪو سبق ٿو ملي اهو هيءُ ته ماڻهون کي سماج اندر اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ، خوشحال ۽ خوشين ڀري زندگي گذارڻ لاءِ جوش جذبي سان گڏ همٿ، لڳاتار جدوجهد، ايمانداري گھرجي. ماڻهون کڻي ڀلي بظاهر معذور به ڇونه هجي پر جي سنئين واٽ تي هوندو ته اهو پنهنجي زندگي عزت ۽ وقار سان گذارڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ ڀلي ماڻهون کڻي سهڻو سيبتو، هوش حواس وارو، جانٺو جوان هجي پر جي سندس پير صحيح نه هوندا ۽ بي همٿ ۽ حوصلو هاريل هوندو ته سنڌي چوڻي موجب ”دريا ڪپ تي نينگر ڪڏي اڄ نه ٻڏي ته صبحان ٻڏي“ هو ڪنهن نه ڪنهن ٻوهي ۾ ضرور ايندو ۽ پاڻ سان گڏ پوري خاندان کي تڪليف ڏيڻ جو سبب بڻبو.
منهنجا مهربان دوست مون سان اختلاف به رکن سگھن ٿا ته فلمي زندگي ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. اهي سڀ ڪردار جيڪي فلم ۾ ڏيکاريل آهن، فلم جي ڪهاڻيڪار جا تخليق ڪيل آهن جن جو ضروري ناهي ته عملي زندگيءَ سان به واسطو هجي! اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به لڳي ٿي.  پر دوستو ٿورو ترسو مان اوهان کي هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ وڃي رهيو آهيان، جيڪو اوهان ٻڌي اعتبار ئي نه ڪندو! ان کان اڳ جو مان اوهان کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪريان ڪجھ ٻين ڳالهين تي روشني وجھي اصل ڳالهه ڏانهن ايندس.  ڪجھ عرصو اڳ مون هڪ عدد مضمون ”معذوري مجبوري ناهي“ لکي هئم جيڪا منهنجي بلاگ ”جنهن دل پيتا عشق دا جام               http://katohargul.blogspot.com/2014/08/blog-post_21.html  تي موجود آهي. منهنجي ان ننڍڙي مضمون کي تمام گھڻن دوستن پسند ڪيو هو. مون ان ۾ پڻ ڪجھ باهمٿ معذور ماڻهن جو ذڪر خير ڪيو هو. گذريل ڪجھ ڏينهن اندر اتفاق سان ڪي ٻيا اهڙا ڪردار به سامهون آيا آهن جن کي ڏسي منهنجو ايمان پختو ٿي ويو آهي ته گلزار جي جوڙيل فلم ۽ مون پاران پنهنجي ڪالم ۾ لکيل ڳالهيون سؤ فيصد سچائي تي ٻڌل آهن. اچو ته اوهان کي هڪ اهڙي اتساهيندڙ نوجوان سان تعارف ڪرايان. گھڻو ڪري اوهان به کانئس واقف هوندا جو ان جي ڦوٽو اڳ ئي اخبارن جي زينت بڻجي چڪو آهي.
هي نوجوان آهي جيڪو ٻنهي هٿن کان محروم آهي.  هو همٿ ڪري انٽر پري انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪري چڪو آهي ۽ ڏيکاريل تصوير ۾ هو مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انجنيئرنگ جي داخلا لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ ۾ امتحان ڏئي رهيو آهي. هن سمورن سوالن جا جواب پنهنجي پيرن سان لکيا.  منهنجي خيال ۾ ته هي نوجوان پنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان هي امتحان اڳ ئي جهڙوڪر پاس ڪري چڪو آهي. هن نوجوان کي اڳتي وڌڻ، سکڻ، پڙهڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ زندگيءَ جا سمورا انڍلٺي رنگ ڀرڻ کان ڪير به روڪي ڪونه ٿو سگھي.


اچو ته هڪ ٻئي اهڙي ڪردار سان ملون. هي وري معذور ڇوڪري آسو ڪولهي آهي جيڪا بيساکين جي سهاري تي هلندي آهي. تمام غريب ۽ پوئتي پيل علائقي جي رهواسڻ آهي پر سندس جرئت کي لکين سلام هجن ته هوءَ معذور هوندي به پنهنجو اسڪول هلائي ٿي. اوهان سندس متعلق سمورا تفصيل هيٺ ڏنل اخباري ڪٽنگ ۾ پڙهي سگھو ٿا.


پر دوستو منهنجا جيڪي اصل ڪردار آهن اهي گلزار جي فلم ”ڪوشش“  جا اصل هيرو ۽ هيروئن آهن.



مٿي ڏنل تصوير ۾ کٻي پاسي کان مان راقم الحروف بيٺل آهيان، ننڍڙو سيبتو ٻالڪ ان سهڻي ۽ سيبتي جوڙي کي الله پاڪ طرفان مليل عظيم تحفو آهي. هي جوڙو سکر ۾ هڪ اسڪول هلائيندو آهي. سوٽ ۽ نيڪ ٽاءِ ٻڌل جيڪو نوجوان ڏسو پيا اهو ان اسڪول جو پرنسپل آهي، سندس ڀرسان سندس وني بيٺل آهي جيڪا اسڪول جي وائيس پرنسپل آهي. انهن جو اسڪول گونگن ۽ ٻوڙن ٻارڙن جو آهي، جنهن ۾ کين مفت تعليم مهيا ڪئي ويندي آهي. اسان سڀئي پياري دوست سائين شاهنواز چاچڙ پاران سکر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سندس پاران منقعد ڪيل هڪ پروگرام ۾ گڏيا هياسين. چاچڙ صاحب سندن اسڪول کي وزٽ ڪري چڪو آهي ان ٻڌايو پئي ته سندن اسڪول جو معيار ڪنهن به ملڪي يا غير ملڪي اسڪول کان گھٽ ناهي. هاڻي اوهان به سوچيندا هوندا ته اهو ڪهڙو وڏو ڪارنامو آهي!؟ اهڙا ڪيئي پرائيويٽ اسڪول آهن جيڪي وڏي ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. بلڪل بجا پر دوستو منهنجي خيال ۾ اهڙن اسڪولن کي هلائڻ وارا ڪنن کان ٻوڙا ۽ وات کان گونگا ته نه هوندا ني!! جيئن هي جوڙو آهي! اسان گڏجي جنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي ته ان ۾ سندن ننڍڙو پٽ پروگرام هلائيندڙن ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ دوستن جي ڳالهين کي پنهنجي اشارن سان پنهنجي ابي ۽ امڙ کي ٻڌائڻ وارو ڪم متواتر پئي ڪيو ۽ پوءِ جڏهن کين پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته هن خبر ناهي هٿن جا ڪي عجيب غريب اشارا پئي ڪيا ۽ سندن ننڍڙي شهزادي انهن کي لفظن جو روپ ڏئي اسان کي پئي ٻڌايو. هاڻي اوهان پاڻ فيصلو ڪيو ته گلزار جي فلم جا ڪردار حقيقي آهن يا خيالي؟ مان ته سندس فلم جي ڪردارن کي اکين سان ڏسي چڪو آهيان ۽ اهي هوبهو ان فلم جي عڪاسي پيا ڪن. سلام آهي اهڙن امر ڪردارن تي جيڪي تمام وڏيون ڏکيائيون پار ڪري نه رڳو پنهنجي پر پوري سماج لاءِ وڏي وٿ آهن. اهڙن اتساهيندڙ ڪردارن کي ڏسي انساني عظمت جو قائل ٿيڻو پوندو آهي. مان آخر ۾ بس اهڙن سمورن ڪردارن کي ٻنهي هٿن سان سيليوٽ ڪري دعا ٿو ڪريان ته شل اهي سکي رهن ۽ زندگي جون سموريون خوشيون عزت ۽ وقار سان ماڻين. آمين.