Sunday, October 25, 2015

ٻارڙن جي نشونما ۽ پالنا ۾ والدين، اسڪول ۽ معاشري جو ڪردار


ننڍو ٻار مڪمل نموني سماج جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو آهي. صفا ٻالڪپڻ ۾ جڏهن کيس بک لڳندي آهي، جڏهن کيس ڪا تڪليف ايندي آهي، جڏهن هو بيمار ٿيندو آهي، جڏهن هو ڏکيو محسوس ڪندو آهي ته ٻار ان دک درد، تڪليف يا اذيت کان بچڻ لاءِ ڪجھ ڪري سگھڻ جهڙو هوندو ئي ناهي، بس روئي ٻدائيندو آهي ته کيس ڪا تڪليف آهي يا هو اهنجو آهي ان ڪري سندس سهائتا ڪئي وڃي. ان صورت ۾ پيءُ ماءُ، ويجھن مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن پاران سندس يا ته سهائتا ڪئي ويندي آهي يا کيس نظر انداز ڪيو ويندو آهي. سڌريل معاشرن ۾ ڪنهن حد تائين اها ذميواري رياستون يا حڪومتون پڻ پنهنجي سر تي کڻنديون آهن ۽ ٻارن جي صحت صفائي، سندن پالنا ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون آهن. ٻارڙن جي اهڙي پالنا ۽ ماحول جو سندن جسماني توڙي ذهني نشونما تي وڏو اثر پوندو آهي. چوندا آهن ته صحت مند جسم مان ئي صحت مند ذهن پيدا ٿيندا آهن. اهي معاشرا جتي ٻارن جي صحت صفائي سان گڏ ذهني نشونما لاءِ سازگار ماحول ڏنو ويندو آهي ته اهڙا معاشرا تيزيءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري وٺندا آهن ۽ معاشري ۾ هڪ طرح فطري توازن پيدا ٿي پوندو آهي.

اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن کي اسان ڪنهن فصل جي تياريءَ سان ڀيٽ ڏئي سگھون ٿا. جيئن مختلف فصل موسم جي حساب سان پوکيا ويندا آهن، انهن کي مخصوص وقت تي پاڻي ۽ ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو آهي، انهن جي اوسر تي موسمن جو مثبت يا منفي اثر پوڻ لازمي هوندو آهي ان نموني اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن سان به هوندو آهي. اهي هڪ مخصوص عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ڪيا ويندا آهن، کين استاد، ڪتابن ۾ ڏنل سبقن جو وقت سر ٻچ ڀاڻ ۽ پاڻي ميسر ڪري ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن سندن جسماني ۽ ذهني سطح سلامت رهندي آهي ته امتحان ۾ کين پرکي مٿين درجي ۾ موڪليو ويندو آهي. هتي اسڪول جو ماحول ۽ استاد سندن ذهني، روحاني ۽ سماجي روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. جيئن زمين جي تياري ۽ ان مان ڀرپور لاڀ لاءِ هڪ تجربي ڪار ڪڙمي وقت، ٻج، ڀاڻ، پاڻي ۽ موسمن جو ماهرانه جائزو وٺندي صحيح فيصلا ڪندو آهي بلڪل ساڳي نموني شاگردن لاءِ استاد جو ڪردار هوندو آهي. استاد پنهنجي شاگردن جي زندگي سنوارڻ يا بگاڙڻ ۾ مک رول ادا ڪندو آهي. استاد وري پنهنجي اسڪول (تعليمي اداري) اندر مثبت يا منفي ماحول، ڪلچر کان متاثر ٿيندو آهي، جيڪڏهن تعليمي اداري اندر ماحول سازگار، تعليم دوست هوندو ته استاد پڻ ساڳيو گس وٺندو پر جي ماحول ناڪاري هوندو ته مٿس ان جا برا اثر پوڻ لازمي امر آهي ۽ استاد جي روين جو اثر وري شاگردن جي سکيا تي پوندو آهي. 

شاگردن جي مڪمل، ڀرپور، گھڻ پاسائين، مثبت پرورش، سکيا لاءِ تمام ضروري آهي ته کين نه رڳو گھر، اوڙي پاڙي پر اسڪول ۾ پڻ سٺو ماحول ملي. جڏهن ائين ٿيندو آهي ته اتي شاندار انسان تيار ٿيندا آهن جيڪي معاشري تي هاڪاري اثر ڇڏيندا. اسان پنهنجي گھر، اوڙي پاڙي ۽ اسڪول جو ڪڏهن جائزو ورتو آهي ته اتي ڪهڙو ماحول آهي؟ ٻارڙن جي ذهني ۽ روحاني نشمونما جو سمورو بار محض استادن يا اسڪولن تي وجھڻ دورانديشي ناهي، سندن پالنا ۽سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن جو ڪردار اهم آهي. ان ڪري والدين ۽ معاشري کي پڻ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
اچو ته پنهنجا اسڪول سنواريون، پنهنجن گھرن، اوڙن پاڙن اندر سکڻ سيکارڻ جو ماحول پيدا ڪريون، جيڪو اسان جي ترقي، وقار، صحت مند ماحول لاءِ تمام ضروري آهي.

مٿي ٻڌايل ڪم بظاهر تمام وڏا ٿا لڳن پر حقيقت ائين ناهي. گھر، اوڙي پاڙي، اسڪول اندر سٺو ماحول تڏهن جڙندو جڏهن اسان مان هرهڪ پنهنجو پاڻ ۾ مثبت تبديلي آڻيندو. جيڪڏهن ڪو ائين ٿو سوچي ته منهنجي هڪ ماڻهونءَ جي تبديل ٿيڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته اهو سراسر غلط آهي. جيڪڏهن هر ماڻهون ائين سوچيندو ۽ عمل ڪندو ته پوءِ اهڙو معاشرو گندي پاڻيءَ جي ڍنڍ مثل بڻجي پوندو جنهن جي پوسل ۾ ڪيئي جراثيم پيدا ٿي ڪري سموري ماحول کي انيڪ بيمارين جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن. ان ڪري تمام ضروري آهي ته ٻين جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران اسان مان هرهڪ ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر تبديلي آڻڻ گھرجي. ڦڙي ڦڙي تلاءُ مثل جڏهن اهو عمل هڪ دفعي شروع ٿي ويو ته ان جو محور پنهنجو پاڻ وڌندو ويندو ۽ هر ماڻهون اهڙا رويا اپنائڻ تي مجبور ٿي پوندو.

 ڀلا اسان کي پنهنجن گھرن اندر ٻارن سان مهذب نموني ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ساڻن مثبت روين رکڻ، کين همٿائڻ، سندن صحت ۽ صفائي جو خيال رکڻ کان ڪير روڪيندو يا ٽوڪيندو؟ اهو ته اسان تي منحصر آهي ته اسين کين ڪهڙو ماحول ٿا ڏيون. الاهي چڱايون بس مثبت سوچ رکي انهن تي عمل ڪرڻ تي مدار رکن ٿيون جن تي ڪوبه خرچ ناهي ٿيندو. اسان اوهان مان هرهڪ کي اڄ ئي هاڻي جو هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ گھرجي ته هن گھڙيءَ اها ڪهڙي تبديلي آهي جيڪا اهو پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي شروعات ڪرڻ گھرجي.