Friday, May 8, 2020

سچل سارو سچ

اڄ مرشد سچل سرمست جو ڏهاڙو آهي پر ڪورونا وائرس ڪري عرس جون تقريبون ٿي نہ سگهيوڻ آهن. سچل سرمست هڪ ٻي باڪ شاعر هيا ۽ سندن شاعري ۾ ڪوبہ ابهام ناهي. سندس چيل سچ اگهاڙو سچ آهي. اه
ڙو سچ جيڪو سچل جي دئور جي ٺيڪيدارن جي هجرن ۾ ٻڙڌڪ مچائي وجهندو هيو ۽ ساڳيو سچ انهن ٺيڪيدارن جي اولاد جون هنوقت ٻہ ننڊو حرام ڪري ٿو وجهي. هونئن به هڪ چوڻي آهي ته سج کي کاري هيٺان لڪائي نہ ٿو سگهجي ٿو ۽ سچ ٻہ تہ سج جهڙو آهي اهو ڀلا ڪيترو لڪائي سگهبو. ان وقت به لٺ سچ کي لڪائڻ وارن جي هٿ ۾ هئي ۽ هنوقت ٻہ ظاهري طاقت وٽن ئي آهي، پر اهي هٿئين خالي سچ جي پانڌيئڙن کان ڪيترو نہ ڊنل آهن تہ ڪو حق جي ڳالھ ڪري ٿو تہ هر پاسي کان لٺيون اڀيون ڪيون پيون وڃن.
پر سچل جي پانڌيئڙن جي زبان تي ساڳي سدا آهي، مان جهوئي آهيان سوئي آهيان،