Monday, July 9, 2012

اروڙ جو سير

       




مون کي جڏهن به ڪو يار دوست گهمڻ ڦرڻ يا سير  تفريح لاء چوندو   آهي ته پوء سڀ ڪم ڪار هڪ پاسي رکي ان دوست سان نڪري    پوندو آهيان ۽ نومبر  جي 24 تاريخ جڏهن سکر جي هڪ خوبصورت مکڙي ۽  ان ظاهري صورت کان وڌيڪ سيرت ۽ سڀاء واري سائين ستار زنگيجي اروڙ    جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي گهمڻ جي دعوت ڏني هئي ته سکر کان خاشو ڏور گهوٽڪي   کان به ڪجهه پرڀرو سنڌ جي يگاني صوفي شاعر حضورڻ سائين جي پهرين ورسي جي مناسبت سان لڳل ميلي ۾ پرين پياري فقير نذير سان گڏگهمندي ۽ نوجوان گادي نشين ۽ ڀلوڙ راڳي سخاوت سائين جي محبتي محفل مان مزو ماڻيندي به سويل سکر پهچي اروڙ اسهڻ جي اڻتڻ جهڙوڪر سمهڻ ئي نه پئي ڏنو۽ پوءِ پرهه ڦٽيءَ جو اٿي کڻي کُڙيءَ تي زور رکيو هوم ۽ اسان اروڙ ڏانهن  ٻن موٽر سائيڪلن تي روانا ٿيا هئاسين ستار سان گڏ هڪ ٻيو باشعور نوجوان شبير سومرو به ساڻ هيو، اهو ڏينهن ڪجهه ٿڌيرڙو هيو ڪجهه ڪڪر به آسمان جي وسعتن ۾ لغڙن جيان اڏامي رهيا هئا. حقيقت ۾ اهو مون لاءِ هڪ قسم جو مطالعاتي دؤرو هيو. جن کي سنڌ جي تاريخ سان ٿورڙي به دلچسپي هوندي اهي ڄاڻن ٿا ته اروڙ ڪنهن دؤر ۾ سر سبز، شادباد ، سونهن واري سنڌ جي راڄڌاني هئي، جتي وڏي مان ۽ مريادا وارا راجا ۽ مهاراجا رهندا هئا. جتي علم هيو جتي امن هيو جتي فن هيو ۽ فنڪارن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکيو ويندو هيو، ان کان علاوه اتي خوشيون ۽ خريد به هئي ان ڏيهه جا رهواسي خوش ۽ خوشحال هيا. ميرمحمد معصومي پنهنجي لاجواب تاريخي ڪتاب تاريخ معصومي ۾ اروڙ جو احوال اجهو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛ (الور مهراڻ نديءَ جي  ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون، مضبوط محلاتون،ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواهه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي. انهيءَ طرف جي ملڪ ۽ شهرن جو مالڪ مختيار ۽ صاحب اقتدار سيهرس  راءِ پٽ ساهسي هو. جيئن ته سيهرس راء نيڪوڪار ۽ عدالت پسند هو، ۽ عام خلق جون گردنون سندس قسمين قسمين مهربانين ۽ طرحين طرحين  احسانن جي بار هيٺان سدائين جهڪيل هونديون هيون، تنهنڪري عام  ۽ خاص ماڻهن جا ٽولا سندس فرمانبرداري دل و جان سان ڪندا هئا، ۽ سندس ملڪ جون حدون اڀرندي طرف کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي طرف کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر جو هاڻي لاهري بندر جي نالي سان مشهور آهي، ڏکڻ طرف کان سورت بندر ۽  ديو بندر ۽ اتر طرف کان قنڌار، سيستان، ڪوهه ـ سليمان، ڪردارن ۽ ڪي ڪانان جي سرحدن تائين هيون. هُن، هِن ملڪ کي چئن حصن ۾ ورهائي ، هرهڪ حصو هڪڙي حاڪم جي سنڀال هيٺ ڏيئي الور جي شهر کي  پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو.؛ )   تاريخ جي بدقسمتي ڏسو ته اها خوشحالي  ئي اسان جي غلاميءَ جو ڪارڻ بڻي، ڏوراهن ڏيهن کان ڪيئي هلاڪو ۽ چنگيز جهڙا سفاڪ قاتل  مختلف بهانا ڳولهي هتي آيا،جِن هن ملڪ جي شريف، نفيس ۽ پرامن ماڻهن جو وڏي بيدردي سان قتلام ڪيو،   شهر مسمار ڪيا ويا ڪتبخانا ساڙيا ويا، دوستو   26نومبر 2006 واري ڏينهن تي اسان ان قسم جا احساس رکي ان طرف اسهيا هئا سين. اروڙ سنڌ جو هڪ عظيم تاريخي ماڳ آهي. هتي هڪ خاشو وڏو قلعو تعمير ٿيل هو جنهن کي ڊاهي بکر جو قلعو تعمير ڪيو ويو هيو. هي اهو علائقو هيو جتي سنڌ جي ماڻهن ڌارين حملي آورن سان مهاڏو اٽڪايو هيو. اتي ئي هڪڙي ڊٿل مسجد آهي جنهن لاء ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها محمد بن قاسم سنڌ جي فتح بعد جوڙائي هئي، وري ڪجهه ٻين جو خيال آهي ته اها محمد بن قاسم جي جوڙايل نه ٿي لڳي ڇو ته ان جي اڏاوت مغل طرز تي ٿيل  آهي بهرحال اهو فيصلو ته آثارـ قديمه جي ماهرن کي ڪرڻو آهي ته اصل حقيقت آهي ڇا؟ پر هتي اهو ٻڌائڻ دلچسپي کان خالي نه رهندو ته ان مسجد کي محمد بن قاسم سان منسوب ڪري هڪ  جڙتو مذهبي تنظيم  ملڪ جي هڪ فوجي آمر کان لکين روپيا ان جي ٻيهر اڏاوت لاء وصول ڪيا هئا ۽ انهن ان مسجد ۽ محمد بن قاسم جي نالي کي پنهجي ذاتي مقصدن ۽ مفادن لاء خوب استعمال ڪيو هيو ڏسو ته ڪيئن نه دنيا وارن نه رڳو سياست پر مذهب کي پڻ هڪ منافع بخش ڪاروبار  ۾ تبديل ڪري  ڇڏيو آهي. اسان جڏهن ان ڏينهن اتي پهتا هئاسين ته انوقت ٻه عدد باقي بچيل ڀتيون بيٺيون هيون، ۽ اهو نظر اچي رهيو هيو ته اهي به بس هڪ ٻن برساتن بعد نيست  نابود ٿي وينديون. ان مسجد ڀرسان هڪ قديمي کوهه به آهي. اهو پورو علائقو ان ڪوٽ ۾ آهي جنهن جا ته هاڻ آثار به گم ٿي رهيا آهن ۽ پوء اسان ڳچ وقت ان تباهه و برباد ٿيل قلعي جي آثارن تي بيهي تصور پچايا هئا ننڍڙين ننڍڙين  پٿرين کي هٿ ۾ جهلي مستقبل ۾ سونهن واري سنڌ  جي سينڌ سنوارڻ جا وچن ۽ وعدا پڻ ڪيا هئا. دوستو هيءَ اهائي اروڙ جي وستي آهي جنهن جي سڳند ڀري مٽي مان سنڌ جو يگانو، بي باڪ ۽ بهادر قلمڪار سائين رشيد ڀٽي به جنم ورتو هيو  اروڙ کي هن وقت به رشيد ڀٽي صاحب جا مائٽ آباد ڪيون ويٺا آهن   انهن مان ئي شهمير فقير۽ نثار ڀٽيءَ جڏهن اسان کي ائين اٻاڻڪو ۽ اتاولو ڏٺو ته کائن رهيو نه ٿيو ۽ اهي اسان کي وڏي اڪير ۽ اتساهه سان   پنهجي اوطاق تي وٺي آيا ۽  خوب تواضع   ڪيو هيائون سندن اسرار هيو ته اسان سندن تڏي تي مانجهاندو ڪيون هنن جي پيار ۽ خلوص مان ڏاڍا متاثر ٿيا هئاسين پر اسان کي ته اڃان ڪجهه اڳتي وڃڻو هيو  سندن ٿورا  بجا آڻي اسان وري پنڌ کي ڇڪيو،  چُن جي  جبلن جو نظارو ڪندا اڳتي پئي وياسين ته انهن پنهجي نسل ڪشيءَ جون جهڙوڪر اسان کي دانهون ڏنيون، تنهن وقت به ڪيئي ماڻهون  بيلچن، ٽيڪمن سان  انهن جو  ماس روڙي رهيا هئا، روهڙي کان ڪوٽ ڏجي تائين اهي جبل علائقي جي سونهن بڻيل آهن، ڪاروباري ذهنيت رکڻ  وارا سندن  خوبصورت وجود  کي ڌرتي تان گم ڪندا پيا وتن، ڪيڏا نه ويران، بدصورت ۽ بيابان لڳندا اهي علائقا انهن جبلن کان سواءِ، ان قسم جو محض تصور ئي ڏڪائي ٿو ڇڏي،  شايد سندن  انهن آهن جو اثر هو ته اسان انهن سان گڏجي ڦوٽو شوٽ ڪيا. اڃا انهن انومانن ۾ غلطان هئا سي ته،  اتي ئي هڪ جهنگلي وڻ به منهجي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي جنهن ۾ڪجهه پرڀرو کان نظر نه ايندڙ گؤنچن سان گڏ خوبصورت گل ڏسندي اندر ئي ٺري پيو هيو ڀلا اهڙي من مونهڻي خوبصورتي کي ڪيئن ٿي نظر انداز ڪري سگهياسين، ٻه عدد ان جون تصويرون وٺي ئي اڳتي وڌيا هئاسين، ٻنهي طرفن کان جبل وچ۾ چاري نمان روڊ، هيڪڙ ٻيڪڙ ٽريفڪ نه ته مڪمل سانت، ۽ اهڙي پرسڪون لمحن ۾ انهيءَ روڊ تي اسان جون ڊورندڙ موٽر سائڪلون ائين پئي محسوس ٿيو جهڙوڪڙ تاريخ پوئتي موٽ کاڌي هئي ۽ اسين ڌرتيءَ جي حفاظت لاء گهوڙا ڊوڙائي رهيا هئاسين، ڀلا ڪڏهن ته انهن ئي رستن، جبلن جي لاهين ۽ چاڙهين، ميدانن تي سنڌ جا ڪوپا جوان ڪڏيا هوندا، انهن جو مقدس رت پنهجي ڀونءِ جي حفاظت ڪندي وهيو هوندو، بس اهڙيون سوچون ئي اسان لاء آٿت جو سبب هيون، ۽ سکر کان ايندي ۽ پوءِ موٽندي اسان جي سموري ڳالهه ٻولهه به اها ئي هلندي رهي. ان بعد اسان جو ٽن ڄڻن ۽ ٻن موٽر سائيڪلن تي مشتمل قافلو ڪالڪا ديوي جي مندر ۽ ان جي بلڪل سامهون جڙيل مسجد ۽ مدرسي طرف روان دوان هو، مسجد جي زيارت ۽ مندر جو درشن ڪري مندر مٿان جبل تي چڙهي سامهون نظر وڌي سين ته روڊ نانگ وانگر وڪڙ کاڌل چارو پئي محسوس ٿيو، جڏهن ته اتان روهڙي ۽ سکر جون جايون به نظريون پئي. اتي به ڪجهه ڦوٽو ورتاسي۽ بعد ۾ وري جبل جو رستو هيو ۽ اسين هئاسين۽ ائين هلندي هلندي اوچتو جبل کٽي پيو هيو ۽ اتان چوٽي تان بيهي جڏهن هيٺ نظر ڊوڙائي هئي سين  جت پري پري تائين کجين جي باغن، وڻن ٽڻن ۽ سرسبز نظاري ته جهڙوڪر پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هئو، اکين کي آسيس ڏيندڙ ان خوبصورتي کي ڏسندي دل ئي نه پي ڍاپي، اهو ٽپهري جو وقت هيو،جڏهن ته سج اڀرڻ وقت ان جو منظر اڃان ڪجهه ٻيو هوندو آهي، اها ڳالهه مسٽر شبير سومري ٻڌائي ته سندس ڪجهه مائٽ ڪراچي کان گهمڻ آيا هئا ۽ کين وٺي اهي صبح جو  اتي آيا هئا ڪراچي واسي ڏاڍا متاثر ٿيا هئا. اتي ئي جبل ٽڪي پيٽ پاليندڙ ٻرڙي سان دعا سلام بعد اسان وڃي نينهن جبل تي ساهي پٽي هئي. اها ٽڪري به عجب آهي، جيئن برگر کي چئن ٽڪرن ۾ ورهائبو آهي بلڪل ساڳي نموني هي جبل به ورهايل آهي ۽ چـڱو خاشو مٿي پڻ آهي ان تي چڙهڻ هرڪنهن جو ڪم نه آهي، ڪجهه سال اڳ ڪاليج جي دوستن سان جڏهن ٽوئر ڪندي اتي آيا هئاسين ته دلبر دوست قدير انصاري ۽ مان پوري ڀريل بس مان ٻه ڄڻا ئي هياسين جن ان جي چوٽي سر ڪئي هئي، ان جبل لاءِ به عجب ڏند ڪٿائون مشهور آهن، انهن مطابق ته  اهو حضرت علي جو ڪارنامون آهي. اڳئين دفعي جڏهن اتي آيا هئاسين  ته ڏاڍي رازداري واري انداز ۾ قدير سائين ٻڌايو هيو ته پرين هتي جيڪو به پنهجي محبوب ماڻڻ جي دعا گهرندو اها ضرور قبول پوندي، خبر ناهي قدير اها دعا گهري هئي الائي نه باقي مون کي ته منهجي دعائن جي اثر جي خبر آهي! ان خوبصورتي کي اکين ۾ پينٽ ڪري موٽي نارا واهه جي ڪناري هڪ ڳوٺاڻي اسٽائيل ۾ جڙيل هوٽل تي چانهه جا چسڪا وٺندي دڪان هلائيندڙ ۽ گورمينٽ ڊگري ڪاليج سکر جي شاگرد، جنهن جي ذات ٻانگو هئي، سان حال احوال اوريندي اندر صفا ڦسي پيو هيو جڏهن هن هڪ نوجوان ڇوڪري سان زيادتي بعد قتل جي ڳالهه ٻڌائي هئي، جيڪو سندس عزيز هيو، ان قصي اسان جي چانهه جو ذائقو ئي کسي ورتو هو، بعد ۾ نارا ڪينال جو دلپذير ڪنارو وٺي پنهجي آخري منزل ڏهاڳڻ، سهاڳڻ جي قبرن تي آيا سين، صديون اڳ جڙيل انهن قبرن مٿان جوڙايل عمارتن جي عظمت ته اڄ به سلامت آهي پر ڪا مستند تاريخ نه ٿي ملي ته انهن جي اصلي حقيقت آهي ڪهڙي بس اتي به اوهان کي ڏند ڪٿائن جو سهارو وٺڻو پوندو.


      سنڌ سڄي سونهن سان سٿي پئي آهي بس جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي ته اها آهي سهولتن جي اڻهوند، امن امان ۽ انهن جي ڏينهان ڏيهه مشهوري، منهجي سڄي سنڌ واسين کي اها دعوت آهي ته اهي هنن تاريخي ماڳن ۽ خوبصورتين جو نظارو ضرور ڪن،

عظيم تر تباهي

                            


     ڪي ڪي خطرا اهڙا هوندا آهن، جن جو تعلق ڪنهن خاص قوم، ملڪ يا خطي سان ناهي هوندو پر اهي پوري ڪائنات جي سمورن ساهوارن لاءِ هڪ جهڙو تباه ڪن هوندا آهن. اوهان  جوڇا اهو خيال آهي ته ايٽمي هٿيارن جي موجودگي ۽ روزبروز انهن ۾ واڌارو هن ڪائنات لاءِ تمام وڏو خطرو آهي؟ ۽ اوهين اهو سوچيو ٿا ته ان سان نه رڳو نسل انساني پر باقي ساهوارا به  تهس نهس ٿي ويندا ۽ زندگيءَ جون علامتون مٽجي ختم ٿي وينديون. اها ڳالهه واقعي به وزنائتي آهي، پر جي مان چوان ته ايٽم بمن ۽ سموري گولابارود کان  به تمام وڏو خطرو اڃان ڪو ٻيو موجود آهي ته ڇا اوهان اعتبار ڪندا!  اهو هيءُ ته سرمائيدار ملڪن تيزرفتار ترقيءَ جي حاصلات لاءِ فطرت جي توازن کي ڊانوا ڊول ڪرڻ جي حماقت ڪري وڌي آهي ۽ هاڻي سال بسال اسان جي هن سهڻي من مونهڻي ڪائنات  تي جيڪو ڌرتيءَ جو ٽڪڙو آهي ان جي گرمي پڌ ۾ هرروز اضافو ٿي رهيو آهي. پهاڙن تي ڄميل گليشيرز پگھري رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن انهن جو تعداد گھٽجندو پيو وڃي، صاف سٿري قدرتي پاڻيءَ جا ذخيرا پڻ گھٽبا پيا وڃن ۽ پوري ڪائنات جي موسمي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديليون نوٽ ڪيون پيون وڃن، يا ته سالن تائين برسات نه ٿي پئي ۽ جي پوي ٿي ته تمام گھڻي ٿي پئي ۽ علائقن جا علائقا ان جي لپيٽ ۾ اچي لڙهي ٿا وڃن. سمنڊ زمين کي پائيندو ٿو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري پيو ٿئي ڇو ته قدرت پاران اسان جي ڌرتي تي جوڙيل گرين هائوس گئس واري ڇاڻيءَ ۾ ڇيد ٿيندا پيا وڃن. هن وقت دنيا جي سمورن ساڃاه وند سياڻن ماڻهن ۽ سائنسدانن جو اهو گڏيل مؤقف آهي ته پوري نسل انسانيءَ سان گڏ سموري ساهواري مخلوق کي جي ڪو تمام وڏو، انتهائي خطرناڪ، ڀوائتو خطرو آهي ته اهوئي آهي.


                 ٽم فلينري آسٽريليا جو جڳ مشهور سائنسدان آهي جنهن کي آسٽريليا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز مليل آهي. کيس گرين هائوس گئس معاملي تي تمام گھڻي تشويش، ڳڻتي ۽ ڳاراڻو آهي. سندس مؤقف آهي ته هنوقت آسٽريليا تي ان جا انتهائي خطرناڪ اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. آسٽريليا جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ماڻهن جي پيئڻ لاءِ صاف شفاف پاڻيءَ جي دستيابي مسئلو بڻيل آهي جڏهن ته زرعي پيداوار لاءِ ان جي فراهمي گھٽ ٿيندي پئي وڃي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته  ملڪ جي پيداوار ۾ گھٽتائي انفرا اسٽرڪچر جي خراب رٿابنديءَ ڪري نه پر ان ڪري آهي ڇوته گرين هائوس پاليوشن جي ڪري ڌرتيءَ مان پاڻيءَ جا ذخيرا ختم ٿيندا پيا وڃن. سندس چوڻ آهي ته اڄ آسٽريليا جا شهري ان مسئلي جو بدترين نموني سان شڪار بڻيل آهن پر اهو ڏينهن پري ناهي ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ سميت دنيا جا سمورا ملڪ ان جو شڪار ٿيندا. هن ڪوئلي تي بجليءَ جي پيداوار کي جاهلانه طريقو سڏيندي اهڙي طرز تي بجليءَ جي پيداوار کي بنادير بند ڪري متبادل طريقا ڳولهڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته اسان سج جي ڪرڻن، هوا جي لهرن ۽ جيو ٿرملن ذريعي به اها حاصل ڪري سگھون ٿا، ان سلسلي ۾ هن پنهنجي حڪومت کي چيو آهي ته جي اها ان معاملي ۾ واقعي سنجيده آهي ته بجليءَ جي پيداوار لاءِ هڪ نئون شهر اڏي اتي ان ۾ اها ايتري پيدا ڪري سگھجي ٿي جو اها پوري ملڪ  جي سمورين ضرورتن جو هڪ صدي  تائين پورائو ڪندي رهندي. ياد رهي ته آسٽريليا اهو ملڪ آهي جت تمام عظيم ٻيلا آهن، پر هاڻ ماحول جي آلودگيءَ ڪري سندن انهن ٻيلن ۾ باهيون لڳڻ ڄڻ معمول بڻجي ويو آهي، ان تي قابو ڪرڻ لاءِ کين جيڪي پاپڙ پيلڻا پوندا آهن ان کان به وڌيڪ درد سندن لاءِ  انهن ڀڙڪندڙ باهين ڪري ماحول جو گرم ٿيڻ آهي. اديب هجن يا دانشور يا سائنسدان سڀ جو سڀ  دنيا ۾ آلودگيءَ واري اشوءَ تي ڏاڍي تشويش ۾ مبتلا آهن. ويندي هالي ووڊ جي فلم ميڪرز کي پڻ ان معاملي جي سنگينيءَ جو احساس آهي جو انهن ساڳي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار فلم ٺاهي آهي، ان جو نالو آهي،                                     


 Day after tomorrow


جنهن ۾ انهن  ڏاڍي اثرائتي نموني اهو ڏيکاريو آهي ته فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ جا ڪيڏا ڳرا نتيجا ڀوڳڻا ٿا پون. اها ساڳي ڳالهه اقوامِ متحده جي ايٽمي هٿيارن واري سابق انسپيڪٽر مسٽر برنڪس به ڪئي آهي ته ايٽمي هٿيارن کان تمام گھڻي وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه آهي زمين جي گرميءَ جو وڌڻ، هن ان سلسلي ۾ اهو به چيو ته قومن ۽ ملڪن کي ايٽمي توانائيءَجي پر امن استعمال لاءِ اها طاقت حاصل ڪرڻ جي اجازت هئڻ گھرجي جو ائين ڪرڻ سان ماحول گندو نه ٿيندو، ياد رهي ته هي يار   اقوامِ متحده پاران عراق ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڳولها لاءِ موڪليل انسپيڪٽر هيو جنهن اها رپورٽ ڏني هئي ته عراق ۾ وڏي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيار موجود نه آهن.                                                                     


              ڪيڏي نه افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي ته پياري ملڪ پاڪستان ۾ جنهن نموني ٻين مختلف اشوز تي کل هاڻپ پاليسيون پيون هلن ته ماحول جي متاثر ٿيڻ جو ته لڳي ٿو ڪنهن کي ڪو ارمان ۽ نه ڪا ڳڻتي ڳاراڻو آهي. اسان جا سمنڊ، درياءُ، وڏا شهر، ڍنڍو ڍورا گندگيءَ جو ڍير ٿيندا پيا وڃن. هاڻ جيڪڏهن ڪي ڌريون ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻيٽن تي اڏجندڙ شهرن کي اهڙي پس منظر سان ڏسن ٿا  ۽ کين مستقبل ۾ ماحول تباه برباد ٿيندي نظر ٿو اچي، ته  بجاءِ انهن جي جائز نقطن تي غور ڪرڻ جي کين ڪنهن ٻي اينگل سان ڏٺو ۽ سمجهيو پيو وڃي.                            


             ماحول جي تباهيءَ جو هڪ وڏو سبب وڏا ڊيم به آهن، ان جي تباه ڪارين جو هلڪو عڪس ته مون پنهنجي اکين سان ان وقت ڏٺو هو جڏهن اسين سانگھڙ ضلع ۾ اڏيل چوٽياريون ڊيم کي 2003ع ۾ ڏسڻ وياهئاسين، ان جي آس پاس جون زمينون سم ۽ سيراب جي ور چڙهي ويون هيون، جهنگلي جيوت تباه ٿي ويئي هئي، بهرحال اهو چوڻ ته وڏن ڊيمن جڙڻ سان ماحول تي انتهائي هاڃيڪار اثر پون ٿا، ان ۾ ڪو ڪوڙ نه ئي ڪو وڌاءُ آهي. گھڻا ماڻهون ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جا ان ڪري به مخالف آهن، ان سان هڪ طرف ته سرحد جو هڪ پورو شهر تباه ٿي ويندو ته ٻي پاسي سنڌ وارا زرعي پاڻيءَ کان هڪ طرف محروم ٿيندا پر ان کان وڏو سانحو اهو به رونما ٿي سگھي ٿو ته ان جي اڏاوت سان جي هڪ پورو درياءُ ئي مري کپي وڃي!!!!!                                                              


          اهڙي حالت ۾ نه رڳو انساني نسل مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو پر آبي جيوت جي ته نسل ڪشي ٿي ويندي. سمنڊ تيزيءَ سان زمين کي پائي ويندو، تمر جا رهيل ٻيلا به تباه ٿي ويندا ۽ نتيجي طور تي سوناميءَ جهڙيون هولناڪ تباهيون اڻٽر ٿي پونديون. اهو ساڳيو عمل ٻيٽن تي جڙندڙ عمارتسازي سان به عمل ۾ ايندو، ان ڪري به پوريءَ دنيا ۾ ماحول سان پيار ڪندڙ ڪارڪن اهڙن انسان دشمن ۽ ڪائنات دشمن رٿائن جي مخالفت ڪندا آهن. مان حڪومت پاڪستان کي اها صلاح ڏيندس ته هو ماحول دشمن اهڙن سمورن  رٿائن کي هڪدم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ کيس اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪرڻ گھرجي جنهن سان خوشگوارماحول آلوده ٿئي.                                                            


Ag_katohar@yahoo.com

واڪا ڪرڻ مون وس

روزانه ” خبرون “ جي 25 جنوري 2007 جي شماري ۾ ڇپيل ڪالم




                        مين پرائمري اسڪول ڪنڌرا اهو ادارو آهي جت اسان ڪنڌرا شهر ۽ ان جي آسپاس جي سمورن اسڪولن جي استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي پيشورانه سکيا جو ڪم سرانجام ڏنو هو. هڪ گروپ ۾ خيرپور تعلقي جي ڳوٺ عيسن ڀيو جي رهواسي عبدالرزاق ڀيو جو نالو به شامل هيو. عبدالرزاق ڀيو پڪيءَ عمر جو مذهبي خيالن وارو، نيڪ، پنهنجي پيشي سان والهانه عقيدت رکڻ وارو انسان آهي. هن پنهنجي پيشي کي عمر جا ستاويهه قيمتي سال ارپيا آهن، هو اسڪول جو ڪم به عبادت سمجهي سرانجام ڏيندو آهي ۽ کيس ” استاد “ سڏائڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي. سندس اسڪول تعلقي روهڙي ۽ تعلقي خيرپور جي سرحد تي آهي، روهڙي کان پري ۽ ڪٽيل هئڻ ڪري ڪوبه سپروائيزر، ايل سي او يا ڪو ٻيو مٿيون عملدار ان پاسي رخ گھٽ ڪندو آهي ها البته خانه پوريءَ لاءِ ڇٺي ڇهه ماهي ڪو اتي به جهاتي پائي ويندو آهي. هن اسڪول ۾ ايس ايم سي فنڊ کي استعمال ڪندي پنجٽيهه هزار روپين جي معمولي رقم سان ڳوٺاڻن جي مدد سان هڪ عدد ڪمرو به جوڙايو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ آفيسر سندس اسڪول جي دؤري تي آيو ۽ هر شيءِ ٺيڪ ٺاڪ ڏٺائين پر آخر ۾ پنهنجي ” ذهانت “ ثابت ڪرڻ لاءِ اها گوهر افشاني فرمائڻ جو حق استعمال ڪيائين ته اهڙو ڪمرو ته وڌ کان وڌ پنجويهه هزار روپين ۾ جڙي سگھي ٿو، تو ڏهه هزار روپيه وڌيڪ خرچ ڪيا آهن!!

                    سکر ضلعي ۾ تعليمي سڌارن جي مد ۾ اسرا جي هڪ ٽيم ” ليڊ “   وارن هٿان هرهڪ پرائمري اسڪول کي هڪ هزار ڊالر يعني اڻهٺ هزار روپيه ڏناويا هئا ته جيئن اهي پنهنجي اسڪول ۾ هڪ عدد وڌيڪ ڪمرو ڪلاس روم لاءِ جوڙين مون اڪثر هيڊ ماسٽرن کي اها شڪايت ڪندي ٻڌو هو ته ايترن ٿورن پئسن ۾ ڪمرو ٺهڻ ممڪن ئي ناهي، حالانڪه ائين به نه هيو، اهي جيڪي مثبت سوچ ڌاريندڙ ۽ هر ڪم کي بروقت سرانجام ڏيندڙ هيڊ ماسٽر هئا انهن ساڳين پئسن مان ڪمرا تعمير به ڪرائي ڇڏيا هئا. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه چئبي ته جيڪڏهن ڪو ڀاڳوند اهو ساڳيو ڪم رڳو پنجٽيهه هزارن ۾ سرانجام ٿو ڏئي ته به ان تي اعتراض آهي . مون پنهنجي ٻن سالن واري تجربي ۾ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پرائمري سطح تي ڪجهه عملدارن جو تعليمي تباهي ۾ نمايان ڪردار آهي. انهن مان گھڻن کي ته خبر ئي نه آهي ته مانيٽرنگ ٿيندي ڇا آهي ! ۽ جيڪي سپروائيزر آهن انهن مان ڪجهه ته بنهه  ڪورا ڄٽ آهن، بس اهي مٿين آفيسرن جا خوشامندي ۽ انهن لاءِ مال ٺاهيندڙ ۽ ڪجهه انهن مان پنهنجو حصو پتي حلال ڪندڙ وڌيڪ آهن. مون کي اڄ به اهو عملدار ياد آهي جنهن سکيا لاءِ چونڊيل ماسٽر ٽرينرس کي ڪن ڳالهين تي بليڪ ميل ڪري هزارين روپيا هڙپ ڪيا هئا ۽ اهو ساڳيو آفيسر انهن سينٽرن تي اچي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ جون تلقيدون ڪندو هو. مين پرائمري اسڪول سکر اهو اسڪول هو جتي اسان پهرين گروپ جي سکيا ڪئي هئي ان ۾ ڳچ تعداد فيميلز جو به هيو اهي اسان جي ڳالهين ۾ اچي ڪجهه پير پختا ڪري مٿين عملدارن کي رشوت نه ڏيڻ واري واعدي تي ڪجهه عرصو ته قائم رهيون، پر وڏي دٻاءُ ڪري کين جهڪڻو پيو ۽ هنن پنهنجن پنهنجن اسڪولن جي آڊٽ جي مد ۾ روائتي نموني هڪ هڪ هزار مٿين آفيسرياڻيءَ کي ڏنا هئا، اها جيئن ته وڏي زماني ساز، لڪڙ هضم پٿر هضم ڪندڙ مشهور آهي، سو ان انهن پئسن مان پاڻ کان مٿين آفيسرياڻي کي جڏهن ” چاٽو “  نه ڪرايو ته اها به آپي مان نڪري ويئي ۽ پوءِ ڳالهه وڃي ڊي سي او صاحب جي ٽيبل تي پهتي هئي. اسان جو آخري گروپ به فيميل تي مشتمل هيو. اتي هڪ ڏينهن خوفناڪ قسم جي بلا عورت نه ڪا هم نه ڪا تم ڪري اسان واري ڪمري ۾ گھڙي آئي، معلوم ٿيو ته اها تعلقي جي آفيسرياڻي آهي ۽ ان اچڻ سان مون تي اچي اکيون ڦوٽاريون ته هوءَ ڪنڊ ۾ ويٺل ٽيچر ڪنهن جي حڪم سان هتي اسان واري سينٽر تي ويٺل آهي، کيس اهو به احساس نه هيو ته مان نه ته سندس ماتحت هيس ۽ نه سندس سوالن جا جواب ڏيڻ جو پابند، جڏهن ته منهنجو گريڊ  به کانئس مٿي هيو، بهرحال مون تحمل سان کيس سمجهايو ته هي جيڪي هتي ويٺل آهن، انهن سمورين کي اوهان جي ٽيبل تان نڪتل آرڊرن جون ڪاپيون اسڪول ۾ موڪلي هتي سکيا لاءِ گھرايو ويو آهي. سندس اتي اچڻ ۽ صوبيداراڻي نموني رويو رکڻ ڪري، اسانجي ڪلاس ۾ جيڪا انتهائي خوشگوار فضا قائم هئي اها ته غارت ٿي ويئي ويتر هڪ قسم جي نفرت انگيز ڪشمڪش وارو ماحول جڙي پيو هو ۽ ان ماحول کان بچڻ لاءِ مون ڏهن منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو هو، مون کي سندس رويي ته واقعي رنجايو هو پر افسوس ان ڳالهه جو هو ته ڪلاس انوقت مختلف سرگرمين ۽ گروپ ورڪ ۾ جوڙيل چارٽن ۽ ماڊلن سان ڪنوار وانگر سينگاريل هيو کيس انهن ڪمن سان ڪابه دلچسپي نه هئي ته سندس استاد نون ۽ جديد لاڙن تحت پڙهڻ، انتظام سنڀالڻ جو ڪم سکي رهيون آهن.

  مون اهو به مشاهدو ڪيو آهي اهي استاد جيڪي پنهنجي ڪم جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن ۽ تعليم جو ڀلو دل ۽ جان سان چاهيندا آهن، ڪرپٽ آفيسرن جو سڌو سنئون ننشانو به اهي ئي بڻجندا آهن. اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اسڪولن جي انسپيڪشن ۽ سپروائزنگ ان لاءِ نه ڪئي ويندي آهي ته اتي ڪم ڪندڙ استادن ۽ اسڪول جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي جانچجي، استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي همٿ وڌائجي، کين تعليمي عمل ۾ مدد مهيا ڪجي ۽ اهڙي نموني سندن ڪارڪردگي وڌائجي پر اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي وزٽ محض بهانو هوندا آهن، انهن دؤرن دؤران استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي غلطين، خامين کي هٿ ڪري کين بليڪ ميل ڪرڻ جو عمل سرانجام ڏنوويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ايماندار ماڻهون سندن اڏيل اهڙين ڪوڙڪين ۾ ڦاسڻ کان انڪار ڪندو آهي ته کيس بدلي ڪري سندس ڪيل ” ڏوهه “ جي سزا ڏني ويندي آهي. پني عاقل ۾ مردن جي گروپ ۾ هڪ سپروائيزر هيو جنهن جي آئيڊيل آفيسر هڪ اهڙي ميڊم عملدار هئي، جيڪا پٽيوالي کان وٺي پروفيسرن سان وڙهڻ، ڦڏا ڪرڻ جي ماهر ليکي ويندي هئي. ان جو قصو بيان ڪندي ٻڌايائين ته ” سائين ڇا ڳالهه ڪجي، هو جڏهن به هن پاسي وزٽ تي ايندي هئي ته  هن غريب ( وٽس ) وٽ ايندي هئي. هڪ دفعي ذري گھٽ هندستان جي سرحدن جي ويجهو هڪ اهڙي هيڊ ماسٽر کي ڳولهي هٿ ڪيائين جنهن هڪ ڌڪ سان اسڪول جي فنڊ مان ٻه لک ڪڍرائي کپائي ڇڏيا هئا ! “ مون جڏهن کانئس  ورائي سوال پڇيو هو ته ڀلا ڏي خبر پوءِ ان هيڊ ماسٽر جي نوڪري ختم ٿي، کيس ڪا سزا ملي؟ ان سوال جو ته وٽس جواب ئي نه هيو!!!

پرائمري اسڪولن جي وزٽ لاءِ عملدار اوچتو اچي ڪڙڪندا آهن ۽ ان کي ڇاپي جو نالو ڏيندا آهن. اسڪولن ۾ ڇاپا؟!  ڇاپا ته ايس ايڇ او ۽ صوبيدار هڻندا آهن، استادن تي ڇاپن مان ته اهو تاثر ٿو ملي جهڙوڪر اهي وڏا ڏوهي هجن. جي اسڪول جي ڪم جي نگراني يا مشاهدو ڪرڻو مقصود هجي ته اهو ڪم محض هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ ڪيئن ٿو ڪري سگھجي، ان ڪم لاءِ ته هڪ هڪ پورو ڏينهن هڪ هڪ اسڪول کي ڏجي، اتي ترسجي، استادن سان گڏ شاگردن سان ملجي، سندن قابليت جو ڪاٿو ائين لڳائي سگھجي ٿو. گھڻن هيڊ ماسٽرن اها به شڪايت ڪئي ته وزٽ کان پوءِ اهي عملدار کانئن گاڏيءَ جي  تيل لاءِ پئسن جو مطالبو ڪندا آهن. پرائمري سطح تي سپروائيزري ڪم ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي. سپروائيزر ايماندار ، تعليم سان والهانه عقيدت رکندڙ اهڙا استاد مقرر ڪجن جيڪي پنهنجي ڪم جا انتهائي ماهر  ۽ جاڻو به هجن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نيڪ سيرت ۽ مثبت سوچ رکندڙ ايماندار استادن جي همٿ افزائيءَ ڪجي، کين شابس سان گڏ سندن ڪم ۾ مدد ڪجي، همٿائجي، سٺن استادن جا قصا سڀني کي ٻڌائجن، انهن کي تمغا ڏجن، سندن نالي سندون جاري ڪجن ته پوءِ ئي پيڙهه جي پٿر وارو درجو رکندڙ پرائمري تعليم جو معيار بلند ٿي سگھي ٿو.





ٽيهه سال اڳ واري ۽ اڄوڪي سنڌ

اڄ اتفاق سان 1985ع جي ڊائري کولي جو پڙهيم ته ان


۾ عوامي شاعر اسماعيل ” اداسي “ جي هيءَ تخليق اکين مان گذري، جيڪا هن انوقت سرجي هئي جڏهن هو ملڪ ۾ جمهوري راڄ جي مطالبي ڪرڻ جي پاداش ۾ جيل جي جهان ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هيو ۽ هن کي اتي جيڪي نظر آيو هيو ان کي عوامي انداز ۾ پيش ڪيو هئائين، اچو ته اول اهو پڙهون،


ظلم ضيا جو زور وٺي ويو، اونڌه ڇانئي ڪاري ٻاٽ،


ڪارا چڪر پاڳل خانا، گھمي ڏٺاسون ڦاسي گھاٽ.


قيد جي قهري ڪوٽن ۾، ڪيئن ڪونڌر قتل عام ٿيا،


بمن  ۽  بندوقن  جو  بک  ٿيا، صبح  ٿيا، ڪي  شام ٿيا.


ڪن لئه ڦاهيون، ڪن لئه ڦٽڪا، ڪن لئه بڻيا بجلي شاٽ.


آزاديءَ جي ڪاڻ اچي هت رنگ ڌٺوسون نئو روپ“


چانهه ته جهڙي چوپائي مُٽ، دال ته جهڙي ڌوتل ڌوپ،


مسڪينن لئه مار مصيبت، مفت خورن جا هت به ٺاٺ.


فوجي ڇانوڻيءَ منجهه ڏسو يار، پاپين ڪيترا پاپ ڪيا،


لٽڪايا جن لعل لکين، تن ڪٽي ڪٽي ڪواب ڪيا،


پر    پورا نه تن جا پوءِ به ٿيا، جي لڌا لٽيرن خوني خواب.


لٽڪايو يا لالچ ڏيو، پر حق جو نعرو هڻنداسين،


موت قبولي ماڳ وطن لئه مرڪي ڦاهي چڙهنداسين،


اداسي آخر واپس ٿيندا، کرن هنيا جي خوني کاٽ.


اهو سندس سادو پر خوبصورت انداز هيو جنهن مان انوقت جي حالتن جي چڱيءَ  طرح پرک ٿئي ٿي. پر جڏهن مون ان دؤر کان وٺي اڄ تائينءَ جو تجزيو ڪيو ته انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو ته اڄ به اسان لاءِ اها ڪاري رات جاري آهي ، ڦاسي گھاٽ اڄ به حق گھرندڙ انسانن سان آباد آهن، ڪيئي ڪونڌر گم ڪيا ويا آهن، ٻيو ته ٺهيو انهن جي باري ۾ ڪو اطلاع ڏيڻ به گوارا نه ٿو ڪيو وڃي ته آيا اهي زنده سلامت به آهن يا......................؟!!!


غور ڪري ڏسبو ته اڄ به حالتون اهيئي 30 سالن واريون پراڻيون ئي آهن، ساڳيو ضيالحق جي دؤر ۾ شروع ڪيل ڪالاباغ وارو رينگٽ جاري آهي، بلوچن لاءِ حق جي گھر ڪندڙ نواب اڪبر بگٽيءَ کي جنهن نموني وڏي بيدردي ۽ بي حيائيءَ سان گولين جو بک بڻايو ويو، اهڙو مثال ته پوئين دؤر ۾ به نه ٿوملي. بي روزگاري اڳ کان به وڌي ويئي آهي، خود ڪشين جي تعداد ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي، اُن دؤر ۾ شروع ڪيل قبائلي جهيڙا هن وقت عروج تي پهتل آهن، هاڻ ته باقاعدي انهن هڪ منافع بخش ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ۽ اهڙن جهيڙن جي طفيل ڪي نالي ۾ نهال خودرو سردار اٻوجهه ۽  اڻ پڙهيل ماڻهن جي جذبن سان کيڏي، کين مختلف قبيلن جي دشمنيءَ جا ڊپ ڏيئي، انهن جا قيمتي ووٽ حاصل ڪري، قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ پهچڻ کان علاوه ضلع ناظم به ٿي ويا آهن. سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي ضيا جي وقت ۾ تباه ڪيو ويو هيو ۽ انوقت جي ڪجهه شاگرد ڌرين اڻسڌيءَ طرح فوجين جي لاڳو ڪيل پاليسن کي سنڌ دوستيءَ جي رنگ ۾ همٿايو هيو، انوقت سندن  اهوچوڻ هوندوهيو ته جيئن ته فلاڻن ادارن ۾ سندن اڪثريت آهي ان ڪري باقي ٻين شاگرد تنظيمن کي سياست ڪرڻ جو حق ناهي، سندن اهڙن پاليسين ڪري سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ادارن ۾ خوني جهڳڙا شروع ٿي ويا هئا، هاڻ ته اهي شاگرد تنظيمون ئي نه رهيون آهن، جي آهن ته نالي ماتر، پر سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو جيڪو ٻج ان دؤر ۾ ڇٽيو ويو هو اهو هاڻ پچي راس ٿيو آهي.  ضيا جي دؤر ۾ سنڌ جي وزير اعلى هٿان جوڙايل دهشت گرد تنظيم هاڻ مچي مواڙ ٿي پئي آهي ۽ سموري سنڌ سندن مٺيءَ ۾ بند آهي، ۽ اهي سموري اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهن. ضيا جي دؤر ۾ جيل جهورائي ڌاڙيل آزاد ڪرائي ڌاڙيل ڪلچر کي متعارف ڪرايو ويو هيو اهو به پنهنجي اوج تي آهي ۽ ڪي علائقا اڻ اعلانيل انهن جي هٿ وس آهن. 1985 ۾ غير جماعتي بنيادن تي ڪرايل اليڪشن ۽ اليڪشن بعد ميمبرن کي سياسي رشوت طور ڏنل ڪروڙين روپين وارو جوڙيل وهنوار اڄ به جاري آهي. ان جو مثال هن کان مٿي ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته رات وچ۾ ٺاهيل پارٽي ملڪ جي مقبول ترين ۽ ڪامياب ترين پارٽيءَ طور آندي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪلاشنڪوف ڪلچر به ان ئي خوني دؤر جي پيداوار آهي، جنهن جي نالين مان نڪتل لکين گولين هزارين مائرن جون هنجو اجاڙ ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه هيروئن جي وبا کي به ساڳي وقت ۾ ميدان تي آندو ويو هيو، سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ زنده لاشن جي شڪل ۾ گھمندڙ لکين نوجوان، ٻار توڙي ٻڍا ان جو گھمندڙ ڦرندڙ مثال آهن، سو اهو چئي سگھجي ٿو ته وقت ته تمام گھڻو وهامي چڪو آهي پر اسانکي وري به پوئتي ڌڪيو ويو آهي !.  سنڌ جي باشعور ماڻهن، سياسي پارٽين ماضيءَ ۾ ايم آر ڊي جهڙي عاليشان جدوجهد هلائي پاڻ ملهايو هو، ۽ خاموش اهي اڄ به ويٺل ناهن پر جي حقيقت پسند ٿي تجزيو ڪبو ته اهو واضع نظر ايندو ته اڄ تمام گھڻن مصيبتن ۾ گھيريل هوندي به اها ماضيءَ واري مزاحمت ڪانهي. ڪالهه پاڻ ارپڻ ۽ قربانيءَ جا جذبا اتم سمجهيا ويندا هئا، ۽ اڄ انهن کي ڪم عقلي سمجهيو پيو وڃي، اڄ مال ٺاهڻ، تعلقات رکڻ، کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو اسماعيل اداسيءَ جهڙا عوامي ۽ مزاحمتي شاعر ڳولهيندي نه ٿا لڀن. حالانڪه شاعرن جون ته خيرن سان هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ فوجون لڀي وينديون، پر بس منجهن نه ته ڪو فن نظر ٿو اچي نه فڪر ۽ نه ملڪ وطن جو ذڪر. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ظلم زيادتيءَ، خلاف اديبن، دانشورن، شاعرن، هارين ۽ مزدورن کان سواءِ سمورن سنڌ دوست پارٽين، گروهن پاران هر محاذ ۽ هر مورچي تان حق ۽ سچ جانعرا گونجڻ گھرجن، ڇو ته اڻ ٿڪ جدوجهد ۾ ئي قومن جي بقا ۽ بلنديءَ جو راز سمايل آهي............................................!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!


Ag_katohar@yahoo.com


Gul5552005@hotmail.com

هڪ اڻ ڇپيل تحرير

                                                                                                                                                                                                      


” آلا نيڻ بهارن جا “ شاعري جي ڪتاب جو سرجڻهار ڪو ٻيو نه پر


سنڌپوليس جو آفيسر محترم فياض ڏاهري آهي. ڪو چئي سگھي ٿو ته ڪٿي پوليس جي نوڪري ۽ ڪٿي شاعري، انهن جا ته رستا ئي الڳ الڳ آهن، پر نه، فياض ڏاهريءَ شاعري ڪري ان ناممڪن کي ممڪن ۽ ان ڏند ڪٿا کي حقيقت جو روپ ڏيئي ڇڏيو آهي. سندس شاعريءَ جي صحيح  پرک ته شاعر ۽ تنقيد نگار ئي ڪري سگھن ٿا، مان اوهان کي سندس مٿئين ڪتاب تان ورتل هڪ نظم پڙهائڻ ٿو چاهيان جنهن ۾ هن پنهنجي پيشي متعلق ڏاڍا نفيس خيال ۽ نڪتا پيش ڪيا آهن


اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                      


الئه جي ڪا آهي يا ناهي!                                                                         


اسان جيڪي راتين جا رکوال سڏجون،                                                         


سدا راه جي رهزنن ساڻ جوٽيون جنگيون ٿا،                                                    


اسان جيڪي بي ڏوه ماريا وڃون ٿا..                                                             


خرابيون هتان جي نظامن ۾ آهن،                                                                  


رڳو رت منهنجو نه سگھندو سڌاري،                                                              


اسان لئه شهادت به عظمت.                                                                      


الئه جي ڪا آهي يا ناهي.                                                                         


اسين نفرتن جي روين جا ماريل،                                                                     


نه قاضي سڏياسون نه غازي سڏياسون،                                                           


اسان جي شهيدن جون گمنام قبرون،                                                           


نه گل تن تي نه ڏيئا ٻرن ٿا                                                                          


اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                       


الئه جي ڪا آهي به ناهي!                                                                          


                                                                       


              اهو آهي هڪڙي سچي پچي سپاهي جو درد ۽ سندس اندر جو آواز، ڪاش ته جيڪر سڀ پوليس وارا اهڙا درد دل رکندڙ ٿي پون ته سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ تمام وڏي  بي قصور، بي وس، اٻوجهه ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن دردن ۾ ٽي حصا گھٽتائي اچي وڃي.  پر ڇا ڪجي حقيقتون ڪجهه اؤر آهن. ٿاڻن اندر جنهن نموني جو رويو ماڻهن سان رکيو ويندوآهي اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. ڪيئي بي گناه اتي ويندا ته پنهنجي پيرن تي آهن پر موٽندي کين بي ساکين جو سهارو وٺڻو پوندو آهي پر پوءِ به اهي  انهن کان خوشنصيب ليکيا ويندا آهن جن جو اتي موت دل جي پراسرار دؤرن پوڻ ڪري ٿيندو آهي ۽ اهي ماڻهن جي ڪلهن تي کڄي نڪرندا آهن. اهڙي ئي هڪ اسٽوري ذرا مختلف پس منظر ۾ سائين امرجليل ” نيٺ گونگي ڳالهايو “ ناول جي صورت ۾ لکي هئي. ان ناول جو مک ڪردار پيدائشي گونگو هيو، ۽ پنهنجي پياري دوست اسلام کي ڳولهڻ اسلام آباد ويو هيو ۽ اتي ايجنسين هٿان گرفتار ٿيڻ بعد سندس لاش  واپس ڪرڻ وقت اهو سرڪاري بيان جاري ڪيو ويو هيو ته ملزم مرڻ کان اڳ۾ پهريون ۽ آخري دفعو ڳالهائي اهو اقرار ڪيو هيو ته هو واقعي دهشت گرد آهي


            اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته روهڙيءَ ڀرسان ٽول پلازه کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏينهن ڏٺي جو 11 بجه نوجوان هدايت الله سولنگيءَ کي  ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو ويو ۽ ان بي گناه  نوجوان کي مارڻ بعد سندس لاش کي، ايس ايڇ او بهادر شڪار ڪيل ڪنهن جهنگلي جانور وانگر   گھليندي گھليندي اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڦٽي ڪيو، ۽ اسان جي ” راتين جي رکوال “ ۽ ” رهزنن سان جنگيون جوٽيندڙ “ ( فياض کان معذرت ) پوليس وارن پيرڳوٺ جي نوجوان محمد علي کي 50 هزار رشوت نه ڏيڻ جي ناقابل معافي جرم جي پاداش ۾ نڪ ۽ وات ۾ چن وجهي اهڙو ته مهٽو ڏنو جو هو ٻن ڏينهن کان بيهوش آهي ۽ پوليس عملدارن مٿس به خود ڪشيءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.  پر مون کي ذهني ۽ روحاني طرح جنهن وارڌات واقعي جهنجهوڙي وڌو آهي اها آهي حضور بخش ملڪ جي درد ڪٿا، بيان کان ٻاهر، امڪان کان مٿي، انسانيت جي بدترين تذليل وارو ان جي نازڪ عضوي کي وڍڻ وارو مڪروه عمل. خبر ناهي لاڙڪاڻي پوليس جي انهن عملدارن جو حضوربخش جي” نازڪ عضوي “ اهڙو ڪهڙو ڏوه ڪيو هو جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزا ڏني وئي. هاڻ عزت سان ان نوجوان جي زنده رهڻ جا ڀلا ڪهڙا امڪان باقي بچيا آهن؟!  سندس اخبارن ۾ ڇپيل تصويرون، ان بدنصيب پاران واهر لاءِ پهتل ماڻهن آڏو ڪيڪون ۽ ريهون معاملي جي سنگينيءَ کي بخوبي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.  اسان جو شاعر دوست محترم فياِض ڏاهري پوليس هٿان ائين مرندڙن، ڪٽجندڙن، بي عزتو ٿيندڙن جو درد به محسوس ڪندو آهي، الاءِ نه؟!، جي سندس جواب ’ها‘ ۾ آهي ته پوءِ کيس اهي درد ڪٿائون به ضرور لکڻ گھرجن




    Ag_katohar@yahoo.com