Saturday, April 28, 2012

ترقي يا تنزلي؟

اسان جو اڄوڪو نسل ڏاڍو سياڻو ٿي ويو آهي. کين پنهنجي وڏڙن پاران غير شرعي انداز ۾ زندگي گذارڻ جي پروڙ پئجي ويئي آهي. اسان جي پوئين نسل ته ڪڏهن سوچيو به نه هيوته اهي سني،  شيعه يا وهابي آهن. اهي سڀ ته هڪ مسيت ۾ نماز ادا ڪندا هيا.  گڏجي سڏجي عالمن جي واعظن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندا هيا. ننگر نياز کائڻ ۾ ڪنهن کي به ڪو عيب نظر نه ايندو هيو اهي اهڙي عمل کي  بدعت ۾ شمار نه ڪندا هيا.  هڪ پيش امام جي ڪڍ ڪي هٿ کولي ته ڪي هٿ ٻڌي نماز ادا ڪندا هيا. پر اڄوڪو، خاص ڪري مرد مومن مرد حق ضيا الحق کان پوءِ وارو نسل مذهبي معاملن،  شرعي احڪامن جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري چڪو آهي. هاڻوڪو نسل سمجهي چڪو آهي ته مخالف فرقي جي مسجد ۾ وڃڻ شريعت جي عين خلاف آهي ڇوته سڀ مسجدون سڀني مسلمانن جون نه پر اهي ڪن مخصوص فرقن وارن جون آهن.  مخالف فرقي جي عالم پويان نماز پڙهڻ نجس آهي. ان ڪري اسان کي بس پنهنجي فرقي جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي، ان جا گڻ ڳائڻ گھرجن ڇوته بس اسان جو فرقو ئي جنتي آهي، باقي سڀ ڪافر ۽ واجب القتل آهن ۽ اهي انشاءَ الله جهنم جو ٻارڻ ٿيندا.


 


اڳ ڳوٺ، راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس اهو هوندو هيو جنهن وٽ عقل، علم، ڏاهپ جاگڻ هوندا هيا. اهي نيڪ ۽ ايماندار هئڻ سان گڏ ذات پات جي فرق کان سواءِ سڀني سان انصاف ڪندڙ هوندا هيا. اهي ڏاڍا بردبار ۽ درگذر ڪندڙ هوندا هيا. اهي شريف ماڻهن جا دوست جڏهن ته لچ لوفر جا ويري ليکيا ويندا هيا. ڪيڏا نه چريا هيا!!!!؟؟؟ ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ڳوٺ جو چڱو مڙس پئسي وارو، زميندار، سردار يا پير کان سواءِ ڪو ڪمي ڪاسبي ٿئي. اها چوڻي ته سڀني کي ياد هوندي ته اصل سي خطا نهين، ڪم نسل سي وفا نهين، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته غريب ڪڙمي ڪاسبي جو پٽ وري ڳوٺ جو چڱو مڙس ٿئي. اها ڳالهه هاڻوڪي نسل کي اسان جي سردارن، راڄ ڀاڳ جي پڳدارن سٺي نموني سمجهائي ڇڏي آهي.  اسان واري ذات يا پاڙو ئي افضل ۽ اتم آهي ان ڪري اسان کي پنهنجي اصل نسل برادري، ذات پات تي فخر ڪرڻ گھرجي. اسان جو اڄوڪو نسل ائين ئي ته ڪري پيو.  پنهنجي برادريءَ جو لوفر، قاتل يا غنڊو به مخالف برادري جي انتهائي شريف ماڻهون کان سوين دفعه وڌيڪ بهتر آهي. جيئن ته اسان جي لوفر ڇورن مخالف دشمن برادريءَ کي سخت جاني ۽ مالي نقصان پهچايو هوندو ان ڪري اهي اسان جي ذات پات وارن جا حقيقي هيرا آهن.  مخالف برادريءَ جو هر ڏٺل اڻ ڏٺل، واسطيدار يا غير واسطيدار ماڻهون ڀلي اهو نيڪ، غريب، شريف يا انسان دوست ڇونه هجي اسان جو دشمن آهي. دشمن پاڙي مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي. جيڪڏهن مخالف برادريءَ اسان جا ٻه بي گناهه ماڻهون ماريا آهن ته اسان کي سندن چار بي گناهه ماڻهون مارڻ گھرجن تڏهن ئي ته پاڻ راڄ ڀاڳ ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙا ٿينداسين. دين، ايمان، ٻچن جو وارث برادريءَ جو سردار ئي آهي. ڀل ته ڇونه سوين غريب قتل ٿي وڃن پر سردار جي پٽڪي جو ور نه وڃڻ گھرجي. ڀل ته اسان جي گھر ۾ پاءُ اٽي جو به نه هجي پر سردار، وڏيري کي جيترو گھڻو پئسو، مال ملڪيت، عاليشان بنگلا، قيمتي گاڏيون هونديون ته اهو اسان جو شان آهي. غريب غربي لاءِ ڇوڪرن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين کي پڙهائڻ انتهائي بي غيرتي آهي. سردار ته مالڪ آهن جيڪڏهن انهن جا ڇورا يا ڇوڪريون ولايت ۾ به پڙهن پيا ته اهو انهن جو شان آهي. ڀلا جي سردارن جا ٻار پڙهيل نه هوندا ته اهي سياستون ڪيئن هلائيندا راڄ ڀاڳ جي سنڀار ڪين ڪندا. ٻيو ته سياست ڪرڻ جو حق به صرف وڏيرن، سردارن يا پيرن کي ئي آهي. اسان جي عزت ان ۾ آهي ته سردار ، پير يا وڏيرو جنهن به پارٽيءَ ۾ اعلان ڪري اسان به ساڻس گڏ هجون.


 


هن دؤر جا اديب به ڏاڍا سياڻا ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ڀلجي ڪري به مخالف گروپ جي اديب جي ڪنهن شاهڪار تخليق جي ساراهه نه ڪبي. پر جيڪڏهن ڪا راءِ به ڏبي ته ڳولهي ڳولهي ان جي اوڻاين کي وائکو ڪبو. ڇوته عظيم ادب ته اسان جو گروپ ئي تخليق ڪري سگھي ٿو. محض اسان جو گروپ صحيح، اصلي نج ادب تخليق پيو ڪري باقي سڀ ادب جي نالي تي ڪارو داغ آهن. صرف مان ئي عظيم اديب آهيان ۽ منهنجيون لکڻيون ئي ادب جي دنيا ۾ ڌماڪو آهن. مان صرف تقرير ڪرڻ، صدارت ڪرڻ ۽ ٻين تي تنقيد ڪرڻ جو حق رکان ٿو. منهنجي ڳالهه کي سڀ ٻڌن، پر مان پنهنجو وارو وٺي هليو ويندس، مان ٻين ڪوچڙن اديبن کي ٻڌي ڇا ڪندس. ادبي گڏجاڻين ۾ مان پنهنجي تخليق ڪيئن ٿو تنقيد لاءِ پيش ڪري سگھان جو منهنجي پائي جو ته هڪ به اديب ناهي. اهو منهنجو شان ناهي ان ڪري ٻين کي پنهنجيون لکڻيون پيش ڪرڻ گھرجن مان سندن اصلاح ڪندس.


 


سنڌ ۾ ڪيئي قومپرست، ترقي پسند، جمهوريت دوست پارٽيون آهن. انهن مان ڪنهن سان به ڳالهائبو ته جواب ملندو ته بس سندس پارٽي ئي صحيح پارٽي آهي ۽ سندس پارٽيءَ جواڳواڻ ئي عظيم آهي. منهنجي پارٽي ۽ منهنجي پارٽي جو اڳواڻ ئي قومپرستي، جمهوريت دوستي ۽ ترقي پسندي جو ٺيڪدار آهي. هن دنيا اندر جيڪو ڪجھ وهي واپري ٿو ان جي ڄاڻ به بس منهنجي اڳواڻ کي ئي آهي. اهو ۽ صرف اهو سنڌ ۽ سنڌين جو رهبر آهي، قائد آهي، اڳواڻ آهي ۽ هيرو آهي. کيس دنيا جي سمورن علمن جي وسيع ڄاڻ حاصل آهي. سنڌ جا ماڻهون جيڪڏهن نجات حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته کين بنا دير سندن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گھرجي. ڇوته ان پارٽيءَ کان سواءِ سڀ غدار، ڀليل، سنڌ دشمن، مهاجرن جا ايجنٽ، پنجابين جا پوڄاري يا ايجنسين جا ماڻهون آهن.


حوالو؛....ڪنهن به ڏينهن جي ڪا به سنڌي اخبار پڙهو.