Friday, April 17, 2020

ڊائريءَ جو ورق ....16جولاءِ 1998ع خميس جو ڏينهن، نازل عرف ڪانگل جو قصو





ڊائريءَ جو ورق ....16جولاءِ 1998ع خميس جو ڏينهن
اڄ شام جو نازل عرف ڪانگل هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وَ انا اليهه راجعون. يعني ته ڪانگل جو ڪانگ اڏامي ويو. مرحوم ٽي بي ۽ سلهه جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو. سندس وڏي گھر واري نالي “سهڻي” کي پڻ اها بيماري ڳڙڪائي ويئي هئي. ڪانگل محنتي، سٻاجھڙو، سادو جهڙو اندر تهڙو ٻاهر ڪاوڙ ايندس ته گارين جا ڌوڙيا، خوش ته مک تي مرڪ ۽ ٽهڪ. اسان جي ڳوٺ جو هي پهريون انسان هو جنهن وٽ گرامو فون هوندو هو. (پنهنجي دئور جي جديد ايجاد هڪ ننڍڙي پيٽي جنهن جي ليور کي دٻائي چاٻي ڏيئي ويندي هئي ۽ ڪتي ڇاپ رڪارڊ مٿان سوئي رکي ويندي هئي ۽ ان جي وڏي ڪن جهڙي لائوڊ مان آواز نڪرڻ شروع ٿي ويندا هيا.) آخر ۾ (پوڙهائپ) ٻي شادي ڪرايائونس. سندس ان ٻنڌڻ کي ڏسي سمجھ ۾ اها ڳالهه نه ايندي هئي ته خبر ناهي، ترس کائي هن اها قرباني ڏني هئي يا جوان ڇوڪريءَ کي پرڻائي ان کي سوليءَ تي لٽڪايو ويو  هو. هن پوئين گھر مان به کيس ٻه ٻار آهن ۽ ٽئين جي اميدواري اٿس، خدا سندن پوئيواري ڪري، ڪو هيلو وسيلو گھٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. اڳئين گھر واريءَ مان کيس سندس پٽ خميسي خان کي اڳ ئي ڌڻ ٻارن جو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي جڏهن منهنجي ساڻس چارچشمي ٿيندي هئي ته مان کيس ماما نازل يا ماما ڪانگل چئي “حق” چوندو هوس ته هوبه مون کي ماستر يا استاد چئي ورنائيندو هيو. ماما ڪانگل ڏاڏي صحبت جن جو اولاد هيا . ڏاڏو صحبت پڻ ڏاڍو ٽڻنڪ ۽ طوفاني طبيعت جو مالڪ هوندو هو، خاص ڪري کيس چئوپڙ راند جي وڏي مهارت هوندي هئي. سردار بخش عرف سردارو به نازل جو ڀاءُ آهي (جيڪو پڻ هاڻي گذاري ويو آهي). سردارو خيرپور جي ميرن (ٽالپرن) وٽ ڪم ڪندو آهي، سندس وڏو پٽ ڪوڙو خان به اتي ئي ڪم ڪندو آهي. ٻڌو آهي ته ڪوڙي خان سان گڏ سندس ننڍو ڀاءُ قوي پڻ ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا آهي. الله پاڪ سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي. انهن موروثين بيمارين ته کنڌا ئي کڻي ڇڏيا آهن. مان ته دل ئي دل ۾ دعائون ٿو گھران ته شل سندس پوئين گهر واري ۽ ان جو اولاد ان موذي مرض جي ٽوئنڪر کان بچيل هجن. سنڌي سماج ۾ سئوٽ، ماسات، پڦاٽن سان شاديون ڪرڻ جو اهي ئي ته خرابيون Evils آهن. اهڙين شادين ڪري اسين ذهني ۽ نه ئي جسماني طرح سگھا ٿي سگھيا آهيون. اهڙين ڳالهين جو سبب ذهني طرح پراڻين رجعت پرست، مدي خارج، ريتن رسمن، رواجن ۽ سوچن سان سلهاڙجڻ آهي جن جو اسان جي سوچن تي مڪمل قبضو آهي، تعليم جي اڻاٺ ته آهي پر جيڪي ٻه چار درجا پڙهيل به آهن ته اهي ڪاپي ڪلچر جي پيداوار آهن، هونئن اڪثريت حقيقي ديني توڙي دنوي تعليم کان ڪوهين ڏور بيٺل آهي، شل خدا اسان سڀني سمجهه ۽ ساڃاهه ڏي.

Chitre padhar te bah|Lock Down Singing Challenge|GM Langah

Thank you Corona Helpers|Lock Down Singing Challenge|Ali Hussain Qazi|

Thank you Corona Helpers|Lock Down Singing Challenge|Ghulam Murtaza Langah|

ڊائريءَ جو ورق...25 ڊسمبر 1998ع






ڊائريءَ جو ورق
28 ڊسمبر 1998ع سومر جو ڏينهن
اڄ مجيب ڇوڪرين جي ٽرانسفر سرٽيفڪيٽس لاءِ خرپور ويو هو اهو ان ڪري ته جيئن هنن کي هتي سکر ۾ داخلا وٺرائي ڏيون. اهو ڪم ته نه ٿيو سياري جي موڪلن ڪري پر مجيب اتان اها ڏک واري خبر آندي ته بهرام عرف گدو هن فاني جهان کان لاڏاڻو ڪري ويو انا لله و انا ليه راجعون. خدا کيس جنت نصيب ڪري گھڻن سگريٽن پيئڻ ڪري ڳلي ۾ ڪينسر جو موذي مرض ٿي پيو هوس، جنهن سندس جان ورتي. هي يار اسان جي ٽهي جو هو ، ڪو هڪ اڌ سال وڏو هوندو. غريب ۽ مولائي هو، اسڪارپ خيرپور ۾ بيلدار هو پر سندس عملي ڪم سندس ڀاءُ علي شير سرانجام ڏيندو هو. جهالت جي حد ته اها آهي ته آخر ۾ کيس مرڻ به آسانيءَ سان نه ڏنو ويو هو. ڪجھ ڏينهن اڳ جن ڀوت ڪڍڻ وارا ڀوپا گھرائي مٿس ناٽڪ رچايو ويو هو. ڪينسر ايڏو ته موذي مرض آهي جو مريض تمام گھڻو درد سهندو آهي ٻين لفظن ۾ ته سهڻ تي مجبور هوندو آهي ۽ هڪ اسٽيج تي اهو درد ناقابل برداشت آهي ۽ مريض جي ذهني حالت بگڙڻ لڳندي آهي بس ڪو چڱو ڀلو يا بيمار ماڻهو ڪن به سببن ڪي رڳو ڪا ابنارمل حرڪت ڪري ته هڪدم ان تي ڪنهن جن جي سائي جي فتوا صادر ڪري انهن ٺڳ ۽ بدمعاش ڀوپن کي گھرائي مريض سندس حوالي ڪري بيمار کي وڌيڪ تڪليف ڏني ويندي آهي. خدا اسان کي ساڃهه ڏيندو ۽ رحم ڪندو. هر هفتي ڳوٺ مان ڪا نه ڪار خراب خبر ملندي رهندي آهي. گذريل هفتي جڏهن ڳوٺ ويو هو ته اها خبر آندي هيائين ته علي دوست ڪار جو ايڪسيڊنٽ ڪري ويٺو آهي سندس بچاءُ ته ٿي ويو پر ڪار تي کيس پندرهن هزار کن خرچ ڪرڻا پوندا.
سکر شفٽ ٿئي ڏهه ٻارنهن ڏينهن اچي ٿيا آهن، ٻيو ته ڪل ٺيڪ آهي باقي خرچ ڪجهه سرس آهن ان لاءِ محنت به سرس ڪرڻي پوندي. ڇوڪرين جي داخلا جو مسئلو ۽ مجيب جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو مسئلو اڃا حل طلب آهي. امڙ جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي پر اڃا هو پوريءَ ريت ٺيڪ ناهي خدا کيس مڪمل صحت ۽ وڏي ڄمار عطاڪري شل. آمين
هڪ گائيڊ مڪمل ڪري ان جي معاوضي جا 1500 روپيا وٺي کپائي به چڪو آهيان ان مان اڃا وڌيڪ پنج سئو روپيا ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻئي گائيڊ جو ڪم هلي پيو پر رفتار سست آهي. ان جو سبب مواد جي گھٽتائي پڻ آهي جيڪي نوٽس مليل آهن اهي ان ڪم لاءِ اڻ پورا آهن ڪو مڪمل ڪتاب ملي پوي ته واهه جو ڪم ٿي پوي.

Tuesday, April 14, 2020

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE|WAHEED JISKANI

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE|AMIR HAMZO MIRANI

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE|GM SOOMRO 01

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE|NAZIR AHMED BAHALKANI

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE|NAWAZ PHULOTO|POET ZAHID SHAIKH

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE|GM SOOMRO

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE|M RASHID J

Lock Down Singing Challenge|Fazul Nabi Shar

Lock Down Singing Challenge|Abdul Majid Mirani

LOCK DOWN SINGING CHALLENGE| ZAHOOR MEHDI SHAIKH

Lock Down Singing Challenge|First response by Dear Saif Ali|Ajj Beemari ...

STAY HOME STAY SAFE : LOCK DOWN SINGING CHALLENGE

Stay Home Stay Safe: Social Distance only option to fight with COVID-19

Stay Home Stay Safe|Night of Lock Down, Sukkur

Great Philanthropists of the world دنيا جا عظيم سخي انسان

Stay Home, teach online learn online

Faqeeran Jo Mola Gareeban Jo Mola| Manjhi Faqeer | New Sufi Kalam

حسين شاعر، خوبصورت غزل، مٺڙو آواز: حسن پنهيار

Stay Home Stay Safe, Discussion on Lock Down

Bazigar oho Bazigar... Re Mix

جيئي لطيف، لطيفي لات

Stay Home Stay Safe, Lock down in Sukkur and impact of Lock down on envi...

Friday, April 3, 2020

Behavior of religious people in days of Covid_19 Lock Down

تبليغي ۽ زوار به هن ملڪ جا معزز شهري آهن. مان دلي دعاگو آهيان ته باقي سموري آبادي سان گڏ اسان جا هي دوست به شل هن وبا کان مڪمل نموني محفوظ رهڻ. منهنجي ڪري يا ٻي ڪنهن شهريءَ جي ڪنهن ٻي احتياطي ڪري جيڪڏهن وائرس پکڙجي ته اها تمام گهڻي تشويش جي ڳالھ آھي. مان ۽ مون سان گڏ ڪيترائي ساڃهوند ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهيون ته ملڪ ۽ دنيا جي مڃيل ڳالهين کي پاڻي ڏيندي اهڙو ڪوبه عمل نه ڪجي جنهن سان پنهنجو سر ته وڃي ۽ پورو راڄ ڏچي ۾ پئي. پر خدا جا بندا اها ڳالھ سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهن. کين ٻه ٽي جملا رٽايا ويا آهن ۽ اهي صبح، منجهند شام، رات معني ته هر گهڙي انهن جو ورجاءُ تسبيح جي داڻن وانگي ڪن ٿا.
هي جيڪا وبا يا بيماري آهي ان کي نه مڃڻ سان آها ختم ڪونه ٿي ويندي، پٽ پاراتي جو مٿس ذرو به اثر نه ٿو ٿئي، هن جو علاج ڪنهن ٽوڻي ڦيڻي، دعا يا عبادت سان به ڳنڍيل ناهي، هن وقت تائين معلوم ڄاڻ موجب هن وبا جي ڪا دوا به تيار ٿي نه سگهي آهي ۽ نه ڪو هن جو علاج آهي ها بچاءُ ڪري سگهجي ٿو ۽ سڄي دنيا جا انسان ان کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ ويهي رهيا آهن، هٿن جي صفائي، سوشل ڊسٽنس سان اها زنجير ٽوڙي سگهجي ٿي.
هاڻي اسان جي سماج اندر جي هيٺئين سطح جي تنقيدي سوچ جا مالڪ آهن اهي اهڙين ڳالهين مان وڏون ڪڍن ٿا.
هي جيڪي ٻن خبرن وارا ڦوٽوز رکيل آهن، آهي تمام گهٽ تنقيدي سوچ جو چٽو پٽو ثبوت آهن. الله سائين پنهنجو رحم ڪري ۽ اسان کي شل سمجهه اچي ته اسان اهڙين ٻاراڻين حرڪتن کان باز رهي پاڻ کي، پنهنجي گهروارن کي ۽ سماج کي بچائي سگهون

Continuous killing of women in Sindh in the name of Honor


تڪرار سڱاونديءَ جو هجي، مختلف برادرين جو هجي، پاند پلاند هجي يا ڪنهن ناجائز مطالبي کان انڪار هجي مرندي عورت ئي آهي...
سنڌ توتي بي گناهه قتل ٿيل نياڻين جي ايف آئي آر داخل ٿيڻ گهرجي، ڇوته اهڙن انيائن تي نه تنهنجي ڌرتي ٿي ڌڏي، نه سمنڊ ٿو چاڙهه کائي نه ماڻهو احتجاج ٿا ڪن، بس آهي ڙي گناهه ڪٺل نياڻين جون آهون ۽ دانهون دٻجي ٿيون وڃن. قاتل پاءُ تيل جو مڃڻ هڻي مڙس ماڻهو ٿيو گهمندا ٿا وتن.

Proverbs changing meaning


. لفظ جن جو معنائون بدلجي ويون آهن
سچ= ڪفر
محب وطن= خلائي مخلوق جو انڌو پيروڪار
سوشل ورڪر= پراجيڪٽ ملي ته ڪم ڪبو
لاڪ ڊائون = ٻين جي لاءِ آهي، مان ته عام ماڻهن جي ڀڃڪڙين کي لائيو ڏيکارڻ خاطر سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر هوندو آهيان.
حاجي ۽ زوار= ڀڄ پري منهنجا يار
بيوقوف= عقل مند
عقل مند= بيوقوف
ٽي وي اينڪر= اجايو يخي باز
ڪامريڊ= انڊر گرائونڊ
مذهبي پيروڪار= هوڏي ۽ ضدي
پ پ پ= مراد علي شاهه+ سعيد غني
اڄ جو نوجوان= ٽڪ ٽوڪ جو ديوانو
تحقيق= ڪاپي پيسٽ
عالم دين= حڪمرانن جو قصيدي گو
تبليغي = ڪورونا وائرس نرسري
نيازي= بي نيازي
سوشل ميڊيا= افواهن جي جمع بازار
سنجيدگي= ماضيءَ جو مزار
بائيڪر (بنا سبب جي موٽر سائيڪل شهر ۾ هلائيندڙ) = ڪڪڙ
يوٽيوب تي وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ وکر= جنسي ٽوٽڪا

Philanthropy in days of lock down?????, Anwar Sayal Minister Sindh Cabinet and Journalists


سخاوت جو انمول نمونو
منسٽر صاحب کان وڌ صاحب حيثيت ٿو نظر اچي چاليهه روپين جو صابڻ وٺي ڦوٽو ڇڪرائيندڙ...
خدا خير ڪري، ايندڙ ڏينهن تمام ڏکيا اچڻ وارا آهن، هنن ڊرامي بازن جي آسري ته سنڌ برباد ٿي ويندي....

Non political proverb



هڪ غير سياسي اصطلاح
ڪتي جي پڇ ۾ نڙ وجهي سال کان پوءِ ڪڍو اهو اهڙو جو اهڙو ڏوڙو

Power of DIALOGUE


ايران مان ملڪ ۾ پهتل زائرين کي ته ڪورنٽين ۾ علاج لاءِ رکيو ويو آهي. ڪجهه مذهبي ٺيڪيدارن وچ ۾ ڪجهه ڳڙٻڙ ڪئي پر ان تي ڪنٽرول ڪيو ويو انهن مان ڪيترائي صحت مند ٿي گهر هليا ويا آهن ۽ هاڻي وري تبليغي جماعت دهشت پکيڙي ڇڏي آهي. پاڪستان، هندستان، مليشيا تائين انهن ڪري وڏا مسئلا پيدا ٿيا آهن.
پاڪستان جهڙن سماجن اندر ڪنهن مسلڪ سان لاڳاپيل ڪجهه فردن جي غلط ڪارين خلاف ڪجهه انديشن جي اظهار کي مذهب سان سلهاڙڻ جو رواج آهي. اوهان ڪا ڳالهه ڪئي يا لکي ناهي ته هرطرف کان فتوائن، گارين ۽ ڌمڪين جا پٿر اوهان مٿان وسڻ شروع ٿي ويندا.
سماجن جي ترقيءَ جو مدار فرد جي اظهار جي آزاديءَ سان پڻ جڙيل هوندو آهي. فضيلت ڀريو اختلاف ڳالھ ٻولهه جي سونهن برابر آهي. پر جن وٽ دليل ناهن هوندا ته آهي ڊٻڙ ڌونس، دهمان ويڙهاند ۽ بليڪ ميلنگ تي لهي ايندا آهن.
اچو ته ديس اندر ڊائلاگ (ڳالھ ٻولهه) جو رواج رکون. پاڻ پنهنجي راءِ رکون ۽ اڳلي کي به اهو حق ڏيون
 See less

Kazim Burdi, innocent soul


هڪ معصوم آنسان جو روح فر ڪري ڪن اڻ ڏٺل ڏسائن ڏانهن اڏري ويو، بس پويون ڇڏي ويو پنهنجون يادون... ڪاظم بڙدي اديب، شاعر ۽ هرڪنهن سان مرڪون ورهائيندڙ جنهن جي زندگيءَ جو ڳچ عرصو ته بيماريءَ سان جهيڙيندي گذريو، هڪ بيماري اجگر، ڪمائي هڪ ڦڙي برابر پر ڪاظم ڪڏهن به هار نه مڃي هئي. آخري ڏينهن تي موڪلاڻيءَ وارو اسٽيٽس رکيائين، دوستن کان معافين جي اپيل ڪيائين ۽ هميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
مٺڙا شل حورن جي هنج ۾ هجين

انسانيت زندهه آباد




مون کي انسانن جي ڳڻتي آهي، انسان هوندا ته رشتا ھوندا، محبتون، نفرتون،اختلاف هوندا، انسان هوندا ته عبادتون به ٿينديون ،احساس، ارمان، ڏک، سک، خوشيون، شادمانا هوندا، انسان ڪنهن به علائقي، ملڪ، رنگ، نسل، مذهب، مسلڪ جا هجن بس انسان ئي آهن. بک ۽ اڃ سڀني کي لڳندي آهي، باهه سڀني کي ساڙيندي آهي، ڌڪ لڳڻ جو ايذاءُ سڀئي محسوس ڪندا آهن، پيار جا ٻه مٺا ٻول سڀني کي گهربل آهن، رت سڀني جو ڳاڙهو آهي.
ڪو مون کي ڇا ٿو سمجهي ان جي مون کي پرواهه ناهي.

Salute to Hero: Dr Zanul Abdin

COVID-19 IMPACTS NOW AND IN THE FUTURE, MR TARIQUE AZIZ KOLACHI

COVID-19, POEM BY HABIB SAJID, Lock Down LITERATURE

Lock down LITERATURE, Short Story 'HOUSE' BY Mohd Din Rajri

'MANDI' Film Review





منڊي
دوستو لاڪ ڊائون ۾ رهندي وانڪائيءَ جي وقت کي فلمن، وڊيو ڪلپس، سوشل ميڊيا تي اپ ڊيٽس ڪري ايترو ته مصروف ٿي ويو آهيان ته خبر ئي نه ٿي پوي ته ڏينهن ڪيئن گذري ويو. ڪڏهن ڪڏهن ته صبح جو اٿندي ئي ڪم سان لڳي ويندو آهيان ۽ جڏهن سج لٿي وقت آزان جو آواز ڪنن ۾ گونجندو آهي ته خبر پوندي آهي ته سج لهي به ويو پر پوءِ به ڪم پورو نه ٿيو. اڄ مان اوهان دوستن سان هڪ آرٽ مووي منڊي تي تبصرو ونڊيا ٿو اميد ته اوهان کي پسند ايندو. دوستو هلندي هلندي وري به وينتي ته جيڪڏهن اوهان منهنجو هي چينل اڃا تائين سبسڪرائيب ناه ڪيو ته اڄ ئي ڪري وٺو ۽ ان سان گڏ گھنڊڻي تي به ضرور ڪلڪ ڪجو. لک قرب.
1990ع ۾ منهنجي پوسٽنگ بطور ليڪچررشپ جي ڪراچي ۾ ٿي هئي ۽ 1991 کان 1992 تائين هڪ سال تائين ڊپوٽيشن تي گورمنٽ ڊگري ڪاليج ميمڻ ڳوٺ ڪاليج ۾ رکيو ويو هو جتي پروفيسر عبدالرحيم راولاڻي، پروفيسر محمد عارب ميربحر، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽي، پروفيسر قاسم ڪنڀار، پروفيسر پرسرام ۽ ٻين سان واقفيت ٿي هئي ته اتي ئي لاڙڪاڻي جي رهواسي پروفيسر آفتاب بروهيءَ سان پڻ مکاميلي ٿي هئي ۽ پوءِ مان، آفتاب بروهي، قاسم ڪنڀار، عبدالرزاق ڀٽي، عارب ميربحر گرين ٽائون جي هڪ فليٽ ۾ گڏجي رهندا هياسين. ان کان اڳ مان ماما صوبل بلوچ جي سرڪاري رهائش گاهه جي او آر ڪالوني سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي فليٽ J 14 ۾ به ڳچ عرصو رهي چڪو هوس. فليٽ تي وي سي پي پڻ هوندي هئي جنهن تي گڏجي فلمون ڏسندا هياسين ۽ پوءِ جڏهن گرين ٽائون ۾ رهندا هياسين ته آفتاب بروهي سان سيڙهجي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ آرٽ فلمون ڏسڻ ويندا هياسين. سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ وڊيو ڪيسٽون ڪرائي تي ڏيندڙ ڪاٺواڙي ميمڻ ڀائي دڪاندار چوندو هو ته بس اوهان ئي هي فلمون ڏسو ٿا باقي هونئن ته پئي پئي انهن تي واري چڙهي ويندي آهي. اهو ئي زمانو هو ته ٻين ڪيترن آرٽ موويز سان گڏ شيام بنگالي جي هدايتڪاريءَ ۾ جڙيل فلم “منڊي”  ڏسڻ جو موقعو مليو هو. هونئن گھڻو اڳ 1974ع ۾ جڏهن مان ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول خيرپور جو ڏهين درجي جو شاگرد هوس ته هاف ٽائيم وقت اسڪول مان گسائي تنهن وقت “ڊويزنل لئبرري” جنهن جو هاڻي نالو “سچل لئبرري” آهي ۾ اچي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ جاسوسي، سسپنس ۽ سب رنگ ڊائجسٽ پڙهندو هوس. جاسوسي ۽ سسپنس ته رواجي ڊائجسٽ هيا پر سب رنگ ۾ اردو ادب مان چونڊ ڪهاڻيون ۽ ناول به شايع ڪندا هيا. گھڻو ڪري مون “سب رنگ ڊائجسٽ” ۾ ئي غلام عباس جي ڪهاڻي “آنندي” پڙهي هئي جنهن تي اڳتي هلي ڪري اها فلم منڊي جوڙي ويئي هئي.
فلم مون کي انوقت به وڻي ويئي هئي پر ورائي ان کي اڄ ڏٺم ته منهنجا ته طاق لڳي ويا ۽ فلم جون ڪيئي نيون ڳالهيون سمجھ ۾ آيون جيڪي پهرين دفعي ڏسڻ سان محسوس نه ڪيون هيم يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو ته وقت گذرڻ سان وسري ويون هجن. هونئن به عمر جو وڌڻ، وڌيڪ مطالعو گھري مشاهدي ڪرڻ جي صلاحيت کي جنم ڏيندو آهي. اهو مسئلو رڳو مون سان ناهي اوهان به اهو تجربو ڪري سگھو ٿا ته ماضي بعيد ۾ ڏٺل ڪنهن معياري فلم کي ورائي ڏسو اها فلم اوهان کي بلڪل نئين ۽ نرالي لڳندي.
 ڀلا جنهن فلم ۾ هندستاني فلم انڊسٽريءَ جا ليجنڊ اداڪار جهڙوڪر نصيرالدين شاهه، اوم پوري، امريش پوري، سعيد جعفري، ڪلبوشن کربندا جهڙا اداڪار هجن ۽ سندن مقابلي ۾ آرٽ موويز جون شاهزاديون سُميتا پاٽيل ۽ شبانا اعظمي جهڙيون اداڪارائون هجن ته اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا ته اها ڪيتري نه شاندار هوندي. هي بلڪل هڪ غير روائتي فلم آهي جنهن ۾ سماج جي انتهائي حساس موضوع کي تمام گهڻي فنڪاراڻي نموني فوڪس ڪيو ويو آهي. هي فلم شهر جي وچ ۾ ڳائڻين ۽ جسم جو ڪاروبار ڪندڙ ڪجھ عورتن جي چوڌاري ڦري ٿو. ڳائڻيون جن جا ڪيئي عاشق آهن، ڪيئي ڀڙوا آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ڪيئي معزز ماڻهو سندن ڪراهڪ آهن جيڪي پنهنجي ظاهري عزت کي برقرار رکڻ لاءِ کين شهر نيڪاليءَ واري قرارداد تي صحيون ڪري اچي وٽن عذر پيش ڪندا آهن. کين شهر نيڪالي بعد هڪ ويراني ۾ رهايو ويندو آهي جتي سندن عاشق پهچي ويندا آهن، ماڻهن جي ريل پيل لڳي پوندي آهي، ڦٽل درگاهه کڙڪ شاهه جي درٻار ۾ وري ساهه ڦوڪجي ويندو آهي ۽ جتي ميلا لڳڻ شروع ٿين لڳندا آهن قواليون ڳايون وينديون آهن ۽ ڏسندي ڏسندي اهو ويرانوهڪ نئون شهر ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ هڪ دفعو وري ساڳي ميونسپالٽي جا ميمبر هنن بي پهچ ۽ بي وس انسانن کي سندن ئي ورسايل نئين شهر مان لوڌي ڪڍڻ جي هڪ دفعو وري قرارداد پيش ڪندا آهن.  هن فلم ۾ ڪيئي شاڪنگ سين آهن. خاص ڪري جڏهن  مسٽر اگروال (سعيد جعفري) جو پٽ سشيل پنهنجي مڱيتر کي نظر انداز ڪري رڪمني بائي (شبانه اعظمي) جي پاليل ڇوڪري زينت (سميتا پاٽيل) تي عاشق ٿي پوندو آهي. زينت جيڪا حقيقت ۾ اگروال صاحب جي ناجائز پيدا ڪيل ڇوڪري هوندي آهي جنهن کي رڪمني بائي رازداريءَ سان پالي وڏو ڪندي آهي. مطلب ته رشتي ۾ اهي ٻئي هڪ ٻئي جا ڀاءُ ڀيڻ هوندا آهن.  فلم جي هر اداڪار خوب نڀايو آهي. نصير شاهه رنڊين جي ٽانڊي ٽوپي ڪرڻ وارو، اوم پوري ڦوٽوگرافر، امريش پوري مزار جو اڌ چريو مجاور، شبانه اعظمي سمورين رنڊين جي وڏڙي رڪمني بائي ۽ سميتا پاٽيل نوخيز ڪلاڪارا. فلم هلندي اوهان جي هڪ منٽ لاءِ به اسڪرين تان پنهنجو اکيون هٽائي نه سگھندا. هي فلم ڳائڻين ۽ جسم فروشي ڪندڙن تي جڙيل آهي. فلم جو ڪمال هيءَ آهي ته فلم ڏسي اوهان کي جسم فروشيءَ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارو ڪم ڪري پيٽ پاليندڙ انهن عورتن سان نفرت بدران همدردي پيدا ٿيندي ڇوته فلم ۾ کين هڪ انسان طور ڏيکاريو ويو آهي. ڪجھ اهڙا انسان جن کي زماني اهو ڌنڌو ڪرڻ تي ته مجبور ڪري ڇڏيو هو پر سندن اندر ۾ به پيار، محبت، نفرت، خوشي ۽ غم جا احساس ساڳيا عام انسانن وارا آهن. هڪ ٻي فلم شڪتيءَ ۾ اهڙوئي گيت سميتا پاٽيل ۽ اميتا بچن تي فلمايل آهي جنهن ۾ طوائف جي زندگيءَ جو جهڙوڪر پورو وچور ڏنل آهي.
هم ني صنم کو خط لکها خط ۾ لکها...
دوستو هي مڪمل فلم يوٽيوب تي موجود آهي، ڏسي مزو ماڻيندا.