Friday, July 21, 2017

سا جوءِ ڏوري آيا


پاڻ جنهن دنيا جا رهواسي آهيون اتي تعليمي ميدان ۾ مثبت تبديلي آڻي لاڳو ڪرڻ ماڪوڙيءَ کي مساڳ هڻڻ جهڙو دقيق ڪم آهي. وسيلن جي کوٽ، سياسي دٻاءُ، غير اتساهي ماحول، قدم قدم تي رڪاوٽون، هر ڳالهه تي اعتراض، ڪامورڪا رويا، غير هنر مند انساني وسيلا سڀ گڏجي اوهان کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪندا ته تعليمي عمل ۾ سڌاري جي ڳالهه کي ڇڏي معاملن کي جيئن جوي تيئن هلڻ ڏنو وڃي. اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ اعلى عهدن تي پهتل ماڻهون جڏهن نوان نوان ايندا آهن ته انهن جي مغز ۾ ڪيئي رٿائون هونديون آهن ۽ سندن من ۾ هلچل مچيل هوندي آهي ته بس عهدي تي پهچان ته اصل واهڙ وهائي ڇڏيندس. پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو رهندو آهي، ڀانت ڀانت جا ماڻهون کيس ملندا آهن ۽ اهي کيس ان قسم جي چريائي کان پري رهڻ جون صلاحون ڏيندا آهن ۽ کيس انهن ماڻهن جا مثال ڏيندا آهن جن اهڙي ڪم جون ڪوششون ڪيون هيون ۽ پوءِ کين ان جي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي هئي. ان نموني اهي هوريان هوريان قائل ٿي هڪ ڏينهن هڪ روايتي عملدار بڻجي ويندا آهن. اهڙن ورائتي عملدارن کان ڪنهن کي به ڪا شڪايت ناهي هوندي ڇوته اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني هر ڪنهن جو ڪونه ڪو جائز يا ناجائز ڪم يا مطالبو پورو ڪندا رهندا آهن. ڪو دير سان آيو ته خير آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو پيرڊ ڪونه ورتو ته ڪو آسمان ته ڪري ڪونه پوندو، جيڪڏهن هڪ غير حاِضر استاد جي جاءِ تي ٻئي سندس دوست صحيح ڪري ڇڏي ته ان کي به نظر انداز ڪبو، مالهي، پٽيوالا، چوڪيدار ٿوري گھڻي خوشامند ڪري پنهنجو الو سڌو ڪرائي ويندا آهن، ڪلرڪ، اسٽنٽ، سپرينٽينڊنٽ وغيرهه جيڪڏهن ڪو ٽڪو پيسو شاگردن کان وڌيڪ اڳاڙي ڪندا آهن ته انهن تي به ڪک رکبا ۽ امتحانن ۾ استادن جون ڊيوٽيون سندن من پسند بلاڪن ۾ لڳرائڻ تي ڪو اعتراض نه ڪبو. اهي عملدار استاد تنظيمن جي خوشامند ڪرڻ سان گڏ مٿين عملدارن کي به راضي رکي ڄاڻندا آهن.

پر ائين به ناهي ته سڀ اهڙا آهن، اڃا به ڪي آهين ڪلڃڳ ۾ ڪاپڙي، جيڪي انهن سمورن رڪاوٽن کي ٿڏي پنهنجو گس جوڙي وٺندا آهن. جنهن به چيو آهي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته هن دنيا کي ڪن مٿي ڦرين ئي تبديل ڪيو آهي، اهي مٿي ڦريا دنيا وارن جي وهنوارن کان ابتو هلندا آهن، ساڳي ڳالهه لطيف سرڪار پڻ ڪئي آهي ته؛

  اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سين؛
جي لَهوارو لوڪَ وَهي، تُون اوچو وَههُ اوڀار؛
مَنجھان نَوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

اڄ اسان جي تعليمي ادارن کي اهڙا وي سي، اهڙا پرنسپل ۽ اهڙا هيڊ ٽيچر گھربل آهن. اوهان پنهنجي آس پاس ۾ نهاري ڏسو جيڪڏهن اوهان کي ڪو اسڪول ڪوڪاليج، ڪو تعليمي ادارو سٺو نظر اچي ته يقين ڄاڻو ته اتي ڪو اهڙوئي انسان ويٺو هوندو جنهن جي اک الٽي هوندي هو عام کان الٽو وهنوار ڪندو هوندو. يقين ڄاڻو ته تعليمي سڌاري ۾ تعليمي اڳواڻي جو وڏو عمل دخل آهي. حقيقي تعليمي اڳواڻ اهو آهي جيڪو ڪين مان ڪجھ ۽ ڪجھ مان سڀ ڪجھ ڪري ڏيکاري. جيئين ته مان پاڻ هڪ اداري جو پرنسپل آهيان ۽ پوري ايمانداري سان اهو چوان ٿو ته ڀلي اجگر جيڏيون رڪاوٽون به ڇونه هجن پر جيڪڏهن پرنسپل جي نيت صحيح آهي، وٽس جذبي سان گڏ حوصلو آهي، کيس اڳواڻي وارا گُر به اچن ٿا ته اهو سمورن رڪاوٽن کي لنگھي پار پوندو ۽ اداري کي چار چنڊ لڳائي ڏيکاريندو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو