Sunday, January 24, 2021

پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَـ مونپائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَه مون،


 


پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَه مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي. شاهه

ڪجھ عرصي اڳ جي ڳالهه آهي ڪاليج جي ڪينٽين ۾ ويٺو هوم ته ڪاليج جو پرنسپل ڪنهن مست هاٿي وانگر اوچتو اچي اتي پهتو ۽ ايندي ئي اچي اتي بيٺل پٽيوالي کي ڪنهن ڪم جي ڪوتاهيءَ لاءِ اهڙي ته بي عزتي واري انداز ۾ رهڙ ڏنائين جو الامان والحفيظ....مان اندر ۾ صفا ڀري پيو هوس. اسان جا اڪثر پرنسپل پاڻ کي ڪاليج جو حاڪم سمجھندا آهن ۽ اهي ڪاليج اندر ڪم ڪندڙ ٻين کي پنهنجي محڪوم مخلوق جو درجو ڏيندا آهن. هو سمجھندا آهن ته کين هر ڪنهن جي بي عزتي ڪرڻ جو

حق حاصل آهي ۽ هو ڪنهن به ايري غيري آڏو جوابده ناهن. مان ان قسم جي جارحانه روين رکندڙ فرد کي باس، حاڪم، ڪامورو، ڊڪٽيٽر ته چئي سگھان ٿو پر اهو ڪنهن به نموني تعليمي اڳواڻ (Educational leader) سڌائڻ جي لائق ناهي. پر افسوس ته لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو ڪاليجن اندر ان قسم جي ذهيت رکندڙ ماڻهن کي پرنسپلس جون چارج مليل آهي. نئين دؤر جي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ لٺ باٺي، ڏاڍ جبر، سزائن ڏيڻ، سختيون ڪرڻ سان تعليمي ادارن جو صحيح انتطام هلائي نه ٿو سگھجي. اسان جي پرنسپلس ۽ انهن کان مٿي عملدارن کي پنهنجي روين ۾ نمايان تبديليون آڻڻ گھرجن. تعليمي ادارن اندر ڪم ڪندڙ ننڍي کان ننڍو يا وڏي کان وڏو پروفيسر ڪي سندن ذاتي نوڪر يا غلام ناهن، هرڪنهن جو ڪم متعين ٿيل آهي ۽ اهو ڪم کانئن وٺڻ لاءِ هڪ ته کين سندن حيٿيت مطابق اختيار ڏيڻا پوندا، مددي اسٽاف، ٽيچنگ اسٽاف ۽ شاگردن ۽ پرنسپل وچ ۾ ڪم ڪار لاءِ مؤثر ڳانڊاپي وارو سرشتو نافذ ڪرڻو پوندو. هر ڪنهن کي پنهنجي ڪيل ڪم جي حساب سان شابس به ڏيڻي پوندي ته هرڪو پنهنجي ڪم جو ذميوار به هوندو ۽ اهو سمورو ڪم ان لاءِ ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن ڪاليج اندر پاڙهيندڙ استادن کي صاف سٿرو تعليمي ماحول ملي سگھي ۽ ان ماحول مان شاگردن کي معياري تعليم ملي سگھي....

پر مون کي نه ٿو لڳي ته اسان جي تعليمي ادارن اندر اهڙو ڪو ماحول جڙندو. ان جي لاءِ مان پنهنجي ڪاليج جو مثال ڏيندس جتي ڪالهه 23 ۽ اڄ 24/1/2015 واري ڏينهن تي نيئن بدلي ٿي آيل پرنسپل صاحب ڪري پهرين ڏينهن تي ڇڪتاڻ وارو ماحول پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي......

 


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو