Wednesday, July 3, 2013

خيرپور جتي امن سوليءَ تي لٽڪيل آهي


برادرين جي جھيڙي ڪري ڪافي وقت کان وٺي جھنگل جو ڏيک ڏيندڙ شهر ٺري ميرواهه اڃا تائين تپيل آهي، ڪنب ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال آهي، جتي ماڻهون گھرن تائين محدود ٿي رهجي ويا آهن، سمورو شهري وهنوار بند آهي، اسڪولن کي تالا لڳايا ويا آهن، ڪنب ۾ هر هفتي لڳندڙ مال پڙي جنهن ۾ ڪروڙن روپين جي ڏيتي ليتي ٿيندي آهي، اها به لڳڻ بند ٿي ويئي آهي. اليڪشن جي مند ۾ ٿيل جھيڙن جھٽن وارن واقعن ڪري خيرپور شهر پڻ ڳچ وقت کان هڙتالن ۽ سياسي دنگلن جي ور چڙهيل آهي. خيرپور جتي خير ناهي ۽ اها ميرن جي دؤر واري خوشحال رياست به ناهي رهي. خيرپور ضلع جيڪو بادشاهه گر آهي، جتي جيلاني خاندان جي حڪمراني آهي، جتي پاڳارو خاندان رهندو آهي، جتي راڻيپور ۽ گمبٽ جا پير صاحبان آهن، غوث علي شاهه صاحب به اتان جا ئي آهن، هي ضلع وساڻ خاندان جو مسڪن آهي، سڀ آهن پر امن ڪونهي، شهرين ۾ سڪون ڪونهي، ڪوبه انسان پنهنجو پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجھي. جھنگل جو قانون لاڳو آهي، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ته ڪنهن پوئين صدي ۾ هوندا هاڻي سندن لٺين کي سؤ مٿا ڦٽي پيا آهن. جيڪي شرافت جي سياست ڪندا هيا هاڻي انهن به ان کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي. جيڪو هِن جو يا هُن جو واٺو آهي، سنهي ڪندو آهي، سندن درن تي مٽيون ڀري گيسيون ڪندو آهي بس اهو ئي نور نظر ۽ ڪل عقل آهن ۽ عزتدار آهي. باقي خانداني ماڻهن کي جي انهن واٺن هٿان ڌڪا کائڻا هوندا آهن ته اهي به ڀلجي ڪڏهن هِن ته ڪڏهن هُن هائوس تي چڪر ڪاٽي ايندا آهن ۽ پوءِ موٽندي شرمندگيءَ کان سواءِ کين ڪجھ به پلئه ناهي پوندو. خيرپور جتي لوفرن کي آزادي مليل آهي. جتي چور چوڪيدار آهن. جتي اڳواڻ پاٿاريداري جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. شهر جي اندر ڦر ۽ اغوا جون ڪيئي وارڌاتون ٿيون آهن ۽ اهو عمل مڪمل نموني هڪ فائدي مند ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هڪ منهنجي دوست جي موٽر سائيڪل ڦر ٿي ويئي هئي، ٻيو ڪجھ ڇوڪرا ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا هيا، ان منهنجي دوست وڏي رقم ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل موٽرائي ۽ منهنجي اسرار تي مون کي اهو به ٻڌايو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو هيو. جن به اهي وارڌتون ڪيون هيون اهي وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان سر عام بازارن ۾ گھمي ڦري رهيا آهن. جڏهن ان قسم جي معلومات مون جهڙي عام ماڻهونءَ تائين پهچي سگھي ٿي ته ڇا اها پوليس وارن کان ڳجھي هوندي؟؟؟!!! خيرپور جتي رڪارڊ ترقياتي ڪم گذريل پنجن سالن ۾ ٿيا پر افسوس جو پهلو هي آهي ته ڪروڙن ۽ اربن روپين جو اهو ڪم عوام جي ڀلائيءَ ۾ گھٽ پر ڪن مخصوص ماڻهن کي ورسائڻ لاءِ وڌيڪ استعمال ٿيو. شهرين کي پاڻي جي بهتر سهولت ڏيڻ لاءِ 77 ڪروڙ روپين جي تمام وڏي رقم جو ڪم ٿيو هيو اهو پهرين ئي برسات ۾ پورو ٿي ويو هيو. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته جيڪي به فرد ان ايڏي وڏي رقم کي زيان ڪرڻ جا ذميوار هيا انهن کي وائکو ڪري، کين بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ها پر ان جي ابتڙ ساڳين ماڻهن کي ان ساڳي ڪم جي مرمت جي بهاني هڪ دفعو ٻيهر وڏي رقم هٿ تي رکي ويئي آهي!!!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو