Friday, July 10, 2015

The End کان اڳ


زندگيءَ جو قرض لاهيندي لاهيندي پوڙهو ٿي ويو آهيان پر هڪ قرض جيڪو لهي ٿو ته ٻيو ان کان وڏو چڙهيو وڃي. مون واري زندگي به ان پهاڙي چوٽي جهڙي آهي جيڪا سڀ کان وڏي ۽ آخري لڳندي آهي پر جڏهن ماڻهون سهڪندو، گھلبو، رڙهندو ان چوٽيءَ تي پهچندو آهي ته ٿوري فاصلي تي ٻي ان کان به وڏي پهاڙي بيٺل نظر ايندي آهي. هڪ اڻ کٽ سفر آهي، جيڪو مسلسل پيو هلي. وچ وچ ۾ کڻي ساهه پٽڻ لاءِ ماڻهون ويهي به ٿو، ٿڪ  به ڀڃي ٿو پر پڄاڻي تي پهچڻ جي اڻ تڻ کيس ننڊ ڪرڻ ڪٿي ٿي ڏي. ڪي خوشنصيب انسان هوندا آهن جن کي اڻانگن سفرن ۾ همٿائيندڙ، مدد ڪندڙ ۽ اتساهه ڏيندڙ ساٿي ملندا آهن پر منهنجو اهڙو نصيب ڪٿي، مون زندگيءَ جو سفر تن تنها ڪيو آهي، اداسين جي ڇانون ۾ ويهي ٿڪ ڀڳا اٿم، ويرانين ۾ رُلندي، ڦيراٽيون کائيندي وقت ڪاٽيو اٿم....ڪاش ڪو جيڪڏهن منهنجو ساٿ کڻي نه ڏي ها پر منهنجي درد کي سمجھي ته سگھي ها پر هت ته سڀ انڌا، گونگا، ٻوڙا، ڇسا، وائڙا، بي همٿ يار دوست، مٽ مائٽ آهن، جيڪي منهنجي زخمن تي پهو رکڻ بدران پنهنجي چڀندڙ لفظن ۾ زهر ڀري تير هڻندا آهن. جڏهن به منهنجا وارث اهڙو ڪم ڪندا آهن ته ٿڪ کان چور چور جسم وڌيڪ ڏُکڻ لڳندو آهي، انهن جي خود غرضي، لاتعلقي، بي رحميءَ وارن روين ڪري منهنجي دماغ ۾ بم گولا ڦاٽڻ لڳندا آهن ۽ مان پنهنجو پاڻ کي بي وس ۽ وڃايل ماڻهون ڀائيندو آهيان. اهڙين گھڙين ۾ ڪنهن همدرد دوست جي ساٿ جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي آهي، دل چاهيندي آهي ته؛ ڪو ته اهڙو به منهنجو ساٿي هجي جنهن جي هنج ۾ پنهنجو مٿو رکي روئي سگھان، پنهنجي اندر جي زخمن کي ڳوڙهن جي پاڻيءَ سان ٺاري سگھان پر وري به ساڳي ڳالهه ورجائيندس ته اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي...ڪن محبوب ماڻهن لاءِ دل ۾ سَٽون اڀرنديون آهن ته ڪاش اهي ان قسم جو رويو مون سان رکي ڄاڻن ها پر ان ۾ انهن جو ڏوهه به ڪونهي، سندن زندگي صراط المستقيم تي پئي گذري (يا بظاهر مون کي ائين پيو نظر اچي) ۽ هو پنهنجي سکي زندگيءَ ۾ مون جهڙي سحرا ۾ ڀٽڪيل انسان کي ڇو شامل ڪن؟؟ هي ته منهنجو اڻ ٿيڻيون خواهشون آهن، جيڪي سماجي ٻنڌڻن کي ٽوڙڻ، روايتن کي پٺي ڏيئي هلڻ جون متقاضي آهن....اهو سفر ته مون کي پنهنجو پاڻ تن تنها سرانجام ڏيڻو آهي.

مان هڪ اهڙي معاشري جو فرد آهيان جتي هر ڳالهه اڳ ئي متعين ڪيل آهي. مون کي ڪهڙي ڳالهه پسند آهي، مان ڇا ٿو چاهيان، مان ڪهڙي نموني پنهنجي ماڳ تي پهچڻ ٿو گھران، منهنجو ڪهڙيون گھرجون يا خواهشون آهن وغيره وغيره ته انهن جي ڪائي حيثيت ناهي. منھنجي تقدير جو فيصلو نيم ملان خطره ايمان جهڙن ملن، ذاڪرن، پنڊتن، پيرن، فقيرن، صوفين، انقلابين، قومپرستن اڳ ئي ڪري ڇڏيو آهي ته منهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ سٺي آهي ۽ ڪهڙي خراب آهي. مون کي دائرن ۾ رهي، تلوار کان تيز ۽ وار کان سنهي رستي تي هلي زندگي گذارڻي آهي....افسوس صد افسوس اها به ڪا زندگي آهي؟  جتي ماڻهون نه خوش ٿي کلي سگھي نه روئي سگھي، نه ڳالهائي سگھي، نه اندر جي اڌمن جو اظهار ڪري سگھي، جتي قدم قدم تي راهه راست ڏيکارڻ وارا ڏائڻ هٿن ۾ گرز کنيو بيٺا هجن، ڪنهن جي اکين ۾ ڪا خوشيءَ جي چمڪ ٿي ناهي ۽ مٿس وار ٿيو ناهي! هڪ اهڙو گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول جنهن ۾ ماڻهون ڪڙهندي ٻرندي به خاموش رهي.....حقيقت ته اها آهي ته هن وقت تائين اها ئي زندگي گھاري اٿم، شام ٿي چڪي آهي، سج لهڻ وارو آهي، ڄاڻ ملان ٻانگ ڏني، کن پلڪ ۾ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ منهنجي مڙهه تي اهو ملو اچي منهنجي گناهن جي معافي لاءِ دعائون گھرندو جنهن سان مان سڄي ڄمار سندس جهالت وارن روين تي وڙهندو رهيو آهيان. مون کي انوقت ائين لڳندو ته اها منهنجي آدرشي نظرين جي مڪمل ۽ آخري شڪست آهي ۽ لڳي به ائين ئي ٿو ته ڪروڙن ٻين مون جهڙن انسانن سان گڏ منهنجون اهي حسرتون پڻ رات جي ڊگھن ڀوائتن پاڇن ۾ ڪٿي گم ٿي وينديون...۽ جڏهن اسڪرين تي آخري لفظ The End. اڪري ايندو پر ان کان اڳ مان چاهيان ٿو ته ڪو ته اهڙو به هجي جيڪو اداس ماڻهن کي چاهي سگھي، کين دلاسو ڏئي سگھي، کيس نه سمجھندي به پنهنجو ڪري سگھي....اي ڪاش....  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو