Wednesday, April 20, 2016

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!




اپريل 20، 2016

پنج وڳا شام جا. ڪامرس ڊپارٽمنٽ

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!

لڳي ٿو ته هاڻي صفا ٿڪجي پيو آهيان. آرام ڪرڻ ٿو گھران. آرام مان منهنجي مراد کٽ جا پاوا پڃڻ واري ناهي، پر اهي ڪم جيڪي اڃا تائين ڪري نه سگھيو آهيان اهي ڪرڻ جون خواهشون ڪر ڀڃي جاڳي پيون آهن. ڦوٽو گرافي، دنيا جو سير، سمنڊ، پهاڙ، ريگستان، واديون، جھنگل، ميدان، محفلون، راڳ رنگ، ساز سروند، اڪيلائي، خريداريون، بي فڪري، عشق، ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن جي ڇپائي، وغيرهه وغيرهه خبر ناهي الائي ڇو جسم ته پوڙهو ٿيندو پيو وڃي پر خواهشون ته ساڳي نموني جوان ٿيون لڳن ۽ ها ڪي خواهشون ته بنهه ٻاراڻي وهي واريون به آهن. خبر ناهي اهو انڪري پيو ٿئي جو زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪڏهن ساهي پٽي ويهڻ جو موقعو ئي نصيب نه ٿيو هو ته پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي 
سگھان ها ۽ دل اندر دٻيل انهن اڌمن کي ڪا معنى ڏئي سگھان ها.
ڪو وقت هو ته اخبارن ۾ ڪالم لکندو هوس، روزانه ڊائريءَ جا پنا ڪارا ڪندو هوس، جڏهن به ڪنهن 
سفر تي نڪرندو هوس ته ان متعلق سفرنامو لکي پوءِ ئي ساهي پٽيندو هوس ۽ هاڻي ته صفا ويهجي ويو آهيان...افسوس صد افسوس...ڪجھ وقت اڳ تائين ليپ ٽاپ تي ويهي اليڪٽرانڪ ڊائري پڻ تحرير ڪندو هوس پر هاڻي اهو ڪم به گھٽائي ڇڏيو اٿم، ناول جو ڪم اڌ ۾ رليو پيو آهي. ڪجھ لکڻ جا اڌورا پراجيڪٽ پورا ڪرڻا آهن ته وري اهو تحرير ٿيل مواد ڇپائڻ جو جنون به سر تي سوار آهي. انهن سڀني ڪمن لاءِ هڪ ته يڪسوئي گھرجي ۽ ٻيو ته سرمايو پڻ کپي. بنا خزاني جي سلطان ٿيڻ مشڪل آهي ۽ پنهنجي حالت رٽائرمنٽ جي ويجھو پهچڻ تائين آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا واري آهي. 

هونئن به مان هڪ ايوريج صلاحيتن وارو انسان رهيو آهيان. نه ڪو هنر ٿو اچي، نه ڪا وڏي ڊگري آهي، نه زماني سازيءَ ۾ ڀڙ آهيان، بس هڪ عام انسان جيان روزاني وهنوار وارن ڪمن ۾ جٽيل رهيو آهيان. نوڪري، ٻار پالڻ، گھر، دوستن جو ننڍڙو هلڪو ۽ بس....

سوچيو هوم ته ٻارڙا وڏا ٿيندا، معياري تعليم حاصل ڪري مون کي به ڪو رليف ڏيندا پر هاءِ ڙي قسمت سمورا خواب اڌرورا ئي رهيا. ٻارڙن کي پنهنجي پر ۾ معياري اعلى تعليم ڏيارڻ ۾ مون ته وسان ڪين گھٽايو پر سندن حالت ۾ ڪو غير معمولي ڦيرو نه آيو اهي به بس مون جهڙا ئي ايوريج انسان نڪتا.
 

جڏهن اولاد جي حالت ان نموني جي هجي ته لاابالي ۽ پنهنجي پسند واري حياتي گذارڻ جي محض خواهش ئي ڪري سگھجي ٿي باقي عملي نموني ته اهو ممڪن ڪونه پيو ڀانئجي...پر چري دل کي ڪير سمجهائي، خواهشن جي لهرن کي ڪير بند ٻڌي، اڌمن ۽ آسن کي ڪير سنڀاري.....

گھڻو اڳ سائين عبدالرحمان نقاش هڪ شعر سرجيو هو ته؛

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو
ڏکن جي، جي نه ٿي پڄاڻي ته ڇا ٿيو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو