Friday, May 26, 2017

تصوير ڪهاڻي. گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڏهرڪي








ڪالهه جڏهن مان پنهنجي پياري اديب دوست پروفيسر محمد دين راڄڙيءَ سان ملڻ سندس ڊگري ڪاليج ڏهرڪي ويو هوم (ان ڪاليج جو ذڪر
 وري ڪڏهن پوءِ ڪبو) ته جنهن اسڪول جي بلڊنگ جي ٽن ڪمرن ۾ ڪاليج هلندڙ آهي ان جي اترئين پاسي کان هي گورنمنٽ جو هي شاندار پرائمري اسڪول جڙيل نظر آيو. پهريون مون سمجھيو ته شايد ڪنهن قديم زماني ۾ اهو اسڪول قائم ڪيو ويو هوندو ۽ هاڻي اهو بند هوندو يا وري اهو به سوچيم ته اسڪول جي بلڊنگ جي تعمير لاءِ هي عارضي بندوبست هوندو. افسوس ته منهنجا اهي سمورا خيال خام نڪتا ۽ مقامي دوستن ٻڌايو ته هي اسڪول هلندڙ آهي، اونهاري توڙي سياري ۾ معصوم ٻارڙا انهن ڇپرن هيٺيان جڙيل انهن جڳاڙي بئنچن تي ويهي پڙهندا آهن.
. 
 اسڪولن متعلق اسان جا ڪيئي علم دوست، قوم دوست استاد، عام ماڻهون، اديب، ڊانشور، سول سوسائٽي جا سرگرم ڪارڪن، سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيون فڪرمند رهندا آهن. بدين جو هڪ استاد منو ننجارآهي جيڪو واري جي دڙن تي ويهي ٻارڙن کي پڙهائيندو هو ۽ مسڪين ڪولهي ٻارڙن جا ڦوٽوز به رکندو هو ۽ علم سان ۽ سنڌ سان ۽ پنهنجي قوم جي ٻچن سان پيار ڪندڙن کي مدد جون اپيلون به ڪندو هو، نيٺ سندس محنتن رنگ لاٿو، سنڌ مان ۽ دنيا مان ڪيئي دوست اچي وٽس پهتا ڪن کيس ڪتاب ڏنا، ڪن ڊريسون مهيا ڪري ڏنيون ۽ ڪن دوستن ان اسڪول جي عمارت جوڙڻ جو ذمو کنيون ۽ هاڻي منو جو اهو خواب حقيقت بڻجڻ ڏانهن پيو وڃي.
. 
 پر هي مون وارو ڪيس تمام گھڻو مختلف آهي. ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته هي هڪ قديم اسڪول آهي جنهن جي نالي تي ارڙهن ايڪڙ زمين مختص ٿيل آهي. هي اسڪول سنڌ جي صنعتي ضلعي گھوٽڪي جي صنعتي شهر ڏهرڪي ۾ قائم آهي. هن اسڪول جي زمين تي قبضو ڪري مدرسو جوڙيو ويو آهي جيڪو ڪاميابي سان هلي پيو، ان جي زمين تي قبضا ڪري گھر جوڙيا ويا آهن جن ۾ ڪي انسان وڏي سڪون ۽ آرام سان رهن ٿا، هن اسڪول جي زمين جيڪا ريلوي ٽريڪ ۽ اسڪول جي رستي وچ تي آهي ان تي قبضا خور فصل پوکي ٻچڙن جو پيٽ پالين ٿا پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي ته هن اسڪول جي ناهي. ان ۾ پڙهندڙ معصومن جي مستقبل جي ناهي. اسان جي ماڻهن کي پنهنجي لاءِ گھر کپن، مدرسان کپن، پوکن لاءِ زمين کپي پر جيڪڏهن نه کپي ته مستقبل جي معمارن جي تعليم نه کپي؟؟؟؟؟؟!!!!!!!!ڏهرڪي جتي فوجي فرٽيلائزر جهڙي عظيم فيڪٽري آهي، ماڙي گئس آهي، شگر ملون آهن جتي لکين نه ڪروڙين نه پر اربين روپين جي روزانه اپت ٿيندي آهي. هاڻي اهڙي شهر ۾ جڙيل اسڪول لاءِ منو وانگر استاد سوشل ميڊيا تي دانهون به ته نه ٿا ڪري سگھن ني....ان اسڪول جي ان حالت جو هڪ سبب ڪي مقامي استاد به آهن جيڪي ذاتي انا ڪري اتي اسڪول جي اڏاوات وچ ۾ ديوار چين ٿيا بيٺا آهن. 
ڀلي ته دنيا وارا مريخ تي پهچن پر سنڌ جا مسڪين
  ماڻهون پنج درجا پاس ڪرڻ واري هماليه جبل جي چوٽي سر ڪرڻ کان به قاصر آهن.
.
 واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو