Saturday, May 20, 2017

تصوير ڪهاڻي


سياڻن جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪو سٺو ڪم ڪيو ته ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي شابس ڏيو. اڄ مون به هڪ چڱو ڪم سرانجام ڏنو هو. گورنمنٽ ڄام ممتاز ڏهر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو ۾ مون سائين پروفيسر زبير مڱريو صاحب جن جو ”THINKING ABOUT THINKING“ جي عنوان تحت سيشن ڪرايو هو جيڪو بي حد ڪامياب ويو. ان ڪاميابيءَ کي ملهائڻ لاءِ مان سکر واپسي وقت ڏهرڪي باءِ پاس روڊ تي حاجي شهمير خان چاچڙ جي سنڌڙي هوٽل تي هليو ويو هوم جنهن جو نالو اجرڪ واري اکرن سان لکيل هو جيڪو تمام وڻندڙ پئي لڳو.  بانس جي لڪڙن سان جڙيل ۽ موڙن وارن ڪرسين سان سجايل هوٽل جو ماحول ته ڏاڍو سهڻو پئي لڳو. ماني جي آرڊر وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ واسي سترهن سالن جو هڪ سمارٽ نوجوان صابر علي ميراڻي آيو هو. اهو ڇوڪرو جنهن کي ميزباني جا سمورا گُر تمام بهترين پئي آيا، ڏاڍو فضيلت وارو هو. سندس چوڻ هو ته هو ميٽرڪ پاس آهي. مون روائتي ماسترن واري کيس نصيحتون ڪيون ۽ کيس اهو چيو ته ڪجھ وڌيڪ پڙهڻ متعلق به سوچ ڪري ۽ کانئس سوال ڪيو ته ڇا هو سڄي عمر هاڻي هي ڪم ڪندو رهندو؟ کيس چيم ته هو سوچي ته ايندڙ پنجن سالن پوءِ هو پنهنجو پاڻ ڪٿي ڏسڻ ٿو گھري.  مون سوچيو پئي ته صابر علي ٻيو نه ته جيڪڏهن رڳو سٺي انگريزي ڳالهائي سگھي ته  کيس ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ آساني سان ڪم ملي وڃي ۽ سندس حياتي آسان ٿي پوي. پر مون کي نه ٿو لڳي ته هو ڪو پنهنجي تعليم وڌائيندو يا هوٽل انڊسٽري سان متعلق لاڳاپيل مهارتون سکندو.

اسان جي معاشري ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي تمام گھڻي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري لکين نوجوان يا ته پسند جو نوڪريون حاصل ڪرڻ کان محروم رهجيو وڃن ۽ ٻيو ته انهن ادارن ۾ جلدي پروموشن حاصل ڪرڻ جا موقعا وڃائي ٿا ويهن.  جيڪڏهن اسان جا نوجوان ٿوري رٿابندي سان ڪم ڪن، ٿورڙي محنت ڪن ته جيڪر ڪجھ سندن زندگي آسان ٿي پوي.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو